مذهب

سيرت جو مطالعو

ڪتاب ”سيرت جو مطالعو (سيرت رسول ﷺ جو علمي ۽ تاريخي مطالعو) نامياري عالم مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف هاشمي صاحب آهي. هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو.
ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سيرت جي موضوع تي اهڙا ڪتاب لکيا وڃن، جيڪي مذڪوره قرآني آيتن سان هڪجهڙائي رکندا هجن ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انهن جو تفسير ۽ تشريح بنجي سگهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ قسم جي هڪ ڪوشش آهي.
Title Cover of book سيرت جو مطالعو

رسول ﷺ جي زندگيءَ جو احوال

پيغمبر اسلام ﷺ جو نالو حضرت محمد بن عبدالله بن عبدالمطلب هو. پاڻ ﷺ 570ع ۾ مڪي ۾ پيدا ٿيا ۽ 632ع ۾ مديني ۾ وفات ڪيائون. پاڻ سڳورن کي چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ نبوت ملي. پاڻ ﷺ جن جي حياتي جو مختصر احوال هن ريت آهي.
پاڻ ﷺ اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هئا، جو سندس والد عبدالله وفات ڪري ويو. پيدائش جي ڪجهه ئي سالن کان پوءِ پاڻ ﷺ جي امڙ آمنه به جهان ڇڏي ويئي. عربستان جي قديم روايتن موجب هڪ ريگستاني عورت دائي حليمه سعديه پاڻ ﷺ جي پالنا ڪئي. پيءُ جي غير موجودگيءَ ۾ پاڻ ﷺ جو ڏاڏو عبدالمطلب پاڻ سڳورن کي سنڀاليندو هو. ڏاڏي جي وفات کان پوءِ پاڻ ﷺ جو چاچو ابو طالب پاڻ ﷺ جو سنڀاليندڙ بنيو. ابو طالب هڪ واپاري هو، تنهن ڪري پاڻ ﷺ، ساڻس گڏ ڪي واپاري سفر به ڪيا. پاڻ سڳورن 25 سالن جي ڄمار ۾، مڪي جي هڪ بيوه عورت خديجه بنت خويلد سان نڪاح ڪيو. جنهن جي عمر چاليهه سال هئي.
پاڻ سڳورن جي عمر جڏهن چاليهه سال ٿي، اُن وقت خدا جي پهرين وحي پاڻ ﷺ تي نازل ٿي. انهيءَ وقت پاڻ مڪي جي ڀرسان ”حرا“ نالي هڪ غار ۾ هئا. جتي پاڻ ﷺ اڪثر ڪري اڪيلائيءَ ۾ ايندا هئا. هتي ملائڪ جبرئيل پاڻ ﷺ جي خذمت ۾ آيو ۽ اها خبر ڏنائين ته الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجو پيغمبر بنايو آهي. پاڻ سڳورن تي جيڪي پهريون آيتون لٿيون سي ”سوره العلق“ جي شروع ۾ موجود آهن.
قرآن، هڪ ئي وقت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ نه لٿو. پر ٿورو ٿورو ٿي لٿو. اهڙي طرح 23 سالن جي عرصي ۾ اهو مڪمل ٿيو. قرآن جي حفاظت جي لاءِ پهرين ڏينهن کان ئي غير معمولي بندوبست ڪيو ويو هو. جڏهن قرآن جو ڪو حصو لهڻ وارو هوندو هو ته جبرئيل، پاڻ ﷺ وٽ ايندو هو ۽ قرآن جو اهو حصو پاڻ ﷺ کي پڙهي ٻُڌائيندو هو. پيغمبر اسلام پهرين اهو پاڻ چڱي طرح ياد ڪندا هئا، پوءِ اهو لکرائيندا هئا. پيغمبر اسلام پاڻ لکڻ نه ڄاڻندا هئا. پر پنهنجي ساٿين مان ڪيترن کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو هئائون. اهي ”ڪاتبات وحي“ جي نالي سان سڏيا ويندا هئا. پاڻ ﷺ وٽ هر وقت ڪونه ڪو وحيءَ جو ڪاتب موجود رهندو هو. ته جيئن قرآن جي لٿل حصي کي انهيءَ مهل ئي لکي وٺي. انهيءَ معاملي ۾ پاڻ ﷺ ايترو ته بندوبست ڪندا هئا، جو هجرت جي نازڪ سفر ۾ به هڪ وحيءَ جي ڪاتب ابوبڪر صديق کي پاڻ سان گڏ رکيائون. ساڻن گڏ سفر ۾ ٻين ضروري شين سان گڏ قلم ۽ ڪاغذ به هو، ته جيئن جيڪڏهن سفر جي دوران قرآن جو ڪو حصو لهي ته انهيءَ ئي مهل اِهو لکي وٺجي.
ڪتابت سان گڏ، قرآن جي حفاظت جو ٻيو بندوبست هي ڪيو ويو هو ته اڪثر صحابي، قرآن جي نازل ٿيل حصي کي ياد ڪري وٺندا هئا. ۽ انهيءَ کي روزانو پنهنجي نمازن ۾ پڙهندا هئا. اهڙي طرح هڪ ئي وقت قرآن جي حفاظت ٻن طريقن سان ٿيندي رهي. هڪ پاسي انهيءَ کي اُن وقت جي ڪاغذ تي لکيو ويندو هو ۽ ٻي پاسي انهيءَ کي ياد ڪري انساني حافظي ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو.
ايستائين جو جڏهن سڄو قرآن نازل ٿي ويو، ته جبرئيل، پيغمبر اسلام وٽ آيو. هن قرآن جي موجوده ترتيب سان، سوره فاتحه کان وٺي سوره الناس تائين پڙهي ٻُڌايو. پوءِ پيغمبر اسلام انهيءَ ئي ترتيب سان، سڀني صحابين کي سڄو قرآن پڙهي ٻڌايو. اهڙي طرح ڪيترائي اهڙا اصحابي هئا، جن کي قرآن موجوده ترتيب سان ياد هو. هو روزانو اهو نماز ۽ نماز کان ٻاهر پڙهندا ۽ ٻين کي ٻُڌائيندا هئا.
اهڙي طرح، پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ ئي قرآن پنهنجي موجوده صورت ۾ ترتيب ڏجي ويو هو. پاڻ ﷺ کان پوءِ خليفي ابوبڪر ترتيب ڏنل قرآن کي هڪ جلد جي صورت ۾ تيار ڪرايو. پوءِ هوريان هوريان انهيءَ جا نقل سڀني شهرن ۾ پکڙجي ويا.
نبوت ملڻ کان پوءِ پاڻ ﷺ جي زندگي بدلجي ويئي. پاڻ غار ”حرا“ ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنائون ۽ ماڻهن کي الله جو پيغام پهچائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. انهيءَ وقت مڪي ۾ شرڪ پکڙيل هو. پاڻ ﷺ ماڻهن کي ٻُڌائڻ شروع ڪيو ته شرڪ هڪ بي بنياد مذهب آهي. صحيح مذهب اهو آهي ته ماڻهو هڪ خدا جو پرستار بنجي ۽ انهيءَ جا حڪم مڃي ۽ انهيءَ جي مرضيءَ موجب پنهنجي زندگي گذاري آخرت ۾ توحيد واري مذهب جي قيمت هوندي. شرڪ وارو مذهب آخرت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. اللهج موحدين کي جنت ۾ داخل ڪندو ۽ مُشرڪن کي دوزخ ۾.
پاڻ سڳورن جي دعوت جو طريقو گهڻو ڪري هي هوندو هو ته پاڻ سڳورا ماڻهن سان ملي کين قرآن جو ڪو حصو ٻُڌائيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي ميڙ ۾ وڃي چوندا هئا ته: ايها الناس قولو الا اله الا الله تفلحوا (اي ماڻهؤ! هي چئو ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. اوهين ڀلائي پائيندا). اهڙي طرح پاڻ شرڪ جي مقابلي ۾ توحيد جي دعوت ڏيندا رهيا.
شروع شروع ۾ پاڻ ﷺ انفرادي دعوت جو طريقو اختيار ڪيائون. اٽڪل ٽن سالن کان پوءِ پاڻ ﷺ کليل اعلان سان ماڻهن کي دعوت ڏني. هاڻي ماڻهن پاران مخالفت شروع ٿي ويئي. پاڻ ﷺ توحيد جي دعوت ڏيندا هئا. انهيءَ وقت مڪي جا ماڻهو ۽ عربستان جا ٻيا سڀئي قبيلا شرڪ کي پنهنجو مذهب بنايو ويٺا هئا. انهيءَ جي ڪري ماڻهن جي مخالفت فطري هئي. انهن ماڻهن کي محسوس ٿيو ته پاڻ ﷺ کين سندن اباڻي مذهب تان هٽائڻ ٿا چاهين ۽ کين هڪ نئين مذهب جا پوئلڳ بنائڻ ٿا چاهين. اها ڳالهه هنن جي سهپَ کان ٻاهر هئي.
تنهن کان سواءِ مڪي وارن جي لاءِ شرڪ جو هڪ واپاري پهلو به هو. مڪي ۾ زراعت يا گذر سفر جو ڪو ٻيو ذريعو موجود نه هو. البت اُتي سيدنا ابراهيم عليه السلام جو جوڙيل مقدس ڪعبو هو. مڪي جي سردارن، انهي ڪعبي ۾ عربستان جي سڀني قبيلن جا بُت رکي ڇڏيا هئا. جن جو تعداد 360 هو. عربستان جا ماڻهو سڄو سال ڪعبي ۽ انهيءَ ۾ رکيل بُتن جي زيارت جي لاءِ ايندا هئا. اهي ماڻهو نه رڳو ڪعبي ۾ نذرانا ڏيندا هئا، پر انهن جي اچڻ سان مڪي ۾ واپار به ٿيندو هو. انهن ٻن سببن جي ڪري مڪي جا گهڻا تڻا ماڻهو پيغمبر اسلام جا سخت مخالفت بنجي ويا.
انهيءَ هوندي به سنجيده ماڻهن پاڻ سڳورن جي پيغام جي سچائيءَ کي محسوس ڪيو. اهي ماڻهو هوريان هوريان اسلام قبول ڪرڻ لڳا، ايستائين جو تيرنهن سالن جي دعوتي عمل کان پوءِ مڪي ۽ آسپاس جا اٽڪل ٻه سؤ مرد ۽ عورتون اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا.
مڪي جي سرداري قريش قبيلي جي هٿ ۾ هئي. انهيءَ قبيلي جا سردار جهڙوڪ: ابو جهل ۽ ابولهب وغيره پاڻ ﷺ جا سخت مخالف بنجي ويا. هنن پهرين ته طاقت جي ذريعي ڪوشش ڪئي ته پاڻ ﷺ جو دين اُتي نه پکڙجي. پر هنن محسوس ڪيو ته سندن اها ڪوشش گهڻي ڪامياب نه پئي ٿئي. انهيءَ دوران پاڻ سڳورن جو چاچو ابو طالب به گذاري ويو، جيڪو قريشن جو سردار، پاڻ سڳورن جو سرپرست ۽ حمايتي هو.
ابو طالب جي چالاڻي کان پوءِ مڪي جي سردارن جي دشمني گهڻي وڌي ويئي. هو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي پاڻ ﷺ جي خلاف ڪاروايون ڪرڻ لڳا. انهيءَ وقت پاڻ سڳورن محسوس ڪيو ته مڪي جون حالتون هاڻ سندن لاءِ سازگار نه رهيون آهن. تنهنڪري پاڻ ﷺ پنهنجي ساٿين کي موڪل ڏنائون ته هو وقتي طور تي مڪو ڇڏي پاڙيسري ملڪ حبش هليا وڃن. پاڻ پنهنجي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته عربستان جي هڪ ٻي شهر طائف وڃن ۽ اُتي پنهنجي لاءِ حمايت هٿ ڪن. تنهن ڪري پاڻ ﷺ مڪي مان سفر ڪري طائف ويا. انهيءَ سفر ۾ پاڻ سڳورن سان فقط هڪ خادم زيد گڏ هو.
پر انهيءَ سفر جو ڪو هاڪاري نتيجو نه نڪتو. طائف جا سردار به مڪي سردارن جيان پاڻ ﷺ جا مخالف بنجي ويا. هنن پاڻ ﷺ سان نهايت خراب هلت هلي. تنهن ڪري پاڻ طائف مان موٽي ٻيهر مڪي آيا. پر مڪي ۾ رهڻ جي لاءِ ڪنهن سردار جي حمايت ضروري هئي. تنهنڪري پاڻ پنهنجي خادم جي وسيلي مڪي جي هڪ مشرڪ سردار مطعم بن عدي ڏانهن نياپو موڪليو ۽ چيو ته تون مون کي پنهنجي حمايت ۾ وٺ ته جيئن مڪي ۾ رهي سگهان. عربستان جي قديم قبائلي نظام موجب ايئن ڪرڻ ضروري هو. مطعم بن عديءَ جي رضامنديءَ سان پاڻ سڳورا مڪي ۾ داخل ٿيا، پر مڪي جي سردارن جي مخالفت ايتري ته وڌي چڪي هئي، جو پاڻ سڳورن جي لاءِ مڪي ۾ وڌيڪ رهڻ ممڪن نه هو. تنهن ڪري 13 سال مڪي ۾ تبليغ کان پوءِ ماٺ مٺيءَ ۾ مديني هليا ويا.
مديني پهچڻ کان پوءِ، پاڻ اُتي جي پهرين جمعي جي خطبي ۾، جيڪو پهريون خطبو ارشاد فرمايائون، اهو سڄو ’ابن هشام‘ نقل ڪيو آهي. انهي جو ترجمو هن ريت آهي:
”ساراهه ۽ ثنا کان پوءِ پاڻ سڳورن فرمايو، اي ماڻهؤ! پنهنجي اڳتي جي لاءِ موڪليو. ڄاڻي وٺو ته اوهان جي مٿان موت جو وقت ضرور ايندو ۽ پوءِ اوهين پنهنجي ٻڪرين کي اهڙي طرح ڇڏي ويندؤ، جو انهن جو ڪوبه ڌراڙ نه هوندو. پوءِ ضرور هر ماڻهوءَ جو رب کيس چوندو، ۽ هن ۽ سندس رب جي وچ ۾ نه ڪو ترجمان هوندو ۽ نه ڪو پردو، جيڪو انهن کي لڪائي. ڇا اوهان وٽ منهنجو پيغمبر نه آيو هو ۽ انهيءَ اوهان کي منهنجو پيغام نه پهچايو ۽ مون اوهان کي مال ڏنو ۽ اوهان جي مٿان پنهنجي ٻاجهه ڪئي. پوءِ اوهان پنهنجي لاءِ اڳيان ڇا موڪليو. پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ڏسندو ته کيس ڪجهه به نظر نه ايندو. پوءِ هو پنهنجي اڳيان ڏسندو، جتي دوزخ کان سواءِ کيس ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو. تنهن ڪري اوهان مان جيڪو شخص انهيءَ جي سگهه رکي ٿو، سو پنهنجي چهري کي دوزخ کان بچائي، پوءِ انهيءَ لاءِ کجور جي هڪ پيشي ڇو نه هجي ۽ جي هو اها به ڏيئي نه سگهي ته هو هڪ سٺي ڳالهه جي ذريعي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري. ڇو ته انسان جي هر عمل جو بدلو ڏهن کان وٺي ستر تائين ڏنو ويندو ۽ اوهان جي مٿان خدا جي رحمت ۽ سلامتي هجي.“
پاڻ سڳورا مڪي ۾ 13 سال رهيا، اُتي نماز باجماعت فرض نه ٿي هئي، باجماعت نماز هجرت کان پوءِ فرض ٿي. تنهن ڪري مديني پهچي پاڻ سڳورن سڀ کان پهرين جيڪو ڪم ڪيو، انهيءَ مان هڪ اهم ڪم هي هو ته پاڻ ﷺ مديني جي اندر هڪ مناسب زمين خريد ڪري، انهيءَ جي مٿان اها مسجد اڏرائي، جيڪا اڄ وڌيڪ ويڪري ٿي مديني جي ”مسجد نبوي“ جي نالي سان مشهور آهي. مسجد جي باري ۾ پاڻ سڳورن فرمايو ”مسجدون متقين جا گهر آهن.“ يعني مسجدون ايمان وارن جي لاءِ تقويٰ جو مرڪز آهن.
مسجد جي اڏاوت کان پوءِ پاڻ سڳورن انهيءَ سان گڏ هڪ حجري ۾ قيام فرمايو. اُتي پاڻ باقائده پنجن وقتن جي نماز جو نظام قائم ڪيو. فجر، اڳين، وچين، سانجهي ۽ سُمهاڻي. انهيءَ سان گڏ پاڻ ﷺ جمعي جي نماز جو نظام قائم ڪيو، جيڪا هڪ هفتيوار نماز آهي ۽ وڏي اجتماعي نماز جي حيثيت رکي ٿي. جنهن ۾ پاڻ ﷺ نماز سان گڏ خطبو به شامل فرمايو، جيڪو ايمان وارن جي لاءِ هفتيوار ذڪر ۽ نصيحت جو ذريعو آهي.
مديني ۾ پاڻ ﷺ تنظيم ۽ استحڪام جا مختلف ڪم ڪيا. مثال طور: هجرت کان پوءِ مديني جهڙي ننڍي آباديءَ ۾ هڪدم ٻن سؤ کان به مٿي ماڻهن جو واڌارو ٿي ويو. اهو هڪ وڏو سماجي مسئلو هو. پاڻ ﷺ انهيءَ جي نبيري لاءِ اها تدبير اختيار ڪئي، جنهن کي اسلام جي تاريخ ۾ مواخاة يعني ڀائيچارو قائم ڪرڻ چيو وڃي ٿو. انهيءَ جي صورت هيءَ هئي ته پاڻ ﷺ ٻاهران ايندڙ مهاجرن ۽ مديني ۾ رهندڙ انصارين جي وچ ۾ ڀائپيءَ وارو ناتو قائم ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح هڪ مهاجر، ڪنهن انصاريءَ سان گڏ سندس گهر ۽ ڪاروبار ۾ ڀاءُ جيان شريڪ ٿي ويو. تاريخ ٻُڌائي ٿي ته اهي ماڻهو سڳن ڀائرن جيان گڏجي رهندا هئا، منجهن ڪڏهن به ڪنهن معاملي ۾ جهڳڙو نه ٿيو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ پاڻ مرادو انهيءَ ڀائپيءَ جي گهرج نه رهي، ٻاهران ايندڙ مسلمان جن کي مهاجر چيو ويندو هو، تن کي اها ڳالهه پسند نه هئي ته هو ڪنهن ٻي جي مٿان بار بنجن. تنهن ڪري هرڪو سرگرميءَ سان ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ لڳي ويو. ڪنهن مزدوري ڪئي، ته ڪو زراعت ۽ ٻي واپار وڙي ۾ جنبي ويو. اهڙي طرح ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهن مان هرڪو معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهي ويو.
ٻيو مسئلو هيءُ هو ته انهيءَ وقت مديني ۾ مسلمانن سان گڏ مشرڪ ۽ يهودي به آباد هئا. پيغمبر اسلام انهيءَ مسئلي جي نبيري جي لاءِ هڪ منشور جاري ڪيو. جنهن کي عام طور تي ”صحيفهء مدينه“ چيو ويندو آهي. مديني ۾ جيئن ته مسلمانن جي گهڻائي هئي، تنهن ڪري اُتي پاڻ ﷺ جي حيثيت سردار يا حاڪم جهڙي هئي.
پاڻ ﷺ پنهنجي انهيءَ حاڪماڻي حيثيت تحت ”صحفيهء مدينه“ ۾ اهو اعلان فرمايو ته هتي جي سڀني ماڻهن کي برابريءَ وارا حق حاصل هوندا، هرڪنهن کي مذهب ۽ ڪلچر جي آزادي هوندي. مسلمانن جا معاملا شريعت موجب طئه ڪيا ويندا ۽ مشرڪن ۽ يهودين جا معاملا سندن روايتن يا قبائلي رواج موجب نبيريا ويندا.
مڪي جي ڀيٽ ۾، مدينو پاڻ ﷺ جي توحيد واري دعوت جي لاءِ سازگار ثابت ٿيو. اسلام، پاڻ ﷺ جي اچڻ کان اڳ مديني ۾ داخل ٿي چڪو هو. پاڻ ﷺ جن جي اچڻ کان پوءِ انهيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو، ايستائين جو ٿوري ئي وقت ۾ مديني جا گهڻا ماڻهو اسلام قبول ڪري پاڻ سڳورن جا ساٿي بنجي ويا.
اها صورتحال مڪي جي سردارن کي نه وڻي. کين اهو پسند نه هو ته جنهن شخص کي هنن مڪي مان هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو، اهو مديني پهچي پنهنجي لاءِ هڪ سگهارو مرڪز بنائي وٺي ۽ نيٺ سندن شرڪ واري مذهب جي لاءِ سخت خطرو بنجي وڃي. پنهنجي انهيءَ احساس جي آڌار تي هنن پيغمبر اسلام جي خلاف جنگي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. هنن چاهيو ته هو جنهن مذهب کي عام مخالفت جي ذريعي ختم ڪري نه سگهيا، تنهن کي تلوار جي طاقت سان ختم ڪري ڇڏين.
هجرت کان پوءِ مڪي جي سردارن جارحاڻيون ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون. انهن مان هڪ واقعو اهو آهي، جنهن کي ”بدر الاوليٰ“ چيو وڃي ٿو. پر پيغمبر اسلام ۽ مڪي جي سردارن جي وچ ۾ پهريون وڏو مقابلو اهو آهي، جيڪو بدر جي جنگ جي نالي سان مشهور ٿيو، اها لڙائي مڪي جي سردارن جي اڳرائيءَ جي نتيجي ۾ پيش آئي. بدر واري هنڌ تي، 2هه ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هٿياربند ويڙهه ٿي. خدا جي خاص مدد سان پيغمبر اسلام ۽ سندس ساٿي سوڀارا ٿيا. مڪي جا ستر ماڻهو مارجي ويا ۽ ايتري ئي تعداد ۾ قيدي بنايا ويا.
