مذهب

سيرت جو مطالعو

ڪتاب ”سيرت جو مطالعو (سيرت رسول ﷺ جو علمي ۽ تاريخي مطالعو) نامياري عالم مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف هاشمي صاحب آهي. هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو.
ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سيرت جي موضوع تي اهڙا ڪتاب لکيا وڃن، جيڪي مذڪوره قرآني آيتن سان هڪجهڙائي رکندا هجن ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انهن جو تفسير ۽ تشريح بنجي سگهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ قسم جي هڪ ڪوشش آهي.
Title Cover of book سيرت جو مطالعو

پيغمبر اسلام ۽ ٻيا نبي سڳورا

قرآن ۽ حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام ﷺ کان اڳ مختلف قومن ۽ علائقن ۾ ڪيترائي نبي موڪليا ويا هئا. تاريخي لحاظ کان انهن سڀني نبين جي باري ۾ ڪابه خبر ڪونهي. ڇو ته انهن پيغمبرن جي همعصرن، انهن زمانن جون جيڪي تاريخون لکيون آهن، تن ۾ انهن پيغمبرن جي نالن يا ڪم جو ڪوبه احوال ڪونهي. گويا، انهن تاريخدانن جي ويجهو پيغمبر ۽ انهن سان لاڳاپيل واقعا سري کان ذڪر جي لائق ئي ڪونهن.
جهڙوڪ: حضرت ابراهيم عليه السلام عراق ۾ پيدا ٿيو، پر عراق جي پراچين تاريخ ۾ انهيءَ جو ڪوبه ذڪر ڪونهي. حضرت موسيٰ عليه السلام مصر ۾ پيدا ٿيو، پر مصر جي تاريخ حضرت موسيٰ جي ذڪر کان خالي آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام فلسطين ۾ پيدا ٿيو، پر فلسطين جي پراچين تاريخ حضرت عيسيٰ جو ڪوبه حوالو نٿي ڏي. گذريل سڀني نبين/ پيغمبرن سان اهوئي معاملو پيش آيو. انهن پيغمبرن کي عقيدي طور تي مڃيو ويندو آهي، پر نج تاريخي طور تي اهي ڪي ثابت ٿيل شخصيتون ڪونه آهن.
انهن مان ڪجهه پيغمبرن جو ذڪر بائيبل ۾ ملي ٿو، پر بائيبل هڪ اعتقادي ڪتاب آهي، نه ڪي علمي معنيٰ ۾ ڪو تاريخي ڪتاب. وڌيڪ اهو ته، بائيبل ۾ جن نبين جو ذڪر آهي، تن جي شخصيت کي اهڙي ته داغدار انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جو جيڪڏهن بائيبل جي بيان کي صحيح سمجهيو وڃي ته پوءِ انهن جي باري ۾ اهو يقين ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو ته هو خدا جا پيغمبر هئا. ايتري قدر جو بائيبل موجب، اهي اخلاقي لحاظ کان به ڪي اعليٰ نمونو قرار نٿا ڏيئي سگهجن. قرآن جي هڪ حيثيت اها آهي ته هن نبين جي گم ٿيل تاريخ جي انهن ڪڙين کي ٻيهر ملائي واقعن جي هئڻ جي تصديق ڪئي آهي. نبي، بنا شڪ جي انسانيت جي تاريخ جي اُتاهن ڪردارن جي حيثيت رکن ٿا. پر ناقص تاريخ نويسيءَ جي ڪري هيئن ٿيو آهي ته انسان کي بادشاهن ۽ جنرلن جون حالتون ته تفصيل سان معلوم آهن، پر تاريخ جا اهي ملهائتا صفحا، جن جو واسطو پيغمبرن سان آهي، اهي انسان جي لاءِ گمنام بنيل آهن. قرآن ۾ پهريون ڀيرو انهيءَ بند ٿيل باب کي کوليو ويو آهي.
قرآن ۾ ايئن ڇو ڪيو ويو آهي. بظاهر اهو ڪافي هو ته قرآن ۾ فقط انهيءَ دين جو ذڪر هجي ها، جنهن کي پيغمبر اسلام جي ذريعي انسانيت تي کولڻ ضروري هو. پر قرآن شريف ۾ جن ٻين نبين جو ذڪر تفصيل سان آيو آهي، تنهن جي پويان پڪ سان ڪا خاص مصلحت هئڻ کپي.
اها مصلحت خود قرآن ۾ چٽيءَ طرح بيان ڪئي ويئي آهي. قرآن جي سوره نمبر 6 ۾ اٽڪل ڏيڍ ڊزن نبين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن جا نالا هي آهن: ابراهيم، اسحاق، يعقوب، نوح، دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ، هارون، ذڪريا، يحيٰ، عيسيٰ، اسماعيل، السيع، يونس، لوط عليهم الالسلام (الانعام).
