پيغمبراڻي پاليسي
قرآن ۾ عزيمت/ ثابت قدميءَ جو لفظ اُن معنيٰ ۾ نه آيو آهي، جنهن معنيٰ ۾ عام طور تي مشهور آهي. قرآن ۾ عزيمت/ ثابت قدميءَ جو لفظ قدم نه کڻڻ تي ڄميو رهڻ جي لاءِ استعمال ٿيو آهي، نه ڪي پرجوش طور تي قدم کڻڻ جي لاءِ، جيئن هيٺين آيت مان معلوم ٿئي ٿو.
”سو (اي پيغمبر) تون صبر ڪر ۽ ثابت قدم رهه، جيئن اڳوڻا عالي همت رسول ثابت ٿيا ۽ هنن (ڪافرن) بابت تڪڙ نه ڪر.“ (الاحقاف 35)
انهيءَ آيت ۾ چٽي طرح صبر جي طريقي کي ثابت قدميءَ وارو طريقو چيو ويو آهي. يعني ٻي ڌر جي چڙ واري رويي، هن پاران نقصان رسائڻ ۽ ان طرفان مخالفاڻين ڪارواين جي باوجود هڪ طرفو صبر ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي جوابي قدم کڻڻ کان روڪي رکڻ، انهيءَ جو نالو صبر آهي ۽ انهيءَ صبر کي قرآن ۾ عزم ۽ همت جو طريقو ٻڌايو ويو آهي.
رخصت ڇا آهي؟ رخصت ڪم همتي يا عمل کان ڀاڄ جو نالو نه آهي. بلڪه اها هڪ تدبير آهي، اُهو عمل جي لاءِ وڌ ۾ وڌ موقعا حاصل ڪرڻ جو نالو آهي، نه ڪي عمل کي ڇڏي ڏيڻ جو. مڪي دور جي آخر ۾ جڏهن دشمنن تلوارن سان هٿياربند ٿي رسول الله جي گهر کي گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ پاڻ سڳورن کي قتل ڪرڻ جي پويان پئجي ويا ته، پاڻ سڳورن ساڻن مقابلو ڪرڻ جي بدران هي ڪيو جو رات جي وڳڙي ۾ گهر جي پوئينءَ دروازي مان خاموشيءَ سان نڪتا ۽ مڪو ڇڏي، مديني روانا ٿي ويا.
عام ذوق موجب اهو ثابت قدميءَ کي ڇڏي رخصت جو طريقو اختيار ڪرڻ هو. پر وڌيڪ صحيح ڳالهه اها آهي ته اهو جوش جي بدران هوش جو طريقو اختيار ڪرڻ هو. اهڙن موقعن تي جيڪڏهن ڪو وڙهي شهيد ٿي وڃي ته اهو ثابت قدميءَ بدران نادانيءَ وارو عمل چئبو. تنهن ڪري رسول الله ﷺ هي ڪيو جو غير ضروري ٽڪراءُ ۾ اچڻ جي بدران، اها جاءِ ڇڏي مديني پهچي ويا، ته جيئن پنهنجي دعوتي مهم کي وڌيڪ اثرائتي نموني جاري رکي سگهن. اسلام ۾ سر ڪٽائڻ نه پر سر بچائڻ آهي. اسلام ۾ زندگيءَ کي مٽائڻ جي بدران زندگيءَ کي چڱن ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جو درس ڏنل آهي.
اسلام هڪ فطري دين آهي. اسلام جي تعليم مان اهم تعليم حقيقت پسندي آهي. پيغمبر اسلام ﷺ جي پاليسيءَ کي هڪ لفظ ۾ چوڻو هجي ته انهيءَ کي حقيقت پسنديءَ واري پاليسي چئي سگهجي ٿو.
اسلام ۾ انهيءَ معاملي ۾ ايستائين رعايت ڏني ويئي آهي ته پنهنجي قيمتي زندگي بچائڻ جي لاءِ واقعي جي خلاف ڪا ڳالهه ڪرڻي پوي ته اها به ڪرڻ ۾ پاسو نه ڪجي. وقتي دٻاءُ تحت ڪا ڳالهه چئي پنهنجي وجود کي بچائڻ، ان کان وڌيڪ چڱي آهي ته غير ضروري آڪڙ ڏيکاري، سچ چوڻ جي جوش ۾ بنا فائدي جي پنهنجو پاڻ کي ٻوهيءَ ۾ وجهجي.
