ختم نبوت
ماکان محمد ﷺ ابا احد من رجالکم ولکن رسول الله و خاتم النبين و کان الله بکل شئي عليما. (الاحزاب 40)
”خاتم“ جي معنيٰ (Seal) آهي، هتي ان جو مطلب اهوئي عمل آهي، جنهن کي عام ماڻهو ”مهربند“ چوندا آهن. هڪ شئي اسٽئمپ ۽ ٻي شئي سيل آهي. اسٽئمپ (ٺپو) ڪنهن شئي جي پڇاڙيءَ ۾ تصديق جي لاءِ هوندي آهي ۽ سيل ان جي پڇاڙيءَ ۾ مهربند ڪرڻ جي لاءِ هوندي آهي، جڏهن ڪنهن لکت کي لفافي ۾ رکي ان کي بند ڪري، پوءِ ان جي مٿان پُڄاڻيءَ جي مهر هڻبي آهي ته ان کي ”سيل“ ڪرڻ چئبو آهي.
هن آيت مان ”خاتم“ جو مطلب اها ئي ”سيل“ آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته حضرت محمد ﷺ نبين جي ”سيل“ آهي. پاڻ سڳورن جو اچڻ، نبوت جي سلسلي کي ختم ڪري ٿو ڇڏي.
ڪنهن شئي کي سيل ڪرڻ جو مطلب ان کي آخر ۾ بند ڪرڻ آهي ته ان کان پوءِ هن جي اندران ڪابه شئي نه ٻاهر نڪرندي ۽ نه وري ان جي اندر ويندي. تنهن ڪري عربي ۾ قوم جو خاتم، قوم جي آخري شخص کي چيو ويندو آهي. يعني اهو شخص، جنهن کان پوءِ فهرست ۾ ٻي ڪنهن شخص جو نالو نه هجي. (خاتم القوم آخرهم).
هتي ”خاتم“ جو مطلب اهو ڪونهي ته هاڻ محمد ﷺ جي مهر (اسٽئمپ) جي تصديق سان نبي ايندا. جيئن ڪجهه نبوت جا دعويدار غلط طور تي چوندا آهن. اهو مفهوم عربي زبان ۽ ادب جي سراسر ابتڙ آهي.
وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪو اهڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته خود محمد ﷺ، سندس دعويٰ جي کليل ترديد ڪري رهيو آهي، ڇو ته پاڻ سڳورن ثابت طور تي اهو فرمائي ڇڏيو ته مون تي نبوت ختم ٿي ويئي، هاڻ قيامت تائين ڪو ٻيو نبي اچڻ وارو ڪونهي. اها ڳالهه ڪيترين ئي روايتن مان ثابت آهي. ان سلسلي ۾ هتي ڪجهه حديثون پيش ڪجن ٿيون.
رسالت ۽ نبوت ختم ٿي ويئي، مون کان پوءِ نه ڪو رسول آهي ۽ نه ڪو نبي. (احد والترمذي)
مون تي نبين جي پڄاڻي ٿي. (البخاري)
مون تي نبين جي آمد ختم ٿي ويئي. (الترمذي)
آئون عاقب آهيان، جنهن کان پوءِ ڪو نبي ڪونهي. (صحيحين)
آئون محمد ﷺ آهيان، اُمي پيغمبر ۽ مون کان پوءِ ڪو به نبي ڪونهي. (احمد)
مفسر ابن ڪثير ان سلسلي ۾ روايتن کي تفصيل سان گڏ ڪري ڇڏيو آهي. اُتي انهن کي ڏسي سگهجي ٿو. پڙهو تفسير ابن ڪثير جلد 3 صفحو 493 ــ 494.
