پيغمبر اسلام جي شخصيت
[/b]
پيغمبر اسلام جو مربي الله تعاليٰ هو. الله تعاليٰ طرفان انهيءَ سلسلي ۾ مختلف موقعن تي جيڪا رهنمائي لٿي، انهيءَ ۾ هڪ اها به هئي، جنهن کي مثبت يا هاڪاري مزاج جي تعمير چئي سگهجي ٿو. موجوده دنيا ۾ هرڪنهن سان اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا آهن، جيڪي بظاهر اڻ وڻندڙ نظر ايندا آهن. پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ به بار بار اهڙا واقعا پيش آيا. اهڙن موقعن تي هر ڀيري الله تعاليٰ طرفان اها رهنمائي ڏني ويئي ته بظاهر هڪ نامناسب واقعي ۾ به ڪهڙي طرح مناسب پهلو لڪيل آهي.
قديم مڪي ۾، جڏهن پيغمبر اسلام پنهنجي توحيد جي دعوت جي شروعات ڪئي ته اُتي سخت قسم جون ڏکيائون پيش آيون. انهيءَ وقت قرآن ۾ اها رهنمائي ڏني ويئي ته تڪليفن کان نه گهٻرايو، ڇو ته هن دنيا ۾ ڏکن جي پٺيان سُک آهن (الانشراح 5) اهڙي طرح پاڻ سڳورن جي باري ۾ مخالفن سخت قسم جي ڪوڙي پروپئگنڊه جو رڻ ٻاري ڏنو ۽ پاڻ ﷺ جي طرح طرح جي عيب جوئي ڪيائون ۽ الزام هنيائون. انهيءَ وقت پالڻهار طرفان اها رهنمائي ڏني ويئي ته انهيءَ پروپئگنڊه جي ذريعي چئني ڏسائن تنهنجي باري ۾ چؤٻول آهي. تنهن ڪري انهيءَ کي مخالفاڻي پروپئگنڊه سمجهڻ جي بدران پنهنجي مشن جو پکڙجڻ سمجهو (الانشراح 4) اٽڪل ويهن سالن تائين تبليغ ڪرڻ جي باوجود پاڻ ﷺ ۽ سندس ساٿي عربستان ۾ ٿورائي واري حيثيت رکندا هئا ۽ منڪر گهڻائيءَ ۾ هئا. انهيءَ وقت پاڻ ﷺ ۽ سندس ساٿين کي فطرت جو هڪ قانون ياد ڏياريندي چيو ويو ته هن دنيا ۾ ڪيترائي ڀيرا هيئن به ٿيو آهي ته عددي ٿورائي رکڻ جي باوجود، اهي عددي گهڻائيءَ تي سوڀارا ٿيا آهن. (البقره 249)
اهڙي طرح 3 هه ۾ غزوه احد پيش آئي، جنهن ۾ مسلمانن کي مشرڪن جي مقابلي ۾ ڪاميابي نه ٿي. ظاهري طرح اهو هڪ دل کي ڀڃندڙ واقعو هو. پر انهيءَ وقت به الله تعاليٰ جي طرف کان جيڪي رهنما آيتون نازل ٿيون، اهي ٻيهر انهيءَ جي روشن پهلوءَ جي نشاندهي ڪرڻ واريون هيون. تنهنڪري فرمايو ويو ته احد جي جنگ ۾ جيڪڏهن اوهان کي زخم پهتا آهن ته هن کان اڳ بدر جي لڙائيءَ ۾ مُشرڪ به ڌڪجي چڪا آهن ۽ اسين انهن ڏينهن کي ماڻهن جي وچ ۾ بدلائيندا رهندا آهيون. (آل عمران 140)
اهڙي طرح 6هه ۾ پيغمبر اسلام ۽ مشرڪن جي وچ ۾ اهو واقعو پيش آيو جنهن کي ”صلح حديبيه“ چيو وڃي ٿو. اها صلح ظاهري طرح مسلمانن جي سياسي شڪست نظر پي آئي. پر قرآن ۾ جڏهن انهيءَ تي تبصرو ڪيو ويو ته انهيءَ جي ابتڙ الله تعاليٰ فرمايو ته اسان اوهان کي پنهنجي دشمن تي کليل فتح ڏني آهي (الفتح 1) انهيءَ جو مطلب هي هو ته ظاهري سياسي شڪست جي باوجود، انهيءَ معاملي ۾ اوهان کي اخلاقي سوڀ حاصل ٿي آهي. جيڪا نيٺ مڪمل فتح بنجڻ واري آهي وغيره.
ان خدائي تربيت، پيغمبر اسلام کي هڪ اهڙو انسان بنائي ڇڏيو، جو ناڪاري روين کان مڪمل طور تي خالي هو. پاڻ ﷺ هاڪاري فڪر ۾ ايترو ته گهڻو وڌيا، جو بنا شڪ جي پاڻ ﷺ کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ هاڪاري مفڪر (Positive Thinker) چئي سگهجي ٿو.
[b]الله تي ڀروسو
[/b]هجرت جي سفر ۾ جڏهن پيغمبر اسلام مڪي کان مديني روانا ٿيا ته اُن وقت ساڻن گڏ فقط حضرت ابوبڪر صديق هو. اهو ڏاڍو نازڪ سفر هو. مڪي جا ماڻهو پاڻ ﷺ جا جاني دشمن هئا. اهو يقيني هو ته هو پاڻ سڳورن جي پويان لڳندا. تنهن ڪري پاڻ ﷺ سخت احتياط سان اهو سفر ڪرڻ فرمايو. ايتري قدر جو پاڻ ﷺ کي مڪي کان مديني وڃڻو هو، پر پاڻ اُبتي رخ تي ”غار ثور“ ۾ پهتا ۽ اُتي حضرت ابوبڪر صديق سان ڪجهه ڏينهن لڪي ويٺا رهيا.
مڪي جي سردارن کي جڏهن پاڻ سڳورن جي هجرت جو پتو پيو ته هنن چئني پاسن، پاڻ سڳورن کي جهلڻ لاءِ ماڻهو ڊوڙايا ته جيئن هو نعوذ باالله پاڻ سڳورن کي قتل ڪري ڇڏين. پاڻ اڃا ”غار ثور“ ۾ ئي هئا، جو مڪي جا ڪي ماڻهو پاڻ ﷺ جي ڳولا ۾ اُتي پهتا. اُن وقت هو ايترا ته ويجهو هئا، جو غار جو اندران ٻاهر سڀ ڪجهه پي ڏٺو. جڏهن حضرت ابوبڪر صديق اهو ڏٺو ته اهي ماڻهو تلوار کڻيو غار جي منهن تائين پهچي ويا آهن ته هن چيو، ”اي خدا جا رسول! هنن مان جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيرن ڏانهن نظر وجهي ته هو اسان کي ضرور ڏسي وٺندو.“ اهو ٻُڌي پيغمبر اسلام مڪمل ڀروسي سان فرمايو، ”اي ابوبڪر! انهن ٻن جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو گمان آهي، جن جو ٽيون الله هجي.“ (سيرت ابن ڪثير 2/243)
پيغمبر اسلام جي زبان مان نڪتل اهي لفظ ايترا ته عظيم آهن، جو سڄي انساني تاريخ ۾ انهيءَ جو ڪو ٻيو مثال موجود ڪونهي. انهيءَ وقت پاڻ انتهائي خطري وارين حالتن ۾ هئا. پر الله تي ڀروسو ايترو ته وڌيل هو، جو ڪوبه طوفان انهيءَ کي لوڏي نٿي سگهيو. اهوئي بي پناهه ڀروسو هو، جنهن جي ڪري اهو ممڪن ٿي سگهيو ته اهڙين خطري وارين حالتن هوندي به ايتري ئي بي ڊپائيءَ جو ڪلمون پاڻ ﷺ جي زبان مبارڪ مان نڪتو.
[b]عبادت جي ڪيفيت
[/b]پيغمبر اسلام روزانو خدا جي عبادت ڪندو هو. ڏينهن جو به ته رات جو به. عبادت جي وقت پاڻ سڳورن جي جيڪا دل جي ڪيفيت ٿي ويندي هئي، تنهن جو اندازو هڪ روايت مان ٿئي ٿو. حضرت علي روايت ڪري ٿو ته پاڻ سڳورا جڏهن نماز جي لاءِ کڙا ٿيندا هئا ته انهيءَ ۾ ذڪر ۽ دعا جا ڪهڙا لفظ پاڻ ﷺ جي زبان مان جاري ٿيندا هئا. ان سلسلي ۾ هو ٻُڌائين ٿا ته جڏهن پاڻ سڳورا نماز جي وقت رڪوع جي لاءِ جهڪندا هئا ته پاڻ ﷺ جي زبان مبارڪ تي هي لفظ هوندا هئا، ”اي پالڻهار، آئون تنهنجي اڳيان جُهڪيس، ۽ مون توتي ايمان آندو ۽ مون پنهنجو پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪيو. تنهنجي اڳيان منهنجا ڪن ۽ منهنجون اکيون، منهنجو دماغ ۽ منهنجون هڏيون ۽ منهنجا اعصاب جُهڪي ويا آهن.“
اهڙي طرح حضرت علي ٻُڌائي ٿو ته: پيغمبر اسلام جڏهن سجدي جي وقت پنهنجو مٿو مبارڪ زمين تي رکندا هئا ته انهيءَ وقت پاڻ ﷺ جي زبان مبارڪ مان هي لفظ جاري ٿي ويندا هئا: ”اي پالڻهار! مون تنهنجي لاءِ ئي سجدو ڪيو ۽ توتي ئي ايمان آندو ۽ مون پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪيو، منهنجو منهن انهيءَ جي اڳيان جهڪي ويو، جنهن اُن کي خلقيو ۽ انهيءَ جي شڪل ٺاهي ۽ ان جي ڪن ۽ اکين کي ٺاهيو ۽ برڪتن واري ذات الله جي آهي. جيڪو سڀني کان سٺو خلقڻهار آهي.“ (صحيح بخاري، بحواله مشڪاة المصابيح جلد اول صفحو 257)
ان روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سڳورا جڏهن عبادت ۾ مشغول هوندا هئا ته اُن وقت سندن جذبا ڪهڙا هوندا هئا. انهيءَ وقت پاڻ ﷺ خدا جي وڏائي ۽ رعب جي احساس ۾ ٻُڏل هوندا هئا. خدا جي برتري ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ نوڙت جو تصور سندن سيني ۾ هڪ طوفان جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو هو. سندس عبادت، سندن جي لاءِ عظيم ۽ ڪبير خدا جي سامهون حاضريءَ جي هم معنيٰ بنجي ويندي هئي. پاڻ ﷺ جي عبادت، پاڻ ﷺ جي لاءِ انتهائي حد تائين هڪ جيئرو عمل هو، نه ڪي رڳو ڪجهه رسمي عملن جي ادائگي.
[b]هدايت جي لاءِ تڙپڻ
[/b]قرآن جي سوره نمبر 26 ۾ پيغمبر کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي... ”هي چٽائي ڪندڙ ڪتاب (قرآن مجيد) جون آيتون آهن. هي ماڻهو جو ايمان نٿا آڻين، تنهن ڪري ممڪن آهي ته تون غم ۽ درد ۾ پاڻ کي جهوري وجهين. جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته آسمان انهن (ڪافرن) تي اهڙي ڪا نشاني نازل ڪري سگهون ها، جنهن کي ڏسي هنن جا ڪنڌ جهڪي پون ٿا. (الشعراءِ 1 ــ 4)
هيءَ ۽ انهي قسم جون ٻيون شاهديون ٻُڌائين ٿيون ته پيغمبر اسلام پنهنجي ٻُڌندڙن جي هدايت لاءِ ڪيترو نه اونو ٿي رکيو. ”شايد تون غم ۽ درد ۾ پاڻ کي جهوري وجهين“ جو جملو انهيءَ ڪامل خير خواهيءَ کي ٻُڌائي رهيو آهي، جيڪا پيغمبر اسلام کي پنهنجي ٻڌندڙن جي لاءِ هئي. دعوتي عمل نج خير خواهيءَ جي جذبي سان اُڀري ٿو. پيغمبر اسلام انهيءَ ڪامل خيرخواهيءَ تحت پنهنجي قوم کي دعوت پهچائي ۽ پاڻ ﷺ پنهنجون هڙئي ڪوششون انهيءَ واٽ ۾ صرف ڪيون. انهيءَ جي باوجود به انهن جي گهڻائي پاڻ ﷺ جي پيغام کي مڃڻ لاءِ راضي نه هئي. انهي کان پوءِ پاڻ ﷺ جو هي حال ٿيو جو انهن جي هدايت جي غم ۾ جُهورڻ لڳو. پاڻ ﷺ جي ڏينهن جو سک ۽ رات جي ننڊ غائب ٿي ويئي.
لعلک باخع النفسک (شايد تون پنهنجو پاڻ کي جهوري وجهين) جو مطلب پاڻ سڳورن کي روڪڻ نه آهي. پر اها انهيءَ ڳالهه جي تصديق آهي ته پاڻ ﷺ پنهنجي پيغمبراڻين ذميدارين کي انهيءَ جي آخري ۽ انتهائي حد تائين ادا ڪري ڇڏيو. ٻي جي چڱائيءَ جي اوني جي نتيجي ۾ پنهنجو پاڻ کي جهورڻ، پيغمبر جي شخصيت جي اهم ترين وصف آهي ۽ پاڻ سڳورا انهيءَ وصف ۾ بيشڪ ڪمال جي درجي تي پهتل هئا.
[b]ڪيفيتن جي حفاظت
[/b]هڪ روايت موجب، پيغمبر اسلام فرمايو ته، ”منهنجي رب مون کي آڇ ڪئي ته هو منهنجي لاءِ مڪي جي ماٿريءَ کي سون جو بنائي ڇڏي. مون چيو اي منهنجا پالڻهار نه، پر آئون چاهيان ٿو ته آءٌ هڪ ڏينهن ڍءُ ڪري کاوان ۽ هڪ ڏينهن بُکيو رهان. پوءِ جڏهن مون کي بُک لڳي ته توکان گهران ۽ توکي ياد ڪريان. ۽ جڏهن پيٽ ڀري کاوان ته تنهنجي ساراهه ۽ وڏائي بيان ڪريان.“
ڪيفيتن جو تعلق حالتن سان آهي. انسان جن حالتن ۾ هوندو آهي، سندس اندر ۾ تهڙيون ئي ڪيفيتون پيدا ٿينديون آهن. قرآن موجب پيغمبر اسلام به هڪ انسان هو. تنهن ڪري پاڻ سڳورا اهو اهتمام فرمائيندا هئا ته پاڻ ﷺ انهن حالتن مان لنگهن، جيڪي انسان جي اندر گهربل زباني ڪيفيتون پيدا ڪرڻ واريون آهن. تنهن ڪري پاڻ اهو پسند نه فرمايو ته پاڻ سدائين آرام ۽ خوشي واري حالت ۾ رهن. انهيءَ جي ابتڙ پاڻ ﷺ اهو اهتمام فرمايو ته پاڻ ﷺ تي به سخت حالتون گذرن ته جيئن انهيءَ جي اثر جي ڪري پاڻ ﷺ ۾ نوڙت ۽ گُهرڻ جي ڪيفيت پيدا ٿئي. اهڙي طرح پاڻ ﷺ تي سٺيون حالتون به گذرن، جيئن انهيءَ جي اثر جي ڪري پاڻ ﷺ جي خدا جي ساراهه ۽ شڪر جا جذبا اُڀرن.
[b]شجاعت ۽ بي ڊپائي
[/b]8هه ۾ اها غزوه پيش آئي، جنهن کي ”غزوه حنين“ چيو ويندو آهي. انهيءَ غزوهه ۾ پيغمبر اسلام به موجود هو. اُن غزوهه ۾ هيئن ٿيو، جو پيغمبر اسلام پنهنجي صحابين سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا، جو اوچتو ”قبيلي هوازن“ بنا ڪنهن اشتعال جي تيرن ذريعي مٿن حملو ڪري ڏنو. انهيءَ اوچتي حملي جي ڪري مسلمانن جا پير اُکڙي ويا. گهڻا ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. پر پيغمبر اسلام پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏ پنهنجي جاءِ تي بي ڊپا ٿيا بيٺا هئا.
ان وقت چئني طرفن تيرن جو مينهن وسي رهيو هو، پر پاڻ سڳورا خچر جي مٿان هيٺيون هي شعر پڙهندا رهيا:
انا النبي لاکذاب، انا ابن عبدالمطلب.
يعني: آئون خدا جو پيغمبر آهيان. انهيءَ ۾ ڪوبه ڪوڙ ڪونهي. آئون عبدالمطلب جو پُٽ آهيان.
انهيءَ واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام شجاعت ۽ بهادريءَ ۾ ڪمال درجي تي پهتل هئا. پاڻ ﷺ جو سينو ڊپ کان مڪمل طور تي خالي هو. تيرن جي وسندڙ مينهن به سندس اندر ۾ ڪا ڪمزوري پيدا ڪري نه ٿي سگهو. پنهنجي سچائيءَ جي ڀروسي کيس آخري حد تائين ناقابل تسخير بنائي ڇڏيو هو.
[b]آرام ختم
[/b]پيغمبر اسلام جي هڪ حديث آهي، جنهن ۾ پاڻ فرمايو اٿن: ”آئون جيڪي ڪجهه ڏسان ٿو، اُهو اوهين ڏسي نٿا سگهون ۽ آئون جيڪو ڪجهه ٻُڌان ٿو، سو اوهين ٻُڌي نٿا سگهون. آسمان چرچراهي رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ سزاوار آهي ته اهو چرچراهي.... قسم آهي ان ذات جو، جنهن جي وَس منهنجي جان آهي. آسمان ۾ چئن آڱرين جيتري به وٿي ڪونهي، جتي هڪ ملائڪ سجدي ۾ پيل ڪونهي. خدا جو قسم، جيڪي آئون ٿو ڄاڻان، اُهو جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ته اوهين کلو گهٽ ۽ روئو گهڻو. عورتن جي لاءِ بسترن ۾ اوهان جي لاءِ ڪا لذت نه رهي ۽ اوهين الله کي پڪاريندا بَرن ۽ بيابانن ڏانهن منهن ڪري نڪري وڃو.“ حديث جو راوي حضرت ابوذر چوي ٿو ته ”ڪاش آئون هڪ وڻ هجان ها، جيڪو وڍيو وڃان ها.“ (احمد، ترمذي، ابن ماجه، بحواله مشڪاة المصابيح 3/1469)
اهو بظاهر ٻي سان خطاب آهي، پر حقيقت اِها آهي ته اها حديث خود پيغمبر اسلام جي پنهنجي نفسياتي حالت جي تصوير آهي. انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جا ڏينهن ۽ راتيون ڪهڙن احساسن ۾ گذرندا هئا،. سندس ذهن ڪهڙي قسم جون ڳالهيون سوچيندو هو. وٽس اها سڀ کان وڏي خبر ڪهڙي هئي، جنهن کي پهچائڻ لاءِ پاڻ ﷺ بي قرار هئا.
قرآن موجب، پيغمبر اسلام کي خدا اهو مشن حوالي ڪيو هو ته هو انسانن کي حقيقت ٻُڌائي ۽ موت کان پوءِ سامهون ايندڙ تڪليفن کان خبردار ڪري. هڪ اهڙي انسان جي لاءِ هيءَ دنيا خوشي ۽ آرام جو هنڌ نٿو ٿي سگهي. هو انهن شين مان لذت نٿو وٺي سگهي، جنهن ۾ اڻ ڄاڻ ماڻهو لذت محسوس ڪن ٿا. تنهنڪري پاڻ سڳورن جي باري ۾ روايت ۾ اچي ٿو ته پاڻ سدائين غم ۽ فڪر ۾ مبتلا رهندا هئا.
پيغمبر اسلام ﷺ 25 سالن جي عمر ۾ عربستان جي هڪ نيڪ بخت عورت بيبي خديجه سان نڪاح ڪيو. پاڻ انهيءَ سان گڏ خوش زندگي گذاري رهيا هئا. ايستائين جو 40 سالن جي عمر ۾ پاڻ سڳورن کي نبوت ملي. انهيءَ کان پوءِ گهر آيا ته پاڻ سڳورن جي زوجه معمول موجب پاڻ ﷺ جي لاءِ بسترو وڇايو ۽ چيو اوهين هتي آرام ڪريو. پيغمبر اسلام فرمايو، ”اي خديجه! هاڻ آرام ڪٿي آهي.“ (اين الراحة يا خديجة)
[b]برابريءَ جو احساس
[/b]پيغمبر اسلام جو هڪ صحابي حضرت عبدالله بن مسعود چوي ٿو ته اسين غزوهه بدر جي سفر ۾ نڪتاسين ته اسان وٽ سواري جا اُٺ گهٽ هئا. تنهن ڪري هڪ اُٺ تي واري وٽي سان ٽي ڄڻا سوار ٿيندا هئا. علي ابن ابي طالب ۽ ابولبابه، رسول الله سان هڪ اُٺ ۾ شريڪ هئا. پوءِ جڏهن رسول الله جو وارو نه هوندو هو ته هو ٻئي چوندا هئا، اي خدا جا رسول! اوهين اٺ تي سوار ٿي ويهو، اسين اوهان جي بدران پنڌ ٿا هلون. ان جي جواب ۾ رسول الله فرمايو ته اوهين پنڌ ۾ مون کان سگهارا ناهيو ۽ آئون اوهان ٻنهي کان گهٽ اجوري جو حاجتمند ناهيان. (مسند امام احمد بن حنبل 1/422)
انهيءَ واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ هوندا هئا ته انهيءَ وقت سندن احساس ڪهڙا هوندا هئا. پيغمبر هئڻ جي باوجود به پاڻ ﷺ، پنهنجو پاڻ کي ٻين انسانن وانگر هڪ انسان سمجهندا هئا. سندن احساس اهو هوندو هو ته جهڙي طرح ٻين ماڻهن کي اجر ۽ ثواب جي گهرج آهي، تهڙي طرح مون کي به اجر ۽ ثواب جي گهرج آهي. انهيءَ ڪري جهڙي طرح ٻين ماڻهن کي عمل ڪرڻ گهرجي، تهڙيءَ طرح مون کي به انهيءَ جي لاءِ عمل ڪرڻ گهرجي. پاڻ فخر يا وڏائيءَ جي احساس کان آخري حد تائين خالي هئا ۽ اهو سڀ حقيقي طور تي هو، نه ڪي مصنوعي طور تي.
جنهن ماڻهوءَ کي خدا جي حقيقي معرفت ملي وڃي، تنهن جو حال اهڙو ئي ٿيندو آهي. جڏهن ڪنهن کي خدا جي معرفت حاصل ٿئي ٿي ته اُها اُن انسان کي اصل Man Cut to Size بنائي ڇڏيندي آهي. خدا جي بي پناهه عظمتن جو ادراڪ، کانئس هر قسم جي وڏائيءَ جو احساس کسي وٺندو آهي. مٿس خدا جي مقابلي ۾ ننڍو هئڻ جو احساس ايترو ته حاوي ٿي ويندو آهي، جو بظاهر وڏو هئڻ جي باوجود به هو پنهنجو پاڻ کي وڏو نه سمجهندو آهي. خداءِ برتر جي گهري معرفت کانئس هر قسم جي وڏائيءَ جي احساس کي وٺندي آهي. هو پنهنجو پاڻ کي فقط ٻانهون سمجهندو آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه.
انهن احساسن ۾ پيغمبر اسلام ڪامل درجي تي هئا. تنهن ڪري سندس اندر بندگيءَ جو احساس به ڪامل درجي ۾ موجود هوندو هو.
[b]آخرت جو فڪر
[/b]هڪ روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ ڀيرو پيغمبر اسلام پنهنجي هڪ زوجه محترمه جي گهر ۾ هئا. انهيءَ وٽ هڪ ٻانهي هئي. پاڻ سڳورن ڪنهن تڪڙي ڪم جي لاءِ ٻانهي کي ٻاهر موڪليو. پر هن اچڻ ۾ دير ڪئي. خبر پئي ته هوءَ رستي ۾ ٻارن جي راند ڏسڻ جي لاءِ بيهي رهي هئي. ٻانهي جڏهن واپس وري ته کيس ڏسي پاڻ ﷺ جي منهن مبارڪ تي ڪاوڙ جا آثار ظاهر ٿي پيا. انهيءَ وقت پاڻ ﷺ جي هٿ ۾ ڏندڻ هو. پاڻ ﷺ ٻانهيءَ کي چيو، ”جيڪڏهن مون کي قيامت ۾ بدلي جو ڊپ نه هجي ها ته توکي هن ڏندڻ سان مار ڪڍان ها.“
پيغمبر اسلام ماڻهن کي قيامت جي پڪڙ کان ڊيڄاريندا هئا. انهيءَ واقعي مان پتو پيو ته اهو ڊيڄارڻ هڪ طرفو نه هو. پاڻ ﷺ جهڙي نموني ٻين کي ايندڙ قيامت کان ڊيڄاريندا هئا، تيئن پاڻ ﷺ به انهيءَ کان ڊپ محسوس ڪندا هئا. پاڻ سڳورا چاهيندا هئا ته ماڻهو دنيا ۾ ايئن رهڻ جو سندن دلين ۾ خدا جي پڪڙ جو خوف سمايل هجي. اهائي خود پاڻ سڳورن جي حالت به هئي. پاڻ ﷺ ايندڙ قيامت کي پاڻ سميت هرهڪ جو مسئلو سمجهندا هئا. ايئن ڪونه هو ته ڪو پيغمبر هئڻ جي ناتي پاڻ ﷺ آخرت جي فڪر کان آجا هئا.
[b]انسان جو احترام
[/b]قديم مديني ۾ مسلمانن سان گڏ ڪجهه يهودي قبيلا به آباد هئا. هڪ ڏينهن هيئن ٿيو جو پيغمبر اسلام مديني ۾ موجود هئا، ته انهيءَ وقت اُتان هڪ جنازو گذريو. پاڻ ﷺ اُن وقت ويٺل هئا ۽ جنازي کي ڏسي احترام ۾ اُٿي بيهي رهيا. انهيءَ وقت پاڻ سڳورن سان گڏ ڪجهه اصحابي به هئا. اهو ڏسي هڪ اصحابيءَ چيو، ”يا رسول الله اهو ته هڪ يهوديءَ جو جنازو هو.“ اهو ٻُڌي پاڻ فرمايائون، ”ڇا هو انسان نه هو.“ (صحيح بخاري، ڪتاب الجنائر، بحواله فتح الباري جلد 3، ص 214)
انهيءَ واقعي مان اندازو ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام جي دل ۾ ٻين انسانن جي لاءِ ڪهڙي قسم جا جذبا هوندا هئا. پاڻ سڳورا هر انسان کي انسان سمجهندا هئا. کين هر انسان احترام لائق نظر ايندو هو. پاڻ ﷺ هر انسان کي خدا جي مخلوق سمجهندا هئا. کين هر انسان جي اندر اهائي ڪاريگري نظر ايندي هئي، جيڪا پاڻ سڳورن کي خود پنهنجي وجود ۾ نظر ايندي هئي. انسان کي ڏسي پاڻ سڳورا انسان جي خالق کي ياد ڪرڻ لڳندا هئا. اهوئي سبب هو، جو پاڻ ﷺ جي دل ۾ هر انسان جي لاءِ محبت ۽ احترام جو جذبو هو. انسان کان نفرت ڪرڻ پاڻ سڳورن جي مزاج جي بلڪل اُبتڙ هئي.
[b]انسانيت جو جذبو
[/b]صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ پيغمبر اسلام جو هڪ واقعو نقل ڪيو ويو آهي. پاڻ هڪ واپاريءَ کان ڪجهه قرض ورتو. پوءِ هو پنهنجو قرض واپس وٺڻ جي لاءِ پاڻ ﷺ جن وٽ آيو. ڳالهين ۾ هن سختي ۽ تلخي اختيار ڪئي. ايستائين جو هن چيو ته عبدالمطلب جي گهراڻي جا سڀ ماڻهو قرضي آهن. واپاريءَ جون اهڙي قسم جون ڳالهيون ٻُڌي صحابين کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هنن چاهيو کيس جهلي مار ڪڍن، پر پيغمبر اسلام کين روڪي ڇڏيو ۽ فرمايو، ”هن کي ڇڏيو، ڇو ته حقدار کي چوڻ جو حق هوندو آهي.“ (رياض الصالحين 335)
انهيءَ واقعي مان معلوم ٿيو ته تڪراري معاملن ۾ پيغمبر اسلام جا جذبا ڪهڙا هوندا هئا. ان قسم جي معاملن ۾ پاڻ ﷺ فقط پنهنجي اعتبار کان نه سوچيندا هئا، پر اڳلي ڌر کي به مڪمل رعايت ڏيڻ جي لاءِ تيار هوندا هئا. مذڪوره واپاريءَ ڳالهه ٻولهه جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، اُهو بنا شڪ جي ادب ۽ تهذيب جي خلاف هو. هن پاڻ ﷺ جي عزت ۽ وقار تي حملو ڪيو. هن اهڙي ڳالهه چئي جيڪا عام طور تي ماڻهن جي انا کي ڀڙڪائڻ جو سبب بڻجندي آهي. پر پاڻ سڳورن منصفاڻي مزاج موجب انهن سڀني پهلوئن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. پاڻ ﷺ پنهنجي جذبن جي رعايت ڪرڻ جي بدران ٻي ڌر جي جذبن جي رعايت ڪئي. پاڻ ﷺ هر ٻي ڳالهه کي وساري فقط اهو سوچيو ته مون جڏهن هڪ شخص کان قرض ورتو هو ته هاڻ کيس اهو حق حاصل آهي ته هو مون کان انهيءَ جي گهُر ڪري.
[b]حقيقتن تي ڀروسو
[/b]6هه ۾ پيغمبر اسلام ۽ مڪي جي مشرڪ سردارن جي وچ ۾ صلح جو هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي ”صلح حديبيه“ چيو وڃي ٿو. ڳالهين مُهاڙين کان پوءِ جڏهن ٺاهه جا شرط طئه ٿي ويا ته پيغمبر اسلام انهن کي ڪاغذ تي لکرائڻ شروع ڪيو. حضرت علي بن ابي طالب انهيءَ جي ڪتابت ڪري رهيا هئا. پاڻ ﷺ چيو: هذا ما صالح عليه محمد رسول الله.... (سيرت ابن ڪثير جلد 3، ص 320) ته مشرڪ سردار اعتراض واريو. هن چيو ته ’اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ اهوئي ته جهيڙو آهي. اسين وهان کي رسول الله نٿا مڃون. جيڪڏهن اسين وهان کي رسول مڃي وٺون ته پوءِ جهيڙو پاڻ مرادو ختم ٿي ويندو.‘ تنهن ڪري توهان هيئن لکو ته: هذا ما صالح عليه محمد بن عبدالله.... پاڻ هڪدم انهيءَ تي راضي ٿي ويا.
حضرت عليءَ پاڻ ﷺ کي چيو ته آئون معاهدي جي ڪاغذ تان ”محمد رسول الله“ جو لفظ نٿو ڊاهي سگهان. انهيءَ کان پوءِ پيغمبر اسلام ڪاغذ پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ رسول الله جي لفظ کي ڊاهي ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ پاڻ سڳورن حضرت عليءَ کي چيو ته هاڻ هت محمد بن عبدالله لک. تنهن ڪري ايئن ئي ٿيو. (ص، 321)
پيغمبر اسلام جي اصل حيثيت اها ئي هئي ته پاڻ الله جا رسول هئا. پاڻ ﷺ جو سڄو مشن ان ئي دعويٰ تي بيٺل هو. رسول الله جي لفظ کي ڊاهڻ ڄڻ پنهنجي اصل سڃاڻپ کي ڊاهڻ جي برابر هو. اهو هڪ نازڪ معاملو هو. رسول الله جو لفظ ڊاهڻ جو مطلب ماڻهن کي اهو چوڻ جو موقعو ڏيڻ هو ته خود پاڻ ﷺ کي پنهنجي سڃاڻپ جي باري ۾ شڪ آهي. تنهنڪري حضرت عمر ڪاوڙ جي حالت ۾ حضرت ابو بڪر وٽ آيو ۽ چيو: ”اليس برسول الله“ (ص 320) يعني ڇا هو خدا جو رسول ڪونهي؟
پر پاڻ سڳورن انهن ڳالهين کي ڪابه اهميت نه ڏني. انهيءَ جو سبب هي هو ته پاڻ ﷺ هڪ اهڙا ته بُلند انسان هئا، جيڪو حقيقتن ۾ جيئڻ وارو هجي. جيڪو ظاهري شين کان مٿي ٿي معاملن کي ڏسي سگهي. پنهنجي انهيءَ نفسيات جي آڌار تي، پاڻ ﷺ محسوس ڪري رهيا هئا ته ڪاغذ تي ڀلي ڇا به لکيو وڃي، پر نيٺ حاوي اها شئي رهندي، جيڪا حقيقت هوندي.
پاڻ سڳورن جو اهو يقين ته آئون خدا جو رسول آهيان. اهائي، اُن ڳالهه جي لاءِ ڪافي هئي ته پاڻ هڪ اهڙي شئي کي ڪابه اهميت نه ڏي، جيڪا حقيقتن جي زور تي هڪ ڏينهن مٽجي ويندي ۽ نه ڪو سندس حامي هوندو ۽ نه ئي وري ڪو وڪيل.
[b]مصلحت نه ڪرڻ وارو انداز
[/b]روايت ۾ آيو آهي ته پيغمبر اسلام تي وقت کان اڳ ٻُڍاپڻ جا آثار ڏسي ڪن صحابين پُڇيو، ”يا رسول الله! ڪهڙي شئي اوهان کي پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.“ پاڻ سڳورن جواب ۾ فرمايو، ”مون کي سوره هود ۽ ان جهڙين ٻين سورتن پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.“ (تفسير ابن ڪثير 2/435)
سوره هود ۾ اُها ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن پاڻ سڳورن تي ايترو غير معمولي اثر وڌو جو پاڻ ﷺ وقت کان اڳ پوڙها نظر اچڻ لڳا. انهيءَ جو اندازو سوره هود جي آيت نمبر 113 مان ٿئي ٿو:
”۽ ظالمن ڏي نه جهڪو، نه ته اوهان کي باهه لڳندي ۽ اللهج کان سواءِ اوهان جو ڪوبه مددگار نه آهي.“
انهيءَ آيت ۾ اُن وقت جو ذڪر آهي، جڏهن پاڻ ﷺ پنهنجي دعوت کولي بيان ڪئي، انهيءَ جي باوجود به پاڻ ﷺ کي ٻُڌندڙن جي گهڻائي انهيءَ کي مڃڻ کان نابري واري ويٺي. خاص ڪري سردار ۽ پيشوا، انهيءَ انڪار تي هوڏ ٻڌيو بيٺا هئا. اهڙي وقت ۾ اهو احساس اُڀري ٿو ته ماڻهن کي ويجهو آڻڻ جي لاءِ دعوت جي نقطن ۾ ڪي قدر تبديلي آندي وڃي ته جيئن اها ٻڌندڙن جي لاءِ قبوليت جوڳي ٿئي. انهيءَ شئي کي مذڪوره آيت ۾ جهڪاءُ سان ڀيٽيو ويو آهي.
پر پيغمبر اسلام کي انهيءَ قسم جي جهڪاءُ کان سختيءَ سان روڪيو ويو. انهيءَ جو سبب هي هو ته الله تعاليٰ کي دعوت جي سلسلي ۾ جيڪا شئي سڀ کان وڌيڪ گهربل هئي، اهو حق جو وڏي واڪي اعلان آهي ۽ جهڪاءُ يا ٺاهه جي صورت ۾ حق جو وڏي واڪي اعلان ڪري نٿو سگهجي.
اِهائي اُها شئي آهي، جنهن وقت کان اڳ پيغمبر اسلام کي پوڙهو ڪري ڇڏيو هو. موجوده دنيا ۾ حق جو مصلحت پسنديءَ وارو پيغام بنهه سولو ڪم آهي. انهيءَ جي مقابلي ۾ حق جو وڏي واڪي پيغام پهچائڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. مصلحت واري پيغام ۾ ماڻهوءَ کي مقبوليت ملي ٿي ۽ بنا مصلحت واري پيغام ۾ ماڻهو، ماڻهن جي نظر ۾ غير محبوب بنجيو وڃي. مصلحت واري پيغام کي پهچائڻ جا دروازا چؤڏس کليل نظر اچن ٿا ۽ بنا مصلحت واري پيغام پهچائڻ ۾ کليل رستا به بند نظر ايندا آهن. مصلحت واري پيغام رسائڻ ۾ جيڪڏهن هموار رستي تي سفر ڪرڻ آهي ته بنا مصلحت واري پيغام رسائي ڪنڊن ۽ پٿرن جي وچ ۾ سفر ڪرڻ آهي.
پيغمبر اسلام محسوس فرمايو ته حق جو اعلان فقط اهو آهي، جيڪو بنا مصلحت جي اعلان هجي. ملاوٽ وارو اعلان سري کان حق جو اعلان ئي ڪونهي. انهيءَ معاملي جي اهائي سنگيني هئي، جنهن پاڻ سڳورن کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو پاڻ ﷺ وقت کان اڳ پوڙها نظر اچڻ لڳا.
[b]فتح جي باوجود به
[/b]مڪو پيغمبر اسلام جو وطن هو. پر اُتي جي ماڻهن کين اُتان هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ ظلم، جبر ۽ سرڪشيءَ جي لڳ ڀڳ ويهن سالن جي تاريخ آهي، جنهن مان پاڻ سڳورن کي مجبوريءَ مان گذرڻو پيو، نيٺ حالتن ڦيرو کاڌو ۽ رمضان 8 هه ۾ مڪو فتح ٿي ويو. جنهن شهر مان پاڻ ﷺ مظلوم بنجي نڪتا هئا، تنهن شهر ۾ پاڻ سڳورا ٻيهر فاتحاڻي انداز ۾ داخل ٿيا.
پر انهيءَ وقت پاڻ سڳورن جي جيڪا دل جي ڪيفيت هئي، جيڪا انهيءَ کان بلڪل مختلف هئي، جيڪا عام فاتحن وٽ نظر اچي ٿي. ڏسڻ وارا ٻُڌائين ٿا ته مڪي ۾ داخل ٿيڻ وقت پاڻ ﷺ هڪ اُٺ تي سوار هئا. الله تعاليٰ جي غير معمولي نصرت جي احساس پاڻ ﷺ کي عجز ۽ نوڙت جي سراپا تصوير بنائي ڇڏيو هو. ايستائين جو سندن ريش مبارڪ اُٺ جي ٿوهي کي ڇهڻ لڳي. (سيرت ابن هشام 4/24)
روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سڳورا مڪي ۾ داخل ٿي ڪعبي جي دروازي تي ٿي بيٺا ۽ فرمايائون: هڪ الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. سندس ڪوبه ثاني شريڪ ڪونهي. هن پنهنجي وعدي کي پورو ڪيو ۽ پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪئي ۽ مخالف گروهن کي اڪيلو ڪري شڪست ڏني.
لا اله الله وحده، لاشريک له، صدق وعده، و نصره عبده، وهزم الاحزاب وحده (ص 33)
فتح اهو موقعو آهي جڏهن ماڻهو خوشيون ملهائيندا آهن، وڏائي ۽ ٺٺ ڪندا آهن، پنهنجي ڪاميابيءَ جو جشن ملهائيندا آهن. انهيءَ قسم جون ڳالهيون اهي ماڻهو ڪندا آهن، جن جي نظر پنهنجو پاڻ تي هوندي آهي. جيڪي فتح کي خود پنهنجو ڪارنامو سمجهندا آهن. پر پيغمبر اسلام جي نفسيات انهيءَ کان مختلف هئي. هنن جي لاءِ فتح جو واقعو هن جو پنهنجو ڪارنامو نه هو. اهو مڪمل طور تي خدا جي پاران ظاهر ٿيندڙ واقعو هو. اهوئي سبب آهي، جو هڪ اهڙو واقعو، جيڪو بظاهر سندن پنهنجو ڪارنامو هو، پاڻ مڪمل طور تي خدا جي خاني ۾ وجهي ڇڏيائون.
[b]هڪ دعا
[/b]حديث جي ڪتابن ۾ پاڻ سڳورن جون ڪيتريون ئي دعائون نقل ڪيون ويون آهن. اهي دعائون پيغمبر اسلام جي اندروني شخصيت کي ظاهر ڪن ٿيون. انهن مان خبر پوي ٿي ته پيغمبر اسلام جي دل ۾ ڪهڙي قسم جي احساسن جو طوفان برپا رهندو هو. سندس اندر جي دنيا ڪهڙي قسم جي جذبن ۽ خيالن سان سدائين آباد رهندي هئي.
انهن مان هڪ دعا اُها هئي جيڪا هنن لفظن ۾ پاڻ سڳورن جي زبان مان نڪرندي هئي: الهٰم ارنه الحق حقاً وارزقنا اتباعه وارنا الباطل باطلاً وارزقنا اجتنابه وارضا اجتتابه وارنا الاشياء کماهي (اي پالڻهار! اسان کي سچ کي سچ جي صورت ۾ ڏيکار ۽ انهيءَ جي پيروي جي توفيق عطا ڪر. اي پروردگار! اسان کي باطل کي باطل جي روپ ۾ ڏيکار ۽ انهيءَ کان بچڻ جي توفيق ڏي ۽ اي الله! اسان کي شين کي اهڙو ئي ڏيکار، جهڙيون اُهي آهن.)
موجوده دنيا ۾ حقيقتن جي مٿان شڪن جو پردو پيل آهي. جيڪو شخص فقط شين جي ظاهر کي ڄاڻي، اُهو انهن کي حقيقت جي لحاظ کان سمجهي نٿو سگهي. پيغمبر کي اهو احساس تڙپائيندو هو، هو بيتاب ٿي الله کي سڏي اهو چوڻ لڳي ٿو ته مون کي حقيقت سمجهڻ جي توفيق عطا ڪر. ته جيئن آئون شين کي ٺيڪ طرح ڏسي ۽ سمجهي سگهان. آئون هر شئي جي باري ۾ اُها درست راءِ قائم ڪريان، جيڪا حقيقت، واقعي جي اعتبار کان هئڻ کپي.
صحيح فڪر کان سواءِ سچي معرفت نٿي ملي. اهڙي طرح صحيح فڪر کان سواءِ صحيح عمل جو ظهور ممڪن ڪونهي. اهوئي احساس هو، جيڪو شدت اختيار ڪري مذڪوره قسم جي دعا جي صورت ۾ ظاهر ٿيو هو. اها دعا هڪ مومن جي دل جو آئينو آهي، جيڪو پيغمبر جي دل ۾ اعليٰ ترين درجي ۾ موجود هوندي آهي.