انهيءَ سلسلي ۾ مڪي دؤر جو هڪ واقعو انتهائي مثال جي حيثيت رکي ٿو. اهو واقعو ’عمار بن ياسر‘ سان لاڳاپيل آهي. جيڪو اُن وقت مڪي جي هڪ مُشرڪ سردار وٽ غلام هو. مڪي دور ۾ ايمان آڻيندڙن ۾ جيڪي ماڻهو آزاد گهراڻن سان واسطو رکندا هئا، اهي مشرڪن جي ايذاءُ رسانيءَ کان محفوظ رهيا. ڇو ته سندن حمايت ۾ سندن قبيلو موجود هو. پر جيڪي ماڻهو اُتي جي سماج ۾ غلام جي حيثيت رکندا هئا، ۽ اسلام قبول ڪيو هئائون، اهي پنهنجي مالڪن پاران سخت تڪليفن جو نشانو بنجندا هئا. انهن مان عمار بن ياسر به هڪ هو.
عمار بن ياسر کي سندس مُشرڪ مالڪ سخت تڪليفون ڏنيون ۽ چيس ته تون جيستائين بُتن کي نه مڃيندين ۽ محمد (ﷺ) جو انڪار نه ڪندين، تيستائين توکي تڪليفون ڏيندا رهنداسين. انهيءَ کان پوءِ هن حق جي خلاف اُهي لفظ چيا، جيڪي منڪرن کانئس چورائڻ ٿي چاهيا. انهيءَ کان پوءِ هو پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ چيائين مون مُشرڪن جي مطالبي تي هي ڪجهه چيو آهي. پاڻ ﷺ پُڇيس تنهنجي دل جو ڪهڙو حال آهي؟ هن وراڻيو منهنجي دل اسلام جي سچائيءَ تي پوري طرح مطمئن آهي. رسول الله فرمايو: مُشرڪ جيڪڏهن ٻيهر توکي ساڳئي ڳالهه چورائين ته ٻيهر چئي ڇڏج. (تفسير ابن ڪثير 2/587 ــ 588)
قرآن موجب، پيغمبر اسلام سڀني انسانن جي لاءِ هڪ نمونو آهي (الاحزاب 21) جڏهن پالڻهار پاڻ سڳورن کي انسانن جي لاءِ هڪ نمونو بنايو ته ضروري هو ته پاڻ هڪ انسان جي حيثيت سان دنيا ۾ زندگي گذارين ۽ پاڻ ﷺ سان اهي سڀئي مسئلا پيش اچن، جيڪي انسانن لاءِ پيدا ٿيندا آهن. يا جيڪي هڪ عام انسان جي لاءِ عمل جوڳا آهن. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته رسول الله کي هر وقت فرشتن جي طاقت حاصل هجي ها ۽ هو فوق البشر انداز ۾ پيش ايندڙ معاملن جو مقابلو ڪري ها ته هو عام انسانن جي لاءِ نمونو بنجي نه سگهي ها. اهڙي حالت ۾ اها تڪليف سمجهه کان مٿي هجي ها ۽ ماڻهن کي چيو وڃي ها ته اوهين انهيءَ رسول جي پيروي ڪريو، جيڪو اوهان وانگر ڪونهي. بلڪه کيس غير معمولي طاقتون حاصل آهن. اهوئي سبب آهي ته رسول الله سڄي زندگي انهيءَ ڳالهه جو خيال رکيو ته عام حالتن ۾ ڪنهن انسان جي لاءِ ڪهڙي شئي عمل جوڳي آهي ۽ ڪهڙي شئي عمل جوڳي ڪونهي. جيڪا شئي هڪ عام انسان جي لاءِ ممڪن ۽ عمل جوڳي هئي. پاڻ سڳورن انهيءَ تي عمل ڪرڻ فرمايو ۽ جنهن شئي تي عمل ڪرڻ انسانن جي لاءِ ممڪن نه هو، انهيءَ کي ڇڏي ڏنو. ڪنهن مسئلي کي نبيرڻ جي لاءِ سدائين ٻه طريقا هوندا آهن. هڪ اهو ته عملي حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رٿا جي جوڙجڪ ڪجي. ٻيو طريقو هيءَ ته نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ، انهيءَ جي خلاف پرجوش قدم کنيو وڃي. رسول الله ﷺ جي ٽيويهن سالن جي زندگيءَ جو مطالعو ٻُڌائي ٿو ته پاڻ سڳورن ڪڏهن به ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ نه فرمايو. پاڻ ﷺ ايئن پهرينءَ طريقي تي هلندا رهيا.
