آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اقرار به، انڪار به

”اقرار به، انڪار به“ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. يوسف سنڌي لکي ٿو:

”هي لکيل بي ترتيب ساروڻا، ڪجهه احساس ۽ زندگيءَ جي اُٿلايل صفحن جا ڪي ورق آهن. ڪي ورق ڪتاب مان ئي ڦاٽي ويا آهن، ڪي پُسي وڃڻ سبب هاڻ پڙهڻ ۾ ئي نٿا اچن ۽ باقي جيڪي بچيا آهن، سي حاضر آهن.
آئون سڄي عمر مايوسين، مونجهارن ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار رهيو آهيان. انهن مان نڪرڻ لاءِ مون ڪتابن جو سهارو ۽ انهن ۾ اچي پناهه ورتي. ۽ سچ ته انهن ڪتابن مونکي سهاري سان گڏ پناهه به ڏني ۽ منهنجي اَشانت آتما کي شانت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ هاڻ انهن سڀني کي هن ڪتاب جي ورقن ۾ لاهي پاڻ کي هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.“
  • 4.5/5.0
  • 4652
  • 1083
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقرار به، انڪار به

7

ننڍي هوندي، جڏهن اڃا دڙي ۾ بجلي نه آئي هئي، تڏهن سانجهي ٿيندي ئي، کير ڀت يا ماني کائي، بستري تي ڊهي پئبو هو. سيارو هوندو ته گهر جي وڏي ڪمري ۾، جتي سڀني گهر ڀاتين جون کٽون کٽن سان لڳ پيل هونديون هيون ۽ اسين گهر جا سڀ ڀاتي، امان، ناني، بابا، منهنجون ٻيئي ڀينرون مريم ۽ ادي غلام فاطمھ انهن تي سمهندا هئاسين. منهنجي وڏي ڀيڻ عزيزان جي شادي ٿي چڪي هئي. آئون امان سان گڏ سمهندو هوس. امان مامتا سان ڀريل پيار ڀريون لوليون ڏيئي مونکي سُمهاريندي هئي ۽ ڪڏهن وري کير پيارڻ لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، بهانا ڪندي، لالچون ڏيندي هئي ته ڪڏهن وري آکاڻي ٻُڌائڻ شروع ڪندي هئي. هڪڙو هو بادشاهه....! اصل بادشاهه ته الله جي ذات آهي، پر هن ڪوڙي دنيا جو بادشاهه، جنهن کي ست ڌيئرون هيون.... پوءِ اها ڪهاڻي هلندي ننڊ جي گهيرٽن ۾ وٺجي، ننڊ جي جهان ۾ هليو ويندو هوس.
گرمين جي مُند ۾ وري گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل نم جي وڻ جي هيٺان کٽون وجهندا هئاسين. منهنجي ننڊ جي آغوش ۾ وڃڻ کانپوءِ امان آکاڻي پوري ڪندي هئي، يا اڌ ۾ ڇڏي ڏيندي هئي. خبر ڪونهي.... ائين اڪثر ٻي يا ٽي ڏينهن منهنجون ڀينرون به امان کي آکاڻي ٻُڌائڻ جي فرمائش ڪنديون هيون ۽ امان ٻُڌائڻ شروع ڪندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن وري ڇهين يا ٻارهين مهيني، اسان جي گهر، چوهڙ جماليءَ مان هڪ جهونڙو ايندو هو. گهير واري وڏي سٿڻ پاتل، هٿ ۾ لٺ، چاپئين ڏاڙهي، مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل ۽ هٿ ۾ هر وقت ناس جي دٻلي.... امان کيس ”ماسڙ مامون“ چئي سڏيندي هئي. ماسڙ مامون پڦي پوڙهي جيجي آسيءَ جو ڀاءُ هو، پڦي پوڙهي سجاول ۾ رهندي هئي، سندس پُٽ ماما خميسو ان وقت ڀڳڙا ۽ قلفيون وڪڻندو هو. سندس گهر سجاول ۾ گهوٽاري جي ڪپ لڳ هوندو هو. سندن گهر جي بلڪل سامهون سائين محمد خان مجيدي وارا رهندا هئا. ان وقت ته مونکي اها خبر نه هوندي هئي، پر پوءِ جڏهن سائين مجيدي ۽ آپا مريم مجيدي وٽ وڃڻ ٿيو ته سڄو نقشو سامهون ڦري آيو. امان اڪثر سجاول به ويندي هئي ۽ ماما خميسي وارن وٽ رهندي هئي. ماما خميسي جو وڏو پُٽ حاجي عبدالڪريم منهنجو دوست هوندو هو. هاڻ حاجي عبدالڪريم سجاول جي وڏن ۽ سٺن واپارين ۾ ڳڻجي ٿو، پر اُن وقت ماما خميسي وارا ڏاڍا غريب هوندا هئا. قلفيون وڪڻندا هئا ۽ ڀُڳڙا ڀُڳيندا هئا.
’ماسڙ مامون‘ وڏو دلچسپ ماڻهو هو. کيس ڪيتريون ئي آکاڻيون ياد هونديون هيون. رات جو جڏهن ماني ٽڪي کائي، وانڌا ٿي کٽن ڀيڙا ٿيندا هئاسين ته ”ماسڙ مامون“ آکاڻي کڻندو هو.... آکاڻيءَ ۾ ايندڙ مختلف موڙن، ڏکن ۽ سُکن جون ڳالهيون به هو اُن ئي لهجي ۾ بيان ڪندو هو.... ۽ وچ وچ ۾ ڏور ۽ بيت به ڏيندو ويندو هو. ماسڙ مامونءَ کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪو ڏانءُ هو ڇا....! ۽ اسين اهي آکاڻيون وڏي چاهه ۽ ڌيان سان ٻُڌندا هئاسين. آئون اڪثر آکاڻي هلندي سمهي پوندو هوس، ٻي رات وري ماسڙ مامون اتان ئي ڪهاڻي کڻندو هو، جت رات ڇڏي هوندي هئائين يا وري نئين آکاڻي.... جيترا ڏينهن ماسڙ مامون ٽِڪيل هوندو هو، روزانو رات جو اهو سلسلو هلندو رهندو هو.

ننڍي هوندي، امان سان گڏ، حيدرآباد وڃبو هو، جت لطيف آباد ۾ چاچا شمس الدين رهندو هو. چاچا شمس الدين جي ننڍي ڌي ادي صابرا، جيڪا منهنجي هم عمر آهي، تنهن وٽ ٻاراڻين ڪهاڻين جا کوڙ سارا ڪتاب هوندا هئا، کيس ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سندس ڪتابَ، هڪ ڪمري ۾ ڪٻٽ ۾ رکيل هوندا هئا. ان ڪمري جو هڪ دروازو ٻاهرين پاسي لڳل باغيچي ۾ کلندو هو.
اُتي ادي صابرا، مونکي ٻارن جا ننڍا ننڍا ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ڏيندي هئي. جيڪي اردوءَ ۾ هوندا هئا. جيڪي آئون ڏاڍي شوق سان پڙهندو هوس. مونکي آکاڻين ٻُڌڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. امان کي ڪيتريون ئي جنن، پرين، بادشاهن ۽ سوداگرن جون آکاڻيون ياد هونديون هيون. اسين ٻار يعني آئون ۽ منهنجا ماسات سيف الدين ۽ رياض احمد ۽ ماساتيون ادي رضوانه، ادي نجمه ۽ ادي صابرا روز رات جو پنهنجن پنهنجن بسترن ۾ ليٽي، امان کان آکاڻي ٻُڌائڻ جي فرمائش ڪندا هئاسين. اسين سڀ امان کي چوندا هئاسين ته هوءَ اسان کي گُرڙ پکيءَ واري آکاڻي ٻُڌائي. جڏهن امان آکاڻي شروع ڪندي هئي ته اسان کي اها اُڻ تڻ هوندي هئي ته ڏسو ته گُرڙ پکي ڪيئن ٿو ست ٽٻيون ڏيئي پنهنجا ٻچا کائي ۽ وعدي موجب شهزاديءَ کي پاتال مان ڪڍي، ڪيئن ٿو زمين تي آڻي. آکاڻي ختم ٿيڻ تائين مجال آهي، جو اسان مان ڪو اوٻاسي به ڏي. آکاڻي ختم ٿيندي هئي ته اسان هڪدم ”امان ٻي.... جيجي ٻي.“ چوڻ شروع ڪندا هئاسين. پر امان اهو چئي ماٺ ڪرائي ڇڏيندي هئي ته، ”اڄ جي ٻي آکاڻي لاءِ ضد ڪندا ته سڀاڻي ڪونه ٻُڌائينديس....“ البت جي صفا ضد ۽ گوڙ ڪندا هئاسين ته ٻي به ٻُڌائيندي هئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن سڀ ٻار اسڪول هليا ويندا هئا ته آئون ادي صابرا جي ڪتابن جي ڪٻٽ مان ڪونه ڪو ڪتاب کڻي دروازي جي ٻاهرينءَ پاسي ڏاڪڻين تي ويهي پڙهندو هوس. آئون گهڻو ڪري ڪتاب عنوان يا مواد کي پسند ڪرڻ بدران ڪنهن سٺي ڪوَر وارو ڪتاب کڻندو هوس ۽ جيستائين ٻار اسڪول مان ايندا هئا، تيستائين آئون سڄو وقت ڪتاب پڙهندو رهندو هوس.
ڪڏهن ڪڏهن وري جڏهن راند ڪُڏندي ادي صابرا سان وڙهندا هئاسين ته هوءَ اسان کي ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ نه ڏيندي هئي. پوءِ آئون، رياض ۽ سيف الدين لڪي لڪي، ڪمري ۾ گهڙي ڪتاب چوري ڪري پڙهندا هئاسين.
مونکي ڪتاب پڙهڻ جي چُوس اُتان پيئي. سندس انهن ڪتابن سان گڏ ڪيترائي اردوءَ ۾ ٻارن جا رسالا ”جگنو“، ”نونهال“، ”تعليم و تربيت“ ”چاند“ به پيل هوندا هئا، جيڪي هوءَ هر مهيني باقاعدگيءَ سان خريد ڪندي هئي. ممڪن آهي ته ڪو سنڌيءَ ۾ ٻارن جو رسالو يا ڪتاب به هجي، پر منهنجي يادگيريءَ ۾ نقش ٿيل ڪونهي. ڳوٺ ايندو هوس ته کانئس ڪجهه ڪتاب اُڌارا وٺي ايندو هوس. ائين منهنجي ڪتابن سان سنگت پڪي ٿيندي ويئي.... ۽ مونکي ڪتابن پڙهڻ جي ايتري ته چوس هوندي هئي، جو اُتي رات جو سمهڻ مهل جيجي زوري بلب بند ڪري، مونکي سمهڻ جي لاءِ چوندي هئي.... نه ته جيستائين بلب ٻريل هوندو هو، ڪتاب منهنجي اکين جي اڳيان ٽنگيل هوندو هو.
ڪتابن پڙهڻ جي اُن چوس سبب منهنجي سڄي خرچي جيڪا ايتري گهڻي نه هوندي هئي، ڪتابن جي بِلي ٿي ويندي هئي ۽ ڪتابن وٺڻ جي لاءِ حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي يا وري لطيف آباد ۾ ستين نمبر ويندو هوس، جتي ”فاران بوڪ ڊيپو“ هوندو هو، چاچا وارن جو گهر پنجين نمبر ۾ هوندو ۽ جڏهن به ڪو ڪتاب خريد ڪري موٽندو هوس ته اهو گهر کڻي نه ويندو هوس، پر گهر جي پاسي ۾ بيٺل ديوين جي وڻن وٽ ڪنهن وڏي پٿر جي هيٺان يا ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ لڪائي، پوءِ گهر ۾ گهڙندو هوس. گهر ۾ کڻي وڃڻ سان ڌڙڪن ملڻ جو اُمڪان هوندو هو.
دڙي ۾ وري خرچي ميڙي سجاول ويندو هوس، جتي بس اسٽينڊ تي هڪ مهاجر جو ”سخاوت بوڪ اسٽال“ هوندو هو. دوڪان تي ويٺل چاچو ڏاڍو سٺو ماڻهو هو. سندس نوجوان پُٽ به هوندا هئا، چاچو سخاوت ۽ سندس ڪٽنب اخباري هاڪر هوندا هئا. 1988ع جي لساني فسادن کانپوءِ، هو سڀ ڪراچي لڏي هليا ويا، يا وري ٺٽي ويندو هوس ته مرحوم عبدالله قريشي جو ”شمس بوڪ اسٽال“ وڃي ڦلهوريندو هوس.
هڪ ڀيري، رات جو چاچا شمس الدين سان گڏجي، سڀئي سندس سرڪاري جيپ ۾ چڙهي لطيف آباد پوڻين ستين نمبر وياسين. اُتي چاچا پنهنجن ٻارن کي ڪورس جا ڪتاب وٺي ڏنا. اتان ادي صابرا ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب به ورتا. اُتي مون ۽ رياض گڏجي، پئسا اڌو اڌ ڪري هڪ ڪتاب ورتو، جنهن جو نالو هو ’نيمو ڪيمو‘. اُن ڪتاب ۾ ٻن ڪوئن نيمو ۽ ڪيموءَ جي ڪهاڻي هئي، جن مان هڪ ڪئو ’نيمو‘ لالچ ۾ اچي ’ڪئا مار‘ ۾ ڦاسي ٿو پوي ۽ ٻلي ان ڪئار مار جي مٿان لامارا پئي ڏيندي آهي، جيئن گهر جو مالڪ اچي ’ڪئا مار‘ ۾ ڦاٿل شڪار سندس حوالي ڪري ۽ ٻيو ڪئو ’ڪيمو‘، کيس ڇڏائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ٽلون ڪري ٿو ۽ پوءِ نيٺ اٽڪل سان کيس ڪئا مار مان ٻاهر ڪڍي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن اسين امان کي آکاڻي ٻُڌائڻ لاءِ چوندا هئاسين، پر هوءَ ٿڪل هوندي هئي يا سندس دل نه چوندي هئي ته اسان کي هيٺيون گيت ٻُڌائي. پوءِ سمهڻ جي لاءِ چوندي هئي.
آکاڻي، گهگهر داڻي
گهگهر ٺلهو،
مڇي پلو
مڇي ڏنم ڪانوَ کي
ڪانوَ ڏنو کنڀ،
کنڀ ڏنم مرزا کي،
مرزا ڏنو گهوڙو
چڙهي گهم
چڙهي گهم.
اهو ٻُڌائي امان ٿڌو شوڪارو ڀريندي هئي ۽ اسين امان جو موڊ نه ڏسي ماٺڙي ڪري سُمهي پوندا هئاسين.

