مذهب

سيرت جو مطالعو

ڪتاب ”سيرت جو مطالعو (سيرت رسول ﷺ جو علمي ۽ تاريخي مطالعو) نامياري عالم مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف هاشمي صاحب آهي. هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو.
ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سيرت جي موضوع تي اهڙا ڪتاب لکيا وڃن، جيڪي مذڪوره قرآني آيتن سان هڪجهڙائي رکندا هجن ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انهن جو تفسير ۽ تشريح بنجي سگهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ قسم جي هڪ ڪوشش آهي.
Title Cover of book سيرت جو مطالعو

سُنت حديبيه

رسول الله ﷺ نبوت ملڻ کان پوءِ تيرهن سالن تائين مڪي ۾ توحيد جو ڪم ڪيو. مڪو پاڻ سڳورن جو وطن هو، پر مڪي وارا پاڻ سڳورن جا سخت دشمن ٿي پيا. هنن کين هر قسم جون تڪليفون ڏنيون. ايتري قدر جو هو پاڻ سڳورن کي قتل ڪرڻ جو سَٽون سَٽڻ لڳا. تنهن کان پوءِ پاڻ ۽ سندن صحابي سڳورا، الله جه جي حڪم سان مڪو، ڇڏي مديني هليا ويا. اها گويا هڪ قسم جي جلاوطني هئي. ظاهري طرح حالتون اهڙيون هيون جو اها اُميد ڪونه هئي ته ڪو مڪي وارا ٻيهر پاڻ ﷺ کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ڏيندا. انهن حالتن ۾ پاڻ سڳورن 6 هه ۾ مديني ۾ هڪ خواب ڏٺائون ته پاڻ پنهنجن صحابي سڳورن سان گڏ، امن امان جي حالت ۾ مڪي ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ اُتي آزاديءَ سان عمرو ادا ڪري ۽ قرباني ڏيئي رهيا آهن.
انهيءَ خواب موجب پاڻ سڳورا، پهرين ذوالقعد 6هه تي پنهنجي ڏيڍ هزار صحابي سڳورن سان، مديني کان مڪي شريف جي لاءِ روانا ٿيا. اهو قافلو خير ۽ خوبيءَ سان اڳيان وڌي رهيو هو، پر جڏهن هو مڪي جي ويجهو ”حديبيه“ واري هنڌ پهتو ته مڪي وارن کين روڪي ورتو. هنن چيو ته اسين ڪنهن به صورت ۾ اوهان کي مڪي ۾ گهڙڻ جي موڪل نه ڏينداسين.
پاڻ سڳورو ٻن هفتن تائين، پنهنجي صحابين سان گڏ ”حديبيه“ واري هنڌ ٽڪيو رهيو. انهيءَ جي دوران، مڪي وارن سان ڳالهيون مُهاڙيون جاري رهيون. نيٺ اهو طئه ٿيو ته پاڻ سڳورا ۽ سندس ساٿي هن سال مڪي ۾ داخل نه ٿيندا، بلڪه حديبيه کان ئي ٻيهر واپس مديني هليا ويندا. ٻي سال هو ٻيهر ايندا ۽ ٽن ڏينهن تائين مڪي ۾ ٽڪندا. ماٺ مٺيءَ ۾ عمرو ادا ڪندا ۽ پوءِ هڪدم واپس موٽي ويندا. انهيءَ ٺاهه موجب پاڻ سڳورا ۽ صحابي سڳورا، پيغمبر جي خواب جي باوجود به، حديبيه کان ئي مديني واپس موٽي آيا. ٻي سال هو ٻيهر آيا ۽ ٺاهه موجب هنن عمرو ادا ڪيو.
حديبيه جي انهيءَ واقعي مان رسول الله ﷺ جي هڪ خاص سُنت معلوم ٿئي ٿي. اُها هيءَ ته: حالتن سان غير ضروري طور تي نه ٽڪرائڻ. ڪنهن معاملي کي عزت ۽ وقار جو مسئلو نه بنائي، انهيءَ کي سادي حقيقت جي طور تي ڏسڻ. جذبن کان مٿانهون ٿي معاملي کي سمجهڻ ۽ ٻي ڌر سان رعايت ڪندي، معاملي کي ڏاهپ ۽ ساڃهه سان نبيرڻ.
انهيءَ پاليسيءَ کي ٻين لفظن ۾ ”اسٽيٽس ڪو ازم“ به چئي سگهجي ٿو. انهيءَ جو مطلب اهو به ڪونهي ته ڪو موجوده صورتحال کي بدلائڻ کان سواءِ مڃيو وڃي. ”اسٽيٽس ڪو ازم“ ڪا بي عملي نه بلڪه عمل جي سڀ کان مٿانهين ۽ ڏاهپ واري شڪل آهي.
جڏهن به ڪن ٻن ڌرين ۾ ڪو ٽڪراءُ پيدا ٿي پوي ته اهو ٽڪراءُ هڪ خاص هنڌ تي اچي بيهي ٿو رهي. هاڻي ٻنهي ڌرين جي اڳيان وڌڻ جي صورت فقط اها هوندي ته هو موجوده صورتحال کي ٽوڙين ۽ اهڙي طرح پنهنجي لاءِ اڳيان وڌڻ جو رستو ڪڍن.
اهڙن موقعن تي نادان ماڻهو، انهيءَ کي پنهنجي وقار جو مسئلو بنايو وٺن. هو سمجهندا آهن ته جيڪڏهن مون موجوده صورتحال کي مڃي ورتو ته انهيءَ سان منهنجي انا کي ڌڪ لڳندو. ۽ هو پنهنجي هٿراڌو انا کي بچائڻ جي لاءِ ٽڪراءُ جي رستي تي هلڻ لڳندا آهن، پر جنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ ”تقويٰ“ هجي ته اُهو اهڙي قسم جي مامري کي ڪڏهن به وقار جو مسئلو نه بنائيندو آهي. تقويٰ هن جي لاءِ انهيءَ ڳالهه جي ضمانت بنجي وڃي ٿي ته هو هڪ اهڙي ٽڪراءُ کان پنهنجو پاڻ کي بچائي، جنهن جو نتيجو وڌيڪ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.
اِهائي اُها حقيقت آهي، جنهن طرف سوره الفتح جي آيت نمبر 26 ۾ اشارو ڪيو ويو آهي. ماڻهو جڏهن ڪنهن اختلافي مسئلي کي انا جو مسئلو نه بنائي ته منجهس ڳنڀير فڪر جاڳي پوي ٿو. هو پنهنجي غير جذباتي سوچ جي نتيجي ۾ اهو ڄاڻي وٺي ٿو ته جيڪڏهن ٽڪراءُ واري هنڌ تان هٽي وڃان ته منهنجي لاءِ ٻيا رستا مڪمل طور تي کليل آهن. حديبيه ۾ به اهوئي واقعو پيش آيو. پيغمبر اسلام مڪي ۾ داخل ٿيڻ ٿي چاهيو. پر قريشن داخل ٿيڻ نه ڏنو. قريشن جي انهيءَ مخالفت واري روش کي پاڻ سڳورن پنهنجي وقار جو مسئلو نه بنايو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته پاڻ ﷺ انهيءَ جي قابل ٿي ويا ته اسلامي قافلي کي جنگ جي ميدان مان هٽائي، دعوت جي ميدان ۾ سرگرم ڪري ڇڏين.