مثال طور: پاڻ سڳورن جي زماني ۾ ڪعبي (بيت الله) جي اندر ٽي سؤ سٺ بُت رکيل هئا. پاڻ سڳورن جو مشن اهو هو ته ڪعبي کي انهن بُتن کان پاڪ ڪيو وڃي. پاڻ سڳورا تيرنهن سال مڪي ۾ رهيا، پر ڪڏهن به انهن بُتن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪيائون. ايستائين جو انهيءَ حالت ۾ ويهه سال گذري ويا. ويهن سالن تائين پاڻ ﷺ انهن بُتن جي معاملي ۾ فقط زباني دعوت تي عمل ڪندا رهيا. ويهن سالن کان پوءِ جڏهن مڪو فتح ٿيو ته انهيءَ وقت پاڻ سڳورن عملي ڪاروائي ڪندي ڪعبي کي بُتن کان پاڪ ڪيو.
انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ سڳورن عمل جوڳن ۽ عمل ۾ نه ايندڙن جي وچ ۾ فرق ڪيو. ويهن سالن تائين بتن جي خلاف زباني تبليغ عمل جوڳي هئي، انهيءَ ڪري پاڻ سڳورا قول جي حد تائين رهي پنهنجو ڪم ڪندا رهيا. مڪي جي فتح کان پوءِ عملي صفائي، عمل جوڳي ٿي ويئي. تنهن ڪري پاڻ ﷺ عملي قدم کڻندي انهيءَ جي صفائي ڪرڻ فرمائي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته نتيجو حاصل ٿيندڙ ۽ نتيجو نه ملندڙ قدمن ۾ فرق ڪرڻ رسول الله ﷺ جي هڪ سنت آهي.
[b]فرق جو اصول
[/b]پيغمبر اسلام جي سيرت جي مطالعي مان هڪ اهم اصول اهو معلوم ٿئي ٿو، جنهن کي فرق چئي سگهجي ٿو، يعني هڪ شئي ۽ ٻي شئي ۾ فرق کي سمجهڻ ۽ انهيءَ موجب ٻنهي سان ڌار ڌار معاملو نبيرڻ آهي. انهيءَ جي چٽائي قرآن جي سورة البقره جي آيت نمبر 275 ۾ موجود آهي. اهو فطرت جو هڪ اصول آهي ۽ انهيءَ اصول جو لحاظ پيغمبر اسلام جي پاليسين ۾ مڪمل طور تي ملي ٿو.
1. انهيءَ مان هڪ چوڻ ۽ ڪرڻ جو فرق آهي. مثال طور: حديث ۾ آيو آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ”افضل جهاد ظالم حڪمران جي سامهون حق ۽ انصاف جي ڳالهه چوڻ آهي.“ (سنن ابي دائود 4/122)
ٻي پاسي حديثن ۾ ڪثرت سان انهيءَ قسم جون هدايتون آيون آهن ته جيڪڏهن حڪمران ظالم بنجي وڃن ته به اوهين انهيءَ جي اطاعت ڪريو ۽ انهيءَ سان هرگز نه ٽڪرايو. (مشڪاة المصابيح 3/1484)
مثال طور: حضرت حذيقه چوي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ايندڙ زماني ۾ حڪمران ۾ خرابيون پيدا ٿي وينديون، ايتري قدر جو اوهان جي مٿان اهڙا ماڻهو حڪمران بنجي ويندا، جن جو ظاهري طرح جسم ته انسانن جهڙو هوندو، پر انهن جون دليون شيطانن وانگر هونديون. حضرت حذيقه پُڇيو ته اسين انهن جي مقابلي ۾ ڇا ڪريون. پاڻ سڳورن فرمايو، ”اوهين حاڪم جي ڳالهه ٻُڌو ۽ کيس مڃو، پوءِ ڇو نه اوهان جي پُٺن تي ڪوڙا هنيا وڃن ۽ اوهان جو مال اوهان کان کسيو وڃي، پوءِ به اوهين ٻُڌو ۽ اطاعت ڪريو.“ (صحيح مسلم بشرح النوري 12/238)
مذڪوره ٻنهي حديثن جو ڀيٽ وار اڀياس ڪريو، پهرين حديث ۾ ظالم حڪمران جي مقابلي ۾ جهاد جو چيو ويو آهي، جڏهن ته ٻي حديث ۾ سختيءَ سان جهاد جي منع ڪئي ويئي آهي. انهيءَ فرق جو سبب ڪهڙو آهي. انهيءَ جي حقيقت اها آهي ته پهرين حديث جو واسطو زباني نصيحت سان آهي ۽ ٻي حديث جو واسطو عملي ٽڪراءُ سان آهي. حديث موجب: زباني نصيحت هڪ گهربل عمل آهي، پر عملي ٽڪراءُ سراسر گهربل عمل ڪونهي.
