ٻاراڻو ادب

هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

هي ڪتاب ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ محترم دوست خادم گهراڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
خادم گهراڻو سنڌ سلامت سٿ جو سينيئر ۽ پراڻو دوست آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڇپائڻ عام ليکڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي چڪو آ، ڇو ته ادبي ادارا مفت ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ناهن، سرڪاري ادارا پنهنجي الڳ پاليسي جوڙيو ويٺا آهن. سنڌ سلامت آنلائين ڪتاب جي سروس آڻي اهڙن ليکڪن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.
Title Cover of book هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

چوريءَ جي سزا

پيارا ٻارو احمد جي نالي هڪ ڇوڪرو هوندو هو. هي پنهنجي مائٽن جو دادلو هوندو هو. گھر وارا هن سان بيحد گھڻو پيار ڪندا هئا جنهن ڪري هن جي براين کي اهي ڍڪيندا هئا. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هي ڏينهن به ڏينهن خراب ٿيندو ويو. پر مائٽ لاڏ ڪوڏ سبب هن تي ڪوبه توجه نه ڏيندا هئا اهو نه ڏسندا هئا ته اسان جو پٽ خراب ٿي رهيو آهي جيڪڏهن هن جي ڪير دانهن ڏيندو هو ته ان کي هي درگذر ڪري ڇڏيندا هئا دانهن ڏيڻ واري تي ڪاوڙ ڪندا هئا. هن ۾ هاڻي چوري ڪرڻ جي عادت پئجي ويئي هئي. هي جيڪڏهن ڪنهن دوڪان تي ويندو هو ته اتي به ڪانه ڪا شيءِ لڪائي ڇڏيندو هو جيڪڏهن جھلجي ويو ته دوڪان وارو هن کي دڙڪا ڏيندو هو پر جيڪڏهن خبر نه پيئي ته اها شيءِ کڻي هليو ويندو هو. اسڪول ۾ به هن جي عادت هوندي هئي ٻارن جي ٿيلهن مان ڪانه ڪا شيءِ کڻي لڪائي ڇڏيندو هو. جنهن جي شاگرد دانهن استاد کي ڏيندا هئا ڪافي دفعا هن جي ٿيلهي مان اهي چورايل شيون به مليون هنيون. استاد هن کي دڙڪا ڏيندو هو پيار سان سمجھائيندو هو پر هن تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿيندو هو. استاد هن جي والدين کي به دانهن ڏني پر انهن هن طرف ڪوبه توجه نه ڏنو. هاڻي هن ٻاهر جي چورين ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي گھر ۾ چوري ڪرڻ شروع ڪئي هئي گھر وارن جا پيسا کڻي ويندو هو جيڪڏهن ڪا شيءِ هٿ لڳي ته اها به کڻي ويندو. مائٽن کي به خبر پيئي پر اهي رڳو معمولي دڙڪا ڏيئي وري ماٺ ٿي ويندا هئا. اهو ان ڪري جو پيءُ دڙڪا ڏيندو هو ته ماءُ پاسو کڻندي هئي جيڪڏهن ماءُ دڙڪا ڏيندي هئي ته پيءُ پاسو کڻندو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هي لاپرواه ٿي ويو هو ڪنهن جي به ڪا ڳالهه نه ٻڌندو هو. مائٽن اهو نه سوچيو ته اڄ هي ننڍو آهي سڀاڻي وڏو ٿيندو اها هن جي خراب عادت آهي اها هن مان ڪڍڻ گھرجي. مائٽ بس هن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندا. هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو هي گھر ۾ ٻڌائڻ کان سواءِ ٻاهر باغن تي گھمڻ نڪري ويو. هن هڪ باغ ۾ ڏٺو ته اتي ڪير به ڪونه هو پر مالهي جي سائيڪل بيٺي هئي هن آهستي آهستي چوطرف ڏٺو ته مالهي ڪٿي مون کي ڏسي نه وٺي جڏهنن هن کي پڪ ٿي ته مون کي مالهي نه پيو ڏسي ته هن اها سائيڪل کنئي. لڪي لڪي باغ مان ٻاهر روڊ تي آيو هن ارادو ڪيو ته اها سائيڪل ڪنهن کان وڪڻي ان مان پيسا ڪمايا. هي روڊ تي سائيڪل کڻي تيز هلائڻ لڳو جيئن جلدي پري نڪري وڃي. جيئن ئي سائيڪل کي تيز هلائيندو ويو ته سامهون ايندڙ گاڏي کي ڏسي وائڙو ٿي ويو سائيڪل هن جي ڪنٽرول نڪري ويئي هي وڃي هڪ کڏي ۾ ڪريو جنهن کي ڪري هي سخت زخمي ٿي پيو ۽ بيهوش ٿي ويو جڏهن اها ڪرڻ جي خبر هن جي مائٽن کي پيئي ته انهن هن کي اسپتال پهچايو جتي هن جو علاج هليو جڏهن هوش ۾ آيو ته هن پنهنجو پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺو ۽ پنهنجي مائٽن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي جنهن تي مائٽن کي پشيماني ٿي ته اسان هن تي پهرين ڪنٽرول ڇو نه ڪيو. احمد پنهنجي اداس پيءُ کي ڏسي چيو ته بابا مون کي معاف ڪريو مون کي چوري جي سزا ملي ويئي آهي آئنده ائون اهو ڪڌو ڪم نه ڪندس. هن جي پيءُ مرڪي هن ڏانهن نهاريو چيو ته پٽ ڏس توکي چوري جي سزا ملي آهي هاڻي توکي سزا نه ڏيندس پر آئنده ڪڏهن به چوري نه ڪجان. ائين سزا ملندي آهي جيئن توکي ملي آهي