سيرت جو مطالعو
جهڙوڪ: اِي. اِي. ڪليٽ (E.E. Kellet) هڪ برطانوي ليکڪ آهي. هن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ پيغمبر اسلام جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ”پيغمبر اسلام تڪليفن جو مقابلو انهيءَ عزم سان ڪيو ته هو ناڪاميءَ مان ڪاميابيءَ کي نچوڙي.“
He faced adversity with the determination to wring success out of failure.
اڄوڪي دؤر ۾ پيغمبر اسلام جي شان ۾ اڻ ڳڻيا نعت ۽ قصيدا ۽ بي شمار ساراهه جا ڪتاب لکيا ويا آهن. پر آئون سمجهان ٿو ته اولهه جي ليکڪ جو مٿيون جملو مسلم شاعرن ۽ ليکڪن جي لکيل سڀني منظوم ۽ نثري نعتن تي ڳرو آهي. مٿيون جملو پڙهندڙ جي لاءِ راهه جي نشان جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن ته مسلمانن جي لکيل لکڻين ۾ پڙهندڙ کي فقط فخر يا سڳورپ جي غذا ملي ٿي. انهن جي ذريعي پڙهندڙ کي اها رهنمائي نٿي ملي، جنهن کي قرآن ۾ ”اسوة حسنه“ چيو ويو آهي. (الاحزاب 21)
انهيءَ موضوع تي هڪ نامياري ليکڪ جو ڪتاب ”السيرة النبويه“ جي نالي سان ڇپيو آهي. جنهن جي مقدمي ۾ ليکڪ لکي ٿو، ”مؤلف کي خبر هئي ته سيرت جي موضوع تي لکندڙن ڏاڍا اهم ڪتاب لکيا آهن، پر مؤلف انهيءَ کي پنهنجي سعادت سمجهي ته هو سيرت جي عظيم موضوع تي هڪ نئون ڪتاب لکي ۽ اهڙي طرح هو سيرت نگارن جي انهيءَ نوراني لڙيءَ ۾ شامل ٿي وڃي. (صفحو 10)
ظاهر آهي ته اهو مطالعي جو ڪو علمي طريقو ڪونهي. انهيءَ قسم جي مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو ته سيرت جو موضوع مسلمانن جي وچ ۾ علمي ۽ فڪري ارتقا جو ذريعو بنجي نه سگهيو. اهو فقط عقيدتمنديءَ وارن جذبن جي تسڪين يا فخر جي اظهار جو ذريعو بنجي رهجي ويو.
موجوده دؤر ۾ سيرت جي موضوع تي جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، سي گهڻا تـڻا اُنهيءَ نوعيت جا آهن. اهي مسلمانن جي لاءِ فخر جا ڪتاب ته ضرور آهن، پر اُهي حقيقي معنيٰ ۾ انهن جي لاءِ رهنمائيءَ جا ڪتاب يا ’ڪتاب اسوة‘ ڪونهن.
[b]ڪجهه مثال
[/b]اسان جا سيرت نگار جڏهن سيرت جي موضوع تي لکن ٿا ته هو اڪثر هيئن ڪن ٿا ته رسالت کان اڳ عربستان جي حالتن جو نهايت اونداهو تصور پيش ڪن ٿا. هو ٻُڌائين ٿا ته رسالت کان اڳ سڄو عربستان اونداهيءَ ۾ ٻُڏل هو. اخلاقي لحاظ کان ماڻهو درندا بنيل هئا. ڪيترين ئي عورتن سان نڪاح ڪري، انهن کي پنهنجي گهر ۾ رکندا هئا. ڇوڪرين کي ڄمندي ئي ماري ڇڏيندا هئا، وغيره.
انهيءَ قسم جون ڳالهيون پيغمبر اسلام جي ڪارنامن کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ لکيون وينديون آهن. اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته جيستائين عربن کي آخري حد تائين خراب ثابت نه ڪيو ويندو، تيستائين پيغمبر اسلام جي عظمت ظاهر ٿي نٿي سگهي. پر اهو نه رڳو تاريخ جي خلاف آهي، پر خود قرآن ۽ حديث جي به خلاف آهي.
اُن قسم جي ڳالهين جو نقصان هي آهي ته مسلمانن ۾ علمي نقطي نظر پيدا ٿي نه سگهيو. مسلمان حقيقت پسند قوم بنجڻ جي بدران پُراسرار خيالن ۾ جيئڻ واري هڪ قوم بنجي ويئي. ڪنهن به حقيقت کي علمي ۽ تاريخي حيثيت سان سمجهڻ سندن لاءِ ممڪن نه رهيو. سندن اڪابرن تائين جو اهو حال آهي ته هو فقط پُراسرار اصطلاحن ۾ سوچڻ ڄاڻن ٿا. سائنسي اصطلاحن ۾ سوچڻ هنن جي لاءِ ممڪن ئي ڪونهي.