صلح حديبيه (6هه) ۾ رسول الله ﷺ جي مخالفن جي سڀني شرطن کي هڪ طرفي طور تي مڃي ورتو ۽ ساڻن ڏهن سالن تائين جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو. انهي جي ڪري ڪجهه ماڻهن کي اهو ٺاهه ذلت وارو ٺاهه نظر آيو. (سيرة ابن هشام 3/365) پر جڏهن اهو ٺاهه مڪمل ٿي ويو ته قرآن پاڪ ۾ اها سوره مبارڪ لٿي، جنهن ۾ انهيءَ صلح کي فتح مبين (الفتح 1) چيو ويو هو. انهيءَ فرق جو سبب هي هو ته انسانن، انهيءَ کي حال جي لحاظ کان ڏٺو ۽ الله تعاليٰ مستقل جي لحاظ کان. اِهائي اُها حقيقت هئي، جيڪا قرآن ۾ هينئن بيان ڪئي ويئي آهي: ”فعلم مالم تعلموا (الفتح 27) يعني: جنهن جي اوهان کي خبر نه آهي تنهن کي الله ڄاتو.
صلح حديبيه شروعات ۾، ظاهري طرح ذلت ۽ پٺتي هٽڻ جو معاملو نظر ٿو اچي. پر پالڻهار انهيءَ کي ايندڙ وقت ۾ ظاهر ٿيندڙ نتيجي جي لحاظ کان ڏٺو. تنهن ڪري انهيءَ کي کليل فتح قرار ڏنو. مشهور تابعي ابن شهاب الزهري چوي ٿو:
”حديبيه کان پهرين اسلام ۾ ايڏي وڏي سوڀَ ڪابه نه ٿي هئي. انهيءَ کان اڳ هو جتي به هڪٻئي سان مُنهان منهن ٿيندا هئا ته انهن جي وچ ۾ جنگ جي نوبت اچي ويندي هئي. پوءِ جڏهن منجهن ٺاهه ٿيو ۽ لڙائي روڪي ويئي ته هو هڪٻئي جي لاءِ امن ۾ هئا ۽ پاڻ ۾ ملڻ جلڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳا. انهيءَ کان پوءِ جنهن به شخص اسلام جي باري ۾ ڳالهايو ۽ ڪجهه سمجهه ٿي رکيائين ته هو اسلام ۾ داخل ٿي ويو. صلح جي ٻن سالن جي اندر ايترا ته ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيا، جيترا انهيءَ کان اڳ ڊگهي عرصي ۾ ٿيا هئا. پاڻ انهيءَ کان به وڌيڪ. ابن هشام چوي ٿو ته زهريءَ جي چوڻ جو ثبوت اهو آهي ته حديبيه جي سفر ۾، جابر بن عبدالله جي روايت موجب، پاڻ سڳورن سان هڪ هزار چار سئو ماڻهو گڏ نڪتا هئا. پر جڏهن ٻن سالن کان پوءِ مڪي جي فتح جي لاءِ نڪتا ته پاڻ سڳورن سان ڏهه هزار ماڻهو گڏ هئا.“ (سيرت ابن هشام 3/372)
سنت حديبيه اها سنت آهي، جنهن جو نتيجو قرآن پاڪ جي لفظن ۾، فتح مبين جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. جنهن اسلامي تحريڪ کي غلبي جي دؤر ۾ داخل ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ اسلام جي لاءِ اهڙا اُمڪان ظاهر ٿيا، جيڪي اڳ ۾ سندس حق ۾ نه هئا. سنت حديبيه ڇا آهي. سنت حديبيه هڪ لفظ ۾ هيءَ آهي ته: مسئلن کي نظرانداز ڪيو وڃي ته جيئن موقعن کي استعمال ڪرڻ جي واندڪائي حاصل ٿي سگهي.
خدا پنهنجي هن دنيا کي اهڙي طرح جوڙيو آهي، جو هتي سدائين عسر (ڏُک) ۽ يسِر (سُک) موجود رهي ٿو. (ان مع العسر يسرا) خود فطرت جي نظام موجب، هن دنيا ۾ جتي مسئلا هوندا آهن، تِتي اهڙا موافق موقعا به موجود رهن ٿا، جن کي استعمال ڪري، وڏي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. زندگيءَ ۾ ناڪاميءَ جو سبب اڪثر هيءُ هوندو آهي ته ماڻهو مسئلن ۾ مُنجهي ويندا آهن. هو سمجهندا آهن ته جيستائين رڪاوٽون ختم نه ٿينديون، تيستائين اڳيان جو سفر شروع ٿي نه سگهندو.
