حڪمت نبوي
حضرت عبدالله بن عباس چوي ٿو ته: رسول الله ﷺ مون کي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ چيو ”اي الله هن کي حڪمت عطا ڪر.“ (فتح الباري 7/126)
اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي روايتون آهن، جن مان حڪمت جي اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. مثلاً رسول الله فرمايو: اها مجلس ڪيڏي نه سُٺي آهي جنهن ۾ ڏاهپ/ حڪمت جون ڳالهيون ڪيون وڃن. اهڙي طرح پاڻ ﷺ فرمايو آهي، ڏاهپ/ حڪمت جي ڳالهه کان وڌيڪ ٻي ڪابه سٺي سوکڙي ڪونهي.
ڏاهپ/ حڪمت جي اهميت ايتري ته گهڻي آهي، جو انهيءَ بابت اها تعليم ڏني ويئي آهي ته ٻين قومن وٽان جيڪڏهن ڪا ڏاهپ/ حڪمت جي شئي ملي ته اها وٺڻ ۾ دير نه ڪجي. پاڻ ﷺ فرمايو آهي: ”ڏاهپ/ حڪمت مومن جي گم ٿيل ميراث آهي. اها جتان به ملي ته اُهوئي انهيءَ جو حقدار آهي. (الترمذي، ڪتاب العلم)
ڪن روايتن موجب ڏاهپ/ حڪمت ۽ سوچ ويچار جي اهميت عبادت کان به وڌيڪ آهي. ترمذي ۽ ابن ماجه ۾ روايت آهي ته رسول الله فرمايو آهي: هڪ فقيه، شيطان جي مٿان هزار عابدن کان به ڀاري آهي. (مشڪاة المصابيح 751)
پيغمبر اسلام جي سڄي زندگي ڏاهپ جي مثالن سان ڀري پئي آهي. نبوت جي ذميدارين کي ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سڳورن هر مرحلي ۽ موقعي تي ڏاهپ جو طريقو اختيار فرمايو. هتي انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ ﷺ جي زندگي مان ڪجهه مثال نقل ڪجن ٿا.
[b]ٽڪراءُ جي موقعي تي
[/b]پيغمبر اسلام جي عمر جڏهن 35 سال هئي ته انهيءَ وقت مڪي ۾ هڪ واقعو پيش آيو. ڪعبي جي عمارت ڪن سببن جي ڪري ڊهي پئي هئي ۽ قريشن انهيءَ جي نئين سر اڏاوت ڪئي. انهيءَ دوران اِهو مسئلو پيدا ٿيو ته ’حجراسود‘ کي ڪير کڻي ۽ انهيءَ کي ٻيهر ڪعبي جي ديوار ۾ لڳائي. اِهو جيئن ته فضيلت وارو معاملو هو، تنهنڪري هرڪو اها ڪوشش ڪرڻ لڳو ته هو ئي اهو کڻي لڳائي ۽ اهو شرف حاصل ڪري.
انهيءَ سوال تي قريشن جي ماڻهن جي وچ ۾ ڪيترائي ڏينهن جهيڙو هلندو رهيو ۽ سهمت راءِ سان ڪوبه فيصلو ٿي نه سگهيو. نيٺ هڪ وڏڙي جي انهيءَ رٿ تي سڀ راضي ٿي ويا ته سڀاڻي صبح جو جيڪو ماڻهو پهرين ڪعبي ۾ گهڙندو، اُهو ئي انهيءَ مسئلي جو فيصلو ڪندو ۽ سڀ ماڻهو اهو مڃيندا. ٻي ڏينهن هو جڏهن ڪعبي ۾ آيا ته هنن ڏٺو ته ڪعبي ۾ گهڙندڙ سڀ کان پهريون شخص رسول الله هو. اِهو ڏسي هرڪنهن چيو ”هي ته محمد ﷺ سچار ۽ امين آهي، اسان کي سندس فيصلو قبول آهي.“ (سيرت ابن هشام 1/214)
رسول الله ﷺ ماڻهن کي چيو ته هڪ چادر کڻي اچو. ماڻهو چادر کڻي آيا ته پاڻ ﷺ انهيءَ کي زمين تي وڇايو ۽ حجرا اسود کڻي انهيءَ جي مٿان رکيو. پوءِ پاڻ ﷺ ماڻهن کي چيو ته اوهين سڀ چادر جا ڪنارا جهليو ۽ اها کڻي ڪعبي جي ڀت تائين هلو. هنن ايئن ئي ڪيو. پوءِ پاڻ ﷺ ”حجرا اسود“ کي چادر جي مٿان کنيو ۽ اهو ڪعبي جي ڀت ۾ هنيو.
پيغمبر اسلام جو اهو عمل هڪ بهترين نمونو آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن تڪراري معاملي کي ڪهڙي نموني خوش اسلوبيءَ سان نبيري سگهجي ٿو. اهو هيءَ ته ڏاهپ ڀريو انداز اختيار ڪري هرڪنهن کي انهيءَ ۾ شريڪ ڪيو وڃي. اهڙي قسم جو معاملو گهڻو ڪري ماڻهن جي وقار جو مسئلو بنجيو وڃي. پر جيڪڏهن تدبير سان ماڻهن کي احساس ڏياريو وڃي ته سندن عزت محفوظ آهي ته مسئلو نبيرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي.