قرآن مان معلوم ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ پيغمبر اسلام کي بهترين ماڻهن مان پيدا ڪيو (الانعام 124). جنهن جا وڌيڪ تفصيل روايتن ۾ آيا آهن. پيغمبر اسلام فرمايو ته ”الله تعاليٰ انسانن کي پيدا ڪيو، پوءِ مون کي بهترين انسانن مان اُٿاريو.“ (تفسير ابن ڪثير 2/173)
انهيءَ مان چٽيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جن عربن ۾ مبعوث ڪيو ويو، سي اخلاق ۽ ڪردار جي اعتبار کان سڄي دنيا ۾ سڀ کان بهترين ماڻهو هئا. حقيقت هيءَ آهي ته، انهيءَ ڪري اهو ممڪن ٿيو ته پاڻ سڳورا هڪ اهڙو انقلاب آڻين، جنهن جو مثال تاريخ ۾ موجود ڪونهي. جيڪڏهن عرب جا ماڻهو ايترائي خراب هجن ها، جيئن اسان جي ڪتابن ۾ آيو آهي ته رسول جي اصحابين جي اها اعليٰ ٽيم ئي نه بنجي ها، جنهن کي قرآن ۾ ”خير اُمت“ چيو ويو آهي (آل عمران 110) ۽ جنهن جي ڪري ”دين توحيد“ جي عظيم تاريخ وجود ۾ آئي. اِهائي اُها حقيقت آهي، جنهن طرف حديث جي هنن لفظن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ته ”خيارکم في الجاهلية خيارکم في الاسلام اذا فقهوا.“ (فتح الباري 6/477)
سيرت جي مطالعي جي مذڪوره طريقي سڄي معاملي کي غير علمي بنائي ڇڏيو. مثال طور: هڪ طرف اهو چيو وڃي ٿو ته رسالت کان اڳ عرب ۾ ماڻهو ڊزنن جي حساب سان زالون رکندا هئا. ٻي طرف انهن ئي ڪتابن ۾ ٻُڌايو ويندو آهي ته عرب پنهنجين ڇوڪرين کي ڄمندي ئي ماري ڇڏيندا هئا. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جنهن سماج ۾ ڇوڪريون جيئريون پوريون وينديون هجن، اُتي عورتون ايتري گهڻي تعداد ۾ ڪٿان اينديون، جو ماڻهن کي موقعو ملي ته هو وڏي انگ ۾ پنهنجي گهرن ۾ عورتون رکن.
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته گهڻي تعداد ۾ نڪاح ڪرڻ جو رواج فقط ڪجهه سردارن ۾ هو، نه ڪي عام عربن ۾. ۽ اهي سردار به اهو عمل انهيءَ ڪري ڪندا هئا، جيئن مختلف قبيلن سان مٽي مائٽي قائم ڪري، کين پنهنجي سرداريءَ هيٺ متحد ڪري سگهن. انهيءَ رواج کي پيغمبر اسلام ﷺ پڻ اسلام جي حق ۾ استعمال ڪيو. پاڻ سڳورن به مختلف قبيلن جي عورتن کي پنهنجي نڪاح ۾ ورتو ته جيئن انهن قبيلن کي جنگ کان سواءِ اسلام جو حامي بنائي سگهجي.
جيستائين ڇوڪرين کي جيئري پورڻ جو معاملو آهي ته اهو فقط ڪن غريب عرب قبيلن ۾ هو. عام عرب انهيءَ کي سخت خراب سمجهندا هئا. ايتري قدر جو هو غريب گهراڻن جي مالي سهائتا به ڪندا هئا ته جيئن هو انهيءَ وحشياڻي رسم کان پري رهن.
انهيءَ سلسلي ۾ هڪ عام غلطي هيءَ آهي ته اڳواٽ طور ئي اهو فرض ڪيو ويو آهي ته سڀ کان وڏو ڪارنامون ”باطل“ سان ٽڪرائڻ آهي. تنهنڪري پيغمبر جي اُهائي تصوير اُتم تصوير آهي، جنهن ۾ هو ماڻهن سان جنگ ڪندي نظر اچي.
اُنهيءَ مفروضي جي آڌار تي سيرت نگار سدائين پيغمبر اسلام کي هڪ وڙهندڙ پيغمبر جي روپ ۾ پيش ڪندا رهيا آهن. ايتري قدر جو سيرت جي ڪتابن جي لاءِ اڪثر مغازي جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي. جهڙوڪ: مغازي ابن اسحاق وغيره.
پر، حقيقت انهيءَ جي اُبتڙ آهي. پيغمبر اسلام جي حقيقي سيرت جنگ وجدل جو مثال ڪونهي. پر امن پسندي، صبر ۽ درگذر جو مثال آهي. پيغمبر اسلام جو مقصد ماڻهن سان وڙهڻ يا کين مارڻ نه هو، پر کين زندگي ڏيڻ هو. قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي ”اي ايمان وارؤ! اللهج ۽ رسول جي سڏ تي لبيڪ چئو، جڏهن ته رسول اوهان کي اُن شئي ڏانهن گهرائي رهيو آهي، جيڪا اوهان کي زندگي ڏيڻ واري آهي.“ (الانفال 24)
قرآن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پيغمبر جي ذريعي جيڪو دين ماڻهن وٽ موڪليو ويو آهي، اُهو مئل دلين کي جيئرو ڪرڻ وارو آهي. اهو پيغام پنهنجي اندر ۾ حيات بخشيءَ جو گُڻ رکي ٿو. قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي:
”ڇا اُهو شخص مئل هو، پوءِ اسان کيس زندگي ڏني ۽ اسان کيس هڪ روشني ڏني ته هو انهيءَ سان گڏ هلي ٿو. هو اُن شخص وانگر ٿي سگهي ٿو، جيڪو اونداهين ۾ پيل آهي. هو انهيءَ مان نڪرڻ وارو نه آهي.“
اهي ۽ انهيءَ قسم جي ٻين آيتن مان پتو پوي ٿو ته پيغمبر جو مشن بادشاهن جي مشن کان مختلف آهي. هڪ بادشاهه جو مقصد اهو هوندو آهي ته هو ماڻهن کي مغلوب ڪري، انهن جي مٿان پنهنجي حڪومت قائم ڪري. انهيءَ ڪري بادشاهه سدائين ”جنگ ۽ تشدد“ جو طريقو اختيار ڪندو آهي، ڇو ته انهيءَ جو مقصد انهيءَ کان سواءِ حاصل ٿي نه ٿو سگهي.