بدر جي شڪست، مڪي جي سردارن کي اڃا به وڌيڪ ڀڙڪائي ڇڏيو. هو پنهنجي عوام کي اهو چئي اُڀارڻ لڳا ته اسان کي بدر جي مقتولين جو پلاند وٺڻو آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڀيرا ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ۾ ننڍيون ننڍيون جهڙپون ٿيڻ لڳيون. ايتري قدر جو 3 هه ۾ هنن هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو ۽ اهو وٺي اچي مديني جي سرحد تي پهتا. جتي احد جبل وٽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي. انهيءَ جنگ ۾ پهرين اهل ايمان غالب آيا، پر پوءِ هڪ غلطيءَ مان فائدو وٺي، مڪي جي فوج ٻيهر مسلمانن تي هلان ڪري ڏني. انهيءَ ٻيهر حملي ۾ مسلمان بيهي نه سگهيا، اسلامي فوج جا ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. نيٺ مڪي وارن کي فتح حاصل ٿي.
پيغمبر اسلام محسوس ڪيو ته جنگ سان انهيءَ معاملي جو نبيرو ٿيڻ وارو ڪونهي. تنهن ڪري پاڻ ﷺ هڪ ٻي تدبير اختيار ڪيائون. 6هه ۾ هڪ خواب موجب پاڻ سڳورن اعلان فرمايو ته پاڻ مڪي ويندا ۽ اُتي ڪعبي جو طواف ۽ عمري جي عبادت ادا ڪندا. انهيءَ موجب اٽڪل چوڏهن سؤ ساٿين سان گڏ پاڻ سڳورا مديني کان مڪي ڏانهن روانا ٿيا. اهو هڪ پُرامن سفر هو ۽ انهيءَ جو جنگ سان ڪوبه واسطو نه هو.
مڪي ۾ انهيءَ قسم جا پُرامن وفد اچڻ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. عربستان جا مختلف قبيلا ڪعبي جي زيارت جي لاءِ لڳاتار ايندا رهندا هئا. پر مڪي جي سردارن جي لاءِ اها ڳالهه سهپ کان ٻاهر هئي. تنهن ڪري پيغمبر اسلام جڏهن حديبيه واري هنڌ پهتا ته مڪي جي سردارن اُتي اچي کين اڳتي وڌڻ کان روڪيو. مڪي جي سردارن اها ڳالهه پنهنجي انا جي خلاف سمجهي ته جن ماڻهن کي هنن مڪي مان ڪڍيو هو، سي ٻيهر مڪي ۾ اچي ديناداستيءَ عمري جي رسم ادا ڪن.
هاڻ پيغمبر اسلام حديبيه ۾ ترسي پيو ۽ مڪي جي سردارن سان ٺاهه جون ڳالهيون مُهاڙيون شروع ڪري ڇڏيون. انهن ڳالهين مُهاڙين ۾ 15 ڏينهن گذري ويا. نيٺ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح جو اهو معاهدو ٿيو، جيڪو ”صلح حديبيه“ جي نالي سان مشهور آهي. پيغمبر اسلام انهيءَ معاهدي ۾ مڪي وارن جا سڀ شرط يڪ طرفي طور تي منظور ڪري ورتا، البت پاڻ سڳورن جي تجويز تي هڪ فقري جو واڌارو ڪيو ويو ته ايندڙ ڏهن سالن تائين مسلمانن ۽ مڪي جي قريشن جي وچ ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح جنگ نه ٿيندي. انهيءَ معاهدي کان پوءِ پاڻ سڳورا حديبيه مان مديني موٽي آيا.
”صلح حديبيه“ کان پوءِ جنگ جو خطرو ٽري ويو ۽ پاڻ سڳورن کي سڪون حاصل ٿيو. هاڻ پيغمبر اسلام پنهنجي دعوت کي سگهارو ۽ مستحڪم ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. انهيءَ سلسلي جو هڪ ڪم هي هو ته پاڻ ﷺ عربستان جي سرحدن سان لڳ حڪمراني ڪندڙ حاڪمن ۽ بادشاهن جي نالي دعوتي خط روانا ڪيا. جهڙوڪ: مصر ۽ شام وغيره جي حڪمرانن جي نالي.
پاڻ سڳورن جا اصحابي، پاڻ ﷺ جا دعوتي خط کڻي انهن حاڪمن وٽ ويا. انهن مان فقط هڪ پاڻ ﷺ جي خط سان خراب هلت هلي. اهو ايران جو بادشاهه ”ڪسريٰ“ هو. جنهن ان خط کي پنهنجي شان جي خلاف سمجهيو ۽ اُهو ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو. اها خبر جڏهن پاڻ سڳورن کي پئي ته پاڻ فرمايائون، ”ڪسريٰ خود پنهنجي سلطنت جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا.“
انهيءَ کان سواءِ باقي حاڪمن ۽ بادشاهن، پاڻ سڳورن جي موڪليل خطن کي عزت ۽ احترام سان ورتو. ڪيترن حاڪمن ته پاڻ سڳورن جي سفيرن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي روانو ڪيو. انهن مان ڪن اسلام پڻ قبول ڪيو. جهڙوڪ حبش جو بادشاهه نجاشي.
صلح حديبيه ظاهر ۾ ته جيتوڻيڪ مڪي وارن جي فائدي ۾ هئي، پر انهيءَ جو هڪ عظيم فائدو اسلام جي حق ۾ نڪتو. اهو هيئن ته جڏهن اها ڳالهه مشهور ٿي ته پيغمبر اسلام ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ جنگ نه ڪرڻ جو ٺاهه ٿيو آهي ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ماحول پُرامن ٿي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي جي وچ ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي اچ وڃ ٿيڻ لڳي. مڪي ۽ ٻين عرب قبيلن جا ماڻهو مديني اچڻ لڳا. اهڙي طرح مديني جا مسلمان مُشرڪ قبيلن ۾ وڃڻ لڳا.
انهيءَ ميل جول جي نتيجي ۾، پاڻ مرادو اسلام بحث هيٺ اچڻ لڳو. مُشرڪن ۽ توحيد جي داعين جي وچ ۾ بحث مباحثا ٿيڻ لڳا. جنهن جي نتيجي ۾ اسلام جي دعوت تيزيءَ سان چوڌاري پکڙجڻ لڳي. عربستان جا ماڻهو، اسلام جي گُڻن کان واقف ٿي وڏي انگ ۾ اسلام ۾ داخل ٿيڻ لڳا. ايستائين جو ٻن سالن جي اندر مسلمانن جي انگ ۾ غير معمولي واڌارو ٿي ويو.
پوءِ هيئن ٿيو جو مڪي جي قريشن جي ڪجهه ماڻهن، پاڻ سڳورن جي هڪ ساٿاري قبيلي جي خلاف جارحاڻي ڪاروائي ڪئي. اهو معاملو ”صلح حديبيه“ جي سراسر خلاف هو. انهيءَ واقعي کان پوءِ پاڻ سڳورن ”صلح حديبيه“ جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڏهن هزارن صحابين تي مشتمل لشڪر وٺي مديني کان مڪي روانا ٿيا. حديبيه جي سفر وقت پاڻ سڳورن سان فقط چوڏهن سؤ ماڻهو هئا. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ موجوده سفر ۾ پاڻ سڳورن سان گڏ ساٿين جو تعداد ڏهه هزار هو. عددي سگهه ۾ اهو واڌارو ايترو ته گهڻو هو، جو مڪي جا ماڻهو انهن جي مقابلي جي همت ڪري نه سگهيا. تنهن ڪري هنن مقابلو ڪرڻ کان سواءِ هار مڃي ورتي ۽ مڪو بنا جنگ جي فتح ٿي ويو. اهو واقعو 8 هه جو آهي.
مڪي جي مشرڪن پيغمبر اسلام جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي هئي، هو پاڻ ﷺ کي قتل ڪرڻ جي پويان هئا. هنن پاڻ سڳورن سان جنگيون ڪيون. اهڙي طرح هو مختلف سنگين قسم جي زيادتين کان پوءِ بدترين قسم جا ڏوهاري بنجي چڪا هئا ۽ جيڪڏهن کين قتل ڪيو وڃي ها ته اهو عمل سندن ڏوهن جي لحاظ کان گهٽ هو. پر پيغمبر اسلام اعليٰ اخلاق جو ثبوت ڏيندي سندن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي. ايتريقدر جو کين ملامت به نه ڪيائين ۽ پاڻ ﷺ سڀني لاءِ معافيءَ جو اعلان ڪندي فرمايو، ”وڃو! اوهين سڀ آزاد آهيو.“
انهيءَ وقت جي حالتن ۾ اهو هڪ غير معمولي سلوڪ هو. مڪي جا مشرڪ اهو سمجهي رهيا هئا ته فتح کان پوءِ کين سندن نه معافيءَ جوڳن ڏوهن جي ڪري قتل ڪيو ويندو. پر پيغمبر اسلام بنا ڪنهن شرط جي سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ غير معمولي سلوڪ، سندن ضميرن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. هنن محسوس ڪيو ته هاڻي هنن جي لاءِ سرڪشيءَ جو طريقو ڪنهن به نموني جائز ڪونهي. هيڏي وڏي انساني سلوڪ کان پوءِ هاڻ کين پيغمبر اسلام جي دين ۾ داخل ٿيڻ کپي، تنهن ڪري ايئن ئي ٿيو ۽ مڪي جا سڀ ماڻهو اسلام قبول ڪري پاڻ سڳورن جا ساٿي بنجي ويا.
اُنهيءَ کان پوءِ پيغمبر اسلام مڪي ۾ هڪ شخص کي پنهنجي پاران حاڪم مقرر ڪيو ۽ پاڻ سڳورا طائف ڏانهن روانا ٿي ويا. انهي سفر ۾ پاڻ سڳورن سان ڏهن هزارن کان به وڌيڪ ساٿي گڏ هئا. رستي ۾ پاڻ سڳورا انهيءَ هنڌ پهتا، جنهن کي قديم زماني ۾ حنين چيو ويندو هو. هتي پاڻ سڳورن جو رستو ٻن ٽڪرين جي وچ مان ٿي گذريو. ٽڪرين جي مٿان ”هوازن قبيلي“ جا ماڻهو آباد هئا. پاڻ سڳورا خاموشيءَ سان رستو طئه ڪري رهيا هئا ته اوچتو هوازن جي ماڻهن، انهيءَ وقت تيرن سان حملو ڪري ڏنو، جڏهن پاڻ سڳورا ساٿين سميت ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ هئا.
انهيءَ اوچتي حملي جي ڪري شروعاتي مرحلي ۾ اسلامي لشڪر ۾ افراتفريءَ جي ڪيفيت پيدا ٿي ويئي، ۽ ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. پر پاڻ سڳورا پنهنجي جاءِ تي ڄميا رهيا. پاڻ سڏ ڪري فرمايو، ”اي خدا جا ٻانها! مون طرف اچو.“ (الي عبادالله) اهو آواز ٻُڌي ماڻهن کي هوش آيو ۽ هو ٻيهر موٽي آيا ۽ پير کوڙي دشمن جو مقابلو ڪيائون ۽ دشمن کي شڪست ڏنائون. انهيءَ واقعي کي اسلامي تاريخ ۾ ”غزوه حنين“ چيو ويندو آهي.