[b]شروعات
[/b]پيغمبر اسلام کي جڏهن مڪي ۾ نبوت ملي ته پاڻ ﷺ پنهنجي عمل جو اهو طريقو اختيار ڪيو ته پاڻ ﷺ ماڻهن وٽ ويندا هئا ۽ کين چوندا هئا ”اي انسانو! چئو ته الله هڪ آهي ۽ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. اوهان فلاح پائيندا.“ (ايها الناس قولو الا اله الا الله تفلحوا) يعني اوهين شرڪ کي ڇڏيو ۽ هڪ خدا جي عبادت جو طريقو اختيار ڪريو، ته اوهان جي ڀلائي ٿيندي.
انهيءَ وقت ڪعبي ۾ 360 بُت رکيل هئا. هڪ صورت اها هئي ته ڪعبي کي بُتن کان پاڪ ڪري، اهو توحيد جو مرڪز بنايو وڃي ها. پر انهيءَ وقت اهو عملي طور تي شرڪ ۽ بُت پرستيءَ جو مرڪز بنجي ويو هو. انهن حالتن ۾ رسول الله وٽ ٻه ڌار ڌار رستا هئا. هڪ اهو ته ڪعبي مان بُتن کي ڪڍي اُتي ٻيهر توحيد جو ماحول قائم ڪن ۽ انهيءَ کي مرڪز بنائي پنهنجي توحيد واري تحريڪ هلائين.
هڪ صورت زباني دعوت کان شروعات ڪرڻ جي هئي ۽ ٻي صورت عملي قدم کڻي شروعات ڪرڻ جي. جيئن تاريخ مان ثابت آهي ته پاڻ ﷺ عملي قدم کڻڻ کان مڪمل طور پاسو ڪيو ۽ فقط زباني دعوت تي مڪي ۾ پنهنجي پيغمبراڻي مشن کي جاري فرمايو. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته اسلامي دعوت يا اسلامي تحريڪ جو صحيح پيغمبراڻو طريقو ڪهڙو آهي. اُهو هيءُ آهي ته پهرين پُرامن فڪري مهم جي ذريعي ماڻهن جي سوچ ۽ ڪردار ۾ تبديلي آندي وڃي، اهو شروعاتي ڪم جڏهن مناسب حد تائين ٿي وڃي ته پوءِ حالتن موجب عملي قدمن جي شروعات ڪئي وڃي.
[b]توهين کي سهڻ
[/b]مشهور سيرت نگار ابن اسحاق ٻڌائي ٿو ته قريشن رسول الله ﷺ جو نالو ”مذمم“ رکيو هو ۽ هو پاڻ سڳورن جو سب وشتم ڪندا هئا. انهيءَ جي جواب ۾ رسول الله ﷺ پنهنجي ساٿين کي فرمائيندو هو. توهان کي انهيءَ تي تعجب ڪونهي ته الله تعاليٰ مون کي ڪهڙي طرح قريشن جي ايذاءُ رسانيءَ کان بچايو آهي. هو سب وشتم ڪن ٿا ۽ هڪ شخص مذمم جي هجو ڪن ٿا. جڏهن ته آئون محمد (ﷺ) آهيان (سيرت ابن هشام 1/374)
پيغمبر اسلام جو اصل نالو محمد ﷺ هو. جنهن جي معنيٰ واکاڻيل يا ساراهيل آهي. مڪي دور ۾ جڏهن قريشن کي پاڻ ﷺ سان ساڙ پيدا ٿيو ته کين اها ڳالهه پسند نه هئي ته هو پاڻ ﷺ کي محمد (واکاڻيل/ ساراهيل) جهڙي نالي سان سڏين. هنن پنهنجي ساڙ واري جذبي جي تسڪين جي لاءِ پاڻ سڳورن جو نالو مذمم رکي ڇڏيو، جنهن جي معنيٰ مذمت ڪيل آهي. قريش جڏهن پاڻ ﷺ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا ته هو پاڻ ﷺ جي لاءِ محمد جو لفظ استعمال ڪرڻ جي بدران مذمم جو لفظ استعمال ڪري گهٽ وڌ چوندا هئا. ايتريقدر جو ابو لهب جي زال اُم جميل خود پاڻ ﷺ جي سامهون اچي چيو: ”مذمما عصينا (صفحو 379) يعني هي مذمم آهي ۽ اسين هن کي نٿا مڃون.
اها هڪ چيڙائڻ واري ڳالهه ۽ پاڻ ﷺ جي توهين هئي. پر پيغمبر اسلام هڪ خوبصورت جواب ڏيئي انهيءَ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو.