پر، پيغمبر جو مقصد ماڻهن جي مٿان حاڪم بنجڻ نه هوندو آهي. پر ماڻهن جي دلين ۽ دماغن کي بدلائڻ هوندو آهي ته جيئن هو اعليٰ روحاني زندگي گذارين ۽ دنيا ۽ آخرت جي سعادت جا حقدار بنجي سگهن.
پيغمبر ماڻهن کي حريف يا دشمن طور نه ڏسندو آهي، پر هو انهن کي فقط انسان طور ڏسندو آهي. هو هر انسان جو همدرد هوندو آهي. سندس دل ۾ سڀني ماڻهن جي لاءِ خيرخواهيءَ جو جذبو هوندو آهي. هو ماڻهن کي انهيءَ نظر سان ڏسندو آهي، جنهن نظر سان هڪ ماءُ پنهنجي ٻارن کي ڏسندي آهي. پيغمبر جو خاص گُڻ ماڻهن جي لاءِ اعليٰ ٻاجهه ۽ شفقت آهي، ايستائين جو اُن وقت به جڏهن ماڻهو سندس مٿان زيادتيون ڪري رهيا هجن. ماڻهو کيس نقصان پهچائڻ جي پويان پيل هجن.
پيغمبر ماڻهوءَ جي اندر ۾ لڪل فطرت کي جاڳائڻ چاهيندو آهي. هو هر ماڻهوءَ جي سيني ۾ ربانيت جو باغ لڳائڻ چاهيندو آهي. هو چاهيندو آهي ته هر شخص فڪر ۽ عمل جي لحاظ کان هڪ صالح انسان بنجي وڃي.
انهيءَ قسم جو مقصد ڪڏهن به جنگ ۽ ٽڪراءُ سان حاصل ٿي نٿو سگهي. اهو هيئن حاصل ٿيندو آهي ته ماڻهو بگڙيل هجن، تڏهن به انهن سان هڪ طرفي محبت جو معاملو ڪيو وڃي. ماڻهن جي حال کي نظرانداز ڪندي، کين سندن آئيندي جي حوالي کان ڏٺو وڃي. انهيءَ قسم جي هاڪاري روش تي قائم رهڻ، صبر ۽ ٽڪراءُ کان بچڻ کان سواءِ ممڪن ڪونهي. انهيءَ ڪري قرآن پاڪ ۾ پيغمبر کي بار بار صبر ۽ ٽڪراءُ کان بچڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي.
انهيءَ جي هڪ انتهائي صورت اها آهي، جنهن کي قرآن ۾ تاليف قلب (التوبه 60) چيو ويو آهي. يعني پنهنجي مزاج کي ڇڏي ٻين جي مزاج موجب هلڻ. پيغمبر اسلام پنهنجي مدعو ماڻهن سان هر مرحلي تي تاليف قلب جو اِهوئي طريقو اختيار ڪيو. انهيءَ معاملي ۾ پاڻ سڳورا ايستائين اڳتي ويا جو مديني ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل ڏيڍ سال تائين يهودين جي قبلي کي پنهنجو قبلو بنائي رکيو. اهو مديني جي يهودين جون دليون وٺڻ جي لاءِ هو. پاڻ انهيءَ اُميد ۾ هئا ته يهودي اوهان جي ويجهو ٿين ۽ هو اوهان جون ڳالهيون بنا ڪنهن ڊپ جي ٻُڌن. (الجامع لاحڪام القرآن اللقرطبي 2/150)
مسلم ليکڪن وٽ سيرت جي مطالعي جو مقبول رجحان هيءَ رهيو آهي ته هو پيغمبر اسلام کي ڪامل نمونو قرار ڏين ٿا ۽ ”اسوة ڪامله“ جي عنوان تحت پاڻ سڳورن جي سيرت جو مطالعو ڪن ٿا. اهو اسلوب نه رڳو غير علمي آهي، پر اهو غير قرآني پڻ آهي.
”اسوة ڪامله“ کي جيڪڏهن پيغمبر اسلام جي سيرت جي مطالعي جو عنوان قرار ڏنو وڃي ته پهريون سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهيءَ تصور جو ماخذ ڪهڙو آهي. انهيءَ معاملي ۾ علمي طريقو هي آهي ته سڀ کان پهرين قرآن ۽ حديث مان اهو ثابت ڪيو وڃي ته پاڻ سڳورن جي سيرت جي حيثيت ”اسوة ڪامله“ هئي. يعني مڪمل نمونو. جيڪڏهن قرآن ۽ حديث مان اهو تصور ثابت نه ٿئي ته اهو سڄو بحث ابتدائي طور تي ئي بي بنياد قرار ڏنو ويندو. پر عجيب ڳالهه اها آهي ته جن سيرت نگارن ’اسوة ڪامله‘ کي عنوان قرار ڏيئي، پاڻ سڳورن جي سيرت جو اُڀياس ڪيو آهي. انهن مان شايد ڪنهن به انهيءَ ابتدائي علمي شرط کي پورو نه ڪيو آهي.