پر پيغمبر اسلام جي سنت انهيءَ کان بنهه مختلف آهي. اُها هيءَ ته، پنهنجو عمل، مسئلن جي خلاف ٽڪراءُ سان شروع نه ڪيو وڃي. بلڪه مسئلن کان ڪن لاٽار ڪري موقعن جي استعمال جون راهون ڪڍيون وڃن. ايستائين جو انهيءَ اسلوب تي عمل ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن مخالف جي هڪ طرفي شرطن کي مڃڻو پوي ته اهي به مڃيا وڃن.
”حديبيه“ جي نالي سان جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو هڪ ”متعين“ واقعو آهي. اهو بظاهر سيرت رسول جي ڪيترن ئي واقعن مان هڪ واقعي جي حيثيت رکي ٿو. پر حقيقت جي لحاظ کان اهو ڪو هڪ واقعو ڪونهي. اصل هيءَ آهي ته ”حديبيه“ جو روح پيغمبر اسلام جي سڄي زندگيءَ ۾ ملي ٿو. جيڪر هيءَ چيو وڃي ته اهو غلط نه ٿيندو ته پاڻ سڳورن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ جيڪا سوچيل سمجهيل پاليسي اختيار ڪئي، اُها اِهائي ”حديبيه“ جي پاليسي هئي.
”حديبيه جي پاليسي“ پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان اها آهي ته ڪهڙي به صورتحال ۾، جيڪي به ڏکيائون هجن، تن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ انهن ڏکيائين جي باوجود به جيڪي اُمڪان هجن، تن کي استعمال ڪرڻ. رسول الله جي زندگيءَ ۾ ان پاليسيءَ جا مثال گهڻائيءَ سان ملن ٿا. پاڻ مڪي دور ۾ به انهيءَ ئي اصول تي عمل فرمايو ۽ مدني دور ۾ به. حديبيه ۽ انهيءَ قسم جي ٻين واقعن ۾ فرق فقط اهو آهي ته حديبيه جي موقعي تي اها پاليسي ٻنهي طرفن جي اعلان کان پوءِ اختيار ڪئي ويئي ۽ ٻين مثالن ۾ هڪ طرفي فيصلي موجب.
پاڻ سڳورن جو طريقو هي هو ته حالتن جو اڻ ڌريو اُڀياس ڪري، خود ئي انهيءَ طريقي تي قائم ٿي وڃڻ، جنهن کي اسان حديبيه جي پاليسي چيو آهي. جهڙوڪ: مڪي جي ابتدائي زماني ۾ پاڻ سڳورن ڳجهيءَ طرح تبليغ جو ڪم ڪيو. انهيءَ جي صورت اها ڪانه هئي ته مڪي جي مشرڪن سان انهيءَ مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٻنهي طرفن جي فيصلي موجب اهو طئه ٿيو ته اوهان اعلانيه تبليغ نه ڪريو پر ڳجهيءَ انداز ۾ پرچار ڪريو. انهيءَ جي بدران پاڻ خود ئي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڳجهي تبليغ جو انداز اختيار ڪيو.
انهيءَ کان پوءِ جڏهن پاڻ سڳورن کلي عام توحيد جي دعوت ڏني ته انهيءَ وقت به اهو ڪونه ٿيو ته پاڻ سڳورا ۽ مڪي جا مشرڪ گڏ ٿيا ۽ انهيءَ مسئلي تي ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهيون مُهاڙيون ٿيون ۽ پوءِ اهو طئه ٿيو ته پاڻ بيت الله ۾ رکيل بتن کي ڪو نقصان نه رسائين. البت دعوتي انداز ۾ پنهنجي ڳالهه ماڻهن سان ڪن. پر ٿيو هيئن هو ته پاڻ سڳورن خود ئي پنهنجو پاڻ کي هڪ حد جو پابند بنايو. يعني غير الله جي پرستش کي ڇڏڻ جو پيغام ڏيڻ، پر بيت الله ۾ رکيل بتن سان عملي طرح ٽڪراءُ ۾ نه اچڻ.
اهڙي طرح پاڻ سڳورا جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مديني پهتا ته اُتي مسلمانن سان گڏ يهودي پڻ آباد هئا. پاڻ سڳورن اهو ڪونه ڪيو ته يهودين سان ڳالهيون مُهاڙيون ڪري اهو طئه ڪيائين ته مديني ۾ اسين اهڙي نموني رهنداسين، جو اسين اوهان جي مٿان پنهنجو طريقو لاڳو نه ڪنداسين. پر اوهان کي پنهنجي دين جي آزادي حاصل رهندي. انهيءَ جي بدران پاڻ حالتن جي جائزي مان اهو سمجهيو ته پنهنجي لاءِ خود ئي هڪ قابل قبول حد مقرر ڪري، ته جيئن هروڀرو يهودين سان غير ضروري ٽڪراءُ نه ٿئي. تنهنڪري مشهور ”ميثاق مدينه“ ۾ پاڻ سڳورن اهي لفظ لکيا ته: يهودين جي لاءِ يهودين جو دين ۽ مسلمانن جي لاءِ مسلمانن جو دين (السيرة النبوية لابن ڪثير 2/322)
حديبيه اسپرٽ اهو آهي ته سامهون واري ڌر سان ٽڪراءُ کان پاسو ڪندي، غير تڪراري ميدان ۾ پنهنجي مقصد جي حاصلات واسطي ڪوشش ڪرڻ. اها پاليسي فقط اُن وقت عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي، جڏهن داعي، هڪ طرفي طور تي ٻي ڌر کي اها رعايت ڏيڻ تي راضي ٿي وڃي، جنهن کي ٻي ڌر ان وقت پنهنجو حق سمجهندي آهي. انهيءَ قسم جي هڪ طرفي رعايت کان سواءِ ”حديبيه پاليسي“ اختيار نٿي ڪري سگهجي. پيغمبر اسلام جي سيرت جو مطالعو ٻُڌائي ٿو ته: پاڻ سڳورن سدائين ايئن ئي ڪيو. اهوئي ڪارڻ آهي جو پاڻ سڳورن جي لاءِ اهو ممڪن ٿي سگهيو ته پاڻ سڳورا گهٽ کان گهٽ نقصان سهندي، وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
سورة الفرقان هڪ مڪي سوره آهي. اها ان دور ۾ نازل ٿي، جڏهن پيغمبر اسلام کي فقط دعوت جو حڪم ڏنو ويو هو ۽ پاڻ سڳورا ڏينهن رات انهيءَ ۾ مصروف رهندا هئا. انهيءَ وقت پاڻ سڳورن کي خطاب ڪندي چيو ويو: فلاتطع الکافرين وجاهد هم به جهاد کبيرا. (الفرفان 52) تنهنڪري اوهين منڪرن جي ڳالهه نه مڃو ۽ انهن جي ذريعي ساڻن جهاد ڪبير ڪريو.
انهيءَ آيت ۾ ”به“ جو ضمير قرآن جي طرف کان راجع آهي. جنهن جو مطلب آهي ته قرآن جي وسيلي جهاد ڪبير (وڏو جهاد) ڪريو. شاهه ولي الله رحه پنهنجي قرآن جي فارسي ترجمي ۾ جهاد ڪبير جو ترجمو ”جهاد بزرگ“ ڪيو آهي.
قرآن پاڪ ڪا ”توپ ۽ تفنگ“ قسم جي شئي ڪونهي. تنهنڪري اها آيت چٽي طرح هٿياربند جهاد جي لاءِ ڪونهي، پر بي هٿيار جهاد جي لاءِ آهي. يعني ٻين لفظن ۾ انهن لفظن جو مطلب فڪري ۽ نظرياتي جهاد آهي. انهيءَ جو مطلب آهي ته قرآن جي تعليم جي ذريعي ماڻهن جي مٿان دعوتي عمل ڪريو. هر قسم جا پُرامن ذريعا استعمال ڪندي قرآن کي ماڻهن جي لاءِ سمجهه جوڳو بنايو. قرآن جي سچائيءَ جي ذريعي ماڻهن جون دليون جيتيو. اها آيت واضح طور تي قتال جي مقابلي ۾ دعوت جي برتري ٻُڌائي ٿي. انهي موجب جهاد جا ٻه قسم آهن. جهاد صغير ۽ جهاد ڪبير. هٿياربند جهاد، جهاد صغير آهي ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ پُرامن دعوتي جهاد، وڏو جهاد (ڪبير) آهي.
”حديبيه“ اسلام جي تاريخ ۾ انهيءَ جهاد ڪبير جو هڪ عظيم مثال آهي. هجرت کان پوءِ منڪر گروهه جي طرف کان هٿياربند جنگ شروع ڪئي ويئي. مومنن ۽ منڪرن جي گروهن ۾ ڪيترائي پُرتشدد مقابلا ٿيا. پر اهي فيصلو ڪندڙ ثابت ٿي نه سگهيا، ڇو ته انهيءَ وقت اصل نشانو هي هو ته مڪو ٻيهر ”اهل توحيد“ جي قبضي ۾ اچي، پر اهو نشانو جنگين جي ذريعي حاصل ٿي نه سگهيو. نيٺ هجرت جي ڇهين سال پيغمبر اسلام، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ امن جو اهو معاهدو ڪيو، جيڪو ”صلح حديبيه“ جي نالي سان مشهور آهي. اِهو ٺاهه گويا پُرتشدد مقابلي جي ميدان کان هٽي پُرامن دعوتي مقابلي جي ميدان ۾ اچڻو هو. حديبيه جو اهو طريقي ڪار نهايت اثرائتو ثابت ٿيو. انهي کان پوءِ ٻن سالن جي اندر ئي مڪو فتح ٿي ويو ۽ ايمان وارن کي اهو موقعو مليو ته هو انهيءَ شهر کي ٻيهر توحيد جو مرڪز بنائي سگهن، جيڪو صدين کان شرڪ جو مرڪز بنيل هو.
پيغمبر جي انهيءَ ”سنت حديبيه“ ۾ اسان جي لاءِ وڏي رهنمائي آهي. ڳوڙهي اُڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته موجوده زماني ۾ ٻيهر اهڙي صورتحال پيش آئي آهي، جهڙي حديبيه جي وقت ”اسلامي تحريڪ“ جي اولين دور ۾ پيش آئي هئي. هتي سُنت رسول اسان کي اها رهنمائي ڏيئي رهي آهي ته اسين پنهنجين اڄوڪين حالتن ۾ انهيءَ پيغمبراڻي پاليسيءَ تي عمل ڪريون ۽ ٻيهر خدا جي طرف کان ”فتح مبين“ جو حق حاصل ڪريون.
حديبيه اصول عام معنيٰ ۾ رڳو هڪ ”سنت“ ڪونهي، پر فطرت جو هڪ اٽل قانون آهي. نه رڳو مسلمان، پر غير مسلم قومون به جيڪڏهن انهيءَ اصول کي استعمال ڪن ته کين به پنهنجي دائري جي اندر اهائي ڪاميابي حاصل ٿيندي.
انهيءَ جو هڪ مثال جديد جاپان جو آهي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ وقت جاپان اهو سمجهندو هو ته هو هٿياربند جنگ جي ذريعي پنهنجي قومي مقصدن کي حاصل ڪري سگهي ٿو. پر انهيءَ جنگ ۾ جاپان کي زبردست شڪست ملي. سندس اقتصاديات تباهه ٿي ويئي. جنگ کان پوءِ جاپانين ۾ نئين سوچ اُڀري. هنن پنهنجو پاڻ کي جنگ ۽ ٽڪراءُ جي هنڌ کان پري ڪيو. انهيءَ کان پوءِ هنن پنهنجي سڄي طاقت تعليم، واپار ۽ صنعت ۾ سيڙائي. انهيءَ تبديليءَ جو نتيجو هي نڪتو ته تباهه ٿيل جاپان ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي ويو، ايتري قدر جو هن هڪ عالمي اقتصادي طاقت جي حيثيت حاصل ڪري ورتي. حديبيه جي واقعي جو ذڪر قرآن پاڪ جي سوره 48 (الفتح) ۾ آيو آهي. حديبيه اسپرٽ ڇا آهي. انهيءَ کي سوره الفتح جي انهيءَ آيت جي پڙهڻ سان سمجهي سگهجي ٿو.
”جڏهن انڪارين پنهنجي دلين ۾ سختي پيدا ڪئي (سختي به) نادانن جهڙي سختي، پوءِ الله پنهنجي رسول کي ۽ ايمان وارن کي پنهنجي طرفان بردباري لاٿي ۽ کين پرهيزگاري جي ڳالهه تي قائم رکيائين ۽ اهي ان جا وڌيڪ حقدار ۽ ان جا لائق هئا ۽ الله سڀ ڪنهن شئي کي ڄاڻندو آهي.“ (الفتح 25)
قرآن پاڪ جي اها آيت ”صلح حديبيه“ جي موقعي تي نازل ٿي. پر قرآن پاڪ جي ٻين آيتن وانگر انهيءَ آيت جو به هڪ عمومي ۽ توسيعي مفهوم آهي. انهيءَ لحاظ کان انهيءَ آيت ۾ اسلام جي هڪ ابدي تعليم ملي ٿي. انهيءَ تعليم جو لاڳاپو اهڙي طرح جي ٻين زمانن سان به آهي، جهڙي طرح اسلام جي ٻي تعليم جو پوءِ جي زماني سان پڻ لاڳاپو آهي.
انهيءَ لحاظ کان ويچاربو ته انهيءَ آيت ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي ويئي آهي، اها هيءَ ته موجوده دنيا ۾ مختلف سببن جي ڪري هڪ فرد ٻي فرد سان ۽ هڪ گروهه ٻي گروهه سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو. اهڙن موقعن تي ڇا ڪرڻ کپي ۽ ڇا نه ڪرڻ کپي. انهيءَ کي قرآن پاڪ جي انهيءَ آيت ۾ ٻُڌايو ويو آهي.
انهيءَ موجب تڪراري صورتحال پيش اچڻ کان پوءِ ڪنهن فرد يا گروهه جي لاءِ ٻن قسمن جي روش ممڪن هوندي آهي. هڪ حقيقي روش ۽ ٻي غير حقيقي روش. ڪاميابي فقط انهن ماڻهن جي لاءِ هوندي آهي، جيڪي اهڙن موقعن تي تحقيقي روش اختيار ڪن ٿا. غير حقيقي روش اختيار ڪرڻ وارن جي لاءِ هن دنيا ۾ ناڪاميءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه انجام ڪونهي.
اهڙن موقعن تي حقيقي رويو ڪهڙو آهي. انهيءَ کي هتي هڪ لفظ ۾ ”حميت جاهليه“ چيو ويو آهي. عربيءَ ۾ ”حمي يحمي“ جي معنيٰ هوندي آهي. يعني تيز گرم ٿيڻ. ”حمي عميه“ جي معنيٰ آهي غضبناڪ ٿيڻ. حميت مان مراد ڪنهن ماڻهوءَ جي اندر پيدا ٿيندڙ اها ڪيفيت آهي، جنهن کي غضب ۽ عصبيت جهڙن لفظن سان ڀيٽيو وڃي ٿو.
ڪا تڪراري صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ عام ماڻهو هڪدم ڀڙڪي اُٿي ٿو ۽ منجهس ناڪاري جذبا بيدار ٿي پوندا آهن. هو انهيءَ حالت ۾ نه هوندو آهي ته معاملي کي ٿڌي دل ۽ دماغ سان ڏسي سگهي ۽ خالص اصول جي بنياد تي انهيءَ کي طئه ڪري. جيڪي ماڻهو انهيءَ قسم جي ڪيفيت ۾ مبتلا هجن، اُهي قرآن موجب ”حميت جاهليت“ جو شڪار ٿي ويا.
انهيءَ جي مقابلي ۾ ٻيو رويو اهو آهي، جنهن کي قرآن پاڪ ۾ ”حقيقي رويو“ سڏيو ويو آهي. هي اُهي ماڻهو آهن جن کي خدا جو خوف سندن اصول پسنديءَ جي راهه کان هٽائي نه سگهي. جيڪي مستقل حالتن ۾ به حق ۽ انصاف تي قائم رهن. جن جو فيصلو ٻين جي رويي جي خلاف ردِعمل جو نتيجو نه هجي. بلڪه سوچيل سمجهيل ذهن جو نتيجو هجي.
قرآن موجب، مذڪوره قسم جو غير حقيقي رويو ايمان ۽ اسلام جي بلڪل اُبتڙ آهي. جيڪي ماڻهو اهڙو رويو اختيار ڪندا اُهي خدا جي هن دنيا ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا. انهيءَ جي مقابلي ۾ حقيقي رويو، خدا پرست رويو آهي. جيڪي ماڻهو اهو رويو اختيار ڪندا، انهن جي باري ۾ ڪائنات جي خلقڻهار جو فيصلو آهي ته هو ضرور ڪامياب ٿيندا.
اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ حديبيه جو واقعو انهيءَ معاملي جو هڪ عملي مثال آهي. انهيءَ واقعي ۾ هڪ رويو اُهو آهي، جيڪو مڪي جي ڪافرن اختيار ڪيو ۽ ٻيو رويو اُهو آهي، جيڪو مديني جي اهل ايمان وارن پيغمبر خدا جي قيادت ۾ اختيار ڪيو. هاڻ قيامت سوڌي سڄي دنيا جا انسان انهيءَ واقعي ۾ پنهنجي پنهنجي تصوير ڏسي سگهن ٿا. جيڪي ماڻهو تڪراري معاملن ۾ غير حقيقي رويو اختيار ڪندا، اُهي عملي طور تي پنهنجو پاڻ کي غير مسلمانن جي جماعت ۾ شامل ڪري رهيا آهن ۽ اهي ماڻهو جيڪي حقيقي رويو اختيار ڪندا، انهن عملي طور تي پنهنجو پاڻ کي ايمان وارن جي جماعت ۾ شامل ڪيو.
انهي سوره جي شروعات هن آيت سان ٿئي ٿي: انا فتحنالک فتحا مبينا (الفتح 1) الله تعاليٰ هن دنيا ۾ فتح انهن ماڻهن جي ڀاڳ ۾ لکي آهي، جيڪي مذڪوره بيان موجب معاملن ۾ حقيقي رويو اختيار ڪندا. انهيءَ جي بدران جيڪي ماڻهو معاملن ۾ غير حقيقي رويي تي هلندا، تن جي لاءِ خدا جي هن دنيا ۾ فقط هار ڀاڳ ۾ لکيل آهي. حديبيه جو واقعو انهيءَ معاملي جو هڪ تاريخي مثال آهي. انهيءَ وقت ايمان وارن حقيقي رويو اختيار ڪيو. تنهن ڪري نيٺ کين سوڀَ ملي ۽ قريشن غير حقيقي رويو اختيار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو مفتوح ۽ مغلوب ٿي ويا.
حديبيه جو واقعو گذريل تاريخ جو واقعو ڪونهي. اهو هڪ زنده نمونو آهي. اهو هر دؤر جي خداپرستن کي ٻُڌائي ٿو ته تڪراري معاملن ۾ اهو ڪهڙو طريقو آهي، جيڪو سندن ڪاميابيءَ جي يقيني ضامن آهي. اهو هي ته تڪراري معاملن کي انا جو مسئلو نه بنائڻ، بلڪه انهيءَ کي تقويٰ جي اسپرٽ تحت نبيرڻ آهي.