پاڻ فرمايائون: هي ماڻهو مذمم جي سب ۽ شتم ڪن ٿا. پر اها سب ۽ شتم منهنجي مٿان پوڻ واري نه آهي، ڇو ته منهنجو نالو محمد (ﷺ) آهي، نه ڪي مذمم.
پيغمبرﷺ هجرت ڪري مديني آيا ته هتي عبدالله بن ابي پاڻ ﷺ جو سخت مخالف بنجي ويو. هن جيتوڻيڪ اسلام قبول ڪري ورتو هو، پر حسد جي جذبي تحت هو پاڻ ﷺ جو سخت مخالف بنجي ويو هو. پاڻ ﷺ جي توهين ڪرڻ، پاڻ ﷺ جو سب ۽ شتم ڪرڻ ۽ پاڻ سڳورن جي خلاف خراب ڳالهيون پکيڙڻ، سندن سڀ کان وڏو مشغلو بنجي ويو. اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته هو سڀ کان وڏو شاتم رسول هو. حضرت عمر فاروق، رسول الله کي چيو ته مون کي موڪل ڏيو ته آئون کيس قتل ڪري ڇڏيان. پاڻ سڳورن فرمايو: ”دعه لايتحدث الناس ان محمدا يقتل اصحابه (فتح الباري 8/520) يعني: کيس ڇڏي ڏيو. ماڻهو اهو نه چون ته محمد (ﷺ) پنهنجي ساٿين کي قتل ڪرائي ٿو.
انهيءَ واقعي مان پيغمبر اسلام جي هڪ خاص اسوة معلوم ٿئي ٿي. اها هيءَ ته .... توهين کي برداشت ڪريو. ڇو ته جيڪڏهن اوهين توهين کي نه سهندا ته انهيءَ کان به وڌيڪ وڏي برائي سامهون ايندي ۽ اها خدا جي دين جي بدنامي آهي.
[b]وقت کان اڳ قدم نه کڻڻ
[/b]پيغمبر اسلام ﷺ لڳ ڀڳ تيرهن سال مڪي ۾ رهيا، جتي جي گهڻائي پاڻ سڳورن جي مخالف بنيل رهي. هنن هر طريقي سان پاڻ ﷺ کي ستايو. تنهن هوندي به پاڻ ﷺ جي دعوتي جدوجهد جي نتيجي ۾ اُتي جا لڳ ڀڳ ٻه سؤ مرد ۽ عورتون اسلام ۾ داخل ٿيون. اهي ماڻهو بار بار پاڻ ﷺ کي اهو چوندا هئا ته اسين ظلم جي خلاف جهاد ڪريون، پر پاڻ ﷺ کين سدائين صبر جي تلقين ڪندا هئا. جهڙوڪ: حضرت عمر فاروق، قريشن جي ظلمن جي خلاف جهاد جي موڪل گهري ته پاڻ سڳورن فرمايو: يا عمر انا قليل (سيرت ابن ڪثير 1/441) يعني: اي عمر اسين ٿورا آهيون.
مڪي دؤر جي پڇاڙيءَ ۾، مديني جا لڳ ڀڳ ٻه سؤ ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿي ويا. انهن ماڻهن کي جڏهن پتو پيو ته مڪي جا ماڻهو پاڻ ﷺ ۽ سندس ساٿين کي ظلم ۽ زيادتيءَ جو نشانو بنائي رهيا آهن ته هنن به چيو ته اسان کي انهن ظالمن جي خلاف وڙهڻ جي موڪل ڏيو. پر پاڻ ﷺ کين فرمايو صبر ڪريو، ڇو ته مون کي قتال جي موڪل نه ڏني ويئي آهي (اصبروا فاني لم اومر بالقتال)
پيغمبر اسلام ﷺ هر قسم جي ظلم ۽ زيادتيءَ جي باوجود اٽڪل پندرهن سالن تائين هڪ طرفي طور تي صبر ۽ سهپ جو طريقو اختيار ڪيو. انهيءَ کان پوءِ پهريون گهمرو پاڻ ﷺ ”غزوه بدر“ جي موقعي تي پنهنجي صحابين کي ساڻ ڪري دشمن جي مقابلي جي لاءِ نڪتا. اهو به پاڻ ﷺ انهيءَ وقت ڪيو، جڏهن الله تعاليٰ طرفان اهو کليل وعدو اچي ويو ته آسماني ملائڪ تنهنجي مدد جي لاءِ ايندا. (الانفال 9)
پيغمبر اسلام جو طريقو اهو ڪونهي ته جڏهن به ڪو ظلم ڪري ته هڪدم انهيءَ جي خلاف ڪاروائي شروع ڪئي وڃي. پاڻ سڳورن جي سُنت اها آهي ته ظلم جي باوجود به صبر ۽ ٽڪراءُ کان بچڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. عملي قدم فقط انهيءَ وقت کنيو وڃي، جڏهن انهيءَ جو نتيجو يقيني طور تي فائدي ۾ نڪري.