علمي نقطه نظر کان صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن ۾ پيغمبر اسلام کي ”اسوة حسنه“ طور پيش ڪيو ويو آهي، نه ڪي ”اسوة ڪامله“ طور. اسوة ڪامله جو مطلب هي آهي ته زندگيءَ جي هر معاملي جي لاءِ، پوءِ ڀلي اُهو ڪنهن به زماني ۾ پيش اچي. پاڻ سڳورن جي ذات ۾ انهيءَ جو سنئون سڌو ۽ عملي نمونو موجود آهي. پر هڪ واقعي جي طور تي اهڙي ڪامليت ممڪن ئي ڪونهي. مثال طور: هڪ ماڻهو رسول الله وٽ نياڻيءَ جي تربيت جو نمونو ته پائي سگهي ٿو، پر پُٽ جي تربيت جو نمونو رسول الله وٽ کيس نه ملندو. مائٽن سان سٺي سلوڪ جو نمونو ته پاڻ سڳورن وٽ ملندو، پر والدين سان سهڻي سلوڪ جو نمونو پاڻ سڳورن وٽ موجود ڪونهي. انهيءَ مامري ۾ وڌيڪ صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته پيغمبر اسلام جي حيثيت ’اسوة حسنه‘ جي آهي، نه ڪي ’اسوة ڪامله‘ جي، اهوئي تصور قرآن مان به ثابت آهي ۽ علمي طور تي اهوئي صحيح آهي.
اڪثر سيرت نگارن وٽ جيڪا هڪ غلطي ملي ٿي، سا اها ته هنن پيغمبر کي دين جي دعوت ڏيندڙ بدران حاڪم سمجهي ورتو. انهيءَ غلط فهميءَ جو عڪس سيرت جي اڪثر ڪتابن ۾ ملي ٿو. سيرت جا مشهور ڪتاب، پيغمبر کي دعوت ڏيندڙ ۽ نصيحت ڪندڙ جي روپ ۾ پيش نٿا ڪن، پر هو پاڻ سڳورن کي حاڪم ۽ فاتح جي روپ ۾ پيش ڪن ٿا. اهوئي ڪارڻ آهي، جو انهن ڪتابن ۾ پيغمبر جي اصلي شخصيت نمايان نٿي ٿئي.
علمي مطالعي بدران، عقيدتمنديءَ واري اُڀياس جو هي نقصان ٿيو ته اسان جا سيرت نگار، ڪيترين ئي اهڙين حقيقتن کي ڳولهي نه سگهيا، جن جو قرآن ۾ وڌيڪ وضاحت سان ذڪر ڪيل آهي. انهن مان هڪ معجزي جو مسئلو آهي. اسان جي سيرت نگارن وٽ ڪثرت سان پيغمبر اسلام جي معجزن جو ذڪر ملي ٿو. پر اهو سڄو تصور قرآن جي خلاف آهي، قرآن ۾ چٽيءَ طرح ٻُڌايو ويو آهي ته ”پيغمبر اسلام کي انهيءَ قسم جا معجزا نه ڏنا ويا آهن، جيڪي گذريل پيغمبرن کي ڏنا ويا هئا.“
پيغمبر اسلام ﷺ کان سندس مخاطبين اها گهر ڪندا هئا ته جيڪڏهن اوهان پيغمبر آهيو ته ٻين نبين جيان ڪو ظاهري معجزو ڏيکاريو. پيغمبر اسلام ماڻهن جي هدايت جي اُميد ۾ اهو چاهڻ لڳا ته الله پاڪ طرفان ڪو اهڙو معجزو ظاهر ڪيو وڃي. پر قرآن ۾ پاڻ ڪريم جن جي اها خواهش رد ڪندي فرمايو ويو: ”۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن هنن ماڻهن جو منهن موڙڻ توکي ڏکيو ٿو لڳي ته جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته زمين جي اندر سرنگهه ڳولهي لهه، يا آسمان ۾ ڏاڪڻ ڳولهي لهه ۽ اهڙي طرح هڪڙي نشاني آڻي هنن کي ڏيکار. ۽ جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سڀني کي حق جي دين تي گڏ ڪري ها، تنهن ڪري تون اُنهن منجهان نه ٿي جن کي (حقيقت جو علم ڪونهي ۽) جاهل آهن. (الانعام 35)
ٻي هنڌ قرآن ۾ انهيءَ مستقل پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته گذريل پيغمبرن جي اُبتڙ پيغمبر آخرالزمان کي ظاهري معجزا نه ڏنا ويندا. قرآن پاڪ جي هيٺين آيت انهيءَ جي حق ۾ هڪ قطعي ثبوت آهي:
”۽ (جيڪي نشانيون هي مڪي جا منڪر گهرن ٿا تن) نشانين جي موڪلڻ کان اسان کي ڪير ٿو روڪي سگهي، سواءِ هن ڳالهه جي ته اسان ڄاڻو ٿا ته اڳينءَ زمانن جا ماڻهو اهڙيون نشانيون ڪوڙيون ٺهرائي رد ڪري چڪا آهن. ۽ اسان ثمود جي قوم کي هڪ ڏاچي ڏني، جا هڪ چٽي نشاني هئي. پر هنن ان ڏاچيءَ تي ظلم ڪيو (۽ انهيءَ نشاني مان عبرت نه ورتائون) ۽ اسان نشانيون ته فقط ان ڪري موڪليندا آهيون ته ماڻهو (انڪار ۽ سرڪشيءَ جي نتيجن کان) ڊڄن. (۽ سنئين واٽ وٺن). (بني اسرائيل 59)
اهو غير علمي اُڀياس جو هڪ چٽو مثال آهي. اسان جي سيرت نگارن کي محسوس ٿيو ته جيڪڏهن هو اهو مڃيندا ته پيغمبر اسلام کي حسي معجزا نه ڏنا ويا هئا ته پاڻ گذريل نبين جي مقابلي ۾ گهٽ نظر ايندا. انهيءَ ڪري غير واقعي طور تي هنن پاڻ ﷺ جي ذات سان ڪيترائي معجزا ڳنڍي ڇڏيا، جيتوڻيڪ قرآن ۾ وضاحت سان انهيءَ جي ترديد موجود هئي.