لطيف آباد واري پنهنجي بنگلي ٺهرائڻ کان اڳ، چاچا شمس الدين ٻي نمبر ۾ هڪ مسواڙي گهر ۾ رهندو هو. اهو گهر، سندس نئين گهر کان فرلانگ ڏيڍ پري پٺاڻن جي پاڙي ۾ هوندو هو. جتي پٺاڻن جي ڪپڙي جي بازار هوندي هئي. اها بازار تنبن يا عارضي ڇپرن ۾ قائم هئي، جتي هر قسم جو ڪپڙو ملندو هو. ان گهر جي دري کولبي هئي ته سامهون پٺاڻن جا ڪپڙي جا دوڪان نظر ايندا هئا، جتي سڄو ڏينهن ماڻهن، خاص ڪري ماين جي رش لڳي پيئي هوندي هئي. گهر جي اڳيان ٽرڪن ٺاهڻ وارن مسترين جا دوڪان هئا، جتي سڄو ڏينهن هٿوڙن ۽ مترڪن جي ٺڪ ٺڪ لڳي پئي هوندي هئي. ان گهر ۾ بابا هڪ ڀيرو مون کان گم ٿي ويو هو.
اهو شايد 70-71ع جو زمانو هو. دڙي مان چاچا احمد جي ٽرڪ تي چڙهي، آئون بابا سان گڏ حيدرآباد ويو هئس. رات چاچا جي گهر ٽڪياسين، صبح جو پنهنجن ماساتن رياض ۽ سيف الدين سان راند کيڏڻ لڳيس. گهر کان ٿورو پريان ديوين جا وڻ هئا. لطيف آباد اڃا هاڻ وسي، وڌي ۽ ويجهي رهيو هو. انهن ديوين جي ڀر ۾ ٻـَڙن جون جڳهيون ٺهيل هيون، ٻڙن جا مرد سڄو ڏينهن هِتي هُتي مزدوري ڪندا هئا ۽ سندن مايون اوڙي پاڙي جي گهرن ۾ ٿانوَ ٻهاري ڪنديون هيون.
بابا صبح جو ڪنهن ڪم سانگي نڪري ويو. آئون شام تائين ڪُڏندو رهيس. جڏهن شام لڙي ته بابا جي ياد اچڻ لڳي ۽ بابا جا پُڇا شروع ڪيم. سڀني اهوئي چيو ته ”بابهين شهر ويو آهي. اچڻ وارو هوندو.“ پر الائجي ڇو آئون مطمئن نه ٿيس. منهنجي ذهن ۾ ڊپ ويهي رهيو هو ته، ”بابا شهر ۾ وڃائجي نه وڃي.“ هڪ ڀيري ڀائو سومار جي دوڪان تي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪنهن همراهه چيو ته ”وڏي شهرن ۾ جيڪو گوشت وڪرو ٿيندو آهي، اهو ڍورن جو نه پر ماڻهن جو هوندو آهي. هوٽلن وارا وجهه وٺي، اوپرن ۽ نَون ماڻهن کي جلهي، ڪُهي، گوشت ڪري هلائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت جي ٻوڙ مان ماڻهن جون آڱريون به نڪري اينديون آهن.“ اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ ويٺل هئي ۽ بابا سان هڪ ٻه ڀيرو جڏهن حيدرآباد يا ڪراچي گڏجي ويو هوس ته ماني کائڻ مهل هوٽل ۾ ويٺو ڏڪندو هوس، ته متان ڪو هوٽل وارو اسان کي اجنبي ڏسي، ڪُهي، گوشت ۾ هلائي نه ڇڏي. ائين هوٽل ۾ گوشت جي ٻوڙ ته اصل نه کائيندو هوس.
هاڻ رات ٿي ويئي هئي. بابا، جيڪو اڃا تائين نه آيو هو ته مونکي ڊپ ورائي ويو ته ڪٿي بابا کي ڪنهن هوٽل واري اوپرو سمجهي، ڪُهي، گوشت ڪري هلائي ته نه ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آئون ڳوٺ ڪيئن واپس ويندس. مونکي شئي ڪير وٺي ڏيندو. بابا جي ڍڳا گاڏيءَ جو ”بَگو“ ڍڳو ته روئي روئي مري ويندو. ادي گلان ۽ ادي مريم ته روئي روئي مانديون ٿي پونديون. بابا نه هوندو ته پوءِ ٻوڙ ڪير وٺي ايندو؟ آئون ته اڃا ننڍڙو آهيان، گهر جي سارسنڀال ڪير ڪندو؟ اهي ۽ اهڙا ڪئين خيال مونکي ورائي ويا، ۽ هر ايندڙ ويندڙ کان پُڇڻ لڳيس ته ”اوهان ڪو بابا ڏٺو!“ ڪنهن مونکي چيو، ”بابهين مسيت ۾ نماز پيو پڙهي.“ منهنجي اڻ تڻ ڏسي ڪو مونکي چيڙائڻ لڳو ته ڪو دلداري ڏيڻ لڳو، آئون اچي روئڻ ۾ پيس.
هوريان هوريان منهنجو روئڻ وڌندو ويو. نيٺ نانيءَ جيڪا به انهن ڏينهن اُتي ٽڪيل هئي. مونکي پرچائي، ماترائي، مانيءَ جا ٻه ٽي گراهه کارائي، سمهاري ڇڏيو. منهنجو خيال هو ته منهنجو بابا گُم ٿي ويو آهي.
صبح جو جاڳ ٿيم ته بابا آئون بابا جي کٽ تي ستو پيو هوس ۽ بابا سامهون فجر جي نماز پڙهي رهيو هو. اهو ڏسي منهنجي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ ٽُپ ڏيئي ”بابا.... بابا“ ڪري وڃي کيس چهٽيس ۽ اچي روئڻ ۾ پيس. ۽ پوءِ کيس ايڏو ته تپايم جو هو شام جو پنهنجا سڀ ڪم ڪار ڇڏي، مونکي وٺي اچي دڙي کان نڪتو. مون پنهنجي پَر ۾ بابا جي وري وڃائجي وڃڻ جي ڊپ کان کيس جلد ڳوٺ پهچائڻ ٿي چاهيو.