[b]تڪراري هنڌ تان هٽي وڃڻ
[/b]پيغمبر اسلام ﷺ نبوت ملڻ کان پوءِ اٽڪل تيرهن سالن تائين مڪي ۾ رهيا. ڪجهه ماڻهن سندن ساٿ ڏنو، پر مڪي وارن جي گهڻائي پاڻ ﷺ جي سخت مخالف بڻيل رهي، جڏهن هنن ڏٺو ته رڳو مخالفت سان پاڻ ﷺ جي مشن کي ختم نٿو ڪري سگهجي ته هو پيغمبر اسلام ﷺ جي قتل جون سَٽون سٽڻ لڳا. هنن پاڻ ۾ طئه ڪيو ته مڪي جا سڀ سردار هڪ ئي وقت حملو ڪري پاڻ ﷺ کي قتل ڪري ڇڏين ته جيئن اوهان جي توحيد واري تحريڪ جو خاتمو ٿي وڃي.
اهو هڪ نازڪ موقعو هو. بظاهر هڪ صورت هيءَ هئي ته پاڻ ﷺ پنهنجي ساٿين کي ساڻ ڪري ساڻن مقابلو ڪري. پر پاڻ انهيءَ مامي کي نتيجي جي حوالي کان ڏٺو. جيئن ته ان وقت جي حالتن ۾ هٿياربند مقابلو فائديمند نه ٿئي ها، تنهن ڪري پاڻ ﷺ ٽڪراءُ کان بچڻ جي اصول تي عمل ڪيو ۽ مڪي مان هجرت ڪري مديني هليا ويا.
پيغمبر اسلام ﷺ جي سنت تڪرار سان ٽڪرائڻ نه آهي. بلڪه تڪراري هنڌ تان هٽي وڃڻ آهي. اهڙي طرح ماڻهوءَ کي اهو موقعو مليو وڃي ته هو پنهنجي سگهه کي بچائي، اها وڌيڪ فائدي واري ڪم ۾ استعمال ڪري سگهي.
[b]دليون جيتڻ جي ڪوشش
[/b]اسلام ۾ هڪ مستقل اصول اُهو آهي، جنهن کي دلجوئي ڪرڻ چيو ويو آهي (التوبه 60) دلجوئيءَ جو مطلب آهي، دلين کي ڳنڍڻ، ماڻهن کي پاڻ سان هيرائڻ. اهو مقصد هيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو ته ٻين سان رعايت ڪئي وڃي. ٻين جي جذبن ۽ مفادن جو احترام ڪيو وڃي. دلجوئيءَ جو اهو اصول اسلامي دعوت جو هڪ اهم اصول آهي. اهو ابدي طور تي هر انساني سماج ۾ گهربل آهي.
پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ دلجوئيءَ جي انهيءَ اصول تي عمل ڪرڻ فرمايو. مثال طور: جڏهن پاڻ ﷺ هجرت ڪري مديني آيا ته انهيءَ وقت اهل ايمان سان گڏ اُتي مشرڪ ۽ يهودي به آباد هئا. انهيءَ وقت پاڻ ﷺ پنهنجي طرفان هڪ منشور جاري ڪرڻ فرمايو، جنهن کي ”صحيفه مدينه“ چيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ پاڻ ﷺ اعلان ڪرڻ فرمايو ته هر ڌر/ گروهه کي پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر جي آزادي هوندي هر قبيلي جا تڪراري مامرا انهيءَ قبيلي جي پنهنجي روايتن موجب نبيريا ويندا. عقيدي ۽ ڪلچر جي معاملي ۾ ڪنهن کي به مجبور نه ڪيو ويندو.
يهودين سان ته پاڻ ﷺ خاص رعايت جو معاملو فرمايو. رمضان جي روزن جي فرض ٿيڻ کان اڳ پاڻ سڳورا به انهن ئي ڏينهن ۾ روزا رکندا هئا، جڏهن يهودي روزا رکندا هئا. قبلي جي تبديليءَ کان اڳ لڳ ڀڳ سترهن مهينن تائين پاڻ ﷺ يهودين جي قبلي (بيت المقدس) کي پنهنجو قبلو بنائي رکيو. يهودين جي عبادت جي قبلي کي پنهنجو قبلو بنائڻ انهيءَ ڪري هو ته پاڻ سڳورا اُميد رکندا هئا ته اهڙي طرح اُتي جا يهودي پاڻ سڳورن جي ويجهو ايندا. (تفسير القرطبي 2/150)
پيغمبر اسلام ﷺ جو طريقو مخالفت جي جواب ۾ مخالفت نه هو. پر مخالفت جي جواب ۾ رعايت هو. پاڻ سڳورن جي سوچ اها نه هئي ته ماڻهن کي دٻائي پنهنجي تابع ڪجي. پر انهيءَ جي اُبتڙ پاڻ ﷺ جو طريقو هيءُ هو ته ماڻهن سان ٻاجهائپ ۽ پنهنجائپ جو معاملو ڪجي ۽ سندن دلين کي نرم ڪري کين پنهنجو ساٿي بنائجي.
