امن جي سگهه
جڏهن ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪو معاملو ٿئي، پوءِ ڀلي اهو انفرادي هجي يا اجتماعي، ته هڪ صورت اها هوندي آهي، جنهن کي ٽڪراءُ ۽ تشدد جو طريقو چيو وڃي ٿو. ٻيو طريقو اهو آهي جنهن ۾ ٽڪراءُ ۽ تشدد کان پاسو ڪندي پُرامن طريقي سان مسئلي جو نبيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. پُرامن ذريعن جون مختلف شڪليون آهن. اها دراصل معاملي جي نوعيت آهي، جيڪا اهو ٻُڌائي ٿي ته پُرامن ذريعن ۾ ڪهڙي ذريعي کي ڪهڙي موقعي تي استعمال ڪيو وڃي.
اسلام عدم تشدد جي تعليم ٿو ڏي. قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خدا فساد کي پسند نٿو ڪري (البقره 205). فساد مان هتي ڪهڙو مطلب آهي، اهو به ان آيت ۾ چٽي نموني موجود آهي. ان موجب فساد ان عمل جو نالو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سماجي نظام ۾ خلل پوي ۽ جان ۽ مال جو نقصان ٿئي. (البقره 205)
اُن کي جيڪڏهن لفظ بدلائي چيو وڃي ته يقيناً اهو هيءَ هوندو ته خدا عدم تشدد کي پسند ڪري ٿو ۽ خدا کي اهو پسند ڪونهي ته انساني سماج ۾ تشدد جو عمل ڪيو وڃي ۽ پوءِ ماڻهن کي تن ۽ ڌن جي هلاڪت سان منهن ڏيڻو پوي. ان جي تائيد قرآن جي ٻين بيانن سان به ٿئي ٿي. جهڙوڪ: قرآن ۾ الله جو هڪ نالو السلام (Peace) ٻڌايو ويو آهي. (الحشر 23) ساڳي طرح قرآن ۾ خدا جي گهربل دين کي سبل السلام (امن جي رستي ۾) چيو ويو آهي (المائده 16) جنت، جيڪا خدا جي پسنديده معاشري جو آخري هنڌ آهي، ان کي قرآن ۾ دارالسلام (امن جو گهر) ٻڌايو ويو آهي. (الانعام 127) وغيره.
قرآن جو سڄو مزاج اُن تصور جي حمايت ٿو ڪري. جهڙوڪ قرآن ۾ صبر کي وڏي اهميت ڏني ويئي آهي. ايتري قدر جو صبر واحد اسلامي عمل آهي، جنهن تي بنا حساب جي اجر جو وعدو ڪيو ويو آهي. (الزمر 10) صبر دراصل پُرامن ردِعمل جو نالو آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ بي صبري تشدد واري ردِعمل جو نالو آهي. صبر پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان عين اهائي شئي آهي، جنهن کي اڄوڪي زماني ۾ نان وائلنس (اهنسا) چيو وڃي ٿو. صبر واري عمل جو مطلب نان وائلنٽ عمل آهي.
حديث ۾ اها ڳالهه وڌيڪ صداقت سان آئي آهي. هڪ روايت موجب پاڻ سڳورن فرمايو: ”ان الله يعطي الرفق مالا يعطي علي العنف“ (سنن ابن دائود 4/255)
اُن حديث ۾ عنف جي مقابلي ۾ رفق جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. ايئن اها عين اهائي شئي آهي، جنهن کي اڄوڪي زماني ۾ عنف ۽ لاعنف چيو وڃي ٿو. ان حديث ۾ چٽي نموني عنف (وائلنس) جي مقابلي ۾ لاعنف (نان وائلنس) جي ابدي فوقيت ٻڌائي ويئي آهي.
رفق (نان وائلنس) تي خدا اُهو ڏي ٿو، جيڪو هو عنف (وائلنس) تي نٿو ڏي. اها ڪا سادي ڳالهه ڪونهي، پر اها وسيع ۽ گهري ڳالهه آهي. ان ۾ فطرت جي هڪ اٽل قانون کي ٻڌايو ويو آهي. خود فطرت جي قانون موجب ايئن آهي ته سڀ خراب شيون وائلنس سان جُڙيل آهن ۽ سڀ سٺيون شيون نان وائلنس سان لاڳاپيل آهن. تشدد وارين سرگرمين (وائلنس ايڪٽوزم) سماج ۾ نفرت کي جنم ٿو ڏي ۽ پرامن سرگرميون محبت کي. هنسا (وائلنس) تخريب جو ذريعو آهي ۽ ان ماحول ۾ دشمني کي فروغ ملي ٿو ۽ نان وائلنس (اهنسا) جي ماحول ۾ دوستي کي. وائلنس جو طريقو ناڪاري قدرن کي اُڀاري ٿو ۽ نان وائلنس جو طريقو هاڪاري قدرن کي. وائلنس جو طريقو ماڻهن کي مسئلن ۾ مُنجهائي ٿو ۽ نان وائلنس جو طريقو ماڻهن کي موقعن جي استعمال طرف وٺي ٿو وڃي. هڪ لفظ ۾ وائلنس جيڪڏهن موت آهي ته نان وائلنس اُن جي مقابلي ۾ زندگي.
قرآن ۽ حديث ۾ جهاد جي تمام گهڻي فضيلت بيان ڪئي ويئي آهي. جهاد ڇا آهي. جهاد جي معنيٰ ڪوشش ۽ جدوجهد آهي. اهو لفظ قتالي عمل جي مقابلي ۾ غير قتالي عمل جي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جو هڪ چٽو ثبوت قرآن جي اها آيت آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته منڪرن سان جهاد ڪريو. جهاد ڪبير (الفرقان 52)
قرآن ڪا تلوار يا گن ڪونهي. قرآن هڪ نظريي جو ڪتاب آهي، اهڙي حالت ۾ قرآن جي ذريعي جهاد ڪريو جو مطلب اهو آهي ته اُن نظرئيءَ تي عمل ڪريو. اسلام جي برتر آئيڊيالاجيءَ جي ذريعي انهن جي ذهنن ۽ دلين کي جيتيو.
ان قرآني وضاحت جي روشنيءَ ۾ اهو چوڻ صحيح هوندو ته جهاد اصل ۾ پيس فل ايڪٽوزم يا نان وائلنٽ ايڪٽوزم جو ٻيو نالو آهي. قتال جيڪڏهن وائلنٽ ايڪٽوزم آهي ته جهاد نان وائلنٽ ايڪٽوزم.
[b]پُرامن شروعات
[/b]قرآن جڏهن نازل ٿيڻ شروع ٿيو ته ان ۾ پهرين آيت لٿي اقراء (العلق). ان آيت کي ويچارڻ سان خبر پوي ٿي ته اسلامي عمل جو شروعاتي نقطو (Starting Point) ڪهڙو آهي. اسلامي عمل جي شروعاتي پوائنٽ هيءَ آهي ته ان هنڌان شروعات نه ڪئي وڃي. جتان تشدد واري ردِعمل جو انديشو هجي، پر اتان کان شروعات ڪئي وڃي جتان امن ڀريي نموني تحريڪ جاري رکڻ جي اُميد هجي.
جنهن مهل قرآن ۾ ”اقراء“ جو حڪم آيو، ان وقت اسلامي تحريڪ جي شروعات لاءِ مڪي ۾ ڪيترائي نقطا موجود هئا. جهڙوڪ ڪعبي ۾ رکيل 360 بتن کي ڪڍڻ جي شروعات. پر اهڙي حالت ۾ پڪ سان ڦڏو ۽ فساد ٿئي ها ۽ قريشن پاران يقيني طور تي تشدد وارو ردِعمل سامهون اچي ها.
دارلنده (مڪي جي پارليامينٽ) ۾ سيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش. عرب جي چوڌاري رومن سلطنت ۽ ساساني سلطنت جو تسلط، پر جيڪڏهن انهيءَ تسلط کان آزاديءَ کي شروعاتي نقطو بنايو وڃي ها ته هڪدم سخت قسم جو جوابي تشدد سامهون اچي ها.
ان قسم جي مختلف نقطن کي ڇڏي قرآن پڙهڻ جو آپشن اختيار ڪيو ويو، جنهن جي باري ۾ پڪ هئي ته پرامن طور تي جاري رکي سگهجي ٿو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي صورت ۾ ڪوبه تشدد وارو ردعمل سامهون اچڻ وارو نه هو.
پيغمبر اسلام سڄي زندگي ۾ اهوئي اصول اختيار ڪرڻ فرمايو. پاڻ سڳورن جي پاليسي گويا وائلنٽ ميٿڊ جي مقابلي ۾ نان وائلنٽ ميٿڊ کي اختيار ڪرڻ جي هئي. اِهائي اُها شئي آهي، جنهن کي امڙ عائشه صديقه پنهنجن لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي: رسول الله ﷺ کي جڏهن به ٻن ڳالهين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي هوندي هئي ته پاڻ سدائين ڏکئيءَ جي ڀيٽ ۾ سولي جي چونڊ ڪندا هئا. (فتح الباري 6/654)
[b]پُرامن عمل جا فائدا
[/b]پُرامن عمل جو وائلنٽ ايڪٽوزم تي ڪهڙو ايڊوانٽيج آهي اهو مختصر طور تي هن ريت آهي:
1. قرآن موجب هر انسان ۾ ٻه فيڪلٽي آهن. هڪڙي انا (ايگو) جنهن کي قرآن ۾ نفس اُماره چيو ويو آهي. (يوسف 53) ۽ ٻيو ضمير جنهن کي قرآن ۾ نفس لوامه چيو ويو آهي. (القيامه 2)
2. پُرامن طريقي ڪار جو هڪ عظيم فائدو هيءُ آهي ته ماڻهوءَ جي وقت جو ڪوبه حصو ذيان نٿو ٿئي. ايئن ان کي اهو موقعو ملي ٿو وڃي ته هو حالتن جي اندر موجود موقعن کي آخري حد تائين استعمال ڪري سگهي. جيئن حديبيه جي جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو (No War Pact) کان پوءِ پيش آيو. امن جي ان معاهدي، ان ڳالهه کي ممڪن بنائي ڇڏيو ته اهل اسلام جي سگهه هٿيار بند ٽڪراءُ ۾ ذيان ٿيڻ جي بدران پُرامن تعميري عمل ۾ استعمال ٿي سگهي. (سيرة ابن ڪثير 3/324)
3. پرتشدد عمل ۾ هڪ زبردست نقصان هيءَ آهي ته ان کي هلائڻ جي لاءِ سماجي روايتن کي ٽوڙڻو پوي ٿو. ان جي ابتڙ پُرامن عمل ۾ اهو عظيم فائدو آهي ته ان کي سماجي روايتون ٽوڙڻ کان سواءِ به جاري ڪري سگهجي ٿو.
4. پرتشدد عمل جي ذريعي جيڪا آخري شئي حاصل ڪئي وڃي ٿي اها موجود سسٽم کي ٽوڙڻ آهي. هڪ سسٽم کي ٽوڙي، ٻي سسٽم کي آڻڻ اهو وائلنٽ ميٿڊ جي ذريعي ممڪن ڪونهي. ان جي ابتڙ نان وائلنٽ ميٿڊ جيئن ته تدريجي طور تي عمل ڪري ٿو، تنهن ڪري اُن جي ذريعي اهو ممڪن هوندو آهي ته هڪ نظام کي ٻي نظام سان Replace ڪري سگهجي. اهوئي ڪارڻ آهي ته تشدد جي بنياد تي هلندڙ حڪومتون رڳو هڪ ٻي قسم جي حڪومتي تبديلي (Coupe) آڻڻ تي ختم ٿي وڃي ٿي، اها شئي جنهن کي انقلاب چئجي ٿو، اها فقط ان تحريڪ جي ذريعي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جنهن کي عدم تشدد جي بنياد تي هلايو وڃي.
[b]اهنسا جي ذريعي ڪاميابي
[/b]اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ ان کان پوءِ اسلام کي جيڪا وڏي ڪاميابي ملي، اها عدم تشدد جي طريقي تي هلي ملي. ان سلسلي ۾ هتي ڪاميابي جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
1. پيغمبر اسلام جي شروعاتي تيرهن سالن جي دور کي مڪي دور چيو وڃي ٿو. ان دور ۾ مڪمل طور تي اهنسا يا پيسفزم جو طريقو اختيار ڪيو ويو. اُن وقت مڪي ۾ اهڙا ڪيترائي اشوءَ هئا، جيڪي ٽڪراءَ جو موضوع بنجي سگهيا ٿي. پيغمبر اسلام هر اهڙي اشو کان پاسو ڪندي پنهنجو پاڻ کي پُرامن پرچار جي دائري تائين محدود رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ ان دؤر ۾ دعوتي ڪم پنهنجي پوري سگهه سان جاري رهي سگهيو. انهيءَ تيرهن سالن جي دعوتي ڪم جي مختلف فائدن مان هڪ عظيم فائدو هي هو ته ان دؤر ۾ اهي سڀ بهترين ماڻهو مليا، جن اسلام جي تاريخ جوڙي. جهڙوڪ: ابوبڪر، عمر، عثمان، علي رضي عنهم وغيره.
2. مڪي ۾ جڏهن اُتان جا سردار پاڻ سڳورن جي خلاف جنگ جي لاءِ تيار ٿي ويا ته ان وقت به پاڻ سڳورن جوابي انداز اختيار ڪرڻ جي بدران ماٺ مٺيءَ ۾ هجرت ڪري مديني هليا ويا.
هجرت پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان پُرامن عمل جو هڪ مثال آهي. ان پُرامن تدبير رسول الله ۽ ساڻن گڏ هجرت ڪندڙ لڳ ڀڳ ٻن سؤ ايمان وارن کي اهو موقعو ڏنو ته هو مديني پهچي اتي اسلام جو هڪ سگهارو سينٽر قائم ڪري سگهن. جيڪڏهن هو پُرامن هجرت جي بدران هٿياربند مقابلي جو طريقو اختيار ڪن ها ته شايد اسلام جي تاريخ مڪي مان شروع ٿي، مڪي ۾ ئي دفن ٿي وڃي ها.
3. هجرت کان پوءِ پاڻ سڳورن جي مخالفن هڪ طرفي طور تي جنگ ڇيڙي ڇڏي. جنهن جي نتيجي ۾ بدر ۽ احد جهڙا خوني واقعا پيش آيا. ان وقت پاڻ مخالف ڌر جي شرطن کي قبولي ڏهن سالن لاءِ امن معاهدو (Peace Treaty) ڪيو. جيڪو اسلام جي تاريخ ۾ ”صلح حديبيه“ جي نالي سان مشهور ٿيو. قرآن ۾ ان واقعي کي ”فتح مبين“ چيو ويو آهي. (الفتح 1) اهائي صلح آهي، جنهن کان پوءِ اهو پُرامن تعميري عمل جاري ٿي سگهيو، جنهن نيٺ مڪي ۽ عربستان جي تسخير کي ممڪن بنائي ڇڏيو.
4. خلافت راشده جي دؤر جي آخر ۾ بنو هاشم ۽ بنو اميه جي وچ ۾ خوني ٽڪراءُ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسلام جا قدم (Advancement) ڏهن سالن جي لاءِ بيهي رهيا ۽ جنهن شئي ان شئي کي ٻيهر کوليو، اها حسن بن علي (وفات 50هه) جي جنگ کان واپسي هئي، جيڪا پُرامن عمل جي ئي هڪ عملي صورت آهي. حسن بن علي جي ان پُرامن قدم اسلام جي لاءِ ترقي جا دروازا کولي ڇڏيا.
5. عباسي خلافت جي آخري زماني ۾ منگول قبيلن مسلم دنيا تي حملو ڪيو ۽ سمرقند کان وٺي حلب تائين جي علائقي کي تباهه ڪري ڇڏيو. بظاهر ته اسلام جي تاريخ بيهندي نظر آئي، ان وقت مسلمانن ۾ پُرامن دعوتي ڪم اُڀريو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته منگولن جي وڏي حصي اسلام قبولي ورتو ۽ اهو معجزاتي واقعو پيش آيو، جنهن کي هڪ مستشرق هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
The religion of Muslims has conquered where their arms has failed.
(مسلمانن جي مذهب اُتي فتح حاصل ڪري ورتي، جتي سندن هٿيار ناڪام ٿي چڪا هئا.)
6. ان نوعيت جو هڪ عظيم واقعو هي آهي ته خلافت راشده کان پوءِ حڪومتي نظام ۾ بگاڙ اچي ويو. خلافت، ملوڪيت ۾ بدلجي ويئي، جيڪا لڳاتار جاري رهي. ان وقت بظاهر ته اهي سڀ ڪارڻ پيدا ٿي ويا، جيڪي حڪمرانن سان ٽڪراءُ جي دعوت ڏيئي رهيا هئا. پر پيغمبر جي هدايت موجب اهل اسلام مڪمل طور تي سياسي ٽڪراءُ کان پاسو ڪيو. اها تاريخ بنو اُميه کان شروع ٿي صدين تائين جاري رهي. جڏهن ته تابعين، تبع تابعين، محدثين، فقيهن، عالمن، مومنن ۽ سڀني اڪابرن تقريباً پاڻ کي ان ٽڪراءُ کان الڳ رکيو.
اها ڪا سادي ڳالهه نه هئي. اهو دراصل پرتشدد عمل جي ميدان کان هٽي پُرامن عمل جي ميدان ۾ اچڻو هو. تنهن ڪري اِهوئي اُهو زمانو آهي، جڏهن هڪ پاسي مختلف ملڪن ۾ پُرامن دعوت جو عمل جاري ٿيو ۽ ٻي پاسي اُن ئي زماني ۾ قرآن، حديث، فقهه ۽ ٻيا اسلامي علم وڏي پئماني تي سهيڙيا ويا. اسان جي ڪتب خاني جا اهي هڙئي ملهائتا ڪتاب، جن کي اسلام جو ڪلاسيڪل ادب چيو وڃي ٿو، اهو اُن ئي پُرامن عمل جي نتيجي ۾ تيار ٿيو.
جهڙوڪ: حديث کي اسلام ۾ قرآن کان پوءِ ٻيو شرعي ماخذ مڃيو وڃي ٿو، اڄ اهي حديثون، حديث جي ڪتابن ۾ تدوين ٿي ڇپيل صورت ۾ پاڻ وٽ موجود آهن، اهي ايتريون ته ملهائتيون آهن جو انهن کان سواءِ دين جو ڍانچو بنجي ئي نٿو سگهجي. بنو اُميه ۽ بنو عباس جي زماني ۾ جڏهن حڪمرانن ۾ بگاڙ آيو ته ان وقت اهي حديثون ڪٿي هيون، اهي هڙئي حديثون اُمت جي انهن بزرگن جي سيني ۾ هيون، جن جا نالا اڄ حديث جي ڪتاب ۾ سَند جي سلسلي طور لکيل ملن ٿا. جيڪڏهن اهي همراهه تشدد جي اصول تي هلندي وقت جي ظالم، حڪمرانن سان اٽڪن ها ته حڪمران انهن کي ماري چَٽ ڪري ڇڏين ها ۽ حديثن جو سڄو ذخيرو سهيڙجڻ جي بدران قبرن ۾ دفن ٿي وڃي ها.
اهو فقط تشدد جي مقابلي ۾ عدم تشدد اختيار ڪرڻ جو ڪرشمون آهي، جو حديثن جو اهو قيمتي ذخيرو ڇپيل مجلد صورت ۾ اسان جي الماڙين ۾ موجود آهي ۽ اسين هر گهڙي ان پوزيشن ۾ آهيون ته ”هديٰ محمدي“ مان ڪامل استفادو ڪري سگهون.
[b]سياسي خروج حرام
[/b]خلافت راشده کان پوءِ مسلم حڪمرانن ۾ واضح بگاڙ جي باوجود اُمت جي عالمن انهن جي خلاف خروج (بغاوت) نه ڪئي. هو هڪ هزار سالن تائين ان معاملي کان بلڪل بي تعلق رهندي غير سياسي ميدان ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکيو آيا. اهو اتفاق نه هو پر واضح شرعي حڪم جي بنياد تي هو. جيئن اسان کي خبر آهي ته حديثن جي ڪتابن مان ”ڪتاب الفتن“ يا ٻين بابن ۾ تفصيلي روايتون آيل آهن، جن موجب پيغمبر اسلام ﷺ چٽن لفظن ۾ اهو فرمايو آهي ته ”پوءِ جي زماني ۾ حڪمرانن جي اندر طرح طرح جو بگاڙ ايندو. هو ظلم ۽ ناانصافيءَ جي هلت هلندا. پر اوهين انهن جي خلاف هرگز تلوار نه کڻجو. اوهين اهو ڪجو ته پنهنجا ”اٺ ۽ ٻڪريون“ وٺي پهاڙن تي هليا وڃجو.“
”اٺن ۽ ٻڪرين“ جو مطلب اهي موقعا آهن، جيڪي حڪمرانن ۾ بگاڙ اچڻ جي باوجود به انهن جي لاءِ غير سياسي ميدان ۾ موجود هئا. پاڻ سڳورن جي هدايت موجب ”اوهين سياسي ميدان ۾ ٽڪراءُ کان هٽي غير سياسي ميدان ۾ موجود موقعن کي پُرامن طور تي استعمال ڪجو.“ پيغمبر اسلام جون اهي هدايتون ايتريون ته چٽيون هيون جو علماء اسلام، پوءِ جي زماني ۾ اُن تي اجماع ڪري ورتو ته حڪمرانن جي خلاف بغاوت ڪرڻ حرام آهي ۽ کين ان کان هر حال ۾ پاسو ڪرڻ گهرجي.
امام النووي صحيح مسلم جي شرح ۾ ”ڪتاب الامارة“ تحت حديثن جي تشريح ڪندي لکيو آهي ته... اوهين حڪمرانن سان سندن اقتدار جي معاملي ۾ تڪرار ۾ نه پئو، جيڪڏهن اوهين انهن اندر سراسر اسلام جي خلاف ڳالهه ڏسو تڏهن به اوهين رڳو ناصحانه قول جي ذريعي مٿن حق جي چٽائي ڪريو. ۽ جيستائين انهن کي اقتدار تان بي دخل ڪرڻ جي لاءِ بغاوت ۽ جنگ جو واسطو آهي ته مسلمانن جي گڏيل راءِ موجب حرام آهي، پوءِ ڀلي اهي فاسق ۽ ظالم ڇو نه هجن. (صحيح مسلم شرح النووي 12/229)
پيغمبر اسلام جو اهو حڪم جيئن مٿي چٽو ڪيو ويو آهي، نهايت اهم مصلحت تي ٻڌل هو. اصل ڪارڻ اهو هو ته دور اول (۽ ان کان پوءِ به) ۾ به سياسي اداري کان ٻاهر اڻ ڳڻيا علمي، دعوتي ۽ اصلاحي ڪم موجود هئا، جن کي پورو ڪرڻ ضروري هو. انهن کي پورو ڪرڻ کان سواءِ اسلام جي تاريخ اڻ پوري رهجي وڃي ها. امت جا عالم جيڪڏهن سياسي اداري سان ٽڪراءُ ۾ ڦاسي وڃن ها ته يقيني طور تي اهي هڙئي تعميري ڪم ٿيڻ کان رهجي وڃن ها. ان ڪري پيغمبر اسلام وضاحت ۽ تاڪيد سان اهو حڪم ڏنو آهي ته سڀ ماڻهو سياسي تڪرار کان پاسو ڪريو. اهو ”پاسو ڪرڻ“ ان ڳالهه جي ضمانت هئي ته سياست کان سواءِ تعميري شعبن جو ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندو.
هر سماج ۾ سدائين ٻه متوازي موقعا موجود رهندا آهن. هڪ سياسي ادارو ۽ ٻيو غير سياسي نظام. جيڪو مختلف غير سياسي ادارن جي ذريعي قائم ٿئي ٿو. اسلام جي رٿا اها آهي ته سماجي سطح تي قائم ٿيندڙ غير سياسي نظام کي سدائين سگهارو رکيو وڃي. ايئن اها ڪوشش ڪئي وڃي ته سياسي اداري جو بگاڙ يا تبديليءَ جي باوجود غير سياسي نظام جي سطح تي اسلام مسلسل قائم رهي.
[b]اسلام ۾ جنگ جو حڪم
[/b]قرآن جي ڪن آيت ۾ جنگ (قتال) جو حڪم ڏنو ويو آهي. (الحج 39) ان سلسلي ۾ قرآن جي مطالعي سان ڪجهه ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون.
1. پهرين ڳالهه ته جارحيت يا هٿياربند جنگ جي شروعات اهل اسلام طرفان قطعي جائز نه آهي، تنهن ڪري قرآن ۾ چٽي نموني هيءَ حڪم ڏنو ويو آهي ته: انهن ماڻهن سان الله جي واٽ ۾ جنگ ڪريو، جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا ۽ اوهين جارحيت نه ڪريو. (البقره 190)
2. اسلام ۾ فقط دفاعي جنگ جائز آهي. يعني اها جنگ جنهن ۾ جارحاڻي شروعات ٻين پاران ڪئي ويئي هجي ۽ اهل اسلام بطور دفاعي جنگي قدم کڻن. جنگ جي شروعات مسلمانن پاران جائز نه آهي. اهائي ڳالهه قرآن ۾ هنن لفظن ۾ آئي آهي ته اهي ئي آهن، جن اوهان سان جنگ جي شروعات ڪئي. (التوبه 13)
اُن سلسلي ۾ وڌيڪ اهو ته جي اڳلي ڌر پاران جنگي قدم کڄن ته به اهل اسلام پاران هڪدم دفاعي قدم نه کنيو ويندو، پر جنگ کان پاسو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ۽ جڏهن جنگ کان بچڻ ناممڪن ٿي پوي ته ان وقت اڻٽر دفاع طور جنگ ڪئي وڃي. رسول الله جا سڀئي غزوات ان ئي اصول جا بهترين مثال آهن. جيئن غزوه احزاب (خندق) ۾ پاڻ سڳورن وڙهڻ جي بدران خندق کوٽي جنگ کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حنين ۾ ان ڪري وڙهيا ته اتي جنگ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ئي نه هئي.
3. قرآن موجب جنگ جو هڪ قسم اهو آهي، جيڪو وقتي طور تي گهربل هجي. اهو آهي فتني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جنگ. (البقره 113)
ان آيت (وقاتلو هم حتي لاتڪون فتنه) جو مطلب جبري نظام آهي، جيڪو نيٺ Religious Persecution تي وڃي دنگ ڪري ٿو. قديم زماني ۾ جبر جو اهو سياسي نظام قائم هو. ان جبري نظام ۾ انسان جي مٿان روحاني ۽ مادي ٻنهي قسم جي ترقين جا دروازا بند ڪيا ويا هئا. اُن وقت حڪم ٿيو ته ان جبري نظام کي ٽوڙي آزاديءَ جو نظام آڻيو، ته جيئن انسان جي مٿان روحاني ۽ مادي ترقيءَ جا دروازا کلي سگهن.
اهو ڪم پيغمبر اسلام جي زماني ۾ عربستان جي اندر داخلي سطح تي انجام ڏنو ويو. اُن کان پوءِ خلافت راشده جي زماني ۾ ساساني سلطنت ۽ بازنطيني سلطنت کي خدائي مدد سان ٽوڙيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ بين الاقوامي سطح تي فڪري جبر جو نظام ختم ٿيو ۽ فڪري آزاديءَ جو دور شروع ٿيو.
اُن سلسلي ۾ اها روايت ڏاڍي اهم آهي، جيڪا صحيح بخاريءَ ۾ آئي آهي. چوٿين خليفي حضرت علي بن ابي طالب کان پوءِ جڏهن عبدالله بن زبير ۽ بنو اميه جي وچ ۾ سياسي لڙائي شروع ٿي ته عبدالله بن عمير، جيڪو اُن وقت موسٽ سينيئر صحابي هو، اهو ان لڙائي کان ڌار رهيو. ماڻهن مذڪوره آيت جو حوالو ڏيئي کيس چيو ته خدا فتني جي دوران قتال جو حڪم ڏنو آهي، پوءِ اوهين ڇو نٿا ان ۾ شامل ٿيو ته پاڻ وراڻيائون: فتني جو مطلب اوهان جي اها سياسي ويڙهه نه پر اُن جو مطلب مذهبي جبر هو ۽ اسان ان جو خاتمو ڪري ڇڏيو. (قد فعلنا) فتح الباري 8/160.
ان مان خبر پوي ٿي ته قتال فتني جي جنگ هڪ وقتي ۽ محدود جنگ هئي، جيڪا خلافت راشده جي زماني ۾ آخري طور تي مڪمل ٿي ويئي. هاڻ اُن آيت جو نالو کڻي جنگ ڪرڻ درست ڪونهي، سواءِ اُن جي ته اهڙيون حالتون ٻيهر پيدا ٿين، جهڙيون آيت جي نزول وقت هيون.
پيغمبر اسلام جي سيرت نگارن پاڻ سڳورن جي غزوات جو تعداد 80 کان به وڌيڪ ٻڌايو آهي، اهڙيون شيون پڙهي عام ماڻهو اهو تاثر قائم ٿو ڪري ته پيغمبر اسلام پنهنجي 23 سالن جي نبوت جي دوران گويا هر سال چار ڀيرا جنگ ڪئي، پر اهو تاثر سراسر بي بنياد آهي. اصل حقيقت اها آهي ته پيغمبر اسلام پنهنجي سڄي پيغمبراڻي زندگي ۾ فقط ٽي ڀيرا باقاعده جنگ ڪئي آهي. ان کان سواءِ باقي جن واقعن کي ”غزوه“ چيو وڃي ٿو، اهي دراصل جنگ کان اعراض (پاسو ڪرڻ/ بچڻ) جا واقعا آهن، نه ڪي جنگ ۾ ملوث هئڻ جا واقعا.
جهڙوڪ: سيرت جي ڪتابن ۾ ”الاحزاب“ جي واقعي کي غزوه (جنگ) ٻڌايو وڃي ٿو. حالانڪه اصل حقيقت اها آهي ته ان موقعي تي عربستان هٿياربند قبيلا يارنهن هزارن جي تعداد ۾ جنگ جي ارادي سان مديني جي سرحد تائين پهتا، پر پيغمبر ۽ سندس صحابين خندق کوٽي پنهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ هڪ بفر (Buffer) قائم ڪري ڇڏي ۽ ايئن جنگ جي نوبت اچڻ نه ڏني. اهڙو ئي معاملو انهن ٻين واقعن جو به آهي، جن کي ”غزوه“ چيو وڃي ٿو. پيغمبر جي مخالفن بار بار پاڻ سڳورن کي جنگ ۾ ڦاسائڻ چاهيو، پر پاڻ سڳورن هر ڀيري ڪانه ڪا ڏاهپ ڪري ۽ تدبر کان ڪم وٺي جنگ کي ٽاري ڇڏيو يا جنگ جي بم کي ڊيفيوز ڪري ڇڏيو.
فقط ٽي اهڙا موقعا هئا، جڏهن پاڻ سڳورا هٿياربند مقابلي جي لاءِ ميدان ۾ لٿا. بدر، احد ۽ حنين. پر واقعا ٻڌائين ٿا ته انهن ٽنهي موقعن تي جنگ اڻٽر ٿي چڪي هئي. تنهن ڪري پاڻ مجبوريءَ جي حالت ۾ بچاءُ جي طور تي حملي آورن جو مقابلو ڪيو. وڌيڪ اهو ته اهي ٽيئي لڙايون اڌ اڌ ڏينهن جون هيون. اهي ٻنپهرن جو شروع ٿي سج لهڻ تائين ختم ٿي ويون. تنهن ڪري اهو چوڻ صحيح هوندو ته پيغمبر پنهنجي سڄي زندگي ۾ عملي طور تي رڳو ڏيڍ ڏينهن جنگ ڪئي. گويا پيغمبر اسلام جي 23 سالن جي نبوت جي عمر ۾ پاڻ سڳورن فقط ڏيڍ ڏينهن کي ڇڏي، باقي سڄو عرصو نان وائلنس (اهنسا) جي اصول تي قائم رهيو.
قرآن ۾ پيغمبر ۽ پاڻ سڳورن جي اصحابن کي قتال جو حڪم ڏيندي اهو چيو ويو ته آهي ته ان معاملي ۾ ٻي ڌر اڳڀرائي ڪئي آهي (التوبه 13). هيءَ آيت اُن معاملي ۾ قول فعل جي حيثيت ٿي رکي ته اسلام ۾ جنگ فقط دفاعي آهي. پاڻ اڳڀرائي ڪري جنگ ڇيڙڻ اهل اسلام جي لاءِ جائز ڪونهي. اسلام جو طريقي ڪار مڪمل طور تي نان وائلنس (اهنسا) جي اصول تي قائم آهي. اڻٽر بچاءُ کان سواءِ اسلام ڪنهن به حالت ۾ وائلنس (تشدد) جي اجازت نٿو ڏي.
[b]اڄوڪو دؤر ۽ اهنسا
[/b]اڄوڪي زماني ۾، منهنجي نظر ۾ اسلام جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته مسلمانن نان وائلنس جي سنت کي جهڙوڪر وساري ڇڏيو آهي. موجوده زماني ۾ جڏهن ترڪي خلافت ۽ مغل سلطنت جو خاتمو ٿيو ۽ فلسطين جهڙا مسئلا پيش آيا ته سڄي دنيا جا مسلمان ايڏي ته وڏي پئماني تي ناڪاري ردِعمل جو شڪار ٿيا، جو ڪنهن کي به اهو ياد نه رهيو ته اسلام جي پاليسي نان وائلنس (اهنسا) جي پاليسي آهي، نه ڪي وائلنس (هنسا/ تشدد) جي. اسلام کان اُن ئي انحراف جو اهو نتيجو هو ته سؤ سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين خوني جنگ جي باوجود به مسلمان ڪي هاڪاري نتيجا حاصل ڪري نه سگهيا، ان جي بدران اهو ٿيو ته وٽن جيڪو ڪجهه اُن کان پوءِ به حاصل هو، ان مان به هنن گهڻو تڻو وڃائي ڇڏيو.
امام مالڪ جو چوڻ آهي ته هن اُمت جي پڇاڙي اصلاح به ان ئي طريقي سان ٿيندي، جنهن طريقي سان اُمت جي شروع جي اصلاح ٿي هئي. اُن ڳالهه کي جيڪڏهن لفظ بدلائي چيو وڃي ته اهو چوڻ درست ٿيندو ته پهرين دؤر جي زماني جي مسلمانن جا معاملا نان وائلنٽ ميٿڊ جي ذريعي درست ٿيا هئا، ساڳئي نموني هاڻوڪي زماني جي مسلمانن جون حالتون به نان وائلنٽ ميٿڊ جي ذريعي درست ٿينديون. وائلنٽ ميٿڊ جي ذريعي نه اڳ ۾ ڪو فائدو ملي ٿي سگهيو ۽ نه اڄ ان جي ذريعي ڪو فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو. اڄوڪي زماني جي مسلمانن جون حالتون حديبيه جي حالت سان ملن ٿيون. اڄ ٻيهر اهو واقعو پيش آيو آهي ته ٻي ڌر وڏي پئماني تي اُن روش جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جنهن کي قرآن ۾ ”حميت جاهليه“ چيو ويو آهي (الفتح 26). پهرين دؤر ۾ ان جو نبيرو اهو هو ته مسلمان ردِعمل جو شڪار ٿي ”حميت جاهليه“ جو مظاهرو نه ڪن، پر تقويٰ جي ڪلمي کي مضبوط جهلين. ايئن کين خدا جي مدد حاصل ٿيندي ۽ هو ”فتح مبين“ جا حقدار بنجي ويندا. (الفتح 26)
”حديبيه“ جي معاهدي وقت عربستان ۾ حالتون هي هيون ته قريش جن کي عربستان جي اڳواڻي حاصل هئي، اهي لڙائي تي سندرو ٻڌيو بيٺا هئا. هنن حرم تي قبضو ڪري رکيو هو. هنن پيغمبر اسلام ۽ سندس ساٿين کي وطن مان ڪڍي ڇڏيو هو. هنن مڪي جي مسلمانن جي گهرن ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪري ورتو هو. هو لڳاتار اسلام جي خلاف ناڪاري پروپيگنڊه ڪري رهيا هئا.
انهن حالتن ۾ اهل اسلام جي اڳيان ٻه آپشن هئا. هڪ اهو ته هو ظلم کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ جي نالي تي ٻي ڌر سان جنگ جوٽين. جنهن جو يقيني نتيجو خود اهل اسلام جي لاءِ وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ها. ٻيو آپشن اهو هو ته بروقت ٿيندڙ سياسي يا مادي نقصان تي صبر ڪن ۽ اُن نقصان جي باوجود، جيڪي به امڪان سندن لاءِ موجود آهن، انهن کي استعمال ڪن.
پيغمبر اسلام ۽ سندس ساٿين ان ٻي آپشن جي چونڊ ڪئي، جنهن جو شاندار نتيجو اهو نڪتو ته رڳو ڪجهه سالن جي اندر ئي سڄي ملڪ جي تاريخ بدلجي ويئي.
(ترجمو پورو ٿيو 24 آڪٽوبر 2014ع بمطابق 28 ذوالحج 1435هه جمع جو ڏينهن حيدرآباد سنڌ)