قرآني تصوير
انهيءَ مان معلوم ٿيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جي صحيح تصوير اُها آهي، جيڪا قرآن ۾ ٻُڌائي ويئي آهي. حديث ۽ سيرت جا ڪتاب به پاڻ سڳورن جي زندگيءَ کي ڄاڻڻ جا ماخذ آهن، پر انهيءَ معاملي ۾ پهريون ۽ اصولي ماخذ بيشڪ قرآن ئي آهي. پيغمبر اسلام جي اهائي تصوير درست تصوير آهي، جيڪا قرآن جي بيانن سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هتي اسين قرآن جي ڪجهه آيتن جي روشنيءَ ۾ پيغمبر اسلام جي زندگيءَ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
[b]حق جي ڳولا
[/b]قرآن جي سوره نمبر 93 ۾ پيغمبر اسلام کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي ته ’.... سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي، ۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي. ته تنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي ۽ بيشڪ پوئين حالت تو لاءِ پهرين حالت کان گهڻي چڱي آهي ۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو، پوءِ تون انهيءَ تي خوش ٿيندين. ڇا توکي (تنهنجي پالڻهار) يتيم نه پاتو، پوءِ جاءِ ڏنائين ۽ توکي رستي جو ڳولائو ڏسي، پوءِ رستو ڏيکاريائين ۽ توکي ضرورتمند ڏسي، پوءِ توکي ايترو ڏنائين، جو تون ڪنهن جي مدد جو محتاج نه رهين. پوءِ يتيم تي متان سختي ڪرينءَ ۽ پوءِ سواليءَ کي متان جهڻڪينءَ ۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمتن کي پيو بيان ڪر. (الضحيٰ 1 ــ 11)
پيغمبر اسلام ﷺ کي چاليهن سالن جي عمر ۾ نبوت ملي. اُن کان اڳ پاڻ سڳورن جي جيڪا زندگي هئي، اها قرآن جي هن بيان (ووجدک ضالاً) مان معلوم ٿئي ٿي. انهيءَ جي تشريح ۾ عالمن جا جيڪي قول تفسير جي ڪتابن ۾ آيا آهن، انهن مان ڪجهه هي آهن. ووجدک طالباً، ووجدک متحراً، ووجدک محباً للهداية (التفسير القرطبي 20/97)
انهيءَ حالت کي هڪ لفظ ۾ سچائيءَ جي ڳولا چئي سگهجي ٿو، گويا پيغمبر بنائڻ کان اڳ پاڻ ﷺ هڪ سچائيءَ جا ڳولائو (Truth Seeker) هئا. پاڻ ﷺ حقيقت جي ڳولا ۾ سرگردان هئا. انهيءَ زماني ۾ پاڻ شهر مان نڪري صحرا ۽ پهاڙ طرف هليا ويندا هئا. غار حرا ۾ تنهائيءَ ۾ وڃي ويهندا هئا. خاموشيءَ سان گڏ غور ۽ فڪر ۾ مشغول رهندا هئا. اهو سڀ پاڻ سڳورن جي سچائيءَ جي ڳولا جا لقاءُ هئا. جن جو ذڪر حديث ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ آيو آهي.
انهيءَ مان معلوم ٿيو ته حق جي دريافت کان اڳ ڪنهن ماڻهوءَ جي لاءِ صحيح طريقو هيءُ آهي ته اهو حق جي ڳولا ۾ هجي. جيڪو ماڻهو واقعي به سچائيءَ جي ڳولا ۾ سرگردان هوندو، تنهن کي اهڙي ئي طرح هدايت ملندي، جهڙي طرح قرآن موجب، محمد ﷺ کي ملي. فرق فقط اهو آهي ته پاڻ ﷺ کي هدايت سان گڏ نبوت به ڏني ويئي ۽ ٻين انسانن کي فقط هدايت ملندي.
[b]بشريت رسول
[/b]قرآن مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام ﷺ عام انسانن جيان هڪ انسان هو. پاڻ ﷺ جي امتيازي خصوصيت اها نه هئي ته ڪو پاڻ غير بشر هئا، پر پاڻ ﷺ جي امتيازي خصوصيت هيءَ هئي ته پاڻ بشر سان گڏ هڪ پيغمبر به هئا. انهيءَ سلسلي ۾ قرآن جون ڪجهه آيتون هتي نقل ڪجن ٿيون:
ــ هل کنت بشرا رسولا (الاسراءِ)
ــ قل انما انا بشر مثلکم يوحي الّي انما الهکم اله واحد (الڪهف 110)
ــ قل انما انا بشر مثلکم يوحي الّي (حم السجده 6)
ــ قالت لهم رسلهم ان نحن الابشر مثلکم (ابراهيم 11)
ايئن هئڻ فطري هو. پيغمبر اسلام کي سڀني انسانن جي لاءِ عملي نموني جي حيثيت ڏني ويئي آهي. اها چٽي ڳالهه آهي ته پاڻ سڳورا، ماڻهن جي لاءِ عملي نمونو فقط تڏهن ٿي سگهيا ٿي، جڏهن پاڻ ﷺ به ٻين انسانن وانگر هڪ انسان هجي. پاڻ ﷺ جي اندر به اهي ئي احساس هجن، جيڪي ٻين انسانن جي اندر هوندا آهن. پاڻ ﷺ جي فطرت جا جزا به اُهي ئي هجن، جيڪي ٻين انسانن جي فطرت ۾ شامل آهن. پاڻ ﷺ به اهڙي ئي هڏ ماس جو مجموعو هجن، جنهن جو هڪ عام انسان مجموعو هوندو آهي. جيڪڏهن اها هڪجهڙائپ نه هجي ته پوءِ اهو حڪم هڪ غير عملي حڪم بنجي ويندو ته، ”اي ماڻهؤ! اوهين خدا جي پيغمبر جي نموني جي پيروي ڪريو.“
پيغمبر اسلام جي عظمت انهيءَ ۾ هئي ته پاڻ بشر هوندي به اعليٰ اخلاق کي پنهنجي ذهن ۾ جڳهه ڏين. اعليٰ اخلاق کي پنهنجو اخلاق بنائين. هر معاملي ۾ اعليٰ روش جو ثبوت ڏين. جيڪڏهن پاڻ غير بشر هجن ها ته پاڻ ﷺ جو اهو غير معمولي ڪردار عظيم ڪردار نه ٿي بنجي سگهيو.