[b]رازداري
[/b]مڪي جي فتح جي سلسلي ۾ واقعن ۾ آيو آهي ته پاڻ ﷺ سفر جي تياريءَ جو حڪم ڏنو. عام مسلمان ضروري تيارين ۾ لڳي ويا، انهيءَ زماني ۾ حضرت ابوبڪر صديق پنهنجي نياڻي حضرت عائشه جي گهر آيا، جيڪا پيغمبر اسلام جي زوجه هئي. هوءَ انهيءَ مهل ضروري تياري ڪري رهي هئي. حضرت ابوبڪر پنهنجي نياڻيءَ کان پڇيو ته ڇا توکي رسول الله تياريءَ جو حڪم ڏنو آهي. حضرت عائشه وراڻيو ”هائو“. حضرت ابوبڪر ٻيهر پڇيو، هيءَ تياري ڪيڏانهن سفر ڪرڻ جي لاءِ آهي. حضرت عائشه وراڻيو، ”خدا جو قسم مون کي خبر ڪونهي.“ (سيرت ابن هشام 3/14)
پيغمبر اسلام جي سنتن مان هڪ سنت اها به آهي ته پنهنجي نازڪ معاملن ۾ سدائين رازداري اختيار ڪرڻ فرمائيندا هئا. مڪي جي فتح جي مهم ۾ به پاڻ ﷺ ايئن ئي ڪرڻ فرمايو. پاڻ ﷺ مديني مان پنهنجي ڏهن هزارن اصحابين سان گڏ نڪتا، پر ماڻهن کي اهو نه ٻُڌايائون ته اسين ڪيڏانهن پيا وڃون. صحابه چون ٿا ته اسان هلندي جڏهن انهيءَ هنڌ تي پهتاسين، جتان کان رستو سڌو مڪي طرف ٿي ويو، تڏهن وڃي اسان کي خبر پئي ته اهو سفر مڪي جي لاءِ آهي.
نازڪ گڏيل معاملن ۾ رازداري بي حد اهم آهي. گهڻو تڻو ڪاميابيءَ جو دارومدار انهيءَ تي هوندو آهي ته ٻي ڌر کي اوهان جي رٿن جي اڳواٽ خبر پئجي نه سگهي. پيغمبر اسلام پنهنجي سڄي زندگي انهيءَ حڪمت کي نهايت سٺي نموني اختيار ڪرڻ فرمايو.
[b]صورتحال کي جيئن جو تيئن مڃڻ
[/b]
جڏهن ٻن ماڻهن يا ٽولن ۾ تڪرار پيدا ٿي وڃي ٿو ته نيٺ ٻنهي جي وچ ۾ هڪ عملي حالت قائم ٿي وڃي ٿي. جنهن کي اسٽيٽس ڪو (Status quo) چيو ويندو آهي. انهيءَ اسٽيٽس ڪو کي بدلائڻ جي ڪوشش گهڻين حالتن ۾ بنا نتيجي جي هوندي آهي. ڇو ته ٻي ڌر پنهنجي سموري سگهه سان جوابي ڪاروائي ڪندي آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته موجود صورتحال اسٽيٽس ڪو، جيئن جي تيئن باقي رهندي آهي. ۽ وڌيڪ نقصان اهو ٿيندو آهي ته انهيءَ بي نتيجا ڪوشش ۾ ٻنهي ڌرين کي مليل موقعا بنا فائدي حاصل ٿيڻ جي زيان ٿي ويندا آهن.
اهڙي طرح تڪراري مامرن ۾ پيغمبر اسلام جي سُنت اها آهي ته حالتن کي جيئن جو تيئن مڃڻ. انهيءَ اسٽيٽس ڪو ازم جو عظيم فائدو هي ٿئي ٿو ته ماڻهوءَ کي انهيءَ ڳالهه جي واندڪائي مليو وڃي ته پنهنجي قوتن کي وڌيڪ سگهارو ڪري سگهن. تڪراري هنڌ تان هٽي پنهنجو پاڻ کي ايترو ته مضبوط ڪجي، جو نيٺ طاقت جو توازن بدلجي وڃي ۽ ڪنهن وڏي ٽڪراءُ کان سواءِ معاملي جو فيصلو ڪري سگهجي.
پيغمبر اسلام ﷺ حديبيه جي موقعي تي اهائي حڪمت عملي اختيار فرمائي. پاڻ ﷺ مديني کان روانا ٿي حديبيه واري هنڌ تي پهتا ته مڪي جا ماڻهو به هلي اچي اُتي پهتا. هنن چيو ته اسين اوهان کي اڳيان وڌڻ نه ڏينداسين. اهڙي طرح حديبيه جي جاءِ تي رڪاوٽ جي حالت پيدا ٿي ويئي. پيغمبر اسلام ايئن نه ڪيو ته اهو تعطل ٽوڙي اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪن، پر پاڻ ﷺ حديبيه مان ئي واپس مديني موٽي آيا.