اُتي ويٺل ٻڙن جا ڪيترائي ٻار هوندا هئا، جن سان اسين سڄا سڄا ڏينهن پيا رانديون ڪندا هئاسين. هاڻ انهن ٻارن جا مونکي نالا وسري ويا آهن. انهن ٻڙين ۾ هڪ مائي بيبل به هئي. سندس گهر وارو ڪبوترن جو وڏو شوقين هو ۽ هوءَ چاچا جي گهر جو ڪم ڪار، ٿانوَ ٻهارو ڪندي هئي. جيجي، ناني، امان ۽ پڦي خطو ته سڄو سڄو ڏينهن پيون ساڻس رهاڻ ڪنديون هيون. هوءَ ڄڻ گهر جي ڀاتياڻي ٿي ويئي هئي. صبح جو سوير ايندي هئي، سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري، رات جو لوڪ سُتي، گهر جو بچيل سَچيل کاڌو ميڙي کڻي ويندي هئي.
اهي ٻڙا جن کي خانه بدوش يا لاڏائو به چئبو آهي. سي هر پنجين ڇهين مهيني يا گهٽ وڌ عرصي ۾ پنهنجي عادت کان مجبور ٿي، پنهنجا ڀونگا ڊاهي، ڪنهن پاسي نڪري ويندا آهن. سندن ڪوبه مستقل ٺڪاڻو نه هوندو آهي، پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن، گڏهن تي سامان لڏي، ڪتا ۽ ڪڪڙيون پاڻ سان کڻي رنين آهيرين، جت دل چوندن ٽِڪي پوندا آهن.
بيبل جي پنهنجي گهر واري سان نه لڳندي هئي ۽ کيس ڏاڍي مارڪُٽ ڪندو هو. هو جڏهن به کيس ماريندو هو ته هوءَ ڀڄندي گهر ايندي هئي ۽ رويو ويٺي مڙسهنس جي دانهن ڏيندي هئي. بيبل ٻُڌائيندي هئي ته هوءَ ٻڙن جي ٻي ڪڙم مان آهي ۽ سندس سهري کيس خريد ڪري، اچي پنهنجي پُٽ سان پرڻايو، ٻڙن ۾ ڇوڪرين جي وڪري جو رواج عام آهي.
خبر ناهي ته ڪهڙي ڳالهه هئي، جو آئون بيبل کي پنهنجي سڳي ماسي سمجهندو هوس. آئون، سيف الدين ۽ رياض راند ڪندي ڪڏهن بيبل جي جُڳهي ۾ به هليا ويندا هئاسين. ڪڏهن وري گهر جي اڳيان ٺهندڙ ٽرڪن مان ڪنهن ٽرڪ جي باڊي ۾ چڙهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيا کيڏندا هئاسين.
پوءِ جڏهن چاچا جو ڪٽنب اها مسواڙي جاءِ ڇڏي، فرلانگ سوا پرڀرو پنهنجي بنگلي ”سيف ولا“ ۾ منتقل ٿيو ته بيبل اُتي به ڪم ڪار واسطي ايندي هئي.
اسين ٻار چاچا شمس الدين کان ڏاڍو ڊڄندا هئاسين. پاڻ اڄ جهڙو طبيعت جو نرم، مکڻ جهڙو ۽ شيرين زبان آهي، ان جي اُبتڙ ان وقت هو طبيعت جو بيحد سخت ۽ تيز هوندو هو. مجال آهي جو اسان مان ڪو سندس سامهون اچي منٽ اڌ به ويهي سگهي. گهر ۾ اها ڳالهه مشهور هوندي هئي ته، ”چاچا شمس جنهن کي ڌڙڪو ڏنو، تنهن جو مُٽ وهيو وڃي.“ اهڙو لقاءُ هڪ ڀيري مون به ڏٺو. پڦي خطوءَ جو پُٽ اڪرم ڪنهن ڳالهه تان ضد ڪري روئي رهيو هو ۽ اسين سڀ سندس چوڌاري مڙيو بيٺا هئاسين، جو اوچتو جيپ جو آواز ٻڌوسين، اسين ته آهستي آهستي کسڪي وياسين، پر اڪرم جيڪو روئڻ ۾ پورو هو، تنهن کي خبر ئي نه پئي، جي کيس چاچا جي اچڻ جي خبر پوي ها ته، هو سڀ روئڻ ڌوئڻ ڇڏي اُتان کسڪي وڃي ها، چاچا جو رعب ئي اهڙو هو. پر سندس ڀاڳ ۾ چاچا جو دڙڪو سهڻو ۽ مُٽ وهائڻو هو. چاچا گهر ۾ گهڙيو ته اڪرم کي روئندو ڏسي پڇيائين، ”ڇا آهي، ڇو پيو روئي؟“ پڦيءَ ڪو سبب ٻُڌايس. اهو ٻُڌي چاچا اڪرم ڏانهن منهن ڪري چيو، ”چُپ ڪر.... اُٿ مٿي، هڻئين نه چماٽ!“ دڙڪي سان اڪرم جو روئڻ ته بند ٿي ويو، پر گڏوگڏ فرش به پُسي ويو.
اُتي ئي، هڪ ڏينهن هڪ ٻڙي چاچا جي گهر آئي ۽ ٻُڌايائين ته بيبل رات کان بيمار آهي، سو اڄ ڪم تي ڪونه ايندي، ان جي بدران آئون آئي آهيان. وڃڻ مهل جيجيءَ کيس ڪجهه پئسا ڏنا ته وڃي بيبل کي ڏي، جيئن دوا درمل وٺي، ائين ٻه ٽي ڏينهن اها ٻڙي ايندي رهي، پوءِ هڪ ڏينهن نه آئي. گهر وارن به ان ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڏنو. ٻئي ڏينهن هوءَ وري آئي ۽ ٻُڌايائين ته ڪالهه بيبل گذاري ويئي.
ٻن ڏينهن کانپوءِ جيجي ننڍي ۽ جيجي وڏي، پڦي، ناني، امان، ادي سُکي شيدڻ، ماسي نيامت شيدڻ ۽ ٻيون ڪجهه زائفائون ۽ اسين ٻار بيبل جي گهر وياسين، جيجي وارن کي ڏسي ٻڙن ۽ ٻڙين اچي روئڻ شروع ڪيو، اصل ماٺ ئي نه ڪن. گهڻي گهڻي دير کانپوءِ ڪنهن پُڇيو ته اوهان بيبل کي ڪٿي دفنايو....؟ ته ٻڙا ۽ ٻڙيون پهرين ته حيران ٿي ويا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسندا سُس پُس ڪرڻ لڳا. اهو سوال سندن توقع جي ابتڙ هو ۽ پوءِ مختلف هنڌ ڏيکارڻ لڳا. ڪنهن چيو جُڳهي جي اندر ته ڪنهن چيو جُڳهيءَ جي ٻاهر. ڪنهن وري چيو ”او هُتي.“ بهرحال، ڪو خاطر جواب ڏيئي نه سگهيا. ائين سڀ حيران ۽ پريشان گهر موٽي آيون.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اها سُڻس پيئي ته سندس مڙس کيس وڪڻي ڇڏيو، پر اها ڳالهه لڪائڻ خاطر هنن پهرين بيبل جي بيماري ۽ پوءِ هن جي مري وڃڻ جو ڍونگ رچايو.

چاچا نماز جو ڏاڍو پابند هو. گهر وارن ۽ ٻارن کي به نصيحت ڪندو هو ۽ سختيءَ سان نماز پڙهڻ جي تلقين ڪندو هو. سندس ڊپ کان هرڪو پيو نماز پڙهندو هو، پاڻ گهر هوندو ته نماز جي وقت تي اسان ٻارن کي به پاڻ سان گڏ نماز لاءِ وٺي ويندو هو. سندس بنگلي جي بلڪل سامهون ٻن چئن منٽن جي پنڌ تي مسجد هئي، جنهن جو نالو ’قادري مسجد‘ هو. ان مسجد جي بلڪل پويان واري گهٽيءَ ۾ ميدان جي سامهون ڪجهه ننڍين ميرانجهڙي ڀتين وارو گهر ڊاڪٽر نجم عباسي جو هوندو هو.
اسين ڇوڪرا، اڪثر گهران نماز جو بهانو ڪري نڪرندا هئاسين. جي چاچا مسجد ۾ هوندو هو ته پوءِ اڌ گيدو وضو ڪري، مڙيئي ٻَري سور سان نماز پڙهندا هئاسين، پر جي چاچا مسجد ۾ نظر نه ايندو هو ته پوءِ سامهون وارو ميدان ٽپي سڌو ٻي نمبر جي بازار ۾! ۽ اُتي ڪلاڪ سوا رُلي پني، دير دير سان گهر موٽندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ته اُتان سڌو پبلڪ اسڪول ڏانهن رومڙ ڪندا هئاسين ۽ اتان گُل پٽيندا، وڃي راڻي باغ کان نڪرندا هئاسين، جتي باندر ۽ ڀولڙا ڏسي، انهن جو آهلون ڪڍي کين تپائي، لوڏن تي لڏي پوءِ پيا موٽندا هئاسين.
صبح جو جڏهن فجر جي نماز لاءِ چاچا اُٿاريندو هو ته صفا ٽيهڙ تپ چڙهي ويندو هو. پر چاچا نه ڇڏيندو هو ۽ اُٿاري نماز تي اچڻ جو چئي پاڻ نماز پڙهڻ مسجد هليو ويندو هو. اسين اُٿي ٻاهر در وٽ بلبن جي مٿان ويٺل چچيون پنهنجن چپلن سان ماري هڪٻئي کي هڻندا هئاسين.
اُتي شام جو سيف الدين کي ٽيوشن پڙهائڻ جي لاءِ هڪ استاد ايندو هو، نالو هئس فيصل نديم. هو چوندو هو ته اداڪار نديم سندس دوست آهي. وٽس نديم جون ڪيتريون ئي تصويرون هونديون هيون، اسين به فلمن جا ڏاڍا شوقين هوندا هئاسين، تنهنڪري کانئس فلمن ۽ نديم جي ڳالهيون ڏاڍي شوق ۽ پوري ڌيان سان ٻُڌندا هئاسين. ان وقت آئون شايد ٽيون ڪلاس پڙهندو هوس. جڏهن هو سيف الدين ۽ رياض احمد کي ٽيوشن پڙهائيندو هو ته آئون به سُري وڃي ويهندو هوس. هو مونکي به پڙهائيندو هو ۽ اڪثر انگ اُبتا لکي ڏيکارڻ جي لاءِ چوندو هو. هڪ ڀيري پڇيائين، ”پهاڙا ياد اٿئي؟“ مونکي خبر نه هئي ته پهاڙا ڪهڙي بلا جو نالو آهي، پر سيف ۽ رياض جي اڳيان پاڻ کي گهٽ ۽ اڻڄاڻ به ثابت نٿي ڪرڻ چاهيم، سوچيم، ”هائو! مونکي پهاڙا ياد آهن.“ ”ڪيستائين ياد اٿئي؟“ هن پڇيو.
”سئو تائين...!“ وراڻيم.
”پوءِ ڀلا تون هيئن ڪر جو ٻئي جو پهاڙو ٻُڌائي. جواب ۾ مون چوڻ شروع ڪيو. ”ايڪ.... ايڪ.... ڪو.... ٻائي ڪو....ٽي اي ڪو....“
”نه بابا! مون توکي انگ ٻُڌائڻ لاءِ ٿورو ئي ڪو چيو هو. مون ته توکي پهاڙا ٻُڌائڻ لاءِ چيو هو.“
”سائين! اسان کي ته اسڪول ۾ اهي ئي ’پهاڙا‘ ڪري پڙهايو ويندو آهي.“ مون ڌُڪو هڻندي چيو.
”اڇا....“ هو حيران ٿي ويو.
مونکي پوءِ خبر پيئي ته کوڙن کي اردوءَ ۾ ’پهاڙا‘ چئبو آهي.

ننڍي هوندي مونکي فلمن جو به گهڻو شوق هوندو هو. وقت سان گڏ ٻيا به ڪافي شوق پيدا ٿيا. جن ۾ ڪبوتر سانڍڻ، بدڪون ۽ ڪڪڙيون پالڻ، ٻليون ڌارڻ، وغيره.... ڪتاب خريدڻ ۽ پڙهڻ جو به جنون جي حد تائين شوق رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ته ويچاري امان جا پئسا چورائي، اَٺ يا ڏهه روپيا، سڌو وڃي سجاول کان نڪرندو هوس ۽ ’سخاوت بوڪ ڊيپو‘ تان ڪتاب خريدي، واپس موٽي ايندو هوس ۽ امان ويچاري سمجهندي هئي ته اهي پئسا ’جن‘ کڻي ٿا وڃن، کيس خبر ئي ڪانه هئي ته گهر ۾ مون جهڙو ’جن‘ به موجود آهي.
پنهنجي ان شوق دوران حيدرآباد جي سئنيمائن ۾ اَٺ يا ڏهه کن فلمون مس ڏٺم. باقي حيدرآباد جي سڀني سئنيمائن، ڪنهن ۾ ڪهڙي فلم لڳل آهي ۽ فلمي اداڪارن ۽ اداڪارائن جا نالا ياد هوندا هئم. امان جو مهيني ٻي حيدرآباد وڃڻ ٿيندو هو يا وري هفتي پندرهين ڏينهن چاچا شمس الدين ۽ جيجي دڙي ايندا هئا ته انهن سان گڏ سيف الدين ۽ رياض احمد به ايندا هئا ۽ هو مونکي ٻُڌائيندا هئا ته فردوس سئنيما ۾ ڪهڙي فلم لڳل آهي، وينس ۽ نيوميجسٽڪ ۾ ڪهڙيون فلمون لڳل آهن ۽ وڌيڪ مون تي اهو رعب به ويهاريندا هئا ته هنن فلاڻيون فلاڻيون فلمون ڏٺيون آهن. پوءِ آئون کانئن اها تقاضا ڪندو هوس ته مونکي انهن فلمن جون اسٽوريون ٻُڌايو.
دڙي ۾ وري آئون مختلف دوڪانن تان پراڻيون اخبارون هٿ ڪري انهن مان فلمن جا اشتهار ڪٽي، گهر جي پويان ڀتين تي، ڪوڙ ٻچاڻيءَ جون سئنيمائون ٺاهي انهن ۾ هڻندو هوس ۽ باقاعدگيءَ سان حيدرآباد جي جنهن سئينما ۾ جيڪا فلم لڳل هوندي هئي، منهنجي ڀت واري سئنيما ۾ به اها فلم هڻندو هوس ۽ هر جمعي واري رات هڪ فلم لاهي، ٻي هڻندو هوس، جو منهنجي معلومات موجب فلمون جمعي واري رات لهنديون ۽ رليز ٿينديون هيون.
امان سان گڏ جڏهن به حيدرآباد ايندو هوس ته بس جي درين مان يا رڪشا مان فلمن جا پوسٽر پيو جانچيندو هوس. ان وقت حيدرآباد ۾ ڊبل بسون به هلنديون هيون. اسين دڙي مان ايس. آر. ٽي. سي جي بس ۾ چڙهندا هئاسين، جيڪا حيدرآباد ۾ خواجه غريب نواز پل وٽ وڃي لاهيندي هئي. جتان پوءِ ڊبل بس ۾ يا رڪشا ۾ چڙهي لطيف آباد ويندا هئاسين. مونکي ڊبل بس ۾ ڏاڍو ڊپ ٿيندو هو ته متان اُٿلي نه پوي.
ڳوٺ هوندو هوس ته سڄو سڄو هفتو خرچي ميڙي، جمعي جي ڏينهن ’جنگ‘ اخبار وٺندو هوس، جيڪا دڙي ۾ سائين عبدالرحيم ڪاٺوڙو وڪڻندو هو، جمع جي ڏينهن واري جنگ اخبار ۾ تمام گهڻا فلمي اشتهار ايندا هئا، جيڪي آئون وڏي شوق سان ڏسندو هوس ۽ اهي ڪَٽي پنهنجي گهر جي ڀت تي ٺاهيل سئنيمائن ۾ ڪَنڊن سان هڻندو هوس. ان وقت جمع واري اخبار جي قيمت اَٺ آنا هوندي هئي.
اهي ڏينهن منهنجي شديد احساس ڪمتريءَ جا هوندا هئا. فلمن جو حد کان وڌيڪ شوق هوندي به مون وٽ فلمون ڏسڻ جو ڪو ذريعو نه هوندو هو. امان يا اديءَ جن سان حيدرآباد ويندو هوس ته اُتي ڪنهن کي فلم ڏسڻ جي لاءِ چئي نه سگهندو هوس ۽ جيترا ڏينهن به اُتي هوندو هوس ته پاڻ کي تصور ئي تصور ۾ سئنيما هال ۾ ويٺل ڏسندو هوس. اتفاق سان جيڪڏهن فلم ڏسڻ جو موقعو ملي ويندو هو ته عيد ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري نشاط سئنيما ۾ سنڌي فلم ”جيجل ماءُ“ لڳي هئي، جنهن ۾ چڪوري ۽ مشتاق چنگيزي هيرو ۽ هيروئن طور ڪاسٽ ٿيل هئا. اها فلم گهر وارن سان گڏ ڏسڻ ويو هوس، ٻيو ڀيرو ”سورٺ راءِ ڏياچ“ فلم وينس سئنيما ۾ لڳي هئي. اها به گهر وارن سان گڏ وڃي ڏٺم، تنهن کان سواءِ ’نيو مئجسٽڪ‘ سئنيما ۾ اردو فلم ’پھول میرے گلشن کا‘ ڏسڻ به ياد اٿم. فلم ڏسڻ دوران جڏهن به ڪو ڏک جو سين ايندو هو ته مونکي ۽ رياض کي لڙڪ ڳڙهڻ شروع ٿي ويندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته ٻيئي سڏڪڻ به شروع ڪندا هئاسين.
فلمن نه ڏسڻ جي تشنگي هيئن پوري ڪندو هوس ته انهن فلمن جا ريڊيو پروگرام ٻُڌي يا فلمن جي اسٽورين جا ننڍڙا ننڍڙا ڪتابڙا پڙهندو هوس، جيڪي في ڪتاب اَٺ آني ملندا هئا. هاڻ ته پاڪستاني فلمي صنعت ئي تباهه ٿي ويئي آهي. نه ئي وري اهڙا فلمي اسٽورين جا ڪتاب ٿا ڇپجن.
هڪ ڀيري حيدرآباد ويس ته رياض احمد ۽ سيف الدين کي چيم ته يارو ڪا فلم ٻلم ڏيکاريو، گهر وارن کي به ڏاڍو ستايم ته ڪا فلم ڏيکاريو، پر ڪنهن به نه ٻُڌي. اها حالت ڏسي خيال ڪيم ته ’پنهنجي مڙسي پاڻ ڪرڻ گهرجي.‘ پوءِ پنهنجي مڙسي هيئن ڪيم، جو منجهند جي ماني کائي ٻين بجي ڌاري نڪري پيس لطيف آباد نمبر ستين ڏانهن. منهنجي منزل اُتي جي ’چراغ محل‘ سئنيما هئي، جنهن ۾ ”پرنس“ فلم لڳل هئي. ان وقت لطيف آباد ۾ ستين نمبر ۾ چراغ محل، شاهين ۽ سنگيت سئنيمائون گڏ گڏ هونديون هيون. هاڻ اهي ختم ٿي ويون آهن، انهن جي جاءِ تي پلازا اڏجي ويا آهن.
آئون ٽڪيٽ وٺي وڃي فلم ڏسڻ ويٺس ۽ ڏاڍي مزي سان ٽين وارو شو ڏسي، فلم جا ڊائلاگ هڻندو، خرامان خرامان هلندو گهر پهتس ته ڏٺم سامهون گهر جي گئلريءَ ۾ ماين ۽ ٻارن جي رش لڳي پيئي هئي. مونکي ايندو ڏسي سڀني اشارا ڪرڻ شروع ڪيا. گهر اندر پهتس ته امان ڊوڙي اچي ”ابا“ چئي ڳراٽڙي پاتي. ”ڪيڏانهن ويو هئين ابا! اسان ته توکي ڳولهي ڳولي ٿڪجي پيا هئاسين.“ امان چيو.
”آئون ته فلم ڏسڻ ويو هوس.“ مون بي پرواهيءَ مان وراڻيو.
پوءِ خبر پيم ته گهر وارا مونکي وڃائي ويٺا هئا ۽ منهنجي گمشدگيءَ جو اعلان مسجد مان به ڏنو ويو هو. سڄو گهر منهنجي ڪري پريشان هو ۽ هيڏانهن آئون مزي سان فلم ڏسي رهيو هوس.

هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران، جيڪي به ٻاراڻا ڪتاب ملندا هئا، اُهي پڙهندو هوس ۽ پوءِ گل ڦل جو ساليانو خريدار ٿيس. ڪجهه وقت کانپوءِ گل ڦل جون ڏهه کن ڪاپيون گهرائي وڪڻندو هوس، ائين مونکي پنهنجي ڪاپي مفت ۾ پوندي هئي ۽ ڪجهه پئسا به بچندا هئا. جڏهن مون اڪيلي وٽ ”گل ڦل“ ايندو هو ته پاڻ به پڙهندو هوس ۽ ڪيترن هم ڪلاسين کي به پڙهائيندو هوس. انهن ۾ سجاد ميمڻ، عبدالخالق ميمڻ، محمود عالم سومرو، نذير ميمڻ، نياز عباسي، ذوالفقار لاکائي، موٽو مل، نور احمد سومرو، الهڏنو ميمڻ، قادر بخش ميمڻ شامل هوندا هئا. اُن سان گڏ اسين سڀ ڇوڪرا ڪوشش ڪندا هئاسين ته اسين گل ڦل جي انعامي اسڪيم ۾ حصو وٺون. سو اسين ڪوپن ڀري موڪليندا هئاسين، پر نالا نه ايندا هئا، ان جو سبب اهو هو ته اسان جا جواب غلط هوندا هئا. پوءِ جڏهن سائين عبدالرحيم ڌماچ بدلي ٿي دڙي آيو ته هن اسان جي ڏاڍي همت افزائي ڪئي، هو حساب ڀڃي، ڪوپن ڀري، اسان جا نالا انهن ۾ لکي موڪليندو هو ۽ اسان جا نالا گل ڦل ۾ باقاعدگيءَ سان ڇپجڻ لڳا.

منهنجي سڀني گهر ڀاتين ۾ آئون پهريون فرد هوس، جنهن مئٽرڪ پاس ڪئي. اڳ ۾ منهنجون ٽي ڀينرون عزيزان، مريم ۽ غلام فاطمھ ٻه ٽي درجا سنڌي جا ۽ قرآن شريف پڙهي گهر ۾ ويهي رهيون هيون. اهڙي ماحول ۾ رهڻ جت ڪتابن يا علم و ادب جو پري جو به ڪو واسطو نه هجي. اُتي ادب سان دلچسپي، سا به جنون جي حد تائين، سچ ته ٻيو ڪو حيران نه به ٿئي، پر آئون ضرور حيران ٿيندو آهيان. مائٽن جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو پُٽ هئس، هنن مونکي پڙهائڻ ٿي چاهيو، منهنجي نانيءَ جو مون سان حد کان وڌيڪ پيار هو. هن جا مونکي پيار مان ڀاڪر وجهي، پرچائي ماترائي، اسڪول نيئڻ جا جتن ياد ڪري، منهنجو ڪنڌ تعظيم ۾ جُهڪي ٿو وڃي. پر آئون نٺر، اسڪول وڃڻ جو نالو ئي نه ڳنهندو هوس. منهنجي مائٽن جو اهو شوق ڏسي ۽ وري منهنجا اهي حال ڏسي، منهنجو هڪ مائٽ محمد عرس ميمڻ، جيڪو پوءِ هاءِ اسڪول ۾ منهنجو اُستاد به رهيو، تنهن بابا کي چيو ته ”ڇوڪرو پڙهندو هُئين ڪونه.... هروڀرو پيا وقت وڃايوس.... کيس ڪنهن درزيءَ وٽ ويهاريو ته درزڪو ڪم سکي.“
پر نانيءَ جي ڪوشش، امان جي اسڪول وڃڻ لاءِ مون تي وٺ پڪڙ ۽ سُٺن استادن جي ملڻ سبب ڌڪجي سِڪجي مڙيئي پڙهي پيس ۽ اڄ ويٺو انهن سڀني کي هٿ کڻي دعائون ڪريان. اسڪول جي معاملي ۾ امان صفا رعايت نه ڪندي هئي، جيتوڻيڪ پاڻ پڙهيل نه هوندي، پر سندس اها خواهش هوندي هئي ته سندس پُٽ پڙهي.
ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن آئون نائين يا ڏهين ڪلاس ۾ هوس ته هاءِ اسڪول سجاول ۾ ’نئين هجري سال‘ جي آمد جي موقعي تي ضلع ٺٽي جي هاءِ اسڪولن جي ليول تي تقريري، قرئت ۽ معلوماتي چٽاڀيٽي جو مقابلو ٿيو. هاءِ اسڪول دڙي پاران به ٽيم موڪلڻي هئي، تنهنڪري ڪجهه استادن جن ۾ سائين عرس ميمڻ به هو، مختلف ڪلاسن جي ڇوڪرن جي وچ ۾ معلوماتي چٽاڀيٽي ذريعي، هاءِ اسڪول سجاول موڪلڻ لاءِ ٽيم چونڊي ۽ انهيءَ چٽاڀيٽي ۾ سڄي دڙي جي هاءِ اسڪول جي ڇوڪرن ۾ مون پهريون نمبر کنيو ۽ مون سان گڏ هيٺين ڪلاس جو هڪ ٻيو ڇوڪرو صديق اڪبر ميمڻ به شامل ڪيائون. هاءِ اسڪول سجاول ۾ ٿيل ان معلوماتي چٽاڀيٽي جي مقابلي ۾ اسان جي ٽيم يعني مون سڄي ضلع ۾ ٻيو نمبر کنيو ۽ انعام طور مون کي سرٽيفڪيٽ سان گڏ ويهه روپيا به مليا. پهريون نمبر سجاول هاءِ اسڪول جي ڏهين ڪلاس جي ڇوڪري حافظ عبيدالله کنيو. حافظ عبيدالله ڏاڍو هوشيار هو ۽ جواب ائين ٿي ڏنائين ڄڻ اهي سڀ سندس سامهون لکجي پي آيا. پروگرام کي محترم عزيز جعفراڻي پي هلايو ۽ اسان کي اهو سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ٽائون ڪميٽي سجاول جي چيئرمين مولوي عبدالله ميمڻ جي هٿان ڏياريو ويو.
ڳالهه پي ڪيم سائين عرس جي! سو اُن ساڳئي سائين عرس، دڙي هاءِ اسڪول مان، ٽيم چونڊي سجاول موڪلڻ لاءِ ڪرايل چٽاڀيٽيءَ ۾ مونکي نمبر کڻندي ڏسي، پوءِ منهنجي هڪ مائٽ کي چيو، ”آئون دل ئي دل ۾ کلي رهيو هوس ته هي به ٿو مقابلو ڪري....پر هي اهڙا ته فر فر جواب ڏيڻ لڳو. جو آئون حيران ٿي ويس....“
۽ اهو سڀ ڪتابن سان دوستي ۽ انهن کي پڙهڻ جي ڪري ٿيو.

جيئن مٿي چيو اٿم ته مونکي پڙهڻ يا نصابي ڪتابن سان ڪا گهڻي دلچسپي نه هوندي هئي، جيتري ڪهاڻين ۽ ٻين غير نصابي ڪتابن پڙهڻ سان هوندي هئي، منهنجو شمار ان وقت ڪلاس جي ڏڏ ڇوڪرن ۾ ٿيندو هو ۽ سدائين ڏڏ ڇوڪرن سان پوين بئنچن تي ويهندو هوس. اُنهن ڏينهن هڪ ڏينهن اسان جي ڪلاس ۾ سائين الهڏنو ٻانهيپوٽو ڪلاس ۾ آيو، سندس پيرڊ هو، پر ان ڏينهن پڙهائڻ جو موڊ نه هئس، تنهنڪري ڪلاس کي ٻن حصن ۾ ورهائي، عام معلومات جا سوال پُڇڻ لڳو، ”ڇورا مري وياسين!“ پاسي ۾ ويٺل ڇوڪري ٺونٺ هڻندي مونکي چيو. ڇاڪاڻ ته سائينءَ چيو هو ته، جنهن به گروپ جو ڇوڪرو جواب نه ڏيندو، اُن کي جيڪڏهن ٻي گروپ جي ڇوڪري ساڳئي سوال جواب ڏنو ته، چماٽ هڻندو. پوءِ سائين الهڏني سوال شروع ڪيا. ”روس جي گاڌيءَ جو هنڌ ڪهڙو آهي؟“ ٻنهي گروپن مان ڪنهن به ڇوڪري آڱر مٿي نه کنئي. ڪلاس جا هوشيار ڇوڪرا، جن جو سڄو زور رٽڻ تي هوندو هو، سي مينهن ۾ ڀنل ڪڪڙن وانگر هڪٻئي ۾ لڪڻ لڳا. ”جنهن کي جواب اچي.... سو هٿ مٿي کڻي.“ سائين الهڏني چيو. اهو ٻُڌي مون ڊڄندي ڊڄندي هٿ مٿي کنيو. ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ”اڙي! هي سبق به مس ٿو پڪو ڪري.... سو ٿو ٻُڌائي.“ ڪنهن جو آواز ڪن تي پيم-
سائين الهڏني ٻي گروپ جي چئن پنجن ڇوڪرن کان پُڇيو. پر هنن نه ٻُڌايو- ”ها! يوسف.... تون ٻُڌاءِ!“ سائينءَ مونکي چيو. ”ماسڪو“. مون اُٿي بيهي وراڻيو. ”شاباس.... هڻ چماٽ!“ اهو ٻُڌي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. بيٺل اهي ڇوڪرا هئا، جيڪي ڪلاس جا سڀني کان وڌيڪ هوشيار ڇوڪرا هئا ۽ اسپيلون ڪچيون ٿيڻ تي مون کي ڏاڍيون زور سان چماٽون هڻندا هئا، پر پاڻ ۾ جُٽ هوندا هئا ۽ جيڪڏهن هنن مان ڪنهن کان غلطي ٿيندي هئي ته هڪٻئي کي مڙيئي آڏيون اُبتيون چماٽون هڻي، فارملٽي پوري ڪندا هئا. منهنجي ته ڄڻ الله ٻُڌي! سو مون به ڀري اهڙيون ته چماٽون هنيو مان، جو ڪنن مان سيسراٽ نڪري وين. پوءِ، سوال ۽ جواب ٿيندا رهيا ۽ ان ڏينهن چماٽون هڻي هڻي منهنجو هٿ ئي ٿڪي پيو.
آئون اڳ ۾ ئي نانا علي محمد نيامي جي ريزڪي دوڪان تي وڃي باقاعدگيءَ سان اخبار پڙهندو هوس. اسان ۾ اخبار پڙهڻ جو شوق سائين ڪريم بخش مڱڻهار پيدا ڪيو. وٽس روزاني ’هلال پاڪستان‘ اخبار ايندي هئي. جيڪا هو پاڻ ۽ ٻيا استاد پڙهندا هئا، پوءِ پاڻ شام جو اسان کي ڏيندو هو ته پڙهو ۽ اسين پڙهندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ وري اخبار جي ڪا اهم خبر اسان کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ ان بابت تفصيل به ٻڌائيندو هو. اُن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه ٻين ڇوڪرن کي به جنرل ناليج ۽ غير نصابي ڪتابن جو شوق ٿيو ۽ پوءِ اهو شوق وڌندو ويو. منهنجي ۽ نور احمد سومري جي وچ ۾ چٽاڀيٽي ٿيندي هئي. اُن کانسواءِ محمود عالم سومري، نظير ميمڻ، نياز عباسي، عبدالخالق ميمڻ، حاجي ڪڇي، سجاد ميمڻ، مشتاق فاضلاڻي ۽ موٽو مل ڪوهستاني پڻ چٽاڀيٽي ۾ حصو وٺندا هئا. اسان سڀني ڌار ڌار سوالن جوابن جا نوٽ بوڪ تيار ڪيا هئا. ان وقت مون جيڪي معلوماتي سوالن جوابن جا نوٽ بوڪ لکي تيار ڪيا هئا، اهي پوءِ ترتيب ڏيئي، ڪجهه واڌارا ڪري موضوع وار لکي، ”جيڪي منجهه جهان“ جي نالي سان 1989ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپايم. اڳتي هلي اُن ۾ وڌيڪ واڌارا ۽ سڌارا ڪيم ۽ 2003ع ۾ اهو ڪتاب وري ”ڇو، ڇا، ڪيئن ۽ ڪڏهن؟“ جي نالي سان ڇپيو، ان جو ٽيون ڇاپو 2006ع ۾ ڇپيو. ۽ هاڻ اهو ڪتاب ڇپجندو رهي ٿو.

محمودا واهه اسان جهڙن لاءِ وهنجڻ ۽ ترڻ جي مفت تفريح مهيا ڪندو هو. گرمين جي مند ۾ اڪثر ڪري، محمودا جي ڪپر تي راند کيڏيندي، گرميءَ سبب پگهر مان شم ٿي، قميص لاهي، ويڙهي سيڙهي، ان مٿان سر رکي، ڌو اندر پاڻيءَ ۾! ڪلاڪ ڏيڍ وهنجي ٻاهر نڪري ڪپڙا سُڪائي وري راند ۾ جُنبي وڃبو هو.
گرمين ۾ اهو اسان جو روز جو معمول هو. اڪثر ڪري آئون، محمود عالم سومرو، الطاف شاهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن محمود عالم جو ننڍو ڀاءُ مشتاق احمد به اسان سان وهنجندو هو. مشتاق اسان کان هڪ ڪلاس هيٺ پڙهندو هو. وقت گذرڻ سان گڏ آئون ۽ مشتاق احمد پاڻ ۾ ايترو ته ويجهو ٿي وياسين، جو محمود عالم وچ مان ئي نڪري ويو. مشتاق سان منهنجي اها دوستي اڄ به برقرار آهي. مشتاق اڳتي هلي انجنيئرنگ پڙهيو ۽ پوءِ نوڪريءَ جي سانگي مئرين انجنيئر ٿي ڄڻ سڄي دنيا گهميو. مشتاق طبيعت ۾ نهايت سادو آهي، منجهس نه وڏائي نه لئه بازي، نه شوبازي، اسان جو اهو وهنجڻ چئين بجي شروع ٿيندو ۽ ساڍي پنجين يا ڇهين بجي تائين هلندو هو.
وهنجڻ دوران هڪٻئي کي ڊوڙائي ڊوڙائي دسيندا هئاسين، يا واريءَ جا گولا ٺاهي اهي هڪٻئي کي اڇلائي هڻندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن وري هڪٻئي کي اک هڻي، ٽٻي هڻي الطاف شاهه جي گوڏ لاهي وٺندا هئاسين، پوءِ ته همراهه جو رڙيون هونديون هيون ۽ هو پاڻيءَ ۾ ويٺو ڪڏهن اسان کي گاريون ڏيندو هو ته ڪڏهن وري منٿ ميڙ پيو ڪندو هو. نيٺ گهڻو تپائڻ کانپوءِ کيس گوڏ واپس ڪندا هئاسين ۽ هو اها ٻَڌي ڦوڪبو شوڪبو پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرندو هو ۽ پوءِ لٺ کڻي اسان جي پويان پوندو هو.
محمودا واهه جي ٻي ڪپ تي واريءَ جا وڏا دڙا هوندا هئا، جيڪي محمودا جي کوٽائيءَ جي ڪري ٺهيا هئا. انهن دڙن تي ڄار جي بيٺل وڻن مان ڏنڌڻ پٽي هڻندا هئاسين ۽ ڪڏهن وري وڏا ڏنڊا ڀڃي، هڪٻئي کي ڊوڙائي ڊوڙائي هڻندا هئاسين ۽ وجهه ملڻ تي اهڙو ته هڻندا هئاسين جو پٺن تي ٻَن ٿي پوندا هئا.
اسان جي گهرن جي سامهون ”مخدوم مسجد“ جي پويان ”بٺارن“ جون ٻنيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن شام جو اُتي وڃي، ٻنين ۾ بيٺل ٻير جي وڻن مان ٻير پٽيندا هئاسين يا ڪمند ڀڃي کائيندا هئاسين ۽ ٻنيءَ جو مالڪ ڏسندو هو ته پري کان هڪل ڪندو هو ۽ اسين گولي ٿي ويندا هئاسين.
اهڙيءَ طرح محمودا واهه جي ڪپ تي، بٺارن جي ٻنين ۾، شير واهه تي گهمندو، رُلندو، شرارتون ڪندو وڏو ٿي ويس. پر اهي هنڌ، اڃا اهڙي جا اهڙا آهن، اهي هنڌ به بدلجڻ کپن، انهن ۾ به نواڻ اچڻ گهرجي.... پر الائجي ڪڏهن ايندي.... ايندي به ڪه الائجي نه....؟
ان گهمڻ ۽ وهنجڻ جو مزو، خاص ڪري اُن ڏينهن وڌيڪ ايندو هو، جنهن ڏينهن امتحان ڏيئي، ڪتاب گهر ڇڏي، ٻنين مان گهمندا، ٻير ڇاڻيندا، ڪمند جون لٺيون ڀَڃندا، کائيندا، محمودا واهه ۾ وڃي تڙڳڻ لڳندا هئاسين. اُن مهل ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ سڄي سال جي بدن تي چهٽيل مَرُ سنڌو- جل ۾ وهنجي پيا لاهيون.

لطيف آباد ۾ ”ملا جي“ جو گهر، قادري مسجد جي پويان وڏي ميدان جي بلڪل اڳينءَ ڇيڙي تي، ٻي نمبر بازار جي مهڙ وٽ هو. گهر ڇا هو ڪچن پڪين سِرن جي چوديواري ۽ انهن جي اندر رهائش لاءِ هڪ ڪمرو، گهر جي ٻاهران ٽاٽ جو پردو ۽ گهر جي اندر ڪبوترن لاءِ ٺهيل کڏڙيون ۽ ڀتين تي ڪبوترن جي ويهڻ لاءِ ٺهيل ڇٽيون هونديون هيون. اسين ڪبوترن جي لاءِ ”ملا جيءَ“ جي گهر جا چڪر ڪاٽيندا هئاسين.
ان گرائونڊ جي بلڪل سامهون، ٻي پاسي روڊ سان لڳ سائين نجم عباسيءَ جو گهر ”بي -95 نديم هائوس“ هو. پر ان وقت اها خبر ڪانه هئي ته اهو گهر ڪو نجم عباسيءَ جو آهي. اسان لاءِ ته اهو گهر ”ڊاڪٽر جي زال“ آنٽي صبيحه جو هو، جيڪا جيجيءَ وارن جي سُٺي ساهيڙي هئي ۽ سندن هڪٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو.
”ملا جي“ پڪي عمر جو هو. ان گهر ۾ سندس زال ساڻس رهندي هئي، جيڪا به ملاجي جيان ڳالهين جي وڏي ڳهير هوندي هئي.
سيف الدين کي ڪبوترن جو گهڻو شوق هوندو هو. جيڪو پوءِ مونکي به ٿيو. سيف الدين، بنگلي جي مٿينءَ حصي ۾ هڪ ڪمري ۾ ڪبوترن جي لاءِ ٻه کوکا هنيا هئا. ۽ ڪبوترن جون ڪجهه جوڙيون وٺي، اُن ۾ پوري ڇڏيون هئائين. سيف الدين طبيعت جو گهڻو ضدي هو ۽ ان وقت تائين چاچا جو اڪيلو پُٽ هو. محمد الدين پوءِ ڄائو. سيف الدين وات مان جيڪي وائي ڪڍندو هو، اها پوري ٿيندي هئي.
آئون جڏهن به حيدرآباد ويندو هوس ته اسان جون خوب ڪچهريون ڄمنديون هيون، ڪبوتر ۽ ڪبوترن جون ڳالهيون، عجيب ۽ غريب حرڪتون، ڪيرم بورڊ، لوڊو ۽ ڪروڙ پتي رانديون، ڳالهه ڳالهه تان سيف الدين جو ڪاوڙجڻ ۽ مونکي ۽ رياض کي ڊوڙائڻ ۽ اسان جو ڊوڙي لطيف آباد پنجين نمبر يا ٻي نمبر يا وري پبلڪ اسڪول ڏانهن ڀڄڻ ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي ئي پاڻ ۾ ٺهي وڃڻ ۽ پوءِ خوب گهمي گهتي، شيون شڪليون وٺي کائي موج ڪري موٽي ايندا هئاسين.
”ملا جي“ آسپاس جي ڪبوتر بازن جي ڪبوترن جي ٽولين ۾ سڀ کان وڏي ٽوليءَ جو مالڪ هو. وٽس ڪبوترن جو ٽيهه پنجٽيهه جوڙيون هونديون هيون، جن کي هو صبح ۽ شام مهل کوکن مان ڪڍي، انهن جي نمائشي اُڏام ڪندو هو. ڪبوتر اهڙا ته سٺي نموني هيرايل ۽ سيکاريل هوندا هئس، جو آسمان ۾ اُڏار ڪندي، ڪيترو به پري يا مٿي ڇو نه هليا ويا هجن، پر هُن جي هڪ ئي سيٽيءَ سان اچي اڱڻ ۾ لهندا هئا. اڪثر ڪري، سندس ڪبوترن جي ٽولي، ٻين ٽولين سان اُڏامڻ جو مقابلو ڪندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻي ٽولي جو ڪو وائڙو ڪبوتر پنهنجي ٽولي کان ٽٽي، ڀُلجي، هن جي ٽوليءَ سان گڏ اڱڻ ۾ لهندو هو ته ”مُلاجي“ حرفت سان اُن کي جهلي، ان جا کنڀ ڪڍي، ڪنهن کوکي ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ اهو ڪبوتر سندس ئي ٽولي جو ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ”مُلا جيءَ“ جي ٽوليءَ مان به ڪو وائڙو ڪبوتر وائڙپ جو شڪار ٿي، ٻي ٽوليءَ ۾ هليو ويندو هو.
اسين اڪثر شام جو ”ملا جي“ جي ڪبوترن جي اُڏار ڏسڻ ۽ پنهنجو شوق پورو ڪرڻ جي لاءِ وٽس ويندا هئاسين. پاڙي جا ٻيا به ڪيترائي ڇوڪرا ٻاڪرا اهو تماشو ڏسڻ جي لاءِ ايندا هئا. پوءِ جڏهن ڪبوتر آسمان ۾ اُڏار ڪندا هئا ته اسين انهن کي واپس گهرائڻ لاءِ ’آؤ... ؤ... ؤ... آؤ... ؤ... ؤ...‘ چئي آسمان کڻي مٿي تي رکندا هئاسين.
هڪ ڀيري آئون ڪبوترن جي هڪ جوڙي ”ملا جيءَ“ کان پئسن تي وٺي دڙي کڻي آيو هوس ۽ مون وٽ ڪبوتر ويهارڻ جا کوکا نه هئا، تنهنڪري مون اها جوڙي اسان جي پاڙيسري سومار ماڇيءَ کي سندس ڪبوترن سان گڏ رکڻ جي لاءِ ڏني. جيڪو ڪبوترن جو وڏو شوقين هو. سندس ننڍو ڀاءُ يوسف، جنهن کي اسين ’بابو‘ سڏيندا هئاسين، مون سان گڏ پهريون ڪلاس پڙهيو هو. سومار وٽ به ڪافي ڪبوتر هئا. وٽس سڄو ڏينهن ڪبوترن جي شوقين ڇوڪرن جا انبار ويٺا هوندا هئا. هو هڪ ماهر ڪبوتر باز هو، پر ان سان گڏوگڏ وڏو ڇوڪري باز به. شايد ئي ڪو ڪبوترن جو شوقين ڇوڪرو کانئس بچي سگهيو هجي. مون گهڻا تڻا ڪبوتر کانئس ئي ورتا هئا. هڪ ڀيري ته مون وٽ ڪبوترن جو تعداد چاليهن کان به وڌي ويو هو. جيڪي گهر جي ورانڊي ۾ لڳل کوکن ۾ ويٺل هوندا هئا. ڪڏهن گهر جي اڱڻ ۾ ته ڪڏهن نم جي ٽارين تي، ته ڪڏهن کوکن ۾، عجيب منظر هوندو هو. انهن مان ڪافي جوڙين بيدا به لاٿا ۽ ٻچا به ڦوڙيا. پوءِ جڏهن منهنجو شوق ختم ٿيو ته مون انهن جي سارسنڀال لهڻ ڇڏي ڏني، اڳ ۾ انهن جي سخت چوڪسي ڪندو هوس، سارسنڀال نه لهڻ جي ڪري، انهن ۾ ڪجهه ٻلن جو کاڄ بڻجي ويا، ڪجهه ٻين ڪبوتر بازن جلهي ورتا ۽ باقي ٻيا آزاد پنڇي بنجي ڪيڏانهن هليا ويا.

مٿي ڪٿي لکيو اٿم ته ننڍي هوندي، جيڪي ٻاراڻا شوق ڪبوترن، بدڪن ۽ ٻلين جا هئا، سي ته وقت گذارڻ سان گڏ هوريان هوريان ڇڏائجي ويا، پر مون ۾ جيڪو ڪتابن جو شوق پيدا ٿيو، اهو منهنجي رت ۾ شامل ٿي ويو ۽ اهو شوق عشق جي حد تائين اٿم. ان شوق يعني ڪتابن جي ساٿ سبب منهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سولائيءَ سان گذريو. هر پريشانيءَ ۾، هر مصيبت ۾، هر آزمائش ۾، جڏهن پنهنجا به ساٿ ڇڏي ٿي ويا.... پر ڪتابن منهنجو ساٿ ڏنو. ڪتابن سان ساٿ ۽ دوستي نه هلي ها ته آئون يا ته چريو ٿي پوان ها يا خودڪشي ڪري ڇڏيان ها.
امان سان گڏ حيدرآباد ويندو هوس ته ڪڏهن ڪڏهن صبح جو گهران نڪرندو هوس ۽ ٻنپهرن تائين گاڏي کاتي ۾ بوڪ اسٽالن جا چڪر ڪاٽيندو هوس، پئسا هوندا هئا ته ڪو ننڍو ٻارن جو ڪتاب خريد ڪندو هوس، نه ته اڪثر ائين ڪتابن جي اسٽالن ۽ دڪانن ۾ جهاتيون پايون، ڪتابن کي اُٿلايو پٿلايو موٽي ايندو هوس، انهن ڏينهن ته مون ڪڏهن به ڪو ڪتاب چوري نه ڪيو، باقي اڳتي هلي، پوءِ ڪتابن کي چوري ڪرڻ جو اهو شغل سو ڪڏهن ڪڏهن ڪيم. ڪتابن کي چوري ته مون تمام گهڻن دوستن کي ڪندي ڏٺو، پر جنهن اعتماد ۽ ڀروسي سان مون علي اظهار کي ڪتاب چوري ڪندي ڏٺو، اُن تي دنگ رهجي ويندو هوس.
هڪ ڀيري حيدرآباد جي ’بسنت هال‘ ۾ ڪتابي ميلو لڳل هجي. انهن ڏينهن آئون رابعه اسڪوائر حيدرآباد ۾ رهندو هوس ۽ شام جو اولڊ ڪئمپس ۾ بي. ايڊ ڪندو هوس. انهن ڏينهن طارق قريشي، علي اظهار ۽ منهنجو ٽڪنڊو مشهور هو. اسين ٽيئي رات جو نوين بجي ڌاري ڪتابي ميلي جو چڪر هڻڻ وياسين، سياري جي مُند هئڻ سبب علي اظهار کي جئڪٽ پاتل هو. ڪتاب ڏسندي علي اظهار هڪ هنڌ بيهي، مونکي ۽ طارق قريشيءَ کي سندس ٻنهي پاسن کان بيهڻ لاءِ چيائين. اسين بيٺاسين ته علي اظهار جئڪٽ جي زپ کولي ڪتاب کڻي ان ۾ وجهي جئڪٽ جي زپ بند ڪري ڇڏي. اسين ٻيئي گهٻرائجي وياسين ۽ سيءَ هوندي به پگهر جا ڦڙا اسان جي نرڙ تي اُڀري آيا. علي اظهار پوري اعتماد سان ڪتاب ڏسندو ڪائونٽر تي هليو ويو ۽ اُت ويٺل همراهه سان ٻه چار منٽ ڪچهري ڪري هال مان ٻاهر نڪري ويو ۽ ٿوري دير کانپوءِ اسين به ٻاهر نڪري آياسين. پوءِ ريڊيو پاڪستان وٽ پهچي وچ روڊ تي اسان ايڏا ته زوردار ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا جو سڄو ماحول ٻُرائجي ويو ۽ آسپاس ويندڙ ماڻهو اسان کي چريو سمجهڻ لڳا. انهن ٽهڪن دوران ئي مون علي اظهار کان ”چورن مٿان مور چئي“ اهو ڪتاب کسي ورتو.
علي اظهار سان منهنجون ڏاڍيون خوبصورت يادون وابسته آهن. اسان جي پاڻ ۾ ويهه ٻاويهه سال دوستي هلي ۽ پوءِ ڊسمبر 2011ع ۾ هن اوچتو ئي اوچتو بنا ٻُڌائڻ جي مون سان سڀ لڳ لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا. چارج شيٽ به نه ڏنائين ته ڪهڙي ڏوهه ۾ هن ائين ڪيو. انهن ڏينهن مونکي فالج جو هڪ هلڪو ڌچڪو آيو هو ۽ آئون بستري داخل هئس ۽ علي اظهار جي مونکي سخت ضرورت هئي.... پر هن مُڙي به نه ڏٺو.... آئون علي اظهار کي ڪوبه ڏوهه نٿو ڏيان. يقينن منهنجي ئي ڪا ڪچائي هوندي، جنهن کيس ايڏي وڏي فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
ائين طارق قريشي به مون کان دوستيءَ جو هٿ ڇڏائي ويو، پر کيس ڪو ڏوهه ڏيڻ بدران پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسندو آهيان ته مون کان ڪٿي ڀُل ٿي!
موٽي ٿا اچون وري اصل قصي تي!
گهر موٽندو هوس ته اڪثر خريد ڪيل ڪتاب يا ته منهنجي سُٿڻ جي ور ۾ لڳل هوندو هو يا وري هيٺين ڪمري ۾ پاڻي واري مشين وٽ رکيل ڪڻڪ جي ٻورين جي وچ ۾ لڪائي ڇڏيندو هوس. يا وري بنگلي جا ڏکڻ واري پاسي بيٺل ننڍي جهنگ ۾ ڪنهن سِر جي هيٺان يا ڪنهن وڻ ۾ لڪائي، هٿين خالي گهر ۾ گهڙندو هوس ۽ پوءِ موقعو ملندي ئي امان جي ڪپڙن واري ٿيلهيءَ ۾ لڪائي ڇڏيندو هوس. منهنجي ڪتابن وٺڻ ۽ پڙهڻ جي اها عادت گهر وارن کي صفا نه وڻندي هئي. مهل بي مهل مونکي ڪتاب پڙهندو ڏسي هرڪو پيو مونکي ٽوڪيندو هو. ”پڙهي پڙهي چريو نه ٿي پوين!“ انهن ٽوڪن ۽ جهڻڪن کان بچڻ لاءِ يا ته ڪتاب لڪي لڪي پڙهندو هوس يا وري لڪائي وٺندو ۽ رکندو هوس.
حيدرآباد ۾ رهڻ دوران، هر ٽي چوٿين ڏينهن، ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ گهران گم ٿي ويندو هوس ته گهڻو ڪري مونکي ڳولهي، پوءِ اهو ئي جملو چوندا هئا ته ”ويو هوندو ڪتابن جي پويان!“ وچ وارا ڏينهن جيڪي آئون گهر ۾ هوندو هوس، انهن ڏينهن پئسا پيو ميڙيندو هوس. امان ۽ نانيءَ کان جيڪا خرچي ملندي هيم، سا کپائيندو نه هئس، ڇو ته مونکي گهڻو ڪري شيون سيف الدين ۽ رياض احمد کارائيندا هئا، اسان ٽيئي اهڙا ته پڪا دوست هونداسين، جو هنن ٻنهي ڪڏهن به مونکي اها ڳالهه منهن ۾ نه ڏني.... ٻيو ته هنن کي جام خرچي ملندي هئي ۽ مونکي صفا گهٽ.
ڪتابن پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جو اهو جنون مونکي ان حد تائين هو، جو پئسا چوري ڪري به اهي وٺندو هوس. امان، گهر جي هڪ ڪُنڊ ۾ ڪاٺ جي پٽي رکي، ان جي مٿان مٽيءَ جو راڳو ڏيئي ڀنڊلاڙو ٺاهيندي هئي ۽ اُن ۾ هوءَ ٿورا ٿورا پئسا وجهندي ويندي هئي، جيڪي هوءَ گهر جي خرچ کان بچائيندي هئي. مون ڪيترائي ڀيرا هٿ وجهي يا ڪا ٻي اٽڪل سٽڪل ڪري انهيءَ ڀنڊلاڙيءَ مان پئسا ڪڍيا، پوءِ اهي پئسا ٻاهر ڪنهن وڏي سِر جي هيٺان يا ڀت جي ڪنهن سوراخ ۾ لڪائي ڇڏيندو هوس ۽ صبح جو سوير اُٿي، بس ۾ چڙهي، سجاول ويندو هوس، جتي بس اسٽاپ تي ’سخاوت علي خان اينڊ سنز‘ ڪتاب گهر هوندو هو، جيڪو پوءِ منهنجي دوست حسين عامر ورتو، حسين عامر جي وفات کانپوءِ سندس ڇوڪرا اهو هلائي نه سگهيا. حسين عامر اُن جو نالو رکيو هو ”ڀٽائي ڪتاب گهر.“
ان ڪتاب گهر جو مالڪ ’چاچو سخاوت‘ اردو ڳالهائيندڙ هو، جيڪو 1988ع جي لساني فسادن کانپوءِ پنهنجي آڪهه سميت سجاول مان لڏي وڃي ڪراچيءَ جي لالو کيت ۾ ويٺو. ورهاڱي کانپوءِ سجاول ۾ ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ گهراڻا اچي ويٺا هئا، جن مان ڪجهه اڃا به موجود آهن. دڙي ۾ پڻ ڪافي گهر رهيل هئا، جيڪي به انهن فسادن کانپوءِ لڏي ويا. سخاوت علي خان ۽ سندس پُٽن جو سجاول مان ۽ دڙي مان مهاجرن جي لڏي وڃڻ يا کين لڏڻ تي مجبور ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته سخاوت علي خان جا ڇوڪرا مارشلا جو سڄو عرصو، مقامي سياسي ورڪرن جي سرگرمين جي فوج ۽ مقامي انتظاميا کي رپورٽ ڏيندا رهندا هئا ۽ اها ڳالهه لڪيل به نه هئي، دڙي ۾ به هڪ همراهه لياقت چوڌري اهوئي ڪم ڪندو هو. هن دڙي ۾ ”ضيا حمايت تحريڪ“ جيڪا پوءِ ’پاڪستان حمايت تحريڪ‘ ۾ تبديل ٿي، ان جو يونٽ کوليو، ساڻس گڏ ڪجهه مقامي سنڌي همراهه به شامل هئا. لياقت چوڌري جو ڌنڌو ئي هو جاسوسي ڪرڻ. پوءِ جڏهن لساني فساد شروع ٿيا ته انهن جو نزلو سخاوت علي خان جي پُٽن ۽ لياقت چوڌريءَ تي ته ڪريو، پر سُڪن سان گڏ آلا به لتاڙجي ويا. لياقت چوڌريءَ جي اندر ۾ ڪو وڏو شيطان ويٺل هو. دڙي مان ڀڄڻ کانپوءِ هو لانڍي ڪراچي وڃي ويٺو ۽ عطائي ڊاڪٽر بنجي ويو. اُتي به اهو ئي ڪم، کيس پوءِ ايم ڪيو ايم حقيقي وارن قتل ڪري ڇڏيو.
گهڻا سال پوءِ لالو کيت ڪراچي ۾، حيدرآباد اچڻ جي لاءِ بس جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هوس، جو سخاوت علي خان جو هڪ پُٽ مليم، نالو شايد شبير هئس. هو اخبارون وڪڻي رهيو هو. اسين ٻيئي هڪٻئي سان ملياسين، حال احوال ورتوسين، پر منهنجي ڇهين حس مونکي ٻُڌائي رهي هئي ته هُن جي اندر ۾ منهنجي خلاف کوٽ آهي، هو مونکي پاڻ سان گڏ ڪيڏانهن وٺي وڃڻ جي لاءِ بهانا ڳولهڻ لڳو. منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ آئون کانئس تڙ تڪڙ ۾ موڪلائي بس ۾ چڙهي پيس.
آئون سجاول ۾ اُن بوڪ اسٽال تي ڪلاڪ ٻه پيو ڪتاب اُٿلائيندو پٿلائيندو ۽ ڏسندو هوس، سخاوت ۾ به گهڻو ڀانئيندو هو ۽ پوءِ ٻه چار ٻاراڻا سنڌي ۽ اردو ڪتاب وٺي، بس ۾ چڙهي ٻين اڍائي بجي واپس دڙي پهچي ويندو هوس. اردو ڪتابن ۾ اڪثر ”سڪس ملين ڊالر مين“ ۽ ”دي بايونڪ وومين“ جي ڪارنامن تي ٻڌل ڪتاب هوندا هئا. اهي ٻيئي ٽي. وي جون مشهور سيريل هونديون هيون، جيڪي آئون، منهنجا ڪلاسي محمود عالم سومرو، عبدالمجيد ميمڻ، عبدالغني سومرو، ويرجي مل ۽ ٻيا گڏجي ڏسندا هئاسين. پهرين اسين اهي پروگرام ’بس اسٽينڊ‘ وٽ موسيٰ سومري جي هوٽل، جيڪا ”موسيٰ ڏاڙهه“ جي هوٽل مشهور هوندي هئي. ان ۾ وڃي ڏسندا هئاسين. ان وقت اڃا دڙي ۾ بجلي نه آئي هئي ۽ موسيٰ ڏاڙهه اها ٽي. وي بيٽري تي هلائيندو هو. ان وقت ٽي. وي جي نشريات شام جو پنجين کان رات جو يارهين يا ٻارهين تائين هلندي هئي. موسيٰ ڏاڙهه پهريون شخص هو، جنهن دڙي ۾ بلئڪ اينڊ وائيٽ ٽي. وي آڻي هوٽل تي رکي، پوءِ ته ٻين هوٽلن وارا به ٽي ويون وٺي آيا. انهن ڏينهن آچر آچر تي صبح جو ڏهين بجي پي ٽي. وي تان پاڪستاني فلم به ڏيکاري ويندي هئي، جيڪا پڻ اسين شوق سان ڏسندا رهياسين. موسيٰ ڏاڙهه جي هوٽل کانسواءِ اسين ڪڏهن ڪڏهن مرحوم حاجي بچوءَ جي گهر به وڃي اهي پروگرام ڏسندا هئاسين، اُتي پڻ ٽي. وي هوندي هئي.
جڏهن ”سڪس ملين ڊالر مين“ ۽ ”دي بايونڪ وومين“ جا پروگرام ايندا هئا ته هوٽلن تي تمام گهڻي رش ٿي ويندي هئي ۽ هوٽلن وارا چانهه جو ڪوپ اٺين آنين هلائڻ بدران ڏهين آني، يعني بلئڪ تي هلائيندا هئا، ۽ جيڪو هوٽل ۾ پروگرام دوران چانهه نه پيئندو هو، تنهن کي اُٿاري ڇڏيندا هئا. ائين هوٽلن وارا خوب ڪمائيندا هئا. مرحوم حاجي بچوءَ جي گهر جي اڱڻ ۾ رکيل ٽي. وي اڳيان پروگرام ڏسڻ جي لاءِ ايترا ته ٻار ۽ پاڙي جون مايون گڏ ٿي وينديون هيون جو ڪنهن ڪاڄ جو گمان ٿيندو هو.
ٽي. وي جي حوالي سان، مرحوم حاجي بچوءَ جي گهر ۾ ٿيل هڪ مزيدار، واقعو مون کي اڃا تائين ياد آهي. پاڙي جي هڪ مائي ڪنهن ڪم سانگي گهر آئي. ان مهل ٽي. وي هلي رهي هئي ۽ ڪو ڊرامون پي هليو. پاڙي جي اها مائي ڊرامي ۾ مرد اداڪارن کي ڏسي رَئي سان منهن ڍڪي، ٽي. وي کي پُٺ ڏيئي ويهي رهي. اُتي ويٺلن ان جو سبب پُڇيس ته جواب ڏنائين، ”مئا باهه لڳا ڌاريا ماڻهو جوهه وجهيو پيا مون ڏانهن ڏسن ۽ مُرڪن... منهنجي گهر واري کي خبر پئي ته سَٽي سوڙهو ڪندم...“
امان جا اهي پئسا آئون چورائي ويندو هوس. پر هوءَ سمجهندي هئي ته اهي پئسا ”جيڪي ڪزوءَ“ جا جن کڻيو وڃن. کيس ڪهڙي خبر ته جيجي ڪزوءَ جي نالي ۾ وڏو جن ته آئون آهيان، جيڪو جنن جي نالي ۾ سندس ميڙيل پئسا ڪڍي، ڪتاب وٺي پڙهيو پيو عيش ڪري.

مونکي پرائمري ۾ سائين شفيع محمد ميمڻ ۽ سائين ڪريم بخش مڱڻهار جي روپ ۾ ڏاڍا سٺا استاد مليا، جن پنهنجي توجه، محبت ۽ پاٻوهه سبب مون جهڙي نادان کي، پوءِ اسڪول وڃڻ ۽ پڙهڻ تي راضي ڪري ورتو. اهو ان ئي ڌيان جو نتيجو هو، جو آئون پڙهي پيس. سائين شفيع ڪتابن جو وڏو شوقين هو، وٽس ڪيترائي ديني ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب هوندا هئا، جن تي هو سٺي جلد بندي به ڪندو هو. مون پڻ کانئس جلد بندي سکي، پر ايتري سٺي نه ڪري سگهندو هوس، جيتري سائين شفيع ڪندو هو. ڇهين ڪلاس ۾ آياسين ته ڪجهه ڇوڪرن کي جلد بندي ڪري ڏيندو هوس، جيڪا مڙيئي آڏي ڦڏي هوندي هئي. هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ويٺو هوس ته مونکي پٽيوالو سڏ ڪرڻ آيو ته فرسٽ اسسٽنٽ سائين طفيل احمد ميمڻ پيو توکي سڏي، سائين طفيل جو اسڪول ۾ وڏو دٻدٻو هوندو هو، هر شاگرد کانئس لهرائيندو هو. سائين طفيل جو نالو ٻُڌي ئي منهنجو ساهه سُڪي ويو ۽ پوءِ آئون ڊڄندو ڊڄندو دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهندو اچي سندس آفيس وٽ پهتس. ”مي آءِ ڪم ان سر‘“ چئي اندر گهڙيس. سائين طفيل وڏي ڪروفر سان ڪرسيءَ تي ويٺو، ميز تي ڪجهه لکي رهيو هو. مونکي ڏسي ڪنڌ مٿي کنيائين ۽ چيائين، ”ٻُڌو اٿم ته جلد بندي ڏاڍي سٺي ڪندو آهين.“
”هائو سائين‘“ ڊڄندي وراڻيم.
”هي وٺ.... منهنجو سروس بوڪ اٿئي. سٺي نموني جلد بندي ڪري سڀاڻي کڻي اچ.“ هن پنهنجو سروس بوڪ مون ڏانهن وڌائيندي چيو. مون اهو کانئس ورتو ۽ واپس ڪلاس ۾ اچي ويٺس، پر هاڻ پريشان ته جلد بندي ڪيئن ڪريان، جو هڪ ته ايڏي وڏي سائيز واري ڪتاب جي جلدبندي مون اڳ ڪڏهن به نه ڪئي هئي. ٻيو ته جلد ٻڌڻ لاءِ دفتري، رنگين ۽ ناسي پنا وٺڻا پوندا هئا،جن تي به ڏهه يارهن آنا خرچ ايندو هو. مونکي ته خرچي ئي ملندي هئي چار آنا.... ان پريشانيءَ ۾ سڄو ڏينهن گذري ويو. نيٺ سائين شفيع جو خيال آيم ۽ سروس بوڪ کڻي سائين شفيع وٽ ويس ۽ کيس چيم ته ”سائين طفيل ڏنو آهي ته اڄ ئي جلد ٻَڌي ڏي.“
”ٺيڪ آهي سڀاڻي سوير کڻي وڃج‘“ سائين شفيع وراڻيو. ٻي ڏينهن سوير آئون سائين شفيع وٽ ويس، جنهن جلد ٻڌي رکيو هو ۽ اهو کڻي مون قطار (اسڪول جي اسيمبلي) کان اڳ اچي سائين طفيل کي ڏنو، هن مهرباني چئي رکي ڇڏيو ۽ آئون منهن ڀيلو ڪري ٻاهر نڪري آيس. ان وقت جلد بنديءَ جا ڏيڍ يا ٻه روپيا وٺندا هئا. مون سمجهيو ته سائين طفيل مونکي پئسا ڏيندو. جيڪي آئون اچي سائين شفيع کي ڏيندس پر سائين طفيل پُڇيو به ڪونه. پوءِ مون پنهنجي خرچيءَ مان پئسا ميڙي سائين شفيع کي ان جلد ٻڌڻ جا پئسا ڏنا.
سائين شفيع ئي پهريون ڀيرو مونکي ”شاهه جو رسالو“ پڙهڻ جي لاءِ ڏنو، جيڪو ڪيترا ڏينهن آئون گهر ۾ پيو پڙهندو هوس.
انهن ڏينهن مونکي سٺيون ڪاپيون ۽ انڊپينون گڏ ڪرڻ جو به شوق رهيو. اهڙو شوق ڪلاس جي ٻين ڇوڪرن محمود عالم سومري، الهڏني ميمڻ، سامجي مل ۽ قادر بخش ميمڻ کي به هو. ان وقت ٻي يا ٽي ڪلاس ۾ هئاسين، خرچي ئي آنو يا ٻه آنا ملندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن نوٽ بوڪ يا انڊپين لاءِ گهران پئسا ملندا هئا، نه ته نه! ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ ڪاپين ۽ پينن جي گهرج نه پوندي هئي، گهڻو ڪم سليٽ ۽ ڪڪر واري پين سان هلندو هو. انهن ڏينهن اسان جي گهر جي اڱڻ جي پاسي ۾ خالي پيل ننڍي ميدان ۾ اسان جي مائٽ ارباب حاجي ولي محمد ميمڻ جي ٻج جون پَليون هونديون هيون. ارباب حاجي ولي محمد، چاچا شمس الدين ۽ چاچا الستي جو ماتو ڀاءُ هو، انهن پلين ۾ ٻي سال جي پوکائيءَ لاءِ سارين جو ٻج رکيو ويندو هو. اهي ساريون گاڏر، جن ۾ بابا به شامل هوندو هو، اسان جي گهر جي اڱڻ تي اچي لاهيندا هئا. جتان، امان، ناني ۽ منهنجون ڀينرون ڏلهن ۾ وجهي پَليون ڀري، انهن جي متان ڪک رکي مٽيءَ جو راڳو ڪري ڇڏينديون هيون. کين انهيءَ جي چار آنا في خرار مزدوري ملندي هئي.
سياري جي مند ۾ شام جو گهڻو ڪري شال جي ڳاٽي ٻڌي، ٿورڙي اونداهي ٿيڻ کانپوءِ پَلين جي پويان لڪي آهستي آهستي انهن مان ڪنهن هڪ ۾ ڏرڙ ڪري، ڳاٽيءَ جي جهول ۾ ساريون ڀري، پوئينءَ در مان نڪري وڃي سڌو صديق ڪاٺوڙي يا عمر ميانجيءَ جي دوڪان تي اهي ساريون وڪڻي، انهن جا پئسا کڻي سڌو بازار ويندو هوس ۽ ڪنهن جنرل اسٽور تان نوٽ بوڪ، انڊپين يا مس جي ڪُپڙي وٺندو هوس. اُن وقت مون وٽ کوڙ سارا نوٽ بوڪ، انڊپينون ۽ مس جون ڪاريون، بليو، سايون ۽ ڳاڙهي مس جون ڪُپڙيون هونديون هيون.
هڪ ڀيري حيدرآباد مان موٽندي، ميرپور بٺوري ۾ بس ۾ ويٺو هوس ته چاچو پيرو اخبار وارو اخبارون کڻي آيو، چاچا پيرو بابا جي مائٽيءَ ۾ هو ۽ منهنجي دوست اسلم خيرپوريءَ جو چاچو هو. وٽس اخبارن سان گڏ ڪجهه ڪتاب به هئا. مون کيس ڏهين جو نوٽ ڏنو ۽ انهن مان هڪ ڪتاب گهريو، هن ڇهه روپيا ڪاٽي چار روپيا مونکي واپس ڪيا. حيدرآباد مان واپس ورندو هوس ته جيجي مونکي ڏهه يا ويهه روپيا خرچيءَ جا ڏيندي هئي، جن ۾ منهنجي ڀيڻن ادي مريم ۽ ادي گُلان جو به حصو هوندو هو، جيڪو به اڪثر آئون چٽي ويندو هوس ۽ کين نه ڏيندو هوس. چاچي پيروءَ مونکي هڪ ڪتاب ڏنو. اهو ڪتاب سائين جي ايم سيد جو ”جديد عالمي سياست“ (هڪ تعارف) هو. اهو 1976ع جو زمانو هو. ان وقت مونکي سائين جي ايم سيد جي باري ۾ ڪابه خبر نه هئي ته هو ڪير هو. ان ڪتاب ۾ هٽلر، مسوليني، چرچل، مائوزي تنگ ۽ ٻي مهاڀاري جنگ جو احوال ۽ تجزيو هو. مون گهر اچي هوريان هوريان ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو، جيڪو ڏاڍي سولي ۽ آسان زبان ۾ لکيل هو. ڪتاب مونکي ڏاڍو وڻيو. هونئن به مونکي جنگ، جنگي ڳالهيون ۽ انهن جا قصا ڪهاڻيون ڏاڍا وڻندا هئا. اهو ڪتاب مون ايترا ته ڀيرا پڙهيو جو مونکي ان جو ڳچ حصو ياد ٿي ويو هو. آئون پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان، ته مون جيڪي شروع شروع ۾ سنجيده ڪتاب پڙهيا، انهن ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ به هو. سائين جي ايم سيد ڪيڏو نه وڏو مفڪر ۽ عالم هو، سنڌ کي سدائين مٿس ناز رهندو.
مٿين ڪتاب کانسواءِ انهن ڏينهن عبرت اخبار ۾ ايندڙ ڪتابن جا اشتهار پڙهي آئون ڏنل ايڊريس تي خط لکي وي. پي ذريعي ڪتاب گهرائيندو هوس. محمود يوسفاڻي جا ٻارن لاءِ لکيل ٻه ڪتاب ”حليمان پوپري“ ۽ ”لاڏلو“ مون وي. پي ذريعي گهرائي پڙهيا، تنهن کانسواءِ انهن ئي ڏينهن مشتاق احمد شوري جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ٿڪل جذبن جو موت“ ۽ عبدالغني درس جي ڪهاڻين جو مجموعو ”منزل منزل دوکو دوکو“ به مون خط لکي وي.پي ذريعي گهرايا.

آئون ننڍپڻ کان ئي خيالي دنيا ۾ رهندو ۽ پور پچائيندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي ان خيالي دنيا ۾ ايترو ته محو هوندو هوس، جو مونکي ڀرپاسي جي به ڪا سُڌ نه رهندي هئي. ان خيالي دنيا ۽ ويٺي ويٺي پور پچائڻ واري عادت عملي زندگيءَ ۾ مونکي ڏاڍو نقصان رسايو. انهن خيال قلعن اڏڻ جو هڪ سبب منهنجي گهر ۽ ڀرپاسي جي ماحول پڻ هو ۽ ٻيو ته اڪثر ننڍيون ننڍيون ڳالهيون، مون تي جلد حاوي ٿي وينديون هيون. هڪ ڀيري اسين ٻار راند ڪري رهيا هئاسين، جن ۾ منهنجي هڪ ماسات به هئي، راند ڪري، مون ڪنهن ڳالهه تان ساڻس مذاق شروع ڪيو، تيسين پريان ويٺل جيجيءَ منهن ۾ گهُنڊ وجهي، نهايت ڪساري لهجي ۾ دڙڪو ڏيندي چيو، ”جوسو! گهڻو فري نه ٿي.“
ان وقت منهنجي وهي ڏهه ٻارهن سال هئي، پر جيجيءَ جي ڌڙڪي سبب آئون صفا هَڄي ويس ۽ اهو لهجو اڃا تائين منهنجي دماغ تي ڇانيل آهي. اڄ به ڪڏهن ڪڏهن جيجيءَ سان ويٺي ويٺي، اهو جملو ذهن ۾ ايندو اٿم ته سڄو ڏڪي ويندو آهيان.
آئون پنهنجي خيالي دنيا جي منصوبن جي ذري پرزي جا تفصيل ذهن ۾ اُڻندو هوس ۽ منزل تي ڪيئن پهچجي، اهو سڀ ترتيبوار ٺاهيندو هوس، شروع شروع ۾ اسلامي تاريخ جا ڪتاب پڙهڻ ۽ مسلمانن جي عروج کانپوءِ زوال جي قصن ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ، مسلمانن جي بدتر حالت تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو سوچيندو هوس. قبله اول يعني بيت المقدس جي آزاديءَ لاءِ رٿون رٿيندو هوس ۽ نماز پڙهي انهيءَ جي آزاديءَ لاءِ دعائون گهرندو هوس. گهوڙن، فوجن، تيرن، جنگين، لشڪر ۽ هٿيارن جو بندوبست ڪندو هوس ۽ ”جهاد“ جي جذبي سان سرشار ٿي ”ڪافرن“ کي نيست ۽ نابود ڪري سڄي دنيا تي ”اسلام“ جو بول بالا ڪرڻ جا خواب ڏسندو هوس. اهڙيءَ طرح اڳتي هلي سنڌ جي حوالي سان، لطيف سائين جي فلسفي ”سنڌ سڪار ۽ عالم سڀ آباد ڪرين“ کي عملي شڪل ۾ ڏسڻ جي لاءِ ۽ سنڌ سڄي دنيا جي انقلابن جي مددگار هجي. پاڻ آزاد ۽ خوشحال هجي، جا خواب مون تي حاوي رهيا آهن. هاڻ ته اهي منهنجي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويا آهن. جيتوڻيڪ منهنجي ”سنڌ“ جي قومي جدوجهد ۾ ايترو گهڻو ڪردار ته ڪونهي، پر پوءِ به ائين ڀائيندو آهيان ته انهن خوشحاليءَ جي خوابن ۽ انهيءَ عمل ۾ ڪجهه پگهر جا ڦڙا منهنجا ضرور وهيا آهن. مون پنهنجي طرفان جيڪي ڪتاب ڇپايا ