فطرت تي ڀروسو
حضرت محمد ﷺ اهو انوکو انقلاب آڻڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيو، ان جو ٻيهر جواب اهوئي آهي ته ان نوعيت جو انقلاب آڻڻ جي لاءِ هڪ وڏي قرباني گهربل هجي ٿي. اها قرباني، جنهن کي اڄوڪي زبان ۾ رسڪ کڻڻ چئي سگهجي ٿو. هن دنيا جو اهو ئي اصول آهي ته ”جيترو وڏو رسڪ ايتري وڏي ڪاميابي“. انسان کي بدلائڻ هن دنيا جو ڏکي ۾ ڏکيو ڪم آهي. تنهن ڪري جيڪو شخص انسانن کي بدلائڻ ٿو چاهي، تنهن کي ڏکي ۾ ڏکيو رسڪ کڻڻو ٿو پوي. عالم اسباب جي لحاظ کان اهو چوڻ صحيح هوندو ته حضرت محمد ﷺ اُن معاملي ۾ آخري حد تائين رسڪ کنيو. اهوئي سبب آهي جو پاڻ ڪريمن کي آخري درجي جي ڪاميابي عطا ٿي.
هتي انهيءَ ڳالهه جي وضاحت لاءِ ٻه مثال پيش ڪجن ٿا. پهريون مثال اهو ته جڏهن مڪو فتح ٿي ويو. اُن وقت به مڪي جي ماڻهن جي گهڻائي مُشرڪ هئي. هي اهي ماڻهو هئا، جن پاڻ سڳورن سان سخت دشمني ڪئي هئي. هنن پاڻ سڳورن کي پنهنجي وطن مان ڪڍيو هو. هنن پاڻ سڳورن سان جارحاڻيون جنگيون ڪيون هيون. هنن پاڻ سڳورن جي ڪيترن ئي ساٿين کي قتل ڪيو هو ۽ خود پاڻ سڳورن تي پڻ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قاتلاڻو حملو ڪرڻ جا قدم کنيا هئا. هنن جا دشمناڻا ڏوهه ايترا ته هئا، جن جي سزا ان وقت جي رواج موجب اهائي هئي ته سڀني کي قتل ڪيو وڃي.
انهن جي ماضيءَ جي ڏوهن کي معاف ڪري پي سگهجيو، پر اُتي هڪ ٻيو ڀؤ هو، جيڪو ان کان به وڏو هو، اهو هيءَ ته جيڪڏهن انهن ماڻهن کي ڇڏيو وڃي ها ته انديشو اهو هو ته هو ٻيهر منظم ٿي اسلام جي خلاف سازشون ڪندا ۽ اسلام جي مخالفن کي منظم ڪري اسلام جي خلاف ٻيهر جنگ شروع ڪري ڇڏيندا.
انهن ماڻهن کي بيت الله ۾ آندو ويو. هو اتي ايئن بيٺا هئا، گويا پنهنجي موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺا هجن. پر حضرت محمد ﷺ انهن جي لاءِ سزا جي بدران معافيءَ جو اعلان ڪيو. پاڻ فرمايائون ”وڃو! اوهين سڀ آزاد آهيو.“ پر جڏهن پاڻ سڳورن اهو رسڪ کنيو ته جيترو وڏو رسڪ هو، ان جو فائدو اُن کان به وڏو ٿيو. اهو فطرت تي ڀروسي جو معاملو هو، پر اهو هڪ سخت رسڪ پڻ هو.
ان واقعي جي باري ۾ راوي روايت ڪن ٿا ته ان غير معمولي معافيءَ کان پوءِ جڏهن اهي ماڻهو بيت الله مان نڪتا ته سندن حال اهو هو، ڄڻ هو قبرن مان اُٿي آيا هجن ۽ هو پوءِ اسلام ۾ داخل ٿي ويا. (حياة الصحابه 1/175)
مڪي جي فتح کان پوءِ اهي ماڻهو جڏهن حضرت محمد ﷺ وٽ آيا ته انهن جي نفسياتي حالت اها هئي ته هنن پنهنجي موت کي يقيني پي سمجهيو. هو پنهنجو پاڻ کي مئلن ۾ ڳڻي رهيا هئا. اهڙي حالت ۾ جڏهن پاڻ سڳورن کين معاف ڪري ڇڏيو ته اهو ايئن هو، ڄڻ ڪنهن مئل کي ٻيهر جيئاريو ويو هجي. پاڻ سڳورن کين معاف ڪري ڄڻ نئين حياتي ڏيئي ڇڏي. اهو مٿن ايترو ته وڏو احسان هو، جو اُن کان پوءِ منجهائن سرڪشيءَ جي اميد نه هئي. اهو انهن تي ايڏو ته وڏو ٿورو هو، جو اهو مممڪن ئي نه هو ته هو اهڙي اعليٰ سلوڪ کان پوءِ به بدستور سرڪش بنيا رهن. هنن (حضرت) محمد ﷺ جي دين کي قبول ورتو. اهي ئي ماڻهو جيڪي هيستائين پاڻ سڳورن جا سڀني کان وڏا ويري هئا، هاڻي اهي پاڻ سڳورن جا سڀ کان وڏا دوست ۽ ساٿي بنجي ويا. بيشڪ اهو انساني تاريخ جو سڀ کان انوکو واقعو هو، پر اهو فقط اُن وقت پيش آيو، جڏهن پاڻ سڳورن تاريخ جو سڀ کان انوکو رسڪ کنيو.
ٻيو واقعو جيڪو، هتي پيش ڪرڻ چاهيندس، اهو ”قبيلي هوازن“ جو آهي، جيڪو مڪي جي فتح کان پوءِ پيش آيو. پاڻ سڳورا پنهنجي ساٿين سان گڏ مڪي مان طائف لاءِ روانا ٿيا. رستي ۾ ”هوازن قبيلي“ وارن جو علائقو هو. پاڻ سڳورن کين ڪجهه نه چيو ۽ نه ئي انهن جي خلاف ڪا ڳالهه چئي. سندن رستو هڪ اهڙي هنڌ تان ٿي گذريو، جتي ٻنهي طرفن ٽڪريون هيون ۽ وچ ۾ هڪ ماٿري هئي، جنهن مان ماڻهن جي اچ وڃ هوندي هئي. جڏهن پاڻ سڳورا ۽ سندس ساٿي ان وچينءَ رستي ۾ پهتا ته هوازن جي ماڻهن ٻنهي طرفن جي ٽڪرين کان زبردست تير اندازي شروع ڪري ڏني. ان اوچتي حملي سبب مسلمانن ۾ افراتفري پکڙجي ويئي ۽ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ذيان ٿي ويون. پر ان شروعاتي شڪست کان پوءِ مسلمانن کي ٻيهر فتح ٿي ۽ هوازن جي ڇهن هزارن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. مروجه طريقي موجب اهي گرفتار ٿيل سخت سزا جا حقدار هئا، تنهن کان سواءِ ان ڳالهه جو پڻ انديشو هو ته جيڪڏهن انهن کي ڇڏيو ويو ته هو ٻيهر اسلام ۽ مسلمانن جي لاءِ خطرو بنبا. تنهن ڪري انهن کي ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ بيشڪ هڪ وڏو رسڪ هو. پر پاڻ سڳورن ﷺ اهو رسڪ کنيو ۽ سڀني گرفتار ٿيلن کي غير مشروط طور تي ڇڏي ڏنو. ايتري قدر جو کين سواري ۽ سفر جو خرچ به ڏنو ته جيئن هو اطمينان سان پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي سگهن. پر ٿيو هيئن ته هو سڀ جا سڀ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. حقيقت اها آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ انهن سان جيڪو غير معمولي سلوڪ ڪيو هو، اُن کان پوءِ هنن جي لاءِ سرڪشي ممڪن نه هئي. ان کان پوءِ به جيڪڏهن هو سرڪشي ڪن ها ته سندن اعصابن جون رڳون ڦاٽي وڃن ها. هنن جي لاءِ جيئرو رهڻ ڏکيو ٿي پوي ها. ان کان پوءِ کين جيڪو ڪرڻ گهرجي ها، انهن اهوئي ڪيو ته پاڻ سڳورن ﷺ جو دين اختيار ڪري ورتائون، هو پاڻ سڳورن جي لاءِ دشمن انسان بدران دوست انسان بنجي ويا.
حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن پيغمبر اسلام کي تاريخ مان ڪڍيو وڃي ته اُن جو مطلب اهو ٿيو ته اهڙا مثال به ڪڍيا ويندا، جيڪي ڪنهن شخص جي ظاهري سياسي ڍانچي کي نٿا بدلائين، پر خود انسان کي اندر تائين بدلائي ٿا ڇڏين.
پيغمبر اسلام جي سُنت جو هڪ اهم حصو انساني فطرت تي ڀروسو آهي. پاڻ سڳورن جي سڄي زندگيءَ ۾ ان اصول تي عمل ڪرڻ جا مثال ملن ٿا.
انسان پٿر جي بُت وانگيان ڪونهي، پر هو پنهنجي سيني ۾ فطرت جو هڪ خزانو کڻيو گهمي. اها فطرت ڪنهن انساني شخصيت جو اهم ترين حصو آهي. اُن حقيقت کي قرآن ۾ هنن لفظن ۾ ٻڌايو ويو آهي: ”(قسم آهي) انسان جو، جنهن کي اهڙو ته درست ٺاهيوسون، پوءِ کيس چڱائي ۽ مدائيءَ جي سمجهه ڏني سون.“ (الشمس 7 ــ 8)
ان مان خبر پئي ته هر ماڻهو ڄمندي ئي اهو ڄاڻي ٿو ته بڇڙائي ۽ ڀلائي ڇا آهي؟ صحيح ۽ غلط ڇا آهي. ان جو ٻيو مطلب هي آهي ته هڪ داعي ڪنهن انسان جي سامهون جيڪا دعوت پيش ڪرڻ پيو وڃي، اُن جو غير شعوري علم يا ان جي مجهول معرفت انسان کي اڳواٽ حاصل آهي. داعي جڏهن ڪنهن انسان کي حق جي دعوت ڏيندو آهي ته هو مدعوءَ کي سندس ڄاتل ڳالهه ئي ٻڌائي رهيو هوندو آهي. هو مدعو جي لاشعور کي شعور ۾ آڻڻ ٿو چاهي.
اهو واقعو دعوت ڏيندڙ جي اندر اهو ڀروسو ٿو پيدا ڪري ته هو جيڪو پيغام ڏيئي رهيو آهي، اهو پيغام ته اڳواٽ ئي سندس اندر ۾ موجود آهي. مدعو خود پنهنجي اندروني فطرت جي ڪري ان کان مجبور آهي ته هو حق جو اعتراف ڪري. اهو واقعو داعيءَ کي سدائين مايوسيءَ کان بچائي ٿو. هو مدعو جي ظاهري بي ڌياني يا ان جي مخالفت کي نظرانداز ڪري، سندس سامهون پنهنجي دعوت پيش ڪندو آهي ۽ اهو يقين ٿو رکي ته هڪ نه هڪ ڏينهن مدعو ضرور سندس پيغام تي لبيڪ چوندو.
پيغمبر اسلام جي دعوتي زندگي اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. ماڻهن جي ظاهري مخالفت جي باوجود به انهن جي باري ۾ پاڻ سڳورن جو ايمان ڪڏهن به نه لُڏيو ته نيٺ به انهن جو سينو کلندو ۽ هو پاڻ سڳورن جو پيغام قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا.
اهوئي سبب آهي ته بدترين مخالفتن جي باوجود به پاڻ سڳورن انهن ماڻهن جي خلاف بددعا نه ڪئي، جيڪي بظاهر ته سندن دشمن بنيل هئا، پر پاڻ سڳورن سدائين سندن حق ۾ هدايت جي دعا گهري. جهڙوڪ: طفيل بن عمر الدوسي مڪي آيو ۽ هن پاڻ سڳورن جي هٿ تي اسلام قبوليو. تنهن کان پوءِ هو پنهنجي قبيلي دوس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ کين توحيد جي دعوت ڏنائين، پر ماڻهن سندن ڳالهه مڃڻ بدران ساڻس برو سلوڪ ڪيو. هو ٻيهر پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ چيائين، ”اي خدا جا رسول! دوس قبيلو سرڪش ٿي ويو آهي، انهن کي پِٽيو.“ پر پاڻ سڳورن نه دوس قبيلي کي پٽيو نه ئي انهن جي خلاف بددعا ڪئي. پر اُن جي ابتڙ پاڻ سڳورن دعا جي لاءِ هٿ مٿي کنيا ۽ اهو فرمايو ته ”اي الله دوس جي ماڻهن کي هدايت ڏي.“ (سيرة ابن هشام 1/409)
دعا کان پوءِ پاڻ سڳورن طفيل بن عمروالدوسي کي فرمايو ته تون واپس پنهنجي قبيلي ڏانهن وڃ ۽ انهن جي سختيءَ جي باوجود به ساڻن نرمي سان ڳالهائي. انهن جي زيادتين جي باوجود به ساڻن خيرخواهي سان هل. ان نصيحت جو راز اهوئي هو ته کين يقين هو ته ”دوس قبيلي“ جي ماڻهن جو ڪيس ڪو منفرد ڪيس ڪونهي. هو به ٻين انسانن جيان انسان آهن. خدا جي ڏنل فطرت انهن ۾ پڻ موجود آهي، جيئن اها ٻين ۾ موجود آهي. فطرت تي پاڻ سڳورن جو اهو يقين آخري حد تائين درست هو. تنهن ڪري طفيل بن عمرو الدوسي جڏهن واپس ويو ۽ پنهنجي قبيلي کي توحيد طرف سڏيائين ته اُن جو معجزانه نتيجو اهو نڪتو ته هوريان هوريان قبيلي جا سڀ مرد ۽ عورتون دين توحيد ۾ داخل ٿي ويا.
فطرت تي ڀروسو پيغمبر اسلام جي هڪ عظيم سُنت آهي ۽ پاڻ سڳورن جي زندگي ۾ اُن جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.
مدني دؤر ۾ جڏهن اسلام جو آواز سڄي عربستان ۾ پکڙجي ويو ۽ قبيلن جا وفد اچي اسلام قبول ڪرڻ لڳا. ان دور جي واقعن مان هڪ واقعو اهو به آهي، جيڪو طائف جي قبيلي ثقيف سان واسطو ٿو رکي.
طائف جي قبيلي ثقيف جو وفد نائين صدي هجريءَ ۾ مديني آيو. پاڻ سڳورن کين اسلام جي تعليم جي باري ۾ ٻڌايو. هو اسلام قبولڻ تي راضي ٿي ويا، پر هنن پنهنجي طرفان ڪيترا شرط پڻ رکيا. جهڙوڪ: هنن چيو ته اسين نماز ته پڙهنداسين، پر صدقو نه ڏينداسين ۽ نه جهاد ڪنداسين. ان جي باوجود به پاڻ سڳورن کانئن بيعت وٺي کين اسلام ۾ داخل ڪري ڇڏيو.
اُن تي ڪجهه ماڻهن اعتراض ڪيو ته پاڻ ان جو جواب ڏيندي فرمايائون، ”جڏهن هيءَ اسلام قبولي وٺندا ته ان کان پوءِ هو صدقو به ڏيندا ۽ جهاد به ڪندا.“ (سيرة ابن ڪثير 4/56)
پيغمبر اسلام جيڪڏهن اهل ثفيف جي فقط موجوده قول کي ڏسن ها ته پاڻ سڳورا کين ڪڏهن به اسلام ۾ داخل نه ڪن ها، پر پاڻ سڳورن انساني فطرت تي ڀروسو ڪيو ۽ انهن کي حال جي لحاظ کان ڏسڻ جي بدران کين آئيندي جي اعتبار کان ڏٺو. پاڻ سڳورن جو اهو اندازو بلڪل صحيح ثابت ٿيو. تنهن ڪري ثفيف قبيلي جا سڀ ماڻهو مڪمل طور تي اسلام جا عامل بنجي ويا. هنن اسلام جي تعليم تي عمل ڪيو ۽ اُن کي پنهنجي سعادت سمجهيو.
پاڻ سڳورن جي پاليسيءَ جو نتيجو هو ته پاڻ سڳورن کي ماڻهن جي خلاف تشدد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه آئي. پاڻ سڳورن دشمن سان به اهڙي هلت هلي ڄڻ اهو اوهان جو دوست هجي. اهوئي سبب آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڻ سڳورن اها ڪاميابي حاصل ڪئي ته هڪ پوري قوم ۾ هڪ اهڙو انقلاب آندو، جنهن کي بيشڪ غير خوني انقلاب چئي سگهجي ٿو.
قرآن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته الله تعاليٰ سڀني انسانن کي هڪ فطرت تي پيدا ڪيو آهي ۽ اها تخليقي فطرت ڪڏهن به بدلجڻ واري نه آهي (روم 30) اهائي ڳالهه حديث رسول ۾ پڻ آئي آهي ته هر پيدا ٿيندڙ فطرت تي پيدا ڪيو ويندو آهي. (کل مولود يولد علي الفطرة ــ تفسير ابن ڪثير 3/432)
هڪ ٻي حديث ۾ آيو آهي ته الله تعاليٰ فرمايو ته مون پنهنجن ٻانهن کي سڌي طريقي تي پيدا ڪيو آهي (اني خلقت عبادي حنفاء) اُن مان خبر پئي ته سڀئي انسان پيدائشي طور تي هڪ آهن. ڪوبه انسان اهڙو ڪونهي ته حق جي دشمني ان جي فطرت جو ايئن حصو هجي ته ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري نه سگهجي.
دعوت جي نقطه نظر کان اها هڪ بيحد اهم حقيقت آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته داعي جيڪڏهن ڏسي ته انساني گروهه ۾ ڪجهه ماڻهو سندس حمايت ۾ ۽ ڪجهه مخالف ۾ آهن ته داعيءَ کي گهرجي ته هو اُن فرق کي حقيقي سمجهي. فطرت تي ڀروسو ڪندي سندس ذهن اهو هئڻ گهرجي ته موافق انسان جيڪڏهن رضا خوشيءَ سان سندس ساٿي آهي ته مخالفت انسان طاقت جي حساب سان سندس ساٿي آهي. اهو ذهن داعي کي ابدي طور تي هڪ پُراميد انسان بنائي ٿو ڇڏي. مخالف انسان جي لاءِ سندس دل ۾ اهائي خيرخواهي هوندي آهي، جيڪا دوست انسان جي لاءِ سندس دل ۾ هوندي آهي. اهو بظاهر دشمن کي به يڪسان طور تي اعتدال جي نفسيات تحت پنهنجو مخالف بنائي ٿو، ايستائين جو اهو وقت اچي ٿو، جڏهن سندس دشمن به سندس دوست بنجي وڃي. اهائي حقيقت قرآن پاڪ جي هن آيت ۾ بيان ڪئي ويئي آهي.
”۽ ڀلائي ۽ بُرائي ٻئي برابر نه آهن، تون جواب ۾ اهو چئو، جيڪو ان کان سٺو هجي، پوءِ تون ڏسندين ته تو ۾ ۽ جنهن ۾ دشمني هئي، ائين ٿي ويا جيئن ويجها دوست.“ (السجده 34)
دشمن جي دوست بنجڻ جو مطلب اهو ڪونهي ته پهرين هو باهه هو ۽ هاڻ پاڻي ٿي ويو. حقيقت اها آهي ته هو اڳ ۾ ئي پاڻي هو. سندس شخصيت جي سطح تي ڪجهه شيون مٿاهين طور تي گڏ ٿي ويون هيون. اُنهن مٿانهين شين کي داعي پنهنجي خيرخواهيءَ جي سلوڪ سان هٽائي ڇڏيو. ان کان پوءِ ان جو حقيقي انسان اُڀري آيو ۽ حقيقي شخصيت جي سطح تي هر ماڻهو حق جو دوست ئي هوندو آهي، هو اُن جو دشمن نه هوندو آهي.
پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ غير مسلمانن کان ڪم ۽ انهن مان ڀرپور فائدو ورتو. ابو طالب جي وفات کان پوءِ جڏهن پاڻ سڳورا پنهنجي قبيلي جي حمايت کان محروم ٿي ويا ته پاڻ سڳورن ٻين قبيلن وٽ وڃي انهن کان پنهنجي لاءِ حمايت گهري، جيتوڻيڪ ان وقت اهي قبيلا مشرڪ هئا. طائف کان واپسي کان پوءِ پاڻ سڳورا مڪي جي هڪ مشرڪ سردار معطم بن عديءَ جي حمايت کان پوءِ ٻيهر مڪي ۾ گهڙيا. هجرت جي سفر ۾ پاڻ مشرڪ عبدالله بن ارقط کي پنهنجو سونهون بنايو. اهڙا ڪيترا ئي واقعا آهن، جن مان اهو پتو پوي ٿو ته رسول الله ﷺ بار بار غير مسلمانن تي ڀروسو ڪيو ۽ پنهنجي مقصد جي لاءِ کانئن ڪم ورتو.
انسانن کي دوست ۽ دشمن ۾ ورهائڻ سنت رسول جي خلاف آهي ۽ ان سان گڏ اها انساني فطرت جي پڻ خلاف آهي.
سيرت جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته فطرت تي ڀروسو اسلام جو هڪ مستقل اصول آهي. اسلام موجب ماڻهن جا ڳالهايل لفظ يا انهن جون ڪاروايون وڌيڪ لحاظ جوڳيون آهن، ڇو ته اهي سڀ وقتي شيون آهن. ماڻهن سان ڇيڙي نبيري ڪندي اصل قابل لحاظ شئي انساني فطرت آهي. انسان بنيادي طور تي جنهن شئي جي تابع آهي، اها سندس پيدائشي فطرت آهي. اُن کان سواءِ باقي جيڪي شيون آهن، سي سڀ وقتي ۽ عارضي آهن ۽ اهي انساني سلوڪ جي معاملي ۾ فيصلو ڪندڙ عنصر جي حيثيت نٿيون رکن.
رسول الله ﷺ جي اها سنت ٻڌائي ٿي ته معاملو ڀلي انفرادي هجي يا گڏيل، سدائين اهو ڪرڻ گهرجي ته ظاهري شين کي نظرانداز ڪيو وڃي. سڀ کان وڌيڪ اهميت اُن ڳالهه کي ڏني وڃي ته انساني فطرت جي تقاضا ڪهڙي آهي. فطرت جي رعايت هر قسم جي ڪاميابي جي يقيني ضمانت آهي.
هڪ شخص يا هڪ گروهه ڪنهن ڳالهه تي چڙي پئي ته اهڙي موقعي تي اصل قابل لحاظ شئي سندس چڙ نه آهي. پر اصل شئي اها آهي ته ظاهري اشتعال/ چڙ جي باوجود به ان جي فطرت بدستور پنهنجي تخليقي نقشي تي قائم رهي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن اشتعال کي نظرانداز ڪري فطرت جي رعايت ڪئي وڃي ته معاملو پاڻمرادو ختم ٿي ويندو. اشتعال يا چڙ اوچتو ختم ٿي ويندي ۽ ان کان پوءِ جيڪا شئي بچندي، اُها بلڪل اِهائي هوندي، جيڪا اسان کي گهربل آهي. يعني انسانيت، جنهن تي خدا فطرت کي قائم ڪيو آهي.