انهن نبين جو ذڪر ڪندي قرآن ۾ اها شاهدي ڏني ويئي آهي ته انهن منجهان هرهڪ هدايت يافته هو (کلا هدينا) انهن مان هرهڪ محسن ۽ صالح هو. انهن مان هرهڪ کي الله تعاليٰ سڄي عالم تي فضيلت ڏني هئي.
گذريل نبي سڳورن جا نالا کڻي ذڪر ڪرڻ ۽ انهن جي باري ۾ مذڪوره شاهديءَ کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ کي خطاب ڪندي حڪم ڏنو ويو آهي ته ’اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي الله تعاليٰ هدايت ڏني آهي، تنهن ڪري تون به انهن جي طريقي تي هل.‘
انهيءَ وضاحت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته قرآن ۾ گذريل نبين جو ذڪر ڇو ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو سبب، قرآن جي بيان موجب، هيءَ آهي ته پيغمبر اسلام ۽ اهڙي طرح سندن اُمت انهن نبين جي حالتن مان رهنمائي حاصل ڪري. هوءَ انهن جي نمونن کي ڏسي اهو ڄاڻي ته مختلف حالتن جي لاءِ خدا جي سڌي واٽ ڪهڙي آهي ۽ انهيءَ تي ڪهڙي طرح عمل ڪري سگهجي ٿو.
انهيءَ مطالعي ۾ قرآن پاڪ جي هڪ ٻي آيت شامل ڪئي وڃي ته اها ڳالهه وڌيڪ چٽي ٿي ويندي. قرآن جي سوره نمبر 5 ۾ ٻين نبين ۽ ٻين اُمتن جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ”اسان، اوهان مان هرڪنهن جي لاءِ هڪ شريعت ۽ هڪ طريقو مقرر ڪيو.“ (المائده 48)
انهيءَ معاملي جو تفصيل اهو آهي ته خدا جو دين جيتوڻيڪ هڪ آهي ۽ اهو توحيد آهي. پر انسان جو احوال بدلبو رهندو آهي. انفرادي لحاظ کان به ته، اجتماعي لحاظ کان به. تنهن ڪري دين جي وحدت جي باوجود انهيءَ جي عملي ۽ ميلاپ جي لحاظ کان انهيءَ ۾ فرق ٿيندو رهندو آهي. احوال ۾ فرق جي آڌار تي ميلاپ ۾ فرق جي اهائي مصلحت آهي، جنهن جي آڌار تي مختلف نبين جي رستي ۾ اختلاف ٿيندو رهندو آهي. انساني نسل سڄي ڌرتيءَ جي گولي تي پکڙيو پيو آهي. جڏهن ته هر نبي، پيغمبر آخر الزمان سميت، زمين جي هڪ مخصوص خطي ۾ آيو. تنهن ڪري عملي طور تي اهو ناممڪن هو ته ڪنهن هڪ نبيءَ تي اهي سڀ حالتون گذرن، جيڪي وسيع سطح تي بني نوع انسان جي مٿان گذرن ٿيون يا آئنده گذرنديون.
اهائي خاص مصلحت هئي، جنهن جي آڌار تي قرآن ۾ گذريل نبين جو ذڪر شامل ڪيو ويو آهي. اهي نبي سڳورا مختلف قومن ۽ مختلف علائقن ۾ آيا. تنهن ڪري فطري طور تي انهن جي احوالن ۾ فرق پاتو وڃي ٿو. انهي مان ڪنهن هڪ نبيءَ کي ورتو وڃي ته انهيءَ وٽ وسيع انساني سماج جا فقط جزوي احوال ملندا. پر جڏهن مختلف حصن ۾ ايندڙ نبين کي هڪ ئي وقت سامهون رکيو وڃي ته انهن سڀني وٽ انساني حالتن جا مثال ملڻ ممڪن ٿي پوندا.
قرآن ۾ نبين جي تاريخ جي گم ٿيل ڪڙين کي نئين سر انسان ذات جي ڄاڻ ۾ آڻڻ جو خاص سبب اهوئي آهي. انهيءَ لحاظ کان، قرآن ۾ انهن جي احوال جو ذڪر گويا انهيءَ واقعي جو هڪ حصو آهي، جنهن کي قرآن ۾ ”تڪميل دين“ چيو ويو آهي. (اليوم اکلمت لکم دينکم.)