[b]رسول هڪ آزمائش
[/b]قرآن جي سوره 6 ۾ پيغمبر جي مخالفن جو ذڪر ڪندي ارشاد ٿيو آهي ته... ”هيئن به چيائون ته هن وٽ ڪو فرشتو ڇو نٿو اچي. پر جيڪڏهن اسان فرشتو موڪليون ها ته پوءِ سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هنن کي مُهلت ئي نه ملي ها ۽ جيڪڏهن ڪنهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته ان کي به ته انسان جي صورت ۾ موڪليون ها. پوءِ جيئن هاڻي شڪ شبها آڻي رهيا آهن، تيئن پوءِ به شڪن شبهن ۾ پئجي وڃن ها. (الانعام 8-9)
اهڙي طرح رسول جي مخالفن جو ذڪر ڪندي قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي ته، ”اهي هيئن چون ٿا ته هيءُ ڪهڙو رسول آهي، جيڪو ماني کائي ٿو ۽ رستن تي گهمي ڦري ٿو، ڇو نه هنن ڏي ڪو فرشتو موڪليو ويو آهي، جو هنن سان گڏجي خبردار ڪري. يا ڇو نه هن جي اڳيان ڪو خزانو اچي ٿو يا ڇو نه هن کي ڪو باغ ٿو ملي، جنهن مان کائي پيئي ۽ گذران ڪري. (الفرقان 7 ــ 8)
اهڙي طرح ٻي هنڌ ارشاد فرمايل آهي، ”۽ حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن به الله جي هدايت (دنيا ۾) ظاهر ٿي، تڏهن فقط هن ڳالهه ماڻهن کي ايمان آڻڻ کان روڪيو، جو چوڻ لڳا ته ڇا اللهج هڪڙو ماڻهو پيغمبر ڪري موڪليو آهي. (بني اسرائيل 94)
انهن آيتن کي سمجهڻ جي لاءِ انهيءَ اصول کي استعمال ڪرڻ کپي، جيئن هڪ عربي چوڻيءَ ۾ هيئن بيان ڪيو ويو آهي، يعني: شيون پنهنجي ضد سان سُڃاتيون وينديون آهن. انهيءَ اصول موجب ويچاربو ته پيغمبر اسلام (تنهن کان سواءِ ٻين پيغمبرن) جون ٻه، هڪٻئي کان بلڪل مختلف تصويرون اسان جي سامهون اچن ٿيون. هڪ اها جيڪا مذڪوره قرآن آيتن موجب، پيغمبر جي همعصر مخاطبين جي سامهون هئي. ٻي تصوير اها آهي، جيڪا پيغمبر اسلام جي ظهور کان اٽڪل ڏيڍ هزار سال پوءِ، اڄ جي ماڻهن کي نظر اچي رهي آهي. قديم تصوير ۾ پيغمبر فقط هڪ عام انسان نظر اچي ٿو. اُن جي اُبتڙ اڄ جي تصوير ايتري ته عظيم آهي، جو ذڪر ڪرڻ وارا جڏهن پاڻ ﷺ جو ذڪر ڪن ٿا ته هو لغت جا آخري ۽ انتهائي لفظ پاڻ ﷺ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. جهڙوڪ: فخر موجودات، شهنشاهه ڪونين، سرور ڪائنات، مُحسن انسانيت، تاجدار عرب، آقاءِ نامدار وغيره.
هڪ ئي شخصيت جون ٻه ڌار ڌار تصويرون ڇو؟ انهيءَ جو سبب هي آهي ته پيغمبر جڏهن اچي ٿو ته هو پنهنجي همعصرن جي لاءِ پنهنجي مجرد روپ ۾ هوندو آهي. پر سوين سالن کان پوءِ هيئن ٿئي ٿو ته پيغمبر جي شخصيت سان گڏ، سندس چوڌاري پوءِ بنجندڙ تاريخ به شامل ٿي ويندي آهي. پهرين تصوير ۾ پيغمبر پنهنجي تاريخ کان سواءِ هوندو آهي ۽ ٻي تصوير ۾ پيغمبر پنهنجي تاريخي عظمتن سان نظر اچي ٿو.