خود حديث ۾ به انهيءَ جي وضاحت موجود آهي ته پاڻ سڳورن کي انهيءَ قسم جا معجزا نه ڏنا ويا هئا، جهڙي طرح گذريل نبين کي ڏنا ويا هئا. انهيءَ سلسلي ۾ صحيح بخاريءَ جي هيءَ حديث قول فيصل جي حيثيت رکي ٿي. حضرت ابوهريره فرمائي ٿو ته رسول الله ﷺ فرمايو: نبين مان هر نبيءَ کي اهڙي نشاني ڏني ويئي، جنهن کي انهيءَ زماني جا ماڻهو مڃيندا هئا ۽ مون کي وحي (قرآن) جو معجزو ڏنو ويو. انهيءَ لاءِ آئون اميد ٿو ڪريان ته قيامت ۾ مون تي ايمان آڻيندڙن جو تعداد سڀني کان وڌيڪ هوندو.“
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جن واقعن کي پيغمبر اسلام جي معجزن طور بيان ڪيو وڃي ٿو، اهي سڀ نصرت جا واقعا آهن، جيڪي هر مومن سان پيش اچن ٿا ۽ پيغمبر اسلام کي اهي وڌيڪ اعليٰ ۽ افضل صورت ۾ ڏنا ويا. معجزو هڪ اهڙي قدرتي قاعدي کي ٽوڙڻ واري واقعي جو نالو آهي، جيڪو مخاطبين جي گهُر تي پيش ڪيو ويو هجي. جهڙوڪ: موسيٰ جي لٺ جو معجزو. پر پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ انهي نوعيت جو ڪو معجزاتي واقعو ثابت ڪونهي.
شق قمر (چنڊ جو ٻه ٽڪر ٿي وڃڻ) به ڪو مطالباتي معجزو ڪونهي، پر اهو هڪ فلڪياتي نشانيءَ جي حيثيت رکي ٿو. ايئن سدائين کان ٿيندو رهيو آهي ته فطرت جي دنيا ۾ ڪي انوکا واقعا پيش ايندا آهن. جن کي حق جي دعوت ڏيندڙ پنهنجي پيغام کي سچائيءَ جي ثبوت طور پيش ڪندو آهي. پيغمبر اسلام ﷺ چنڊ ٻه ٽڪر ٿيڻ جي فلڪياتي واقعي کي هڪ فلڪياتي نشانيءَ طور پيش ڪرڻ فرمايو.
روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ معاملي ۾ ايئن نه ٿيو ته منڪرن پاڻ ﷺ کان گهُر ڪئي ۽ سندن گهُر کان پوءِ پاڻ ﷺ سندن سامهون چنڊ کي ٻه ٽڪر ڪري چيو ته ”هي ڏسو منهنجو معجزو“، انهيءَ جي ابتڙ روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته رسول الله پنهنجي ڪجهه صحابين سان گڏ مڪي ۾ هئا (نه ڪي مُشرڪن سان گڏ) انهيءَ وقت اهو واقعو ٿيو ته چنڊ ٻه ٽڪر ٿي پيو. انهيءَ کي ڏسي پاڻ ﷺ پنهنجي اصحابن کي فرمايو ته ”هن کي ڏسو، هيءَ هڪ خدائي نشاني آهي.“ (تفسير ابن ڪثير 4/262 ــ 263)
اهو ايئن هو جيئن هاڻوڪي دؤر ۾ ريڊيو سيٽ کوليو وڃي ۽ انهيءَ مان آواز نڪرڻ لڳي ته هڪ شخص ماڻهن کي چوي ته ڏسو، اوهين هن مثال مان سمجهي سگهو ٿا ته زمين ڪهڙي طرح قيامت جي ڏينهن خبرون ٻڌائيندي، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ ڪيو ويو آهي. (يومئذتحدث اخبارها).