اهو گويا پنهنجي ۽ ٻي ڌر جي وچ ۾ قائم اسٽيٽسڪو کي مڃي وٺڻ هو. انهيءَ حڪمت عمليءَ جي نتيجي ۾ پيغمبر اسلام کي اهو موقعو ملي ويو ته پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ سگهارو ۽ مضبوط ڪري سگهن ۽ ايئن ئي ٿيو ۽ پاڻ فقط ٻن سالن جي اندر مڪي ۾ فاتحانه انداز ۾ داخل ٿي ويا.
[b]ڏکيائيءَ ۾ آساني
[/b]
پيغمبر اسلام ﷺ 8هه ۾ مڪو فتح ڪيو. انهيءَ کان پوءِ پاڻ ﷺ پنهنجي اصحابن سان گڏ مڪي کان طائف جي لاءِ روانا ٿيا. انهيءَ زماني ۾ عربستان ۾ هموار رستا نه هئا. هلندي هلندي هڪ هنڌ هڪ سوڙهو رستو آيو، جيڪو ٻن ٽڪرين جي وچ مان ٿي لنگهيو. تنهنڪري اهو رستو انهيءَ ئي صفت سان مشهور ٿي ويو هو.
پيغمبر اسلام ﷺ جڏهن انهيءَ هنڌ تي پهتو ته ماڻهن کان پڇيائين ته هن رستي جو نالو ڪهڙو آهي؟ ماڻهن وراڻيو هن جو نالو تنگ رستو آهي. پاڻ ﷺ جواب ۾ وراڻيو، ”نه! هي هڪ سولو رستو آهي.“ (سيرت ابن هشام 4/127)
انهيءَ وقت پيغمبر اسلام ﷺ سان ڏهن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهو هئا. اهي جيڪڏهن پکڙجي هلن ها ته پڪ سان انهيءَ رستي تان سندن لنگهڻ ڏکيو ٿي پوي ها. پر اهي ئي ماڻهو جيڪڏهن قطار ٺاهي هلن ته انهن جي لاءِ اهو رستو لنگهڻ ڏکيو نه هجي ها ۽ اهو ظاهري طرح پنهنجي تنگيءَ جي باوجود به، انهن جي لاءِ عملي طور تي سولو ٿي پوي ها. پيغمبر اسلام پنهنجي جواب ۾ انهيءَ حڪمت عمليءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ فرمايو.
پيغمبر اسلام ﷺ جي انهيءَ واقعي مان زندگيءَ جو هڪ اهم راز معلوم ٿئي ٿو. اهو آهي حالتن آهر تدبير اختيار ڪرڻ. انهيءَ حڪيمانه تدبير جو واسطو زندگيءَ جي مڙني معاملن سان آهي. انهيءَ تدبير کي استعمال ڪندي، زندگيءَ جي هر مشڪل کي سولو بنائي سگهجي ٿو.
[b]تدبير طور پٺتي هٽڻ
[/b]
پيغمبر اسلام جي زماني ۾، 8هه ۾ هڪ جنگ ٿي. اها شام جي سرحد لڳ ”مؤته“ واري هنڌ تي ٿي، جنهن جي ڪري انهيءَ کي ”مؤته جي جنگ“ چيو وڃي ٿو. انهيءَ جنگ جي موقعي تي مسلمانن جو تعداد فقط ٽي هزار هو. انهي جي مقابلي ۾ سامهونءَ واري ڌر فوجي لحاظ کان جهجهي تعداد ۾ هئي. آخري مرحلي ۾ خالد بن وليد انهيءَ جو سردار مقرر ٿيو. جنهن لڙائيءَ کي غير مفيد سمجهي واپسيءَ جو فيصلو ڪيو. هو تدبيري پسپائيءَ (Tactual retreat) جي اصول تي مؤته مان واپس مديني هليا ويا.
عربن جو مزاج وڙهي مرڻ جو مزاج هو. هو انهيءَ پٺتي هٽڻ جي حڪمت عمليءَ کي سمجهي نه سگهيا. تنهن ڪري جڏهن هو مديني پهتا ته اُتي جي نوجوانن سندن ”يا فرار“ (اي ڀاڄوڪڙ) چئي آڌرڀاءُ ڪيو. پاڻ سڳورن جڏهن اِهو ٻُڌو ته انهيءَ جي ترديد فرمائي. پاڻ سڳورن چيو، ”هي ماڻهو ڀاڄوڪڙ نه پر خدا چاهيو ته قدم کڻڻ وارا آهن.“ (سيرت ابن هشام 3/438)
پيغمبر اسلام ﷺ جي انهيءَ ارشاد مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ﷺ جي ويجهو صحيح قدم اهو آهي، جيڪو نتيجا ڏيندڙ هجي. فقط جوش ۽ وقار خاطر وڙهي مرڻ گهربل اسلامي طريقو ڪونهي. پر مومنن جي مقابلي ۾ ٻي ڌر جي طاقت فيصلي ڪندڙ حد تائين، اهڙين حالتن ۾ مقابلي جي لاءِ قدم نه کنيو وڃي. ايتري تائين جو مقابلو ٿي پوي ته به تدبير طور پٺتي هٽڻ کپي ته جيئن وڌيڪ تياري ڪري پنهنجو پاڻ کي نتيجا ملندڙ قدمن جي قابل بنايو وڃي.