قرآن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ايمان اها معتبر شئي آهي، جيڪا صحابين جي ايمان وانگر هجي. تنهن ڪري قرآن ۾ ارشاد ٿيل آهي: ”پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو اهڙي طرح ايمان آڻين، جهڙي طرح اوهان ايمان آندو آهي، ته پوءِ هنن هدايت جي واٽ ورتي ۽ پر جيڪڏهن هو منهن مُوڙي هٽي وڃن ته پوءِ سمجهه ته هو ضد تي آهن. پر الله تعاليٰ جي مدد توکي هنن جي مخالفتن جي مقابلي ۾ بلڪل ڪافي ٿيندي ۽ هو سڀ ٻُڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.“ (البقره 137)
صحابي انهن ايمان وارن کي چيو ويندو آهي، جيڪي پيغمبر جي زماني ۾ هئا. انهن ايمان وارن پيغمبر کي سندس ابتدائي تصوير سان ڏٺو. هنن پيغمبر کي انهيءَ وقت سڃاتو، جڏهن سندس ذات سان تاريخ جون عظمتون شامل نه هيون. جڏهن هو ظاهري طرح عام انسانن جهڙو هڪ انسان هو. نه ڪي اهو غير معمولي انسان، جنهن کي اڄ مذڪوره قسم جي وڏن وڏن لقبن سان بيان ڪيو وڃي ٿو. پيغمبر جي پهروڪي تصوير ئي سندس حقيقي تصوير آهي. باقي شيون پوءِ جو تاريخي واڌارو آهن. ايمان بالرسول جو ڪريڊٽ فقط انهيءَ شخص کي ملي سگهي ٿو، جيڪو پيغمبر کي سندس مجرد روپ ۾ دريافت ڪري. جيڪو تاريخ کي حذف ڪري، پيغمبر کي سندس اصل روپ ۾ سڃاڻي وٺي.
[b]غيب جو علم
[/b]قرآن مان معلوم ٿئي ٿو ته غيب جو علم فقط الله تعاليٰ جي ذات کي حاصل آهي. اللهج کان سواءِ ٻيو ڪير به غيب دانيءَ جي صفت نٿو رکي. جيئن قرآن ۾ ارشاد ڪيو ويو آهي. عالم الغيب فلايظهر علي غيبه احداً (الجن 26) معنيٰ: (اهو) ڳجهه جو ڄاڻندڙ آهي، جو پنهنجي ڳجهه تي ڪنهن هڪڙي کي به واقف نٿو ڪري.
قرآن پاڪ ۾ پيغمبر اسلام جي باري ۾ بار بار وضاحت ڪئي ويئي آهي ته پاڻ ﷺ کي غيب جو علم نه ڏنو ويو آهي. ڪن موقعن تي الله تعاليٰ حضرت جبرئيل جي ذريعي ڪن ڳالهين جي اڳواٽ خبر پاڻ ﷺ کي ٻُڌائي ڇڏي. جهڙو حديبيه جو نتيجو ’فتح مبين‘ جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ (الفتح 1) پر عمومي ۽ ذاتي صفت طور تي پاڻ ﷺ کي غيب دان نه بنايو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ قرآن پاڪ جون ڪجهه آيتون هتي نقل ڪجن ٿيون:
ــ ولو کنت اعلم الغيب لاستکثرت من الخير. (الاعراف 188)
جيڪڏهن مون کي غيب جو علم هجي ها ته گهڻائي خزانا ۽ نفعا پنهنجي لاءِ حاصل ڪيان ها.
ــ ولا اقول لکم عندي خزائن الله ولا اعلم الغيب. (هود 31)
۽ (ڏسو) مان ايئن ڪونه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن، نڪي ايئن ٿو چوان ته مان غيب جون ڳالهيون ڄاڻان ٿو.
ــ فقل انما الغيب لله فانتظروا اني معکم من المنتظرين. (يونس 20)
(اي پيغمبر) تون چئي ڏي ته غيب جو علم فقط الله جي لاءِ آهي. پوءِ ترسو، مان به توهان ترسڻ وارن مان آهيان.
ــ تلک من انباء الغيب نوحيها اليک ماکنت تعلمها. (هود 49)
(اي پيغمبر) اهي غيب جي خبرن مان آهن، جي اسان وحي جي ذريعي توکي ٻُڌائي رهيا آهيون.
اهي ۽ انهيءَ قسم جون ٻيون آيتون وضاحت سان اهو ثابت ڪن ٿيون ته پيغمبر اسلام کي غيب جو علم حاصل نه هو. پيغمبر جي لاءِ الله تعاليٰ جي سُنت اها آهي ته کيس اهائي شئي ڏني ويندي آهي، جنهن جي کيس پيغمبراڻي ذميداري ادا ڪرڻ جي لاءِ ضرورت هجي. ۽ انهيءَ ڪم جو غيب دانيءَ سان ڪوبه واسطو ڪونهي.
پيغمبر جو ڪم اهو ڪونهي ته هو ماڻهن کي غيب جون ڳالهيون ٻڌائي حيران ڪري يا انهيءَ قسم جا ڪارناما ڏيکاري ماڻهن جي مٿان پنهنجي برتري قائم ڪري، پر هو ته دعوت ۽ نصيحت جي ذريعي ماڻهن جي رهبري ڪندو آهي. اهوئي پيغمبر جو اصل ڪم آهي ۽ انهيءَ ڪم جي لاءِ غيب دانيءَ جو ڪوبه شرط ڪونهي. تنهن ڪري ڪنهن به پيغمبر کي غيب دان نه بنايو ويو.
[b]عسر (ڏک) ۾ يسر (سُک)
[/b]قرآن جي سوره نمبر 95 ۾ پيغمبر اسلام کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي: ”ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو ۽ اسان توتان اهو بار لاٿو. جنهن (بار) تنهنجي پُٺ کي ڳرو ڪيو هو ۽ اسان تو لاءِ تنهنجي تعريف بلند ڪئي. پوءِ ڏک سان گڏ، سُک آهي. بيشڪ ڏک سان گڏ سک ئي آهي. پوءِ جڏهن (به) تون واندو ٿئين ته محنت ڪر ۽ پنهنجي پالڻهار سان دل لڳائي. (الانشراح 1 ــ 8)
انهن آيتن جي ذريعي پيغمبر اسلام جي زندگيءَ جو هڪ خاص پهلو سامهون اچي ٿو. اُهو هيءَ ته الله جي توفيق ۽ الله جه جي رهنمائي جي تحت پاڻ ﷺ پنهنجي اندر اها سگهه پيدا ڪئي ته پاڻ ﷺ ڏکيائيءَ کي به آسان ڏسن. مناسب حالتون نه هوندي به عزم ۽ همت سان حالتن کي مناسب ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريو، مايوسيءَ جي موقعن تي به اُميد سان پنهنجو عمل جاري رکڻ.