سيرت جي مطالعي جي انهيءَ اسلوب جو هڪ نتيجو هي آهي ته پيغمبر جي، عاجزاڻي تصوير ماڻهن کي گهٽ نظر آئي. تنهن ڪري هنن پيغمبر جي اهڙي تصوير ٺاهي ورتي، جنهن ۾ سندن خيال موجب پيغمبر مٿانهون نظر اچي. اهوئي سبب آهي، جو سيرت جا ڪتاب پڙهي پاڻ سڳورن جي جيڪا تصوير جُڙي ٿي، سا اها ته پاڻ ﷺ هڪ جنگجو انسان هو، نه ڪي صلح پسند انسان. پاڻﷺ جو تلوار جي طاقت تي ڀروسو هو، نه ڪي امن جي طاقت تي. پاڻ ﷺ دشمن کي چٿڻ ۾ يقين رکندا هئا، نه ڪي کين دوست بنائڻ ۾. پاڻ هر وقت باطل سان ٽڪرائڻ جي لاءِ تيار رهندا هئا، باطل سان ٺاهه ڪرڻ پاڻ ﷺ جي مزاج جي خلاف هو. پاڻ سڳورن جي پاليسي سدائين قدم کڻڻ جي هوندي هئي، نه ڪي صبر ڪرڻ جي. پاڻ ڪريم جن جو طريقو ناحق کي مٽائڻ جو هو، نه ڪي انهن سان ٺاهه ڪرڻ جو وغيره.
پيغمبر اسلام ﷺ جي اها تصوير سراسر فرضي آهي، پاڻ سڳورن جي زندگيءَ جي ڳوڙهي اُڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ﷺ آخري حد تائين هڪ امن پسند انسان هئا. پاڻ ﷺ سدائين ڏاهپ ۽ تدبر تحت عمل ڪندا هئا، نه ڪي جنگ ۽ ٽڪراءُ تحت.
پيغمبر اسلام ﷺ جي زندگيءَ کي سمجهڻ ۾ هڪ رڪاوٽ سنت جو محدود مفهوم به آهي. اسان وٽ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڻ سڳورن جون سنتون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن. جن شين کي انهن ڪتابن ۾ سنت طور لکيو ويو آهي، ماڻهو انهن کي سنتون سمجهن ٿا، جڏهن ته انهن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون آهن، جن کي اسان جي ڪتابن ۾ سنت طور لکيو نه ويو آهي. جيتوڻيڪ اهي پاڻ ﷺ جي اهم ترين سنتن جي حيثيت رکن ٿيون.
جهڙوڪ: بخاريءَ جي هڪ روايت ۾ آهي ته حضرت عائشه رضه فرمايو ته رسول الله ﷺ کي جڏهن به ٻن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي هوندي هئي ته پاڻ ﷺ سدائين آسان جي چونڊ ڪرڻ فرمائيندا هئا.
انهيءَ مان معلوم ٿيو ته اختيار اعسر (ڏکيو) هڪ غير مسنون عمل آهي ۽ انهي جي مقابلي ۾ آساني اختيار ڪرڻ هڪ مسنون عمل آهي. پر ڪنهن به ڪتاب ۾ پاڻ ﷺ جو اهو طريقو سنت طور لکيل ڪونهي. جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته مسلمان عام طور تي آساني اختيار ڪرڻ کي ڇڏي ڏکيائي اختيار ڪرڻ جي واٽ وٺي رهيا آهن ۽ انهيءَ غير مسنون عمل کي عين اسلام سمجهن ٿا. فقط انهيءَ ڪري ته انهي رويي جو اندراج اسان جي ڪتابن ۾ سنت طور موجود ڪونهي.
اهڙي طرح رسول الله ﷺ جي هڪ اهم سنت هيءَ هئي ته پاڻ ﷺ سدائين هيئن ڪندا هئا ته عام طور تي جيڪا صورتحال موجود هجي، انهيءَ کي ڇيڙڻ کان سواءِ، پنهنجي لاءِ عمل جو رستو ڪڍندا هئا. جهڙوڪ: مڪي دؤر ۾ ڪعبي ۾ بُتن جي موجودگي تي اعتراض ڪرڻ بدران ماڻهن کي توحيد جي دعوت ڏيڻ وغيره. پاڻ ﷺ جي انهيءَ سُنت کي قرآن ۾ صبر چيو ويو آهي. اڄ ڪلهه جي زبان ۾ انهيءَ کي ”اسٽيٽس ڪو ازم“ چئي سگهجي ٿو. پر اها ’سنت، سنت رسول‘ جي ڪتابن ۾ لکيل ڪونهي. نه ”اسٽيٽس ڪو ازم“ جي نالي تي ۽ نه وري ڪنهن ٻي نالي تي.
اهوئي سبب آهي ته مسلمانن ۾ عام طور تي اهو مزاج بنجي ويو آهي ته جڏهن هو بظاهر ڪنهن حق جي خلاف ڳالهه کي ڏسن ٿا ته هو هڪدم وڙهيو پون ۽ انهيءَ کي هڪ اسلامي جرئت جو نالو ڏين ٿا. جيتوڻيڪ اها نه اسلامي جرئت آهي ۽ نه وري سنت رسول جي پيروي. اهو هڪ ڏاهپ کان خالي جوش آهي. ۽ ڏاهپ کان خالي جوش جو نتيجو نه موجوده دنيا ۾ نڪرڻ وارو آهي ۽ نه وري پوءِ جي ايندڙ دنيا ۾.