انهيءَ فتح کان پوءِ ’قبيلي هوازن‘ جا ڇهه هزار ماڻهو گرفتار ڪيا ويا. مال غنيمت طور اُٺ، ٻڪريون ۽ ٻيو به کوڙ سارو سامان هٿ چڙهيو. اهي ڇهه هزار قيدي جنگي ڏوهارين جي حيثيت رکندا هئا. عام رواج موجب هو انهيءَ جي قابل هئا ته کين قتل ڪيو وڃي. پر پيغمبر اسلام سڀني کي بنا شرط جي معاف ڪري ڇڏيو. پاڻ سڳورن جو اهو سهڻو سلوڪ انهن ماڻهن جي لاءِ بي حد اثرائتو هو. انهيءَ کان متاثر ٿي قبيلي هوازن جا سڀ مرد ۽ عورتون ايمان آڻي دين اسلام ۾ داخل ٿي ويا.
انهيءَ کان پوءِ پاڻ سڳورا طائف ڏانهن وڌيا. طائف قديم عربستان جو واحد اهڙو شهر هو، جنهن کي ڪوٽ ڏنل هو. طائف وارن قلعي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح هو قلعه بند ٿي ويهي رهيا پيغمبر اسلام طائف ۾ گهڻو عرصو نه ٽڪيا، بلڪه کين سندن حال تي ڇڏي مديني موٽي آيا.
قديم عربستان ۾ مڪي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ماڻهن وٽ مڪي جو اڳواڻيءَ وارو مقام هو. هاڻ مڪو فتح ٿي ويو ۽ اُتي جي ماڻهن اسلام قبول ڪري ورتو هو. تنهن ڪري اُتي پيغمبر اسلام جو اقتدار قائم ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ سڄي صورتحال بدلجي ويئي. هاڻ عربستان جي قبيلن محسوس ڪيو ته کين به اهوئي دين اختيار ڪرڻ کپي، جيڪو مڪي وارن جو دين آهي. يعني دين اسلام.
انهيءَ کان پوءِ سڄي عربستان ۾ هڪ نئون عمل شروع ٿي ويو. اُهو هي ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ رهندڙ قبيلا وفدن جي شڪل ۾ پنهنجا نمائندا مديني موڪلڻ لڳا ته جيئن هو اسلام ۾ داخل ٿين ۽ پيغمبر اسلام سان نئون عهدنامو ڪري اسلامي رياست سان پنهنجا لاڳاپا سڌاري سگهن. انهيءَ سال ايترا ته وفد آيا جو اهو سال ’عام الوفود‘ يعني وفدن جو سال سڏجڻ لڳو. اهڙي طرح هڪٻئي پويان سڀ قبيلا اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. انهن مان هڪ طائف جو قبيلو به هو. عربستان ۾ اسلام جي طاقت کي مستحڪم ڪرڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن حج ڪرڻ جو ارادو فرمايو. انهيءَ کي اسلامي تاريخ ۾ ”حجة الوداع“ چيو وڃي ٿو. پنهنجي عمر جي آخري سال پاڻ سڳورا مديني کان مڪي روانا ٿيا. انهيءَ سفر ۾ مسلمان به پاڻ ﷺ سان گڏ هليا. تنهن کان سواءِ ملڪ ۾ جڏهن اها خبر پکڙي ته چئني پاسن کان مختلف قبيلن جا ماڻهو مڪي اچڻ لڳا. اُتي پاڻ سڳورن پنهنجو پهريون ۽ آخري حج ادا ڪرڻ فرمايو ته انهيءَ وقت لڳ ڀڳ سوا لک ماڻهو انهيءَ عظيم عبادت ۾ پاڻ ﷺ سان گڏ شريڪ هئا. انهيءَ حج جي موقعي تي پاڻ سڳورن ماڻهن کي جيڪا تعليم ڏني، انهيءَ مان هڪ اهو خطبو به هو، جيڪو حجة الوداع جي نالي سان مشهور آهي. اهو خطبو گويا اسلام جو ابدي منشور آهي. انهيءَ خطبي ۾ پاڻ سڳورن فرمايو:
”بيشڪ اوهان جو خون ۽ اوهان جو مال اوهان جي مٿان حرام آهي، جهڙي طرح اوهان جو هيءَ ڏينهن، اوهان جي هن مهيني ۾، اوهان جي هن شهر ۾ حرام آهي. ٻُڌي ڇڏيو ته جاهليت جي زماني جي هر شئي منهنجي پيرن جي هيٺان آهي ۽ جاهليت جا سڀ خون باطل ڪيا ويا آهن ۽ سڀ کان پهريون خون جيڪو آئون باطل ڪريان ٿو، سو اسان جو خون ربيعه بن حارث جو رت آهي ۽ جاهليت جا سڀ وياج ختم ڪيا ٿا وڃن ۽ سڀني کان پهريون وياج جيڪو آئون ختم ٿو ڪريان، سو اسان جي خاندان جو وياڄ، عباس بن عبدالمطلب جو وياج آهي. اهي سڀ جا سڀ باطل آهن. اوهين ماڻهو عورتن جي معاملي ۾ خدا کان ڊڄو. اوهان انهن کي الله جه جي امانت طور حاصل ڪيو آهي ۽ اهي اوهان لاءِ نڪاح کان پوءِ حلال ڪيون ويون آهن ۽ اوهان جي مٿان انهن جو اهو حق آهي ته اوهين سندن کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو بندوبست ڪريو ۽ آئون اوهان جي وچ ۾ هڪ شئي ڇڏي رهيو آهيان، جيڪڏهن اوهان اها مضبوطيءَ سان جهلي ته گمراهه نه ٿيندؤ. اها شئي خدا جو ڪتاب آهي.
اي ماڻهؤ! ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوهين ڪهڙي مهيني ۽ ڪهڙي ڏينهن ۾ آهيو ۽ اوهين ڪهڙي شهر ۾ آهيو. ماڻهن وراڻيو، حرام مهيني، حرام ڏينهن ۽ حرام شهر ۾. پاڻ فرمايائون، اوهان جو خون، اوهان جو مال ۽ اوهان جون عزتون، اوهان جي مٿان قيامت تائين اهڙي طرح حرام آهن، جهڙي طرح هي ڏينهن، اوهان جو هي مهينو ۽ اوهان جو هي شهر حرام آهي.
پوءِ فرمايائون، منهنجي ڳالهه ٻُڌو ۽ انهيءَ موجب عمل ڪريو. خبردار ظلم نه ڪجو. خبردار ظلم نه ڪجو. بيشڪ ڪنهن مسلمان کي ٻئي ڪنهن جو مال وٺڻ جائز ڪونهي، سواءِ انهيءَ جي ته ڌڻي راضي هجي. ٻُڌو! جاهليت جو هر خون ۽ مال ۽ وڏائي قيامت تائين منهنجي ٻنهي پيرن جي هيٺان آهي. توهان جي لاءِ توهان جو مال جائز آهي. نه اوهين ڪنهن تي ظلم ڪريو، نه اوهان تي مٿان ڪو ظلم ڪيو ويندو. ٻُڌو زمانو ڦري ويو آهي (بس اهو اڄ) انهيءَ نقطي تي آهي، جنهن ڏينهن خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو. پوءِ هيءَ آيت پڙهيائون: الله تعاليٰ وٽ مهينن جو ڳاڻيٽو ٻارهن مهينن جو آهي. الله جي ڪتاب ۾ ايئن ئي لکيو ويو، انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيائين. انهن مان چار مهينا محترم آهن. دين جي سڌي واٽ اهائي آهي. پوءِ انهن حرمت وارن مهينن ۾ پنهنجي جانين تي ظلم نه ڪريو. (التوبه 36)
ٻُڌو! مون کان پوءِ منڪر نه ٿجو ۽ هڪٻئي جا ڪنڌ ڪپڻ نه لڳجو. ٻُڌو! شيطان انهيءَ مان مايوس ٿي چڪو آهي ته نماز پڙهندڙ سندن عبادت ڪن. پر اوهان کي پاڻ ۾ ويڙهائي هو پنهنجا مقصد حاصل ڪندو ۽ عورتن جي باري ۾ الله کان ڊڄو، ڇو ته هو اوهان جي وس ۾ آهن. هو پنهنجي لاءِ ڪجهه به نٿيون ڪري سگهن ۽ اوهان جي مٿان هُنن جو حق آهي ۽ اوهان جو هُنن جي مٿان حق آهي. ٻُڌو! جنهن وٽ ڪا امانت هجي ته اُها امانتدار کي واپس ڪري. تنهن کان پوءِ پاڻ پنهنجا ٻئي هٿ اُڀا ڪيا ۽ فرمايو، ڇا مون پهچائي ڇڏيو. ڇا مون پهچائي ڇڏيو. پوءِ فرمايائون: اوهان جيڪي حاضر آهيو، سي جيڪي غير حاضر آهن، تنهن کي پهچائي، ڇو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جن کي پهچايو وڃي. هو ٻُڌڻ وارن کان وڌيڪ اخذ ڪرڻ وارا هوندا آهن.“
پيغمبر اسلام 12 ربيع الاول 10هه تي هي جهان ڇڏيو. پنهنجي آخري زماني ۾ پاڻ ﷺ اٽڪل ٻن هفتن تائين بيمار رهيا. وفات کان اڳ پاڻ ﷺ مسجد نبويءَ ۾ جيڪا آخري نماز ادا ڪيائون، انهيءَ ۾ پنهنجي موجودگيءَ ۾ حضرت ابوبڪر صديق کي نماز جو امام بنايائون.
اسلام ۾ باجماعت نماز جي جيڪا اهميت آهي، اُن لحاظ کان اهو چٽو اشارو هو ته مون کان پوءِ ابوبڪر مسلمانن جو خليفو يا امير المؤمنين هوندو. آخري زماني ۾ پاڻ ﷺ جيڪي ڳالهيون ڪرڻ فرمايون، انهن مان هڪ هيءَ هئي ته: مون اوهان جي وچ ۾ ٻه شيون ڇڏيون آهن. جيستائين اوهين انهن ٻن شين کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکندؤ، تيستائين گمراهه نه ٿيندؤ. اهي ٻه شيون آهن، خدا جو ڪتاب ۽ سندس رسول جي سنت. (مشڪاة المصابيح 1/66)
پاڻ سڳورن جي وفات مسجد نبويءَ جي حجري ۾ ٿي. انهيءَ ئي حجري ۾ پاڻ ﷺ کي دفنايو ويو. پاڻ ﷺ جي تربت اڃا سوڌي اُتي موجود آهي. پوءِ جڏهن پاڻ ﷺ جي خليفن حضرت ابوبڪر ۽ عمر فاروق هي جهان ڇڏيو ته سندن تدفين به پاڻ سڳورن جي تربت جي ٻنهي پاسن کان ٿي.