انهيءَ سلسلي ۾ اللهج تعاليٰ ڪجهه مثالن سان انهيءَ معاملي کي چٽو ڪرڻ فرمايو آهي. جهڙوڪ: پيغمبر اسلام کي سختين جو تجربو ٿيو. انهن سختين پاڻ ﷺ جي ذهن کي کوليو ۽ پاڻ ﷺ کي شرح صدر (سيني جي کلڻ) جي نعمت حاصل ٿي. اهڙي طرح پاڻ ﷺ جي مخالفن، پاڻ ﷺ جي لاءِ ڀانت ڀانت جون غلط ڳالهيون پکيڙيون. پر عملي طور تي هي ٿيو جو مخالفن جي اها پروپئگنڊه، پاڻ ﷺ جي مشن جي لاءِ عمومي مشهوري جو وسيلو بنجي ويئي، وغيره.
پيغمبر اسلام جي پوئلڳن کي، پنهنجي اندر اهوئي ذهن پيدا ڪرڻ کپي. منجهن اها صلاحيت هئڻ کپي ته هو ”نه“ ۾ ”آهي“ کي ڏسن. هو ڏکيائيءَ کي سولائيءَ ۾ بدلائي سگهن.
[b]رب جو رزق
[/b]قرآن جي سوره نمبر 20 ۾ پيغمبر اسلام کي خطاب ڪندي ارشاد فرمايو ويو آهي.... ”۽ هي جو اسان مختلف قسم جي ماڻهن کي دنيوي زندگيءَ جون آرائشون، سينگار ۽ رونقون ڏنيون آهن، تن تي سندن اکيون ڌيان نه ڏين. اهي سڀ انهيءَ لاءِ آهن، جو اسان هنن (گناهگارن) کي آزمائش ۾ وڌو آهي. ۽ جيڪا تنهنجي پروردگار جي بخشيل روزي آهي، سا ئي بهتر آهي باقي رهڻ واري. ۽ پنهنجي گهر وارن کي به نماز جو حڪم ڏي ۽ اُن تي مضبوطي سان ڄميو رهه. اسان توکان رزق ڪونه ٿا گهرون. اسان بخشڻ وارا آهيون ۽ (چڱي) پڇاڙي تقويٰ جي لاءِ آهي.“ (طه 132 ــ 131)
پيغمبر هن دنيا ۾ رهندو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو زندگي گذارين ٿا. پر عام ماڻهو هن دنيا کي پنهنجو مقصد بنايو وٺن. هو وڌ ۾ وڌ پنهنجي لاءِ دنيا جو سامان ڪٺو ڪن ٿا. پر پيغمبر کي هن دنيا ۾ اهڙي طرح زندگي گذارڻي هوندي آهي، جو هو دنيا ۾ ته رهي، پر دنيا کي پنهنجو مقصد نه بنائي ۽ نه وري دنيا کان مالي رزق طلبي. پر اهو اُن کي رباني رزق جو ذريعو بنائي وٺي.
دنيا ۾ هڪ شخص ايمان ۽ دعوت جي زندگي اختيار ڪري ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس زندگي تڪليفن واري زندگي بنجيو وڃي. ٻي پاسي اهو حال آهي ته جيڪي ماڻهو ان قسم جي ذميداريءَ کان آجا آهن، سي آرام ۽ سڪون ۾ پنهنجا ڏينهن گذارين ٿا. انهيءَ صورتحال کي چٽو ڪرڻ جي لاءِ شيطان ماڻهوءَ جي دل ۾ وسوسو وجهي ٿو. هو مومن ۽ داعي کي واٽ تان ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
پر گهرائيءَ ۾ وڃي ڏسبو ته اُن ظاهري فرق جي اڳيان هڪ ٻيو فرق به آهي، جيڪو فرق وڌيڪ ڌيان جوڳو آهي. اهو فرق هيءَ آهي ته دنيا پرست ماڻهن کي جيڪا شئي ملي آهي، اها فقط وقتي آهي. ان کان پوءِ، اُن سدائين رهڻ واري زندگيءَ ۾ سندن لاءِ ڪجهه به ڪونهي. مومن ۽ داعي کي خدا سان ڳانڍاپو اختيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ جيڪا شئي ملي ٿي، اها دنيا جي سڀني شين کان وڌيڪ ملهائتي آهي. اها آهي... الله جي ياد، آخرت جو فڪر، عبادت ۽ تقويٰ جي زندگي. خدا جي ٻانهن کي آخرت ۾ پڪڙ کان بچائڻ جي لاءِ فڪرمند ٿيڻ. اهو به رزق آهي ۽ اهو وڌيڪ اعليٰ رزق آهي. ڇو ته اهو آخرت ۾ اهڙين اڻ ڳڻين نعمتن جي شڪل ۾ ماڻهوءَ طرف موٽايون وينديون، جيڪي ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ واريون هونديون.