هتي زباني نصيحت مان مطلب حڪمرانن جي خلاف جلسو، جلوس، تقرير يا اخباري بيان ڪونهي، بلڪه انهيءَ جو مطلب فقط هيءَ آهي ته ڪو شخص جڏهن حڪمران جي اندر خرابي ڏسي ته هو انهيءَ جي حق ۾ دعا گهري ۽ پوءِ ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ملي ۽ کيس دردمندي ۽ خيرخواهيءَ جي انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري. عبدالله بن عباس کان پُڇيو ويو ته حاڪم جي سامهون ”امر بالمعروف ونهي عن المنڪر“ ڪهڙي طرح ڪيو وڃي. هن وراڻيو، جيڪڏهن اوهان کي ڪرڻو آهي ته اهڙي طرح اڪيلائيءَ ۾ ڪريو جو رڳو هن ۽ اوهان جي وچ ۾ هجي. (جامع العلوم والحڪم 71)
2. اهڙي طرح اسلام ۾ انفرادي ۽ اجتماعي عمل جي وچ ۾ فرق ڪيو ويو آهي. انفرادي قدم ۾ هڪ شخص جي زندگي خطري ۾ هوندي آهي. جڏهن ته گڏيل قدم ۾ هزارين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ اچي وڃي ٿي. تنهن ڪري اها بلڪل فطري ڳالهه آهي ته ٻنهي جو حڪم هڪجهڙو نه هجي.
انهيءَ معاملي بابت هجرت جي واقعي ۾ هڪ رهنما مثال ملي ٿو. واقعا ٻُڌائين ٿا ته حضرت عمر بن خطاب، جڏهن مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڏانهن اُسهيو ته هو پنهنجي تير ڪمان ۽ تلوار کڻي، ڪعبي ۾ آيو. انهيءَ وقت قريش جا سردار ڪعبي جي اڱڻ ۾ موجود هئا. هن ڪعبي جو طواف ڪيو ۽ ٻه رڪعتون نفل پڙهيون، پوءِ قريشن جي سردارن وٽ ويو ۽ هنن کي مخاطب ٿي چيائين، ”جيڪڏهن اوهان مان ڪو شخص پنهنجي زال کي بيوه ۽ پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪرڻ جي سَڌ رکندو هجي ته پوءِ هو مون سان شهر کان ٻاهراچي ملي.“ اهڙي طرح هو هجرت جي لاءِ روانو ٿيو ۽ ڪوبه سندس پٺيان نه لڳو. (حيات الصابه 1/541)
ٻي طرف انهيءَ جي ابتڙ رسول الله ﷺ ڳجهيءَ طرح هجرت ڪئي. جيئن معلوم آهي ته، مڪي دور جي تيرهين سال، قريشن جي سردارن ”دارالندوة“ ۾ پاڻ سڳورن جي خلاف مشورو ڪيو ۽ تنهن کان پوءِ تلوارون کڻي رات جي وقت پاڻ سڳورن جي گهر کي گهيري ۾ ورتائون. پاڻ سڳورن ساڻن مقابلو نه ڪيو، پر رات جي اونداهيءَ ۾ ماٺ مٺيءَ ۾ نڪري ٻاهر هليا ويا. انهيءَ معاملي ۾ پاڻ ايتري ته رازداري ڪيائون جو، کين مڪي کان مديني وڃڻو هو، پر پاڻ مديني ڏانهن منهن ڪري هلڻ جي بدران، اُبتي طرف غار ”ثور“ ۾ ٽي ڏينهن ويٺا رهيا ۽ پوءِ عام رستو ڇڏي، هڪ غير معروف رستي تان مديني طرف روانا ٿيا. انهيءَ فرق کي ڏسندي ڪن سيرت نگارن هي سوال ڪيو ته:
”اهو ڇو آهي ته حضرت عمر وڏي واڪي مشرڪن کي للڪاريندي اعلان ڪري بنا ڪنهن ڊپ ۽ انومان جي هجرت ڪئي، جڏهن ته پاڻ سڳورن لڪي ۽ پنهنجي بچاءُ ڪندي هجرت ڪئي. ڇا عمر، رسول الله کان وڌيڪ جرئتمند هو.“ (فقهه السيرة 144)
انهيءَ جو سبب انفرادي ۽ اجتماعي قدمن جو فرق آهي. جيتوڻيڪ اسلام ۾ ٻنهي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته جڏهن به ڪو قدم کنيو وڃي ته، هوشمنديءَ سان کنيو وڃي. جذباتي طور تي کنيل قدم، پر جوش قدم اسلام ۾ وڻندڙ ڪونهي. پر انهيءَ معاملي ۾ فرد کي اها موڪل آهي ته هو جيڪڏهن چاهي ته پنهنجي ذات جي حدتائين، انهيءَ قسم جو قدم کڻي سگهي ٿو. سندس اهو عمل مڪمل طور تي شخصي هوندو، جيڪو ٻين جي لاءِ نمونو هرگز ڪونهي.
حضرت عمر جنهن انداز ۾ هجرت ڪئي، اهو سندس ذاتي عمل هو. پر پيغمبر اسلام جي حيثيت هڪ فرد واري نه هئي. هو سڄي اسلامي ملت جو رهبر هو. پاڻ ﷺ جو هر قدم اُمت جي لاءِ هڪ نموني جي حيثيت رکندو هو. پاڻ ﷺ جيڪو ڪجهه ڪندا هئا، سو سدائين جي لاءِ سڀني مسلمانن کي ڪرڻو هو. جڏهن معاملو گڏيل قدم کڻڻ جو هجي ته اُتي اهو ڪيو وڃي، جيڪو رسول الله ﷺ هجرت جي وقت ڪيو. يعني مڪمل احتياط ۽ حالتن کي سامهون رکندي ڪو قدم کنيو هجي.
انهيءَ مان اهو اصول چٽو ٿئي ٿو ته ڪنهن پيش ايندڙ معاملي ۾ جيڪڏهن ڪو شخص ذاتي بنيادن تي ڪو خطري وارو قدم کڻي ٿو ته انهيءَ جي موڪل هوندي، جيتوڻيڪ فرد جي لاءِ به انهيءَ قسم جو قدم رخصت آهي، نه ڪي ثابت قدمي.
پر معاملو جڏهن جماعت يا اُمت جو هجي ته اهڙين حالتن ۾ نتيجي جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ خطري وارو قدم کڻڻ هرگز جائز ڪونهي. مذڪوره حق، ڪنهن فرد جي لاءِ به فقط ذاتي عمل جي درجي ۾ آهي. تنهن ڪري اهو بلڪل جائز ڪونهي ته اهو تقرير يا تحرير جي ذريعي ماڻهن کي جذباتي قدم کڻڻ جي لاءِ ڀڙڪائي. فرد جيڪڏهن رهبر جي حيثيت ۾ آهي ته انهيءَ کي هر حالت ۾ جماعتي صلاح مصلحت جو لحاظ ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن هو رهبر جي حيثيت ۾ ڪونهي، تڏهن به کيس اهو حق ڪونهي ته ڪو هو پنهنجي زبان ۽ قلم جي ذريعي ماڻهن کي خطري وارو قدم کڻڻ جي لاءِ ڀڙڪائي. هڪ شخص ذاتي طور تي ته خطرن سان ڀرپور قدم کڻي سگهي ٿو، پر ٻين کي خطرن سان ڀرپور قدم کڻڻ تي ڀڙڪائڻ هن جي لاءِ بنهه جائز ڪونهي.
[b]امام حسين جو نمونو
[/b]رسول الله جي سُنت ۾ نتيجن جو اندازو لڳائڻ کان سواءِ جذباتي قدم کڻڻ جو مثال موجود ڪونهي. ڪجهه ماڻهو انهيءَ کي رسول الله ﷺ جي ڏهٽي جي سنت مان صحيح ثابت ڪن ٿا. اهو حضرت حسين بن عليؒ جي عمل جو واقعو آهي. انهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته امام حسين جي طاقت بنو اُميه جي فوجين کان تمام گهڻي گهٽ هئي. تنهن جي باوجود به هن حقن جي لتاڙ ڏٺي ته نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ يزيد جي فوجن سان وڙهيو ۽ انهيءَ راهه ۾ پنهنجو سر ڏنائين.
پر حسين بن عليءَ جي اها تصوير غير حقيقي ۽ سراسر هٿرادو تيار ڪيل آهي. سندن اها تصوير شاعرن ۽ خطيبن ٺاهي آهي. حقيقي تاريخ ۾ انهيءَ تصوير جو ڪوبه وجود ڪونهي. ڪنهن به مستند تاريخ مان حسين بن علي جي اها تصوير ثابت ڪونهي. هتي آئون ٽن تاريخ جو حوالو ڏيان ٿو. تاريخ طبري، الڪامل في التاريخ الابن الاثير، البدايه والنهاويه لابن ڪثير. ٽنهي تاريخن ۾ وضاحت سان ٻُڌايو ويو آهي ته جڏهن امام حسين، ڪوفي جي ويجهو پهتا ۽ کين حالتن جو پتو پيو ته هو انهيءَ جي لاءِ تيار ٿي ويا هئا ته واپس مڪي موٽي ويندا.
واقعا ٻُڌائين ٿا ته حسين بن علي، جڏهن مڪي مان روانو ٿيو ته هو يزيد سان وڙهڻ جي لاءِ روانو نه ٿيو هو. سندس قافلي ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ کن ماڻهو هئا، جن ۾ زائفائون ۽ ٻار، ايستائين جو مريض به شامل هئا. جنگ جي لاءِ نڪرندڙ ڪوبه ماڻهو اهڙي قافلي کي وٺي نڪري نٿو سگهي. سندن مڪي مان روانگيءَ جو سبب فقط هي هو ته ڪوفين جي طرفان کين نياپو مليو هو ته اوهين ڪوفي اچو، اسين اوهان کي امام بنائڻ جي لاءِ تيار آهيون. انهيءَ خبر موجب هو مڪي کان ڪوفي روانا ٿيا.
البدايه والنهاويه (الجزء الثامن) ۾ نهايت تفصيل سان امام حسين جو قصو بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ مان چٽيءَ طرح معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن پاڻ ڪربلا ۾ پهتا ته کين پتو پيو ته سندن نمائندي مسلم بن عقيل کي ڪوفي جي اُموي حاڪم قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ڪوفي، امام حسين سان پنهنجي وفاداري ختم ڪري چڪا آهن. انهيءَ کان پوءِ پاڻ فيصلو ڪيائون ته هو جتان آيا آهن، واپس اوڏانهن موٽي وڃن.
پر تاريخ جي پڪي ثابتيءَ موجب ڪوفي ۾ رهندڙ اُموي فوج سندن رستو روڪي ورتو ۽ سندن قتل ڪرڻ جي پويان پئجي ويا. انهيءَ وقت، طبري ۽ ٻين مورخن جي روايتن موجب حسين بن عليءَ، اموي حاڪم کي چيو، ”اي عمر! مون طرفان تون ٽن مان ڪابه هڪ ڳالهه قبول ڪر. يا ته مون کي ڇڏي ڏي ته آئون جتان آيو آهيان اوڏانهن موٽي وڃان. جيڪڏهن اها ڳالهه قبول ڪونهي ته پوءِ مون کي يزيد وٽ وٺي هل، جيئن آئون پنهنجو هٿ، هن جي هٿ تي رکي ڇڏيان، پوءِ هو منهنجي باري ۾ جيڪو به فيصلو ڪري. جيڪڏهن اها ڳالهه به نٿو مڃينءَ ته پوءِ مون کي ترڪ جي سرحد طرف وٺي هل، ته جيئن آئون انهن سان تيستائين وڙهان، جيستائين مري نه وڃان. (البداية والنهاية لابن ڪثير 8/170)
حقيقت هيءَ آهي ته امام حسين جي نالي تي جنهن هٿ ٺوڪئي سياسي جهاد کي جائز قرار ڏنو ويو آهي، انهيءَ جو امام حسين جي نموني سان ڪوبه واسطو ڪونهي. اهو هڪ مفروضو، حسين جو خيالي نمونو آهي، نه ڪي حسين بن علي جو اهو نمونو جيڪو معتبر تاريخي ڪتابن مان ثابت ٿئي ٿو.
[b]اسٽيٽس ڪو ازم
[/b]پيغمبر اسلام ﷺ جي پاليسيءَ جو هڪ اهم اصول اسٽيٽس ڪو ازم هو. اسٽيٽس ڪو ازم جو مطلب موجوده حالتن کي مڃي وٺڻ آهي. پر پيغمبر اسلام جو اسٽيٽس ڪو ازم، سادي طور تي اهو نه هو ته مروج صورتحال کي هميشه جي لاءِ جيئن جو تيئن مڃي وٺجي پر انهيءَ جو مطلب هي هو ته موجوده ڍانچي سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي لاءِ ڪو رستو ڪڍيو وڃي. اهو هڪ رٿابنديءَ وارو طريقو هو، نه ڪي ڪنهن قسم جو جمود يا تعطل هو.
اهو اصول، پيغمبر اسلام پنهنجي مڪي توڙي مدني دور ۾ به استعمال ڪرڻ فرمايو. اهو انهن سببن مان هڪ آهي، جنهن جي ڪري، پاڻ سڳورن کي 23 سالن جي مختصر عرصي ۾ اهڙي عظيم ڪاميابي ملي، جهڙي سڄي تاريخ ۾ ڪنهن به شخص کي حاصل ٿي نه سگهي.
انهيءَ اسٽيٽس ڪو ازم جو فائدو اهو آهي ته ماڻهوءَ کي فوري طور تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو وڃي. هو انهيءَ پوزيشن ۾ اچي وڃي ٿو ته پنهنجي طاقت جو ڪوبه حصو ذيان ڪرڻ جي بدران، انهيءَ کي ڀرپور طريقي سان پنهنجي مشن جي لاءِ استعمال ڪري. هو غير ضروري ٽڪراءُ کان بچندي، پنهنجو پاڻ کي آخري حد تائين نتيجو ملندڙ عمل ۾ لڳائي.
پيغمبر اسلام جو مشن توحيد کي قائم ڪرڻ هو. جڏهن پاڻ مڪي ۾ مبعوث ٿيا ته انهيءَ وقت عملي صورتحال اها هئي ته ڪعبي جي اندر ٽي سؤ سٺ بُت رکيل هئا. توحيد جي گهر ۾ بُتن جي اها موجودگي پاڻ سڳورن جي مشن جي بلڪل ابتڙ هئي، پر پاڻ سڳورن عملي طور تي انهن بتن سان ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪئي ۽ فقط زباني طور تي توحيد جي پرچار ۾ لڳي ويا. اهو گويا ڪعبي جي مسئلي ۾ حالتن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ جي اصول کي اختيار ڪرڻ هو.
انهيءَ جو فائدو اهو ٿيو ته پاڻ ﷺ کي اهو موقعو ملي ويو ته، پاڻ ﷺ 13 سالن تائين ماڻهن کي توحيد جي ڳالهه ٻُڌائيندا رهيا ۽ انهن 13 سالن جي دوران پاڻ سڳورن کي اها عظيم ڪاميابي حاصل ٿي ته مڪي جا اٽڪل ٻه سؤ بهترين ماڻهو پاڻ سڳورن کي ملي ويا. اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن، جن پاڻ سڳورن جو ساٿ ڏيئي، اسلام جي تاريخ جوڙي.
مڪي دور جي آخر ۾ پاڻ سڳورن جو چاچو ابوطالب چالاڻو ڪري ويو، جيڪو ”بنو هاشم“ جو سردار هو. سندس وفات جي ڪري پاڻ ﷺ قبائلي حمايت کان محروم ٿي ويا. اُتي به پاڻ سڳورن مڪي جي موجوده حالتن کي استعمال ڪندي، پنهنجي لاءِ هڪ حامي حاصل ڪيو. اهو معطم بن عدي هو، جيڪو هڪ مشرڪ هو. پر پاڻ سڳورن اهو نه چيو ته آئون هڪ مشرڪ جي حمايت ۾ نه رهندس، پر پاڻ انهيءَ جي مشرڪ هوندي به سندن حمايت کي قبول ڪيائون. انهيءَ ڪري ته موجوده حالتن ۾ انهيءَ جي گنجائش نڪري رهي آهي.
