ٻاراڻو ادب

هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

هي ڪتاب ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ محترم دوست خادم گهراڻي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
خادم گهراڻو سنڌ سلامت سٿ جو سينيئر ۽ پراڻو دوست آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڇپائڻ عام ليکڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي چڪو آ، ڇو ته ادبي ادارا مفت ۾ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ناهن، سرڪاري ادارا پنهنجي الڳ پاليسي جوڙيو ويٺا آهن. سنڌ سلامت آنلائين ڪتاب جي سروس آڻي اهڙن ليکڪن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.
Title Cover of book هيرن جواهرن جو ٿيلهو (ٻارن جون ڪهاڻيون)

اڻپورا خواب

هو جڏهن رستي تان اسڪول جي ڊريس ۾ گذرندو هو ته هن جي چهري تي خوشي ۽ مرڪ هوندي هئي هن جو پيءُ هڪ غريب مزدور هو هن ٻالڪ ۾ هن جا سپنا سمايل هئا هر ماڻهو هن ٻالڪ جي اخلاق جي واکاڻ ڪندو هو اسڪول ۾ هيءُ هوشيار هوندو هو جنهن ڪري اسڪول جا استاد ۽ ساٿي هن سان چاهت رکندا هئا مون کي به خوشي ٿيندي هئي جڏهن هن غريب جي آئون واکاڻ ٻڌندو هوس. پر هيءُ ڇا؟ هن ٻالڪ جي هٿن مان قلم ۽ ڪتاب ڪيڏانهن ويا هليا انهن جي جاءِ تي پانا آهن هن جي اسڪول جي خوبصورت ڊريس جي بدران ڪاري تيل سان رنڱيل ڪپڙا پاتل هئا هن جي چهري تي اها مرڪ نه هئي هيءُ اسڪول ويندڙ ٻارن کي اداس نيڻن سان ڏسندو رهندو هو. هن کان هڪ ڏينهن سوال ڪيم ته هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا جيڪي ڪنهن برسات جيان وهڻ لڳا جن ۾ هڪ ڏک جو سمنڊ سمايل هو هن لڙڪن کي ميري ٻانهن سان اگھندي چيو ته منهنجي پيءُ وٽ ايترا پيسا نه هئا جو منهنجي امتحاني فارم جي في ڀري سگھي ها جنهن تي هن کي چيم ته تعليم مفت آهي هن ان جو جواب ڏنو ته ڇا ڪتابن ڏيڻ سان تعليم مفت ٿي ويئي اڳيان ڪاپين جو خرچ به آهي امتحان جي في به آهي جيڪڏهن بابي وٽ امتحاني في هجي ها ته آئون به فارم ڀرائي سگھان ها منهنجي ڪنهن به مدد نه ڪئي ان ڪري امتحان ته نه ڏئي سگھان ها ان ڪري پنهنجو قلم ٽوڙي ڪتاب تاڪ تي رکي هن ڌنڌي کي اچي لڳو آهيان جيڪي منهنجا خواب هئا اهي اڻپورا ئي رهجي ويا هن جي جواب تي ڄڻ منهنجو جيءُ جھري پيو سوچڻ لڳس ته خبر نه آهي ڪيترا ٻار اهڙا ذهين هوندا جيڪي امتحاني فارم نه ڀرڻ سبب پنهنجي سپنن ۽ خوابن کي اڻپورو ٿيندي ڏسندا هوندا