[b]بنيادي ڪم
[/b]قرآن جي سوره نمبر 74 ۾ پيغمبر کي خطاب ڪندي ارشاد ٿيل آهي ته... ”اي ڪپڙي ۾ ويڙهجڻ وارا، اُٿي پوءِ (ڀليل) ماڻهن کي ڊيڄار ۽ پنهنجي پالڻهار جي وڏائي بيان ڪر ۽ پنهنجي پوشاڪ کي پاڪ رک ۽ گند کان پري رهه. ۽ (پوءِ الله جي مخلوق تي) هن لاءِ احسان نه ڪر ته (اُن جي موٽ ۾) گهڻو (بدلو) ملي ۽ پنهنجي پالڻهار جي لاءِ صبر ڪر.“ (المدثر 1 ــ 7)
قرآن جي انهن آيتن موجب، هن دنيا ۾ پيغمبر جو ڪم، آخرت ۾ پيش ايندڙ سنگين مسئلي کان ماڻهن کي واقف ڪرڻ آهي. اهو ڪم اهوئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جي دل اللهج جي وڏائي سان ڀريل هجي. جيڪو سُٺي اخلاق جو مالڪ هجي. جيڪو هر قسم جي برائيءَ کان پري هجي. جيڪو موٽ جي اميد کان سواءِ نيڪي ڪري، جيڪو ٻين پاران پيش ايندڙ تڪليفن تي صبر ڪري سگهي.
[b]چار ذميداريون
[/b]پيغمبر اسلام ﷺ کي حضرت ابراهيم جي دعا يا دعاءِ خليل چيو وڃي ٿو. انهيءَ جو سبب هيءَ آهي ته جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام، پنهنجي پُٽ حضرت اسماعيل کي سندس امڙ بيبي هاجران سان گڏ حجاز جي ريگستان ۾ رهايو ته اُن وقت انهن جي لاءِ جيڪي دعائون گهريون، انهن مان هڪ دعا هيءَ هئي ته: ”اي اسان جا پروردگار! انهن منجهان هڪڙو رسول موڪلجان، جيڪو تنهنجون آيتون ماڻهن کي پڙهي ٻُڌائي. اللهج جو ڪتاب ۽ عقل ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون سيکاري ۽ هنن جون دليون پاڪ ڪري ڇڏي. اي پروردگار! بيشڪ تون ئي آهين، جو وڏي شان ۽ قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهين. (البقره 129)
هن آيت موجب، پيغمبر جو پهريون ڪم آيتن کي پڙهي ٻُڌائڻ آهي. آيت جي معنيٰ نشاني آهي. يعني اها شئي، جيڪا ڪنهن شئي جي مٿان دليل بنجي. انسان جي فطرت ۾ ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ الله تعاليٰ پنهنجي معرفت جون اڻ ڳڻيون نشانيون رکيون آهن. اهي اشارن جي صورت ۾ آهن. پيغمبر اُنهن اشارن کي کوليندو آهي. هو ماڻهوءَ کي اهڙي نظر ڏيندو آهي، جنهن سان هو هر شئي ۾ پنهنجي پالڻهار جو جلوه ڏسڻ لڳندو آهي. ڪتاب مان مطلب قرآن آهي.
نبيءَ جو ٻيو ڪم هيءُ آهي ته هو الله جي وحيءَ جو ترجمان هوندو آهي ۽ اُها خدا کان وٺي انسان تائين پهچائيندو آهي.
حڪمت جو مطلب بصيرت آهي. جڏهن ماڻهو خدا جي نشانين کي ڏسڻ جي نظر پيدا ڪري وٺندو آهي، جڏهن هو قرآني تعليم موجب پنهنجو ذهن ٺاهي وٺندو آهي ته انهيءَ جي اندر هڪ فڪري روشني ٻَرڻ لڳندي آهي. هو پنهنجو پاڻ کي حقيقت اعليٰ جو هم شعور بڻائي وٺندو آهي. هو هر معاملي ۾ انهيءَ صحيح معاملي تائين پهچي ويندو آهي، جيڪو الله تعاليٰ کي گهربل هوندو آهي.
تزڪيه جو مطلب، ڪنهن شئي کي اڻ وڻندڙ عنصرن کان پاڪ ڪرڻ آهي، ته جيئن ماڻهو بهتر فضا ۾ پنهنجي فطري ڪمال تائين پهچي سگهي. نبيءَ جي آخري ڪوشش هيءَ هوندي آهي ته اهڙا انسان تيار هجن، جن جون دليون الله جي عقيدت کان سواءِ هر عقيدت کان خالي هجن. اهڙا روح وجود ۾ اچن، جيڪي نفسياتي مونجهارن کان آجا هجن. اهڙا ماڻهو پيدا ٿين، جيڪي ڪائنات مان اهو رزق رباني حاصل ڪري سگهن، جيڪو اللهج پنهنجي مومن بندن جي لاءِ رکي ڇڏيو آهي.
اهي چار ڪم پيغمبر اسلام جي مشن جا بنيادي جزا هئا. پاڻ ﷺ جون سڀئي سرگرميون انهن چئن شين جو تفصيل آهن. پاڻ ﷺ کان پوءِ پاڻ ﷺ جي پيرويءَ ۾ جيڪي ماڻهو انسانيت جي سڌاري لاءِ اُٿندا، تن کي به انهن ئي طريقن تي ڪم ڪرڻو آهي، جن تي پيغمبر اسلام خدا جي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي.