هجرت کان پوءِ، پاڻ سڳورا جڏهن مديني پهتا ته اُتي مسلمانن سان گڏ مُشرڪ ۽ يهودي به موجود هئا. پر پاڻ اُتي جيڪو نظام بنايائون، انهيءَ ۾ اها بلڪل ڪوشش نه ڪيائون ته پهرين مشرڪن ۽ يهودين کي مديني مان ٻاهر ڪڍو، انهي کان پوءِ اسين هتي پنهنجو نظام لاڳو ڪنداسين. پر موجود معاشري جي بنياد تي ئي هڪ نظام جي قيام جو اعلان فرمايائون، جنهن کي ”ميثاق مدينه“ چيو وڃي ٿو، انهيءَ ميثاق ۾ لکيل آهي ته: ”هر قبيلي جو مسئلو، خود انهيءَ قبيلي جي پنهنجي روايتن موجب نبيريو ويندو، جيڪي روايتون، هن وقت منجهن لاڳو آهن.“
حج ابراهيم (۽ انهيءَ کان پوءِ حضرت اسماعيل) حج جو نظام قمري ڪئلينڊر موجب قائم ڪيو هو، جنهن جي سال جو عرصو، شمسي سال کان ڪجهه گهٽ هوندو آهي. اڳتي هلي مشرڪن حج جي نظام کي بدلائي شمسي ڪئلينڊر موجب قائم ڪيو. پيغمبر اسلام کي اهو بدلائي ٻيهر قمري ڪئلينڊر موجب قائم ڪرڻو هو، پر پاڻ مڪي ۾ رهائش جي دوران انهيءَ ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش نه ڪيائون ۽ نه وري مڪي جي فتح کان پوءِ انهيءَ ۾ تڪڙ ڪيائون. پر پاڻ سڳورن کي اهو قائم ڪرڻ جي لاءِ ڄڻ سڄي عمر انتظار ڪرڻو پيو. ايستائين، جو نبوت ملڻ جي 23 هين سال، جڏهن فلڪياتي اصول موجب، حج جي موسم پاڻ مرادو، ذوالحج جي مهيني ۾ اچي ويئي ته انهيءَ وقت حجة الوداع جي موقعي تي پاڻ اهو اعلان فرمايائون ته ”هاڻ حج جو فرض هميشه جي لاءِ ذوالحج جي مهيني ۾ ادا ڪيو ويندو.“
اهو ”اسٽيٽس ڪو ازم“ پاڻ سڳورن وٽ ايترو ته ملي ٿو جو ڪن معاملن ۾ پاڻ اهو ڄاڻندي به ته هاڻ مون کان پوءِ انهيءَ کي بدلائڻ وارو نه هوندو، معاملي کي سندس موجود حالت ۾ ئي ڇڏي ڏنائون.
انهيءَ جو هڪ چٽو مثال ”ڪعبي“ سان ”حطيم“ جو مسئلو آهي. اهو قصو هيئن آهي ته حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل ڪعبي جي شڪل ۾ جيڪا مسجد جوڙي هئي، انهيءَ ۾ موجوده ”حطيم“ جو حصو به شامل هو. اهڙي طرح حضرت ابراهيم جو جوڙيل ڪعبو ڊگهو هو، جڏهن ته موجوده ڪعبو چوڪنڊو آهي. اهو چوڪنڊو ڪعبو مشرڪن ٺاهيو هو. هڪ ڀيرو جڏهن ڪعبي جي عمارت ڪِري پئي ۽ اها ٻيهر جوڙڻ جي ضرورت پيش آئي ته مشرڪن اڏاوت جي سامان جي کوٽ جي ڪري انهيءَ جي اڌ حصي کي اڏيو ۽ باقي اڌ کي ڇڏي ڏنو. پيغمبر اسلام جي زوجه حضرت عائشه فرمائي ٿي ته پاڻ ﷺ مون کي فرمايو هئائون ته ”منهنجي دل چاهي ٿي ته موجوده ڪعبي کي ڪيرائي، انهيءَ کي ٻيهر ابراهيمي بنياد تي اڏيان، پر تنهنجي قوم اڃا تازو ايمان آندو آهي، مون کي انديشو آهي ته اها انهيءَ عمل سان ڀڙڪي پوندي.“ اهو چئي پاڻ سڳورن ڪعبي کي، سندس موجود حالت تي ئي رهڻ ڏنائون. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ڪعبو سدائين جي لاءِ مشرڪن جي بنياد تي بيٺو رهيو ۽ اهو ٻيهر ڪڏهن به ابراهيمي بنياد تي اڏجي نه سگهيو. (فتح الباري 3/513)
اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي مثال آهن، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته پيغمبر اسلام جو طريقو اهوئي هو ته موجوده حالتن کي (اسٽيٽس ڪو) ڇيڙڻ کان سواءِ پنهنجو رستو ڪڍيو وڃي. نه ڪي رستو ڪڍڻ جي نالي تي اسٽيٽس ڪو سان ٽڪراءُ شروع ڪيو وڃي.