سورة الاحزاب جي مذڪوره آيت کان سواءِ قرآن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون آيتون آهن، جيڪي اڻ سڌي طرح ان ڳالهه جو ثبوت فراهم ڪن ٿيون ته پيغمبر اسلام کان پوءِ هاڻ نه ڪو نبي اچڻ وارو آهي ۽ نه ڪنهن خدائي منصوبي موجب ڪنهن ٻي نبيءَ جي گهرج آهي. ان سلسلي ۾ هڪ آيت هيءَ آهي:
”اڄ مون اوهان جي دين کي اوهان جي لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو.“ يعني اوهان کي جيڪي احڪام ڏيڻا هئا، اهي سڀ ڏنا ويا. اوهان جي لاءِ جيڪو ڪجهه موڪلڻو هو، اهو سڀ موڪلجي چڪو. هتي لاڳاپيل معنيٰ ۾ دين جي مڪمل ڪرڻ جو ذڪر ڪونهي، بلڪه اُمت محمديءَ تي جيڪو قرآن نازل ٿيڻ شروع ٿيو هو. ان قرآن جي پوري ٿيڻ جو اعلان ٿيو. اهو نزول جي تڪميل جو ذڪر آهي، نه ڪي دين جي تڪميل جو. ان جي لاءِ لفظ هن ريت نه آهن ته، ”اڄ مون دين کي مڪمل ڪري ڇڏيو.“ پرفرمايو ويو ته ”اڄ مون اوهان جي دين کي اوهان جي لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو.“ حقيقت اها آهي ته خدا جو دين هر زماني ۾ پنهنجي مڪمل صورت ۾ انسان کي ڏنو ويو آهي، خدا ڪڏهن به اڻ پورو دين نه موڪليو آهي.
قرآن کي مڃيندڙ امت کي خدا ايترو ته سگهارن بنيادن تي قائم ڪري ڇڏيو آهي، جو اها پنهنجي امڪاني سگهه جي لحاظ کان هر ٻاهرينءَ خطري جي منهن مان ٻاهر نڪري چڪي آهي. هاڻ ان کي جيڪڏهن ڪو نقصان پهچندو ته اندرين ڪمزورين جي ڪري، نه ڪي ٻاهرين حملن جي ڪري ۽ اندرين ڪمزورين کان پاڪ رهڻ جي سڀ کان وڏي ضمانت اها آهي ته ان جا فرد الله کان ڊڄڻ وارا هجن.
ان آيت ”اڪمال دين“ (دين جو مڪمل ٿيڻ) جو مطلب حڪمن جي فهرست جي تڪميل نه آهي. يعني ان جو مطلب اهو ڪونهي ته زندگي جي مڙني شعبن بابت جيڪي احڪام آهن، اهي سڀ آخري پيغمبر تي لاهي ڇڏيا ويا آهن. ان آيت ۾ اکملت لکم دينکم جو مطلب حڪمن ۽ مسئلن جي تڪميل نه، پر ان جو مطلب دين جو استحڪام آهي. يعني هاڻ خدا جو دين سگهارن بنيادن تي قائم ٿي چڪو آهي. سندس اهو استحڪام ايترو ته وڌيڪ مڪمل آهي ته اهو انڪار يا باطل جي هر سازش جي پڪڙ مان ٻاهراچي چڪو آهي. هاڻ قيامت تائين، ڪنهن جون به مخالفاڻيون اٽڪلون ان کي نقصان پهچائڻ واريون نه آهن. ان آيت جي تفسير ۾ صحيح قول اهو آهي، جنهن کي ”مفسر النفسي“ پنهنجي تعبير ۾ لکيو آهي. هن ان آيت تحت لکيو آهي:
(مون اوهان لاءِ اوهان جي دين کي مڪمل ڪيو) ايئن اوهان کي اوهان جي دشمن کان محفوظ ڪري ۽ اوهان کي ان جي مٿان غالب ڪري ڇڏيو. جيئن بادشاهه چوندا آهن ته اڄ اسان جو اقتدار سگهارو ٿي ويو، يعني اسان کي جنهن کان ڀؤ ڀولو هو، تنهن کان اسين محفوظ ٿي وياسين. (تفسير النسنعي 1/270)
اها آيت اڻ سڌي انداز ۾ ختم نبوت جو اعلان آهي. ڪنهن نئين نبيءَ جي آمد ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن پوئين پيغمبر جي ذريعي آيل دين اصل صورت ۾ موجود نه رهي. دنيا خدا جي سچي رهنمائي (نه ڪي ڪامل رهنمائي) کان محروم ٿي ويئي هجي. هاڻ جڏهن دين ۾ استحڪام اُن ڳالهه جي ضمانت بنجي ويو آهي ته ڪا سازش يا مخالفاڻي ٽل، خدا جي دين جي حقيقي صورت کي بگاڙي نه سگهندي ته ڪنهن نئين نبي جي آمد جي سري کان ضرورت باقي نٿي رهي.
هاڻوڪي زماني ۾ ڪجهه پاڻمرادو نبوت جا دعويدار نبين نئون مذهب جوڙيو. جهڙوڪ: بهاالله (وفات 1892ع) ۽ هندستان جو مرزا غلام احمد قادياني (وفات 1908ع) انهن پنهنجي نبوت جي حق ۾ گڏيل طور تي اهو دليل ڏنو ته هاڻ زمانو بدلجي ويو آهي انسانيت روايتي دؤر کان نڪري سائنسي دؤر ۾ يا دستڪاريءَ جي دور کان به اڳتي نڪري مشيني دور ۾ داخل ٿي ويئي آهي. تنهن ڪري اها ضرورت پيش اچي ويئي آهي ته انسان کي بدليل حالتن موجب نئين سر رهنمائي ڏني وڃي. ان آڌار تي هنن دعويٰ ڪئي ته ان گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ خدا کين نبي بنايو آهي ۽ پنهنجو ڪلام اسان جي مٿان لاٿو آهي.
اهو دليل سراسري بي بنياد ۽ اڻ واسطيدار آهي. اها ڳالهه ته درست آهي ته هاڻوڪي دور ۾ تمدن ۽ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان تمام گهڻيون تبديليون ٿيون آهن، پر انهن شين جو وحي ۽ نبوت سان ڪوبه واسطو نه آهي.
تمدني سببن ۽ ذريعن جو واسطو انهن شين سان آهي، جن بابت پيغمبر اسلام فرمايو: انتم اعلم بامرد دنياکم (اوهين دنيا جي معاملن کي وڌيڪ ڄاڻو ٿا) (صحيح مسلم بشرح النوري 15/118)
خدا جو پيغمبر زندگي جا اصول ٻڌائڻ ٿو اچي. هو تمدني سببن ۽ ذريعن کي ٻڌائڻ جي لاءِ نٿو اچي. تنهن ڪري تمدني ترقيءَ جي حوالي سان نئين پيغمبر جي آمد تي دليل آڻڻ سراسر بي بنياد ڳالهه آهي، ان جو واسطو نه شريعت سان آهي ۽ نه ئي وري عقل سان.
سر ظفر الله خان هڪ قادياني هو. هن قاديانيت جي حمايت ۾ انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو، هو مرزا غلام احمد کي دؤر حاضر جو نبي مڃيندو هو. سندس چوڻ آهي ته هاڻوڪو زمانو هڪ بدليل زمانو آهي ۽ ان بدليل زماني ۾ خدا جي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر هڪ نئين نبيءَ جي ضرورت آهي، مرزا غلام احمد قادياني ان گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهي.
اهو استدلال رڳو هڪ مغالطو آهي. نبي جو واسطو زماني جي تبديليءَ سان نه پر ان ڳالهه سان آهي ته خدائي متن (ڪتاب) محرف/ بدلجي يا غير موجود ٿي ويو هجي. زمانو سدائين بدلبو رهندو آهي ۽ زماني جي تبديليءَ جي لحاظ کان گهرج هوندي آهي ته دين حق جي ٻيهر تشريح ڪئي وڃي، پر ان نئين تشريح جو ڪم عالم ۽ مجتهد انجام ڏيندا آهن، تنهن ڪري ان جي لاءِ ڪنهن نئين نبي جي بعثت جي ڪابه گهرج ڪونهي.
جيئن اسان کي خبر آهي ته قرآن، مڪمل طور تي اڄ به اصلي حالت ۾ موجود آهي. ان جي متن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڦيرگهير نه ٿي آهي ۽ جڏهن خدا جو ڪلام قرآن جي صورت ۾ محفوظ آهي ته پوءِ نئين نبيءَ جي آمد جو ڪو سوال ئي ڪونهي.
ان معاملي ۾ هڪ مثال هيءَ به آهي ته موجوده زماني جي نبوت جي دعويدارن اهو چيو ته هاڻوڪي صنعتي دؤر ۾ جيڪي مسئلا پيدا ٿيا آهن، انهن ۾ هڪ مسئلو گڏيل سماج جو آهي. صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ اچ ۽ وڃ وڌي ويئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نئين صورتحال پيدا ٿي، جڏهن ته ڪنهن ملڪ ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا ماڻهو اچي آباد ٿيا. ساڳي طرح اڪثر ملڪن ۾ گڏيل مذهبي سماج (ملٽي رليجيس سوسائٽي) قائم ٿي. انهن چيو ته اسلام ۾ واحد مذهبي سماج (يوني رليجيس سوسائٽي) جا احڪام ته موجود آهن، پر گڏيل مذهبي سماج جا حڪم موجود نه آهن. ان نئين ضرورت جي تقاضا اها آهي ته ٻيهر هڪ نبي اچي، جيڪو اُن مسئلي جي باري ۾ خدائي احڪام سُڻائي.