[b]اللهج جي دين جي دعوت
[/b]قرآن جي سوره نمبر 5 ۾ پيغمبر کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي ته: ”اي پيغمبر! تنهنجي پالڻهار جي طرف کان جيڪي توتي نازل ٿيو آهي، تنهن کي (خدا جي بندن تائين) پهچاءِ. ۽ جيڪڏهن تو ايئن نه ڪيو ته پوءِ تو خدا جو پيغام نه پهچايو. ۽ الله توکي ماڻهن (جي شرارتن) کان بچائيندو. هو انهيءَ ٽولي تي (ڪاميابيءَ جي) واٽ نٿو کولي، جنهن ڪفر جي واٽ ورتي.“ (المائده 67)
انهيءَ آيت موجب، پيغمبر جو اصل ڪم الله طرفان نازل ڪيل آيتن جو پرچار ڪرڻ هو. انهيءَ ڪم جا هڪ ئي وقت ٻه پهلو هئا. هڪ هيءَ ته انهيءَ کي پورو ڪرڻ، پنهنجي پيغمبريءَ جي فرضن کي پورو ڪرڻ هو. ٻيو هي ته اهوئي ڪم پيغمبر جي لاءِ ماڻهن جي حفاظت جو ذريعو به هو.
پيغمبر جڏهن به پنهنجي ماحول ۾ حق جي دعوت پيش ڪري ٿو ته کيس ٻُڌندڙن جي طرف کان سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. اهو ردعمل موجوده اصطلاح ۾ سيڪيولر ماڻهن طرفان پيش نٿو اچي. بلڪه گهڻين حالتن ۾ اهو انهن ماڻهن طرفان پيش ايندو آهي، جيڪي مذهب جي نالي تي پنهنجي پيشوائي ۽ اڳواڻي قائم ڪريو ويٺا آهن.
ٻُڌندڙن جي طرف کان اهڙو ردعمل هڪ فطري شئي آهي، ڇو ته پيغمبر جي دعوت انهن ماڻهن کي بي اعتبار ثابت ڪرڻ جي برابر هوندي آهي، جيڪي هٿ ٺوڪئي مذهب جي بنياد تي بيٺل هوندا آهن. حق جي دعوت ڏيندڙ کي انهي صورتحال سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. پر انهيءَ جو اثر انهيءَ دائري تائين محدود رهندو آهي، جيترو خدا جي قانون جي آزمائش جي تقاضا آهي. ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي ته مخالف انهيءَ حد تائين صورتحال تي قابو پائي وٺن، جو هو دعوتي مهم روڪي ڇڏين يا انهيءَ کي پنهنجي تڪميل تائين پهچڻ نه ڏين. هڪ سچي دعوت جو پنهنجي دعوتي نشان تائين پهچڻ هڪ خدائي رٿا هوندي آهي، تنهن ڪري اها لازمي طور تي پوري ٿيندي آهي. انهيءَ کان پوءِ مدعو ٽولي جو مڃڻ سندن پنهنجي ذميداري آهي، جيڪا ايترو ئي نتيجو ڏيندي آهي، جيترو مدعو چاهيندو آهي.
[b]هڪ طرفي خيرخواهي
[/b]احد جي جنگ (3هه) ۾ اسلام جي مخالفن جو تعداد غير متناسب طور تي وڌيڪ هو. تنهنڪري انهيءَ جنگ ۾ مسلمانن کي ڪافي نقصان سهڻو پيو. خود پيغمبر اسلام سان به اهو واقعو پيش آيو ته مخالف لشڪر جي طرف کان پاڻ ﷺ کي پٿر هنيا ويا. پاڻ ڪافي زخمي ٿي پيا. انهيءَ نازڪ موقعي تي پاڻ ﷺ جي زبان مان هي لفظ نڪتا ”هي ماڻهو ڪيئن فلاح پائيندا، جن پنهنجي نبيءَ سان ههڙو سلوڪ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اهو کين پنهنجي رب جي طرف سڏي رهيو آهي.“ (تفسير ابن ڪثير 1/ 403)
اهو پيغمبر سان هڪ کليل ظلم جو واقعو هو. پر الله تعاليٰ کي اها ڳالهه پسند نه آئي. تنهن ڪري انهيءَ وقت جبرئيل خدا جي طرفان هيءَ آيت کڻي نازل ٿيو: ”(اي پيغمبر) توکي هن معاملي ۾ ڪوئي دخل ڪونهي، هي الله جي هٿ ۾ آهي ته جنهن کي وڻيس معاف ڪري ۽ جنهن کي وڻيس عذاب ڏي، ڇو ته يقيناً هو ظالم آهن.“ (آل عمران 128)
انهيءَ موجب پيغمبر جي لاءِ اهو لازمي هوندو آهي ته هو جن ماڻهن کي حق جي دعوت ڏي، تن جو هڪ طرفي طور تي خيرخواهه بنجي. ايستائين جو هو کيس پنهنجي ظلم ۽ زيادتيءَ جو شڪار بنائين، تڏهن به هو سندن همدرد ۽ خيرخواهه بنيو رهي. هو پٿر هڻندڙن جي حق ۾ به دعائون ڪري. هو سرڪشي ڪندڙن سان نرميءَ سان پيش اچي. هو نفرت ڪندڙن سان شفقت ۽ ٻاجهائپ سان پيش اچي. مدعوءَ جي انجام کي خدا جي حوالي ڪندي، پڇاڙي وقت تائين هو کيس نصيحت ڪندو رهي.
پيغمبر جو اهوئي نمونو هر دعوت ڏيندڙ کي پنهنجي مدعوءَ سان اختيار ڪرڻ کپي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رويو، ڪنهن حق جي دعوت ڏيندڙ جي لاءِ جائز ڪونهي.
[b]هاڪاري ردعمل
[/b]قرآن ۾ پيغمبر اسلام کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي ته ”(اي پيغمبر) ماڻهن کي پنهنجي پروردگار جي راهه ڏانهن سڏ. هن طرح جون حڪمت (عقل ۽ ڏاهپ) جون ڳالهيون بيان ڪر ۽ سهڻي نموني سان واعظ ۽ نصيحت ڪر. ۽ جيڪڏهن مخالفن سان بحث ڪرينءَ ته اهڙي طريقي سان ڪر، جو حسن ۽ خوبيءَ جو طريقو هجي. بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس راهه کان نڪري گمراهه ٿي ويو آهي ۽ ڪير سڌي ۽ سچي راهه تي آهي.“ (النحل 125)
اهڙي طرح قرآن ۾ ٻي هنڌ فرمايو ويو آهي ته: گفتار ۾ انهيءَ شخص کان ڪير بهتر ٿي سگهي ٿو، جيڪو الله ڏي سڏي ٿو ۽ نيڪ ڪم ڪري ٿو ۽ اعلان ڪري ٿو ته يقيناً آئون (پاڻ) فرمانبردارن مان آهيان ۽ نيڪي ۽ بدي هرگز برابر ناهن. تون، (بدي ۽ برائي کي) انهيءَ طريقي سان پري ڪر، جيڪو بهترين طريقو هجي ۽ پوءِ نتيجو هي ٿيندو جو جنهن شخص ۽ تنهنجي وچ ۾ بي اتفاقي يا دشمني هئي، سو اهڙو ته ٿي پوندو، جو ڄڻ ته هو گهرو ۽ گهاٽو دوست آهي. (حٰم السجده 33 ــ 34)
هت ٻنهي آيتن ۾ پيغمبر اسلام جو داعيانه ڪردار معلوم ٿئي ٿو، دعوت جو پيغام هڪ احسن قول آهي. پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان اهو هڪ اهڙو ڪلام آهي، جنهن ۾ انسان جي لاءِ رحمت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. پر دعوت جي تقاضا اها هوندي آهي ته ماڻهو پنهنجي غلطين کي سُڌاري. هو هڪ زندگيءَ کي ڇڏي ٻي زندگي اختيار ڪري. پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ انهيءَ قسم جي تبديلي عام طور تي انسان جي لاءِ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي. تنهن ڪري اڪثر هيئن ٿيندو آهي ته مدعوءَ جي طرف کان داعيءَ کي خراب سلوڪ جو تجربو ڪرڻو پوندو آهي.
اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن دعوت ڏيندڙ خراب سلوڪ جي جواب ۾ پاڻ به خراب سلوڪ ڪندو ته داعي ۽ مدعوءَ جي وچ ۾ اها اعتدال واري فضا ختم ٿي ويندي، جيڪا دعوتي عمل جي لاءِ ضروري آهي. تنهن ڪري پيغمبر کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ماڻهن جي خراب سلوڪ جي جواب ۾ تون سٺو سلوڪ ڪر. اهڙي طرح دعوتي فضا برقرار رهندي ۽ نيٺ اهو وقت ايندو، جڏهن تنهنجي ڳالهه ماڻهن جي دلين ۾ ويهي رهندي. ايتري قدر جو مخالف به تنهنجا ساٿي ۽ هم خيال بنجي ويندا.
انهن آيتن مان پيغمبر جي جيڪا تصوير معلوم ٿئي ٿي، اُها هيءَ ته پيغمبر جو طريقو هڪ طرفي سٺي سلوڪ جو طريقو هو. پيغمبر جي نظر ڪنهن ماڻهوءَ جي حال تي نه پر سندس مستقل تي هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو شخص پيغمبر سان خراب هلت هلي ته پيغمبر انهيءَ کي نظرانداز ڪندو هو. کيس يقين هو ته سندس ٻُڌندڙ نيٺ به حق جي اهميت کي سمجهندو ۽ انهيءَ کي قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو. پيغمبر جي نظر ۾ دشمن دوست هوندو آهي. پيغمبر کي پنهنجو اڄ جو مخالف سڀاڻي جو ساٿي نظر ايندو آهي.
[b]صبر وارو ڪردار
[/b]قرآن جي سوره 46 ۾ پيغمبر ﷺ کي خطاب ڪندي ارشاد فرمايو ويو آهي... ”سو (اي پيغمبر) تون صبر ڪر ۽ ثابت قدم رهه. جيئن اڳوڻا عالي همت رسول ثابت قدم رهيا ۽ هنن (ڪافرن) بابت تڪڙ نه ڪر. ڇو ته هي ماڻهو جنهن ڏينهن اهو (عذاب) ڏسندا، جنهن جو کين واعدو ڏنل آهي (تنهن ڏينهن ايئن پيو معلوم ٿيندو ته ڄڻ ته) هو ڏينهن جي به ڪا گهڙي مس ترسيا هئا. (تنهنجو ڪم آهي فقط) پيغام پهچائڻ. (ياد رکو ته) فقط اهي ئي تباهه ٿيندا، جيڪي (خدا جا) نافرمان باغي هئا.“ (الاحقاف 35)
پيغمبر جي ڪردار جو سڀ کان چٽو پهلو صبر آهي. حق جي دعوت ڏيڻ واري کي سدائين صبر جي زمين تي بيهڻو پوندو آهي، صبر اصل ۾ اُن شئي جو نالو آهي، ته مدعوءَ جي ڏنل تڪليفن جي باوجود، دعوت ڏيندڙ انهن کي هڪ طرفي طور تي نظرانداز ڪندو رهي. هو مدعوءَ جي ضد ۽ انڪار جي باوجود به لڳاتار کيس دعوت ڏيندو رهي. داعي پنهنجي مدعوءَ جو هر حالت ۾ خيرخواهه بڻيو رهي. پوءِ ڀلي مدعوءَ جي طرف کان ڪيترين ئي اڻ وڻندڙ شين جو تجربو ٿيندو رهيو هجي. اهو هڪ طرفو صبر انهيءَ ڪري به ضروري آهي ته انهيءَ کان سواءِ مدعوءَ جي مٿان خدا جي حجت پوري نٿي ٿئي.
خدا جي سڀني پيغمبرن هر زماني ۾ اهڙي طرح سهپ ۽ ثابت قدميءَ سان حق جي دعوت جو ڪم ڪيو. آئنده به پيغمبرن جي رهبريءَ ۾ جيڪي ماڻهو حق جي دعوت جو ڪم ڪندا، تن کي انهيءَ ئي نموني جي دعوت جو ڪم ڪرڻو آهي. خدا وٽ داعي جو مقام فقط انهن ماڻهن جي لاءِ مقدر آهي، جيڪي هڪ طرفي سهپ جو حوصلو ڏيکاري سگهن.
[b]پيغمبر جي شخصيت
[/b]قرآن جي سوره نمبر 9 ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي باري ۾ ارشاد ٿيو آهي ته .... ”اوهان وٽ هڪ رسول اچي ويو آهي، جيڪو اوهان منجهان آهي. توهان جي ڏک ۽ تڪليف ۾ پوڻ هن کي ڏاڍو ڏکارو ٿو ڪري، هن کي اوهان جي ڀلائيءَ جو ڏاڍو اونو آهي. هو مومنن جي لاءِ شفقت رکندڙ (مهربان) ۽ رحم وارو آهي. (اي پيغمبر) جيڪڏهن انهيءَ هوندي به هي ماڻهو منهن موڙين ته کين ٻُڌائي ڇڏ ته الله جو سهارو ڪافي آهي. ڪوبه معبود ڪونهي، پر فقط سندس ذات، مون انهيءَ تي ڀروسو رکيو. هو عرش عظيم جو خداوند آهي.“ (التوبه 128 ــ 129)
هن آيت ۾ رسول الله ﷺ جي اها تصوير ٻُڌائي ويئي آهي ته اسلام جي جدوجهد ۾ سندس سڄو ڀروسو فقط هڪ الله جه تي آهي. هو ماڻهن کي جنهن خدا طرف سڏڻ جي لاءِ اُٿيو آهي، اهو اهڙو خدا آهي، جيڪو سڄي جهان جو مالڪ آهي. سڀني خزانن جو ڪنجيون وٽس ئي آهن. رسول انهيءَ ئي ايمان ۽ يقين جي سرزمين تي بيٺو آهي. تنهنڪري بلڪل فطري آهي ته انهي جو سڄو ڀروسو فقط هڪ خدا تي آهي. هو هر قسم جي مصلحتن ۽ انديشن کان بي پرواهه ٿي حق جي خدمت ۾ لڳو رهي.
پوءِ اهو به ٻُڌايو ويو آهي ته خدا جو رسول ماڻهن جي حق ۾ بي حد ٻاجهائپ وارو ۽ مهربان آهي. هو ٻين جي تڪليفن تي ايئن ئي ڏکارو ٿئي ٿو، ڄڻ اها تڪليف مٿس آئي هجي. هو حرص جي حد تائين ماڻهن جي هدايت جو گهورو آهي. حق جي دعوت ۾ هن جنهن شئي کي متحرڪ ڪيو آهي، اهو سراسر خيرخواهيءَ جو جذبو آهي، نه ڪو شخصي حوصلو يا قومي مسئلو. هو ماڻهن جي ڀلائيءَ جي لاءِ اُٿيو آهي، نه ڪي پنهنجي ڪنهن ذاتي خوف لاءِ.
عبدالله بن مسعود کان روايت آهي ته: پاڻ ﷺ فرمايو ته ماڻهو پتنگن جيان باهه ۾ ڪري رهيا آهن ۽ آئون کين جهلي باهه ۾ ڪرڻ کان روڪي رهيو آهيان.“ (مسند احمد)
رسول جي ان تصوير جي شڪل ۾، حق جي دعوت ڏيندڙ جي تصوير هميشه جي لاءِ ٻُڌائي ڇڏي ويئي آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام جي دعوت ڏيندڙ جي اندر ٻن خاص گُڻن جو چٽو هئڻ ضروري آهي. هڪ اهو ته انهيءَ جو ڀروسو الله تي هجي. ٻيو اهو ته سندس دل ۾ مدعوءَ جي لاءِ فقط ڀلائي ۽ خيرخواهيءَ جو جذبو هجي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هجي. جيتوڻيڪ مدعوءَ جي طرف کان ڀانت ڀانت جون شڪايتون پيش اچن ٿيون. انهي جي ۽ داعيءَ جي وچ ۾ قومي ۽ مادي جهڳڙا به ٿي سگهن ٿا. انهن سڀني جي باوجود اهو ضروري آهي ته داعي انهن سڀني شين کي نظرانداز ڪري ۽ مدعو جي لاءِ رحمت ۽ خيرخواهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه جذبو پنهنجي اندر ۾ پيدا نه ٿيڻ ڏي.
داعيءَ کي ردعمل جي نفسيات کان مٿانهون ٿيڻو ٿو پوي. کيس هڪ طرفي طور تي ائين ڪرڻو پوندو آهي ته مدعو جو خيرخواهه بنيو رهي. پوءِ ڀلي مدعو سندس خلاف ڪيترو ئي شڪايت جوڳو رويو ڇو نه اختيار ڪيو هجي. داعي خدا جي لاءِ ۽ مدعو پنهنجي ذات جي لاءِ جيئندو آهي.