قرآن ۾ هڪ طرف پيغمبر اسلام جي ٽيويهن سالن جي زندگيءَ جو ذڪر آهي ته ٻي طرف گذريل هزارين سالن جي دوران ايندڙ نبين جو احوال ڏنل آهي. اهي ٻئي ذڪر هڪ ئي طور تي قرآن جو حصو آهن. انهن ٻنهي حصن جي مجموعي سان ئي اهو مڪمل دين ترتيب پائي ٿو، جنهن جو ذڪر قرآن (المائده 3) ۾ ڪيو ويو آهي.
انهيءَ تمهيد کان پوءِ ڪجهه مثالن جي روشنيءَ ۾ ڏسنداسين ته گذريل نبين جو ذڪر ڪهڙي طرح ”تڪميل دين“ جو جز آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ ايمان وارن کي رهنمائي ڏين ٿا.
1. انهيءَ قسم جو نمونو حضرت آدم عليه السلام جي زماني کان ئي شروع ٿي وڃي ٿو، جيڪو پهريون انسان ۽ پهريون پيغمبر هو. قرآن مان خبر پوي ٿي ته حضرت آدم جي ٻن پٽن ۾ ذاتي نوعيت جو هڪ جهڳڙو شروع ٿيو. اهو جهيڙو وڌيو ۽ ايستائين جو هڪ ڀاءُ ٻي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. انهيءَ موقعي تي جيڪو ڀاءُ صالح هو، تنهن جي زبان مان قرآن ۾ هي چورايو ويو آهي ته ”جيڪڏهن تون منهنجي قتل جي لاءِ پنهنجو هٿ وڌائيندين ته به آئون توکي قتل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو هٿ نه وڌائيندس.“ (المائده 28)
انهيءَ مان پهرينءَ پيغمبر جي شريعت معلوم ٿئي ٿو. ۽ اها به خبر پوي ٿي ته پيغمبر اول جو تربيت ڪيل هڪ صالح انسان جي سيرت ڪهڙي هئي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ايمان وارن (اهل اسلام) جي پاڻ ۾ جنگ سراسر حرام آهي ۽ جيڪڏهن اهل اسلام ۾ باهمي جهيڙي جهٽي جي نوبت اچي به وڃي ته ٻنهي ڌرين ۾ صالح ڌر اها آهي، جيڪا قتل ته ٿي وڃي، پر پنهنجي ڀاءُ کي قتل نه ڪري.
انهيءَ ”اسوة“ جي تصديق خود پيغمبر اسلام جي تعليمات مان به ٿئي ٿي. حديث ۾ آيو آهي ته پاڻ سڳورن اهل اسلام کي پاڻ ۾ جهيڙي جهٽي کان مڪمل طور تي منع فرمائي آهي. هڪ شخص چيو ته جيڪڏهن ڪو مسلمان مون کي قتل ڪرڻ جي لاءِ اچي ته انهي مهل آئون ڇا ڪريان. پاڻ ﷺ فرمايو: تون آدم جي ٻن پٽن مان سٺو پٽ ٿي. (ابو دائود، بحواله مشڪاة المصابيح 3/1484)
حضرت آدم عليه السلام جي اها شريعت، جنهن جي تصديق پيغمبر اسلام ڪئي، تنهن جو عملي نمونو ئي خليفي حضرت عثمان جي زندگيءَ ۾ ملي ٿو. جنهن کي ڪجهه مسلمانن شهيد ڪري ڇڏيو. پر طاقت رکڻ جي باوجود به هن مسلمانن جي خلاف هٿياربند ڪاروائيءَ جي موڪل نه ڏني.
2. قرآن ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جو ذڪر ڪندي اهل ايمان کي چيو ويو آهي ته ”سندن زندگيءَ ۾ اوهان جي لاءِ اسوة حسنه آهي.“ (الممتحنه 4) انهيءَ اسوة حسنه جا ڪيترائي پهلو آهن، اسين هتي انهيءَ جي فقط هڪ حصي جو ذڪر ڪريون ٿا.
حضرت ابراهيم جي هڪ دعا مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن زماني ۾ جيڪا تهذيب رائج هئي، انهيءَ ماڻهن جي ذهنن کي مڪمل طور تي بگاڙي ڇڏيو هو. سوين سالن تائين فرضي معبودن جي عبادت ڪرڻ جي نتيجي ۾ سندن حال اهو ٿي ويو هو جو، اهي معبود سندن لاشعور جو هڪ حصو بنجي ويا هئا. ايتري قدر جو اهو ناممڪن ٿي پيو هو ته انهن باطل خدائن جي پرستش جي شهري مرڪزن ۾ ڪو انسان جنم وٺي ۽ هو انهيءَ ماحول کان متاثر ٿي نه سگهي. (ابراهيم 36)
انهيءَ وقت حضرت ابراهيم نسل جي اڏاوت جو هڪ تاريخي منصوبو جوڙيو. اها هڪ نئين ۽ محفوظ نسل جي تياريءَ جي رٿا هئي. جنهن جو مثال گذريل تاريخ ۾ موجود ڪونهي. انهيءَ رٿا تحت پاڻ پنهنجي ٻارڙي حضرت اسماعيل کي سندس ماءُ سان گڏ پاڻ سان آڻي عربستان جي ريگستان ۾ ٽڪايو. اها ان وقت جي سڌريل ۽ تهذيب يافته وسندين کان دور هڪ غير آباد دنيا هئي. هتي فقط فطرت جو ماحول هو. اُتي اهو ممڪن هو ته مشرڪاڻي ماحول کان ڪٽجي، هڪ اهڙي نسل جي پالنا ٿئي، جيڪو پنهنجي خداداد فطرت ئي قائم هجي.
تنهن ڪري ايئن ئي ٿيو. حضرت اسماعيل عليه السلام وڏو ٿي هڪ خانه بدوش قبيلي جي هڪ نيڪ عورت سان نڪاح ڪيو. انهن ٻنهي جي ميلاپ سان ريگستاني دنيا ۾ گهربل نسل ٺهڻ شروع ٿيو. انهيءَ ماحول ۾ ذهن سازي يا تربيت سازيءَ جي لاءِ فقط ٻه شيون هيون... انسان جي پيدائشي فطرت ۽ خدا جي پيدا ڪيل اها ڪائنات، جنهن کي قرآن موجب حق تي پيدا ڪيو ويو هو. (ابراهيم 85)
انهيءَ سڌريل ماحول ۾ پيدائشي واڌ ويجهه جي ذريعي هڪ نئين نسل جي شروعات ٿي. انهيءَ نسل جي ٺهڻ ۾ لڳ ڀڳ اڍائي هزار سال لڳي ويا. ايستائين جو جڏهن اهو پنهنجي تڪميل تائين پهتو ته انهيءَ جي اندر پيغمبر آخرالزمان ﷺ مبعوث ڪيو ويو. انهيءَ تاريخي نسل مان اهي ماڻهو نڪتا، جن کي ”اصحاب رسول“ چيو وڃي ٿو. انهن جو تعداد هڪ لک کان به وڌيڪ هو. قرآن ۾ انهيءَ کي خير اُمت چيو ويو آهي. ۽ موجوده زماني جي ڪن مستشرقين، انهن جي غير معمولي ڪارنامن کي ڏسي، کين ”هيرن“ (Diamonds) جي هڪ قوم جو لقب ڏنو.
حضرت ابراهيم جي اها اسوه ٻُڌائي ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن زماني ۾ اهو مسئلو پيدا ٿئي ته اڻ سڌريل تهذيب اهڙي طرح ڇانئجي وڃي جو بظاهر ايئن لڳي ته جيڪي ماڻهو انهيءَ ماحول ۾ پيدا ٿيندا، اُهي انهيءَ جي عمومي بگاڙ کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا. انهيءَ وقت اهو ڪرڻ کپي ته ٻيهر زمين جي اهڙي ڪُنڊ ڳولهي وڃي، جتي فاسد تهذيب جا اثر پهچي نه رهيا هجن. جتي ٻارن ۽ نوجوانن کي ترسائي انهن جي تعليم ۽ تربيت جو خاص بندوبست ڪيو وڃي.
انهيءَ رٿا کي جيڪڏهن صحيح طور تي عمل ۾ آندو وڃي ته حضرت ابراهيم ۽ بنو اسماعيل جي تاريخ اهو ٻُڌائي ٿي ته فطرت جي انهيءَ تربيت گاهه مان ٻيهر اعليٰ انسانن جي اها کيپ ٺهي نڪري سگهي ٿي، جيڪا عالمي رخ کي بدلائي ڇڏي ۽ تاريخ جو سفر ٻيهر صحتمند رخ تي هلڻ شروع ٿي وڃي.
3. اهڙي طرح قرآن ۾ هڪ پيغمبراڻو قصو اهو آهي، جنهن جو واسطو حضرت يونس عليه السلام سان آهي. هو عراق جي هڪ قديم شهر ”نينوا“ طرف موڪليو ويو. جتي جا رهاڪو/ قوم شرڪ ۾ مبتلا هئي. حضرت يونس کين توحيد جو پيغام ٻُڌايو. هڪ ڊگهي عرصي تائين دعوتي ڪم ڪرڻ کان پوءِ هن اها راءِ قائم ڪئي ته هيءَ قوم ايمان آڻڻ واري نه آهي ۽ هاڻ اها انهيءَ سزا جي حقدار بنجي چڪي آهي، جيڪا توحيد جي انڪار جي نتيجي ۾ ڪنهن قوم جو مقدر هوندي آهي. تنهن ڪري هو انهي فيصلي کان پوءِ ”نينوا“ ڇڏي ٻاهر هليو ويو.
پر انهيءَ جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو هي هو ته نينوا جي قوم جهڙي هئي، تهڙي ئي باقي رهي ۽ حضرت يونس عليه السلام کي هڪ مڇي ڳڙڪائي ڇڏيو. اوچتو هن پنهنجو پاڻ کي مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيل ڏٺو. جنهن مان نڪرڻ جو ڪوبه رستو نه هو. ايئن ڇو ٿيو. انهيءَ جو سبب هي هو ته ڪنهن قوم جو توحيد جو منڪر ٿيڻ اُن وقت ثابت ٿئي ٿو، جڏهن دعوت جي عمل کي پنهنجي آخري حد تائين پهچائي ڇڏڻ کپي. فقط ڪجهه ڏينهن جو دعوتي ڪم ڪنهن قوم کي توحيد جو منڪر قرار ڏيڻ ڪافي ڪونهي.
حضرت يونس عليه السلام جڏهن خود تنقيدي جائزو ورتو ته مٿس اهو راز کليو ته هن دعوتي عمل کي مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي پنهنجي قوم کي ڇڏي ڏنو هو. انهيءَ احساس کان پوءِ هن استغفار ڪيو ۽ الله کان دعا گهري. اللهج سندس دعا قبول فرمائي ۽ مڇيءَ کيس ٻيهر زمين تي ڪڍي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ هو ٻيهر پنهنجي قوم ۾ موٽي آيو. هن قوم کي ٻيهر توحيد طرف سڏيو ۽ انهيءَ کان پوءِ سڄي قوم توحيد جي دين ۾ داخل ٿي ويئي.
انهيءَ پيغمبراڻي واقعي ۾ ايمان وارن جي لاءِ هڪ بي حد اهم سبق آهي. اهو قرآن ۾ هيئن آيو آهي: پوءِ هڪ مڇي کيس (يونس کي) ڳهي ويئي، ۽ هن پاڻ کي ڏوهه ڏنو. پوءِ جيڪڏهن هو (پشيمان نه ٿئي ها ۽) خدا جي پاڪائي ۽ شان بيان نه ڪري ها ته، قيامت تائين اُن (مڇيءَ) جي پيٽ ۾ پيو رهي ها. (الصافات 142 ــ 144)
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته دعوت جي ذميداري ڪيتري نه اهم ذميداري آهي. دعوتي ذميداريءَ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ واري جي لاءِ خدا جو قانون اهو آهي ته انهيءَ کي ”مڇيءَ جي پيٽ“ ۾ وڌو وڃي. ۽ پوءِ کيس تيستائين ڇوٽڪارو نه ملي، جيستائين هو توبهه ڪري پنهنجي دعوتي عمل طرف ٻيهر واپس نه وري. ٻي صورت ۾ هو انهيءَ پيٽ ۾ پيو هوندو، ايستائين جو قيامت اچي وڃي. ڌيان ڌريو ته اهو مثال موجوده مسلم اُمت تي ٺهڪي ڪونه ٿو اچي. اها امت سؤ ورهين کان به وڌيڪ عرصي کان مسئلن جي پيٽ ۾ آهي. ڪيتريون ئي ڪوششون ۽ اڻ ڳڻيون قربانيون به کيس انهيءَ پيٽ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيون آهن. مذڪوره ”سنت رسول“ جي روشنيءَ ۾ ان جو واحد سبب هي آهي ته اُمت هڪ ڊگهي عرصي کان دعوت جو عمل ڇڏي ڏنو آهي. ايتري قدر جو موجوده مسلمانن ۾ دعوت جو شعور به ڪونهي. هو قومي تحريڪون هلائين ٿا ۽ انهيءَ جو نالو دعوت رکي ٿا ڇڏين. انهيءَ اُمت جي لاءِ مسئلن جي پيٽ مان نڪرڻ جي فقط هڪ واٽ آهي، سا اها ته هو پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪن، جيڪا غير مسلم قومن تي دعوت جو عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ کانئس ٿي آهي. اهو هن جي لاءِ توبهه جو عمل هوندو. انهيءَ توبهه کان پوءِ سڄي اُمت کي اهو ڪرڻو آهي ته هوءَ نئين سري کان دنيا جي قومن تي دعوتي عمل کي جاري ڪري ۽ انهيءَ جي سڀني تقاضائن کي ڌيان ۾ رکندي انهيءَ کي پنهنجي تڪميل تائين پهچائي.
4. قرآن پاڪ ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جو قصو بار بار بيان ٿيو آهي. ايمان وارن جي لاءِ سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي سبق موجود آهن. هتي آئون، انهن مان هڪ سبق جو ذڪر ڪندس، جنهن جو مون کي ذاتي طور تي تجربو ٿيو.
مون 1948ع ۾ ”اسلامي دعوت“ جو ڪم شروع ڪيو. پر انهيءَ وقت منهنجو حال هي هو ته آئون ڪنهن به ميڙ ۾ ڳالهائي نه سگهندو هئس. تنهن ڪري آئون پنهنجي تقرير کي اڳواٽ لکي وٺندو هئس ۽ اها جلسي ۾ پڙهي ٻُڌائيندو هئس ۽ منهنجي هٿ ۾ جيڪڏهن لکيل تقرير نه هوندي هئي، ته منهنجو حال هي هوندو هو جو منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳندي هئي ۽ مون کي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي ۽ آئون پنهنجي ڳالهه لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان لاچار ٿي ويندو هئس.
اهو سلسلو لڳ ڀڳ پندرهن سالن تائين هلندو رهيو. منهنجي باري ۾ اهو مشهور ٿي ويو هو ته آئون جلسن ۾ تقرير نٿو ڪريان، پر مقالو پڙهندو آهيان. 1962ع اُهو سال آهي، جڏهن آئون تحريري خطاب مان نڪري، تقريري خطاب جي دؤر ۾ گهڙيس.
1962ع ۾ اعظم ڳڙهه جي هڪ ڳوٺ ”انجان شهيد“ ۾ جماعت اسلامي هند جو ضلعي ميڙ هو. مون کي انهيءَ ۾ ڳالهائڻو هو. پر معمول جي ابتڙ انهيءَ موقعي جي لاءِ مون ڪابه تقرير نه لکي هئي. جڏهن منهنجو وارو آيو ته آئون ديوانگي جي عالم ۾ اُٿي بيٺس مون کي حضرت موسيٰ عليه السلام جي دعا ۽ خدا پاران انهيءَ جو جواب ياد آيو. مون مجنونانه انداز ۾ چيو:
”قرآن ڪو تاريخي ڪتاب ڪونهي. پر اهو زنده رهنمائي آهي. انهيءَ ۾ جيڪي واقعا ٻُڌايا ويا آهن، تن جو اسان سان به ايترو ئي لاڳاپو آهي، جيترو انهيءَ قديم شخصيتن سان لاڳاپو هئن، جن جي حوالي سان، انهن کي قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. پوءِ مون حضرت موسيٰ عليه السلام جو قصو بيان ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو خدا جو بندو پاڻ کي تقرير ڪرڻ کان عاجز سمجهي ته حضرت موسيٰ جي زبان ۾ اهو چوي: (اللهٰم) يضيق صدري ولاينطق لساني (الشعراء 13) ته مون کي پورو يقين آهي ته: ٻيهر پالڻهار جي طرف کان اهو آواز ايندو ته: قد اوتيت سؤلڪ يا موسيٰ (طه 36)
اهو واقعو منهنجي زندگيءَ ۾ انقلاب جي نقطي جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ کان پوءِ منهنجو سينو کلي ويو ۽ آئون وڏن وڏن جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ لڳس. خدا جي فضل سان اهو سلسلو اڄ سوڌي جاري آهي.
5. اهڙي طرح حضرت عيسيٰ عليه السلام جو به قرآن ۾ بار بار ذڪر آيو آهي. سندن تعليم ۽ زندگيءَ ۾ ايمان وارن جي لاءِ ڪيترائي نمونا آهن. انهيءَ مان هڪ نموني جو ذڪر هت ڪيو وڃي ٿو. حضرت عيسيٰ عليه السلام پنهنجي شاگردن کي خطاب ڪندي فرمايو: ”آئون اوهان کي چوان ٿو ته پنهنجي دشمنن سان مُحبت ڪريو. جيڪي اوهان جو بُرو چاهين، تن سان ڀلائي ڪريو. هو اوهان تي ڦٽڪار وجهن ته اوهين سندن لاءِ برڪت گهرو. جيڪو اوهان جي بي عزتي ڪري تنهن جي لاءِ دعا گهرو. جيڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻي ڳل به ورائي ڏيو ۽ جيڪو اوهان جو چوغو کڻي ته کيس پنهنجي ڪرتو کڻڻ کان به منع نه ڪريو. جيڪو به اوهان کان گهري، اهو ڏيئي ڇڏيو ۽ جيڪو تنهنجو مال وٺي، انهن کان ڪجهه نه گهرو. (لوقا 6 آيت 27 کان 30)
حضرت عيسيٰ پنهنجي انهن لفظن ۾ ڪنهن اثر پذير Passive روش جي تعليم نه ڏني آهي. اهو دراصل دعوت جي آداب جو بيان آهي. داعي سدائين هڪ طرفي اخلاق جو پابند هوندو آهي. داعي جيڪڏهن جوابي اخلاق جو انداز اختيار ڪري ته اها اعتدال واري فضا ئي ختم ٿي ويندي، جنهن جي اندر دعوتي عمل جاري هوندو آهي.
پيغمبر اسلام جي اسوة مان به انهي جي چٽي تصديق ملي ٿي. مثال طور: حضرت صهيب روميءَ جي واقعي کي اڳيان رکو. هن مڪي مان آخري زماني ۾ هجرت ڪئي. جڏهن هو مڪو ڇڏي ٻاهر آيو ته قريشن جي ڪجهه نوجوانن کيس جهلي ورتو. هنن کيس چيو ته تو مڪي ۾ جيڪو ڪجهه ڪمايو آهي، اهو اسان توکي مديني کڻي وڃڻ نه ڏينداسين. انهيءَ مهل حضرت صهيب وٽ ڪجهه دينار هئا. هن چيو ته جيڪڏهن آئون اوهان کي هي سون جا سڪا ڏيان ته پوءِ اوهين مون کي وڃڻ ڏيندؤ؟ نوجوانن هائوڪار ڪئي. تنهن کان پوءِ هن اهي دينار ڪڍيا ۽ اهي نوجوانن جي حوالي ڪيا. جڏهن هو مديني پهتو ۽ پيغمبر اسلام کي مذڪوره قصي جي خبر پئي ته پاڻ سڳورن فرمايو: صهيب جو واپار ڪامياب رهيو... صهيب جو واپار ڪامياب رهيو. (سيرت ابن هشام 2/89)
حقيقت هيءَ آهي ته حضرت عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي جنهن اخلاق جي تلقين ڪئي، اهو ئي اهل اسلام جي لاءِ به گهربل آهي. اهي دعوت جا لازمي آداب آهن، جيڪي داعيءَ کي پنهنجي مدعوءَ جي سلسلي ۾ اختيار ڪرڻا پوندا آهن. انهيءَ قسم جي هڪ طرفي اخلاق کان سواءِ دعوتي عمل جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
6. حضرت يوسف عليه السلام واحد پيغمبر آهي، جنهن جو قصو قرآن جي هڪ سڄي سورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. (يوسف) اهو قصو بيان ڪرڻ کان پوءِ، آخر ۾ ارشاد ٿيو آهي ته اهي غيب جون خبرون آهن، جيڪي اسين اوهان کي ٻُڌائي رهيا آهيون. يعني اهو انساني تاريخ جو هڪ گم ٿيل صفحو هو، جنهن کي اسان اوهان جي لاءِ کوليو آهي ۽ انهي جو مقصد هيءَ آهي ته عقل وارا انهيءَ مان نصيحت حاصل ڪن. (يوسف)
اهڙي طرح قصي جي آخر ۾ حضرت يوسف جي زبان سان ٻُڌايو ويـو آهـي ته جيڪو شـخص تـقويٰ اختيار ڪندو ۽ صبر ڪندو ته اللهج اهڙن ۽ اعليٰ ڪردارن جي ماڻهن جي عمل کي ذيان نٿو ڪري (يوسف 90). انهيءَ مان معلوم ٿيو ته حضرت يوسف عليه السلام وٽ جنهن ڪردار جو مثال ملي ٿو، اهو تقويٰ ۽ صبر جي اصول جو هڪ ميلاپ هو. ۽ تقويٰ ۽ صبر جي اصول کي جتي به عمل ۾ آندو وڃي، اُتي يقيني طور تي اعليٰ نتيجا حاصل ٿيندا.
حضرت يوسف جي مذڪوره قصي ۾ عبرت ۽ نصيحت جا مختلف پهلو آهن. هتي اسين انهي جي فقط هڪ پهلوءَ جو ذڪر ڪنداسين.
حضرت يوسف عليه السلام جو واقعو مصر سان واسطو رکي ٿو. اُن وقت مصر ۾ هڪ مُشرڪ بادشاهه جي حڪومت هئي. حضرت يوسف عه اُتي هڪ ٻانهي جي حيثيت سان داخل ڪيو ويو، پوءِ ڪنهن سياسي ڏوهه جي بدران ڪن غير سياسي سببن جي ڪري کيس جيل موڪليو ويو.
انهيءَ کان پوءِ هڪ خواب جي واقعي حالتن ۾ انقلابي تبديلي پئدا ڪئي. بادشاهه حضرت يوسف عليه السلام جي خواب جي تعبير کان متاثر ٿي، کيس پنهنجي حڪومت ۾ هڪ اهڙي عهدي جي آڇ ڪئي، جنهن کي اڄڪلهه جي زبان ۾ وزير خوراڪ چئي سگهجي ٿو. بادشاهه جي اها آڇ اصل ۾ وزير خوراڪ يا زراعت جي هئي. پر جيئن ته اهو زرعي دور جو واقعو آهي ۽ انهيءَ زماني ۾ سموري قومي معيشيت زراعت تي ٻڌل هوندي هئي. سلطنت جي سڀني کاتن ۾ زراعت کي بنيادي اهميت حاصل هوندي هئي. تنهن ڪري عملي طور تي هيئن ٿيو ته حضرت يوسف عليه السلام کي بادشاهه جي سلطنت ۾ وزيراعظم جي عهدي جي حيثيت حاصل ٿي ويئي.
انهيءَ واقعي جو اهو پهلو بي حد سبق وارو آهي ته حضرت يوسف توحيد جو داعي هو. (يوسف 39) تنهن جي باوجود به هن مصر ۾ هڪ مُشرڪ بادشاهه جي ماتحتيءَ ۾، سندس سلطنت جو هڪ ذيلي عهدو قبول ڪري ورتو. اهو معاملو ڪو غير صحيح يا غير معياري معاملو نه هو. خود قرآن موجب اهو مڪمل طور تي تقويٰ، صبر ۽ احسان جو هڪ معاملو هو.
انهيءَ مان توحيد واري دين جو هڪ اهم اصول معلوم ٿئي ٿو. اهو هيءَ ته موحد هئڻ جو مطلب اهو ڪونهي ته عملي طور تي غير موحدين سان ڪو گڏيل سهڪار جو معاملو نه ڪيو وڃي. توحيد جي تقاضا اها ڪونهي ته موحدين ۽ غير موحدين جي وچ ۾ انهيءَ وقت تائين ٽڪراءُ جاري رهي، جيستائين غير موحدين جو زور ٽٽي نه وڃي، اقتدار مڪمل طور تي موحدين جي هٿ ۾ اچي وڃي. حضرت يوسف عليه السلام جو مثال انهيءَ قسم جي نظريي جي صحت جي کليل ترديد آهي. انهيءَ جي اُبتڙ صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته ذاتي زندگيءَ ۾ توحيد تي پنهنجي عقيدي کي مڪمل طور تي مضبوط رکندي، عملي ۽ گڏيل معاملن ۾ ٻين سان سهڪار ۽ مفاهمت جو انداز اختيار ڪيو وڃي.
وڌيڪ گهرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته موجوده زماني ۾ هر ملڪ ۾ مسلمانن کي جيڪي تڪليفون پيش اچي رهيون آهن، انهن جو هڪ وڏو سبب انهيءَ سنت يوسفيءَ کان اڻڄاڻائي به آهي. موجوده زماني ۾ مسلم ملڪن ۾ مڪمل اُمڪان موجود هو ته مسلمان اڳواڻ، ملڪي حڪمرانن جي اقتدار اعليٰ کي تسليم ڪندي، ساڻن سهڪار جي اصول تي معاملا هلائين. اهڙي طرح غير مسلم اڪثريت جي ملڪن ۾ جمهوريت مان فائدو وٺن، جيڪو اقتدار ۾ حصيداري (Power Sharing) جو هڪ نظام آهي. موجوده زماني جا مسلمان اڳواڻ، جيڪڏهن ايئن ڪن ها ته هر ملڪ ۾ مسلمانن جي لاءِ ترقي جا غير معمولي موقعا کلي پون ها. پر انهن اڳواڻن، هر ملڪ ۾ ٽڪراءُ جي سياست اختيار ڪئي. اهو پيغمبر جي سنت کان کليل انڪار هو ۽ پيغمبر جي سُنت کي ڇڏڻ جو نتيجو ابدي محروميءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. انهن ڪجهه مثالن مان اندازو ٿئي ٿو ته قرآن ۾ ذڪر ڪيل ٻين نبين جي سُنت ۾ اهل اسلام جي لاءِ نهايت ملهائتا نمونا آهن. اسان کي انهن نمونن کي اهڙي طرح مستند ’اسوه رسول‘ جي طور تي وٺڻ گهرجي، جهڙي طرح آخري پيغمبر ﷺ جي نمونن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪريون ٿا.