انهن نبوت جي دعويدارن ان مسئلي جو نبيرو اهو ٻڌايو آهي ته سچائي هر مذهب ۾ ملي ٿي ۽ انهن جو اشارو خود قرآن جي هن آيت ۾ موجود آهي. وانه لفي زبرالاولين (الشعراء 196) هنن چيو، جيئن ته سچائي هر مذهب ۾ موجود آهي، تنهن ڪري هر مذهب واري کي ٻين مذهبن تي ائين ئي اعتقاد رکڻ گهرجي، جيئن هو خود پنهنجي مذهب تي ڀروسو رکن ٿا.
پر اهو ڪو اهڙو مسئلو ڪونهي، جنهن جي باري ۾ خدائي حڪم ٻڌائڻ جي لاءِ ڪنهن نئين نبيءَ جي آمد ضروري هجي. پهرين ڳالهه اها آهي ته ان سوال جو چٽو جواب خود پيغمبر اسلام ﷺ جي سيرت ۾ موجود آهي. پاڻ سڳورا جڏهن مڪي کان هجرت ڪري مديني پهتا ته ان وقت اتي مسلمانن سان گڏ يهودي ۽ مشرڪين به موجود هئا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته ان وقت مدينو هڪ گڏيل مذهبي سماج جي حيثيت رکندو هو.
ان وقت پيغمبر اسلام ﷺ هيئن ڪيو، جو هڪ منشور جاري فرمايو، جنهن کي عام طور تي ”صحيفه مدينه“ يا ”ميثاق مدينه“ چيو وڃي ٿو. ان ۾ پيغمبر اسلام جي انتظامي قيادت کي مڃيندي اهو چيو ويو هو ته هر مذهبي گروهه جا معاملا ان جي پنهنجي قبائلي روايتن موجب طئه ڪيا ويندا. جنهن مان اهو احوال ملي ٿو ته گڏيل سماج جي تنظيم هيئن ڪئي ويندي ته مرڪزي انتظام گهڻو تڻو اڪثريتي گروهه جي هٿ ۾ هوندو، پر اُن سان گڏ هر مذهبي ۽ سڀيتائي گروهه کي اهو حق هوندو ته هو پنهنجن عقيدن موجب پنهنجي داخلي معاملن جي جوڙجڪ ڪري سگهي.
ٻي ڳالهه اها ته گڏيل سماج ۾ پُرامن ماحول پيدا ڪرڻ جو مسئلو، ڪو مذهبي مسئلو ڪونهي. هي ان کان ڌار مسئلو آهي. ايئن ڪونهي ته جيڪڏهن هر مذهبي گروهه ٻي مذهب واري کي سچو سمجهڻ لڳي ته امن قائم ٿي ويندو. امن پسندي واري زندگي جي لاءِ اصل ۾ جنهن شئي جي ضرورت آهي اهو سهپ (رواداري) جو جذبو آهي. جنهن سماج جي ماڻهن جي اندر ٽالرنس (سهپ/ رواداري) جو جذبو موجود هجي، اُتي امن هوندو ۽ جتي ٽالرنس (سهپ/ رواداري) جو جذبو نه هوندو، اُتي ٽڪراءُ هوندو.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته ٽڪراءُ جا واقعا گڏيل ۽ غير گڏيل ٻنهي قسمن جي سماج ۾ هڪجهڙا باقي رهن ٿا. جهڙوڪ: مهاڀارت جي لڙائي خود هندن جي ٻن گروهن جي وچ ۾ ٿي. ٻي مهاڀاري جنگ جتي ٻن ڌرين جي وچ ۾ ٿي، اهي ٻئي عيسائي هئا. افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ خود مسلمان ئي ٻه گروهه بنجي هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ رُڌل آهن وغيره. ان معاملي جو خلاصو هڪ لفظ ۾ اهو آهي ته سماجي امن جو راز باهمي اعتراف (Mutual recognition) ۾ ڪونهي، پر باهمي احترام (Mutual respect) ۾ آهي.
اهو مسئلو گڏيل اعتماد جو نه آهي، پر گڏيل احترام جو آهي. اسلام ۾ مسئلي جو اهوئي نبيرو ٻڌايو ويو آهي.
قرآن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي آيتون آهن، جن جو واسطو ختم نبوت سان آهي، ان سلسلي ۾ هڪ آيت هن ريت آهي.
”۽ رات جو تهجد پڙهه، اها نفل نماز تنهنجي لاءِ آهي. اميد آهي ته تنهنجو رب توکي مقام محمود تي بيهاريندو.“ (بني اسرائيل 47) مقام محمود جي لفظي معنيٰ ۾ تشريح ”واکاڻيل هنڌ“ آهي. ان محموديت جو هڪ دنيوي پهلو آهي ته هڪ ان جو آخرت جو پهلو آهي. آخرت جي پهلوءَ کي مفسرين ”شفاعت ڪبريٰ“ چون ٿا، جيئن حديثن مان معلوم ٿئي ٿو. قيامت جي ڏينهن سڀئي نبي سڳورا پنهنجن مومنن جي شفاعت ڪندا. اها شفاعت گويا انهن جي مومن هئڻ جي تصديق هوندي، جنهن کان پوءِ انهن ماڻهن کي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، جن کي خدا جنت ۾ داخل ڪرڻ چاهي. رسول الله ﷺ جي شفاعت سڀني کان وڏي هوندي، ڇو ته پنهنجن اُمتين جو تعداد سڀني کان گهڻو هئڻ جي ڪري پاڻ سڳورا سڀني کان وڏي گروهه جي شفاعت فرمائيندا.
رسول الله ﷺ جي محموديت جو دنيوي پهلو هيءَ آهي ته پاڻ سڳورن سان اهڙي تاريخ گڏ ٿي وڃي ته جيئن پاڻ سڳورا دنيا جي سڀني قومن جي نظر ۾ قابل ستائش ۽ اعتراف لائق بنجي وڃن. اها خدائي رٿا پاڻ سڳورن جي حق ۾ مڪمل طور تي پوري ٿي. اڄ دنيا جا سڀ ماڻهو پاڻ سڳورن جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور آهن. پاڻ سڳورن جي نبوت هڪ مڃيل حقيقت بنجي چڪي آهي، نه ڪي نزاعي نبوت، جيئن پاڻ سڳورن جي ظهور جي شروعاتي سالن ۾ هئي.
محمودي نبوت، دنيوي لحاظ کان مڃيل نبوت (Established) نبوت جو ٻيو نالو آهي. يعني اهڙي نبوت جنهن جي حق ۾ تاريخي شاهديون ايتريون ته گهڻيون مڪمل طور تي موجود هجن، جو پاڻ سڳورن جي شخصيت ۽ تعليمات جي باري ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش نه رهي. انسان پاڻ ئي پنهنجي مڃيل علمي معيار موجب پاڻ سڳورن جي حيثيت جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي. اقرار يا انڪار اعتراف جي پڇاڙڪي صورت تعريف ۽ واکاڻ آهي. ان ڪري اُن کي ”مقام محمود“ چيو ويو آهي.
مقام محمود جي هيءَ آيت مڪي دور جي آخر ۾ نازل ٿي. ان وقت اسلام اڃا سگهارو نه ٿيو هو. پوءِ الله تعاليٰ حالتن ۾ اهڙيون ته تبديليون پيدا ڪيون، جو دين اسلام هر لحاظ کان مڪمل طور تي سگهارو ٿي ويو. قرآن ائين محفوظ ٿي ويو، جو ان ۾ تحريف يا تبديليءَ جو ڪو امڪان ڪونهي. سنت نبوي ڪتابن ۾ سهيڙجي ويئي. پيغمبر اسلام جي شخصيت نج تاريخي معيار تي هڪ مڃيل ۽ معترف شخصيت بنجي ويئي. هڪ عظيم اُمت ۽ اڻ ڳڻيا ادارا دين اسلام جي حفاظت تي قائم ٿي ويا وغيره وغيره.
جڏهن خدا جو دين ائين محفوظ ۽ سگهارو ٿي وڃي ته پيغمبر جي ذاتي موجودگيءَ کان سواءِ به اهو ممڪن ٿيو وڃي ته خدا جي دين کي پوري طرح سمجهيو وڃي ۽ اُن تي عمل ڪيو وڃي. ان قسم جا واقعا پيش اچڻ کان پوءِ انسانيت جاهليت جي اونداهيءَ ۾ نٿي رهي، بلڪه علم جي اُجالي ۾ اچي ٿي وڃي. ڪنهن به طالب جي لاءِ خدا جي مرضي کي ڄاڻڻ پوري طرح سولو ۽ ممڪن ٿيو وڃي. اهوئي پيغمبر جي بعثت جو مقصد آهي ۽ جڏهن بعثت جو مقصد حاصل ٿي رهيو هجي ته پوءِ نئون نبي ڇا جي لاءِ موڪليو وڃي.