هيءَ دنيا فطرت جي اٽل قانونن تي هلي رهي آهي. پيغمبر جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو فطرت جي انهن قانونن جي پيروي ڪندي ڪيو. پاڻ سڳورن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي، پر اها ڪاميابي جوش ۽ خروش يا غير ضروري ٽڪراءُ جي ذريعي حاصل نه ڪئي. پر فطرت جي قانونن جي مڪمل هڪجهڙائي جي ذريعي حاصل ٿي. پوءِ، ايندڙ مسلمانن جي لاءِ به، پاڻ ﷺ جي اها سنت هڪ ابدي نمونو آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه طريقو هن دنيا ۾ عمل جوڳو ڪونهي. پر موجوده زماني جا مسلمان انهيءَ عظيم سنت نبويءَ کي ڄاڻڻ کان محروم ٿي ويا ۽ انهيءَ جو سادو سبب هي هو ته انهيءَ جو اسان جي ڪتابن ۾ سُنت طور ذڪر ئي نه ڪيو ويو.
موجوده دؤر جي سيرت نگارن جو عام طريقو هي آهي ته هو پيغمبر اسلام جي ڀيٽ ٻين پيغمبرن سان ڪن ٿا ۽ پنهنجي پيغمبر کي افضل ۽ ٻين پيغمبرن کي غير افضل ثابت ڪن ٿا. مطالعي جي انهيءَ طريقي جي حديث ۾ وضاحت سان منع ڪئي ويئي آهي. انهيءَ بند پيل چراگاهه ۾ داخل ٿيڻ جو نتيجو هي آهي ته سيرت نگار عظيم قسم جون علمي غلطيون ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح اُمت ۾ غير علمي انداز فڪر کي وڌائڻ جو سبب بنجن ٿا.
جهڙوڪ: عام طور تي پيغمبر اسلام ۽ حضرت عيسيٰ جي ڀيٽ ڪندي اهو چيو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام وٽ نرمي ئي نرمي هئي ۽ پيغمبر اسلام وٽ نرمي ۽ سختي ٻئي هيون. اهڙي طرح اهو تصور ڏنو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ هڪ ناقص پيغمبر هو ۽ پيغمبر اسلام هڪ ڪامل پيغمبر. پر انهيءَ قسم جي ڳالهه سراسر بي بنياد آهي.
حضرت عيسيٰ جي پيغام ۽ ڪردار کي ڄاڻڻ جو پهريون ماخذ، علمي لحاظ کان انجيل آهي. جڏهن انهيءَ نقطه نظر سان انجيل جو مطالعو ڪيو وڃي ته اهو انهيءَ جي بلڪل ترديد ٿو ڪري. جهڙوڪ انجيل جي روايت موجب، حضرت مسيح فرمايو: ”اهو نه سمجهو ته آئون ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان. صلح ڪرائڻ نه پر تلوار هلائڻ آيو آهيان. (متي 10: 34 ــ 35)
قرآن مان به مذڪوره نقطه نظر جي ترديد ٿئي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ قرآن جي سوره الصف جي آخري آيت پڙهو. انهيءَ جو ترجمو آهي:
”اي ايمان وارؤ! الله جي دين جا مددگار ٿيو، جيئن مريم جي پُٽ عيسيٰ پنهنجي ساٿين کي چيو ته الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير بڻجن ٿا؟ انهن ساٿين چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون. (انهن ڪوششن کان پوءِ) بني اسرائيلين مان ڪجهه ماڻهن ايمان آندو ۽ ڪجهه ماڻهو منڪر ٿي بيٺا. پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني، پوءِ اهي غالب ٿيا.“ (الصف 14)
انهيءَ آيت ۾ پيغمبر اسلام جي ساٿين کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو حضرت عيسيٰ جي ساٿين جي پيروي ڪن. جنهن موجب، حضرت عيسيٰ جي دعوت جي نتيجي ۾ اُتي ٻه گروهه بنجي ويا. هڪ عيسيٰ عليه السلام جا ساٿي ۽ ٻيا منڪر. پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ مقابلو ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ قرآن موجب، هي واقعو پيش آيو ته منڪرن جي مٿان، عيسيٰ عليه السلام جا ساٿي غالب پئجي ويا. قرآن پاڪ جي اها شاهدي چٽي نموني ٻڌائي ٿي ته حضرت عيسيٰ وٽ به ساڳئي قسم جي نرمي ۽ سختي، ٻنهي قسمن جي تعليم موجود هئي. جهڙي طرح پيغمبر اسلام وٽ موجود آهي.
سيرت جي مطالعي جو مذڪوره طريقو نه رڳو صحيح ڪونهي، پر اهو اُمت جي وچ ۾ غير علمي فڪر جو طريقو پيدا ڪرڻ وارو آهي. مطالعي جي اهڙي طريقي جي ماحول ۾ ڪڏهن به علمي اسلوب وڌي ويجهي نٿو سگهي.
[b]سيرت رسول جي عظمت
[/b]
قرآن ۾ پيغمبر اسلام جي ذات ۽ ڪارنامن کي نهايت شاندار انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ پيغمبر کي خطاب ڪندي قرآن پاڪ ۾ ارشاد ٿيل آهي: ومارسلناڪ الارحمة العالمين (الانساءِ 107) يعني اسان توکي سڄي جهان جي لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته پيغمبر اسلام پنهنجي مشن جي ذريعي هڪ اهڙو ڪارنامو انجام ڏيندو، جيڪو دنيا جي سڀني انسانن جي لاءِ رحمت جو سبب بنجي ويندو. انهيءَ سلسلي ۾ هتي ٻه ٻيون آيتون نقل ڪجن ٿيون:
”حضرت محمد الله جو رسول آهي ۽ جيڪي ساڻس گڏ آهن، اُهي حق کان انڪار ڪرڻ وارن جي لاءِ سخت آهن، پر هڪٻئي سان سراسر رحم سان ڀرپور آهن. تون کين ڏسين ٿو ته الله جي فضل ۽ راضپي حاصل ڪرڻ جي نيت سان رڪوع ۽ سجدا ڪندا رهن ٿا ۽ سجدن جي اثر کان سندن پيشانين تي نشان ٺهي بيٺا آهن. تورات توڙي انجيل ۾ انهن جو بيان به اهڙي ئي طرح آيل آهي. جيئن ٻنيءَ ۾ ٻج وجهڻ. جيڪو سلو ٻاهر ڪڍي ٿو. پوءِ اهو ٿُلهو ٿو ٿئي ۽ پنهنجي ڪانيءَ تي مضبوط ٿي بيهي ٿو. اهو ڪُڙمين کي خوشي ۽ عجب سان ڀرپور ڪري ٿو ڇڏي ۽ ڪافرن کي ساڻن حسد ۽ ساڙ ۾ ساڙي ٿو ڇڏي. انهن مان جن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل ڪندا رهن ٿا، تن سان الله تعاليٰ مغفرت (بخشش) تمام وڏي اجر جو وعدو ڪري ڇڏيو آهي.“ (الفتح 29)
”اهي ماڻهو چاهين ٿا ته الله جي روشنيءَ کي پنهنجي ڦوڪن سان وسائي ڇڏين. حالانڪه الله تعاليٰ اها روشني مڪمل ڪرڻ کان سواءِ نه رهندو؟ پوءِ ڀلي ڪافرن کي اها ڳالهه نه وڻندي هجي. اهوئي آهي جنهن پنهنجي رسول کي حقيقي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو، انهيءَ لاءِ ته انهيءَ دين کي سڀني دينن تي غالب ڪري ڇڏي. پوءِ ڀلي مُشرڪن کي ايئن ٿيڻ پسند نه اچي. (التوبه 32 ــ 33)
قرآن جي انهن آيتن کي پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته پيغمبر اسلام جي بعثت ڪا عام ڳالهه نه هئي. اها هڪ عظيم انقلابي رٿا هئي. الله تعاليٰ کي پاڻ سڳورن جي ذريعي هڪ عظيم واقعو ظهور ۾ آڻڻو هو. هڪ اهڙو عظيم واقعو، جيڪو سڄي انساني تاريخ جي رخ کي بدلائي ڇڏي. اهي آيتون وڌيڪ اهو ٻُڌائين ٿيون ته ان عظيم ۽ عالمي رٿا جي لاءِ مقدر آهي ته اهو لازمي طور تي ظهور ۾ اچي. ڪنهن جي مخالفت انهيءَ کي ظهور ۾ آڻڻ کان روڪي نٿي سگهي.
قرآن جو اهو اعلان بيحد چٽو آهي ۽ جيئن ته اهو هڪ خدائي اعلان آهي، تنهن ڪري لازمي طور تي اهو ظهور ۾ اچڻ کپي. پر سيرت جي موجوده ڪتابن ۾ پيغمبر خدا جي انهيءَ عظيم ڪارنامي جي تصوير نظر نٿي اچي. اهي ڪتاب بظاهر انهيءَ کان به گهٽ ٿا نظر اچن، جيئن انهن کي مذڪوره قرآني آيتن جي روشنيءَ ۾ نظر اچڻ کپي. جيڪڏهن نج علمي لحاظ کان جائزو ورتو وڃي ته شايد اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اهي ڪتاب، ڪنهن پڙهندڙ جي انهيءَ اميد کي پورو نٿا ڪن، جنهن کي هو قرآن جي بنياد تي انهن ڪتابن ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.
اهو صحيح آهي ته سيرت جي انهن ڪتابن ۾ عقيدتمنديءَ وارن لفظن جي گهڻائي آهي. جهڙوڪ: پاڻ سڳورن جي پيدائش جو ذڪر سادن سودن لفظن ۾ ڪرڻ بدران هينئن ڪرڻ ته ’آفتاب رسالت طلوع ٿيو‘ يا پاڻ ﷺ جي وفات کي سادن لفظن ۾ لکڻ جي بدران هينئن لکڻ ته ’رسالت جو سج غروب ٿي ويو.‘ پر انهيءَ قسم جي اسلوب جي حيثيت لفظي ساراهه جي آهي، نه ڪي هڪ حقيقت جي علمي ۽ تاريخي اظهار جي. ۽ ساراهه جي لفظن جو ڪيترو به مقدار علمي اظهار جو بدل بنجي نٿو سگهي.
تنهن ڪري ضرورت انهيءَ جي آهي ته سيرت جي موضوع تي اهڙا ڪتاب لکيا وڃن، جيڪي مذڪوره قرآني آيتن سان هڪجهڙائي رکندا هجن ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انهن جو تفسير ۽ تشريح بنجي سگهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ قسم جي هڪ شروعاتي ڪوشش آهي.