[b]هوريان هوريان سُڌارا
[/b]
هڪ روايت موجب، حضرت عائشه فرمايو ته قرآن ۾ سڀ کان پهرين اُهي آيتون ۽ سورتون نازل ٿيون، جن ۾ جنت ۽ دوزخ جو ذڪر هو. ايستائين جو ماڻهو جڏهن اسلام طرف مائل ٿيا، ته پوءِ حلال ۽ حرام جا حڪم لٿا ۽ جيڪڏهن ايئن ٿئي ها ۽ شروع ۾ ئي اهي حڪم لهن ها ته اوهين شراب نه پيئو، ته پڪ سان ماڻهو چون ها ته اسين شراب نه ڇڏينداسين. اهڙي طرح جيڪڏهن شروع ۾ ئي اهي حڪم لهن ها ته زنا نه ڪريو ته ماڻهو چون ها اسين ڪڏهن به زنا نه ڇڏينداسين. (صحيح البخاري 8/655)
انهيءَ روايت مان هڪ عظيم حڪمت نبوي معلوم ٿئي ٿي. هيءَ اهائي حڪمت عملي آهي، جنهن کي Graduation چيو وڃي ٿو. انسان جو هڪ ڏکيو ۽ پيچيده ڪم آهي، عام طور تي انسان ڪجهه خيالن ۽ عادتن تي هِري وڃي ٿو ۽ پوءِ هو انهن کي صحيح سمجهڻ لڳي ٿو. انهيءَ آڌار تي هو ڪنهن نئين شئي کي هڪدم قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ انسانن جي سڌاري جو واحد طريقو اهو آهي ته انهيءَ ڪم کي ڏاهپ سان هوريان هوريان ڪيو وڃي.
رسول الله عربستان ۾ پهرين ماڻهن جي سوچ کي بدلايو ۽ ماڻهن جي اندر قبوليت جو مزاج پيدا ڪيو. ايستائين جو ماڻهن ۾ سڌارن کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي ويئي. انهيءَ کان پوءِ پاڻ سڳورن شرعي حڪم لاڳو ڪرڻ فرمايا. جيڪڏهن پاڻ سڳورا فڪري تبديليءَ جي ڪوشش ۽ مزاج ٺاهڻ کان سواءِ شريعت جا قانون لاڳو ڪن ها ته اها انساني فطرت جي خلاف هجي ها ۽ اهو انقلابي نتيجو نه نڪري ها، جيڪو عربستان جي سماج ۾ حاصل ٿيو.
[b]عملي حالتن جي رعايت
[/b]
پيغمبر اسلام ﷺ 9 ذي الحج 9هه ۾ حج جو فرض ادا ڪيو. جنهن کي عام طور تي حجة الوداع چيو ويندو آهي. انهي موقعي تي هڪ لک کان به وڌيڪ مسلمان گڏ ٿي ويا. پاڻ ﷺ پنهنجي خطبي ۾ جيڪي ڳالهيون فرمايون، انهن مان هڪ اها هئي، جنهن کي انساني برابري جو اعلان چئي سگهجي ٿو. انهيءَ موقعي تي پاڻ سڳورن اهي تاريخي لفظ فرمايا ته ’ڪنهن به عربيءَ کي عجميءَ تي فضيلت ڪونهي. ڪنهن ڳوري کي، ڪنهن ڪاري تي فضيلت ڪونهي. فضيلت جو تعلق فقط دين ۽ تقويٰ سان آهي.‘
انهيءَ خطبي کان اٽڪل اڍائي مهينا پوءِ پاڻ ﷺ هي جهان ڇڏڻ فرمايو. پاڻ ﷺ کان پوءِ اهو مسئلو پيدا ٿيو ته ڪنهن کي خليفو بنايو وڃي. مذڪوره اعلان موجب بظاهر فقط اهو ٿيڻ کپي ها ته دين ۽ تقويٰ جي بنياد تي خلافت جو فيصلو ڪيو وڃي ها، نه ڪي نسل يا قبيلي جي بنياد تي. پر عملي طور تي ايئن نه ٿيو.
پاڻ سڳورن جي وفات کان پوءِ مديني جي ’ثقيفه بنو ساعده‘ ۾ مسلمانن جو هڪ ميڙ گڏ ٿيو. ماڻهن جو پهريون رجحان هو ته سعد بن عباده کي خليفو بنايو وڃي، جيڪو مديني جي هڪ قبيلي سان لاڳاپيل هو. انهيءَ مهل حضرت ابوبڪر، رسول الله جي هيءَ حديث پيش ڪئي ته ”الائمة من قريش“ يعني خليفو يا امام قريشن مان ٿيندو. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته جيئن ته سعد بن عباده، قبيلي قريش مان ڪونهي، تنهن ڪري کيس خليفو بنائي نٿو سگهجي. بحث مباحثي کان پوءِ نيٺ ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي سهمت راءِ ٿيا ته قبيلي قريش مان ئي ڪنهن کي خليفو بنايو وڃي، انهيءَ موجب، حضرت ابوبڪر صديق پهريون خليفو مقرر ٿيو، جيڪو قريشن سان لاڳاپيل هو.
بظاهر اها هڪ متضاد ڳالهه آهي. پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ ايئن ڇو فرمايو. انهيءَ جي پويان هڪ عظيم حڪمت هئي. اها هيءَ ته خليفي يا حڪمران کي هڪ وسيع انساني سماج تي حڪم لاڳو ڪرڻا هوندا آهن. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته ماڻهو خليفي جي اطاعت تي راضي ٿي وڃن. اها اطاعت رضاڪاراڻي هئڻ کپي. جيتري پيرويءَ جي ذريعي اهو مقصد حاصل ٿيڻ ممڪن نه آهي، جيڪو اسلامي خلافت جي مدعا آهي.
قديم عربستان ۾، سوين سالن جي تاريخ جي نتيجي ۾، قريشن جي ماڻهن کي سرداريءَ جو درجو حاصل ٿي ويو هو. عوامي نفسيات ڪنهن اهڙي شخص جي اڳواڻيءَ کي سولائيءَ سان قبولي وٺندي هئي، جنهن جو واسطو قريش قبيلي سان هجي. انهيءَ سماجي صورتحال جي ڪري پاڻ ﷺ فرمايو، ”الائمة من قريش.“ اهو ڪو ابدي حڪم نه هو. انهيءَ جو مطلب فقط اهو هو ته ڪنهن قوم ۾ جنهن گروهه کي قريشن جهڙي سياسي حيثيت حاصل ٿي وڃي، اُتي انهيءَ گروهه جي ڪنهن فرد کي قوم جي مٿان حاڪم بنايو وڃي.
انهيءَ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عمليت (Pragmatism) به رسول الله جي سنتن مان هڪ سنت آهي. انفرادي مامرن ۾ هڪ شخص کي سدائين نظري معيار سامهون رکڻ کپي. پرگڏيل مامرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن نظري معيار عمل جوڳو نه هوندو آهي. تنهن ڪري ضروري هوندو آهي ته اهڙن مامرن ۾ نظري معيار کي ڇڏي، عملي تقاضا موجب فيصلو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو وڃي ته زندگيءَ جو معيار سڌي نموني هلي نه سگهندو.
[b]مستقبل تي نظر
[/b]
مڪي جي فتح کان پوءِ عربستان ۾ اهو دور آيو، جنهن کي تاريخ ۾ ”عام الوفود“ چيو وڃي ٿو. عربستان جا قبيلا مديني اچي اسلام قبول ڪرڻ لڳا. انهن مان هڪ قبيلو ”بنو ثقيف“ پڻ هو، جيڪو طائف کان آيو هو. اهي جڏهن مديني آيا ته انهن هڪ انوکو شرط رکيو. هنن چيو ته، اسين اسلام ته قبول ڪنداسين، پر نڪو زڪواة ڏينداسين، نه وري جهاد ڪنداسين.
اهو هڪ نازڪ مسئلو هو. عام ماڻهو انهيءَ قسم جي اسلام کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئا. پر پيغمبر اسلام ﷺ حال کان مٿي ٿي آئيندي کي ڏٺو. پاڻ پنهنجي سمجهه تحت اهو سمجهيو ته جڏهن هي ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيندا ته مسلم سماج جو حصو بنجي ويندا ته پوءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لڳندا. تنهن ڪري پاڻ ﷺ سندن شرطن کي مڃيندي کيس اسلام ۾ داخل ڪري ورتو. ماڻهن جي شڪن کي دور ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سڳورن فرمايو ته: جڏهن هو اسلام قبول ڪري وٺندا ته زڪوات به ڏيندا ۽ جهاد به ڪندا. (سيرت ابن ڪثير 4/56)
پيغمبر اسلام جي انهيءَ عمل مان هڪ عظيم حڪمت معلوم ٿئي ٿي. اها حڪمت ڪجهه لفظن ۾ مستقل تي نظر رکڻ آهي. انسان ڪو پٿر ڪونهي، جيڪو تاثر کي قبول نه ڪري. انسان هڪ اهڙي مخلوق آهي، جيڪا سدائين بدلبي رهندي آهي. انسان جي حال تي سندس آئيندي کي قياس نٿو ڪري سگهجي. ماڻهوءَ سان معاملو ڪندي سدائين انهيءَ حقيقت کي سامهون رکڻ کپي. معاملي وقت هڪدم تبديليءَ تي زور ڀرڻ سان ضد پيدا ٿيندو آهي. انهيءَ جي ابتڙ جيڪڏهن وڏي نظر سان ڏسجي ته پاڻ مرادو ايئن ٿيندو ته مستقل ۾ ماڻهو اهوئي بنجي ويندو، جهڙو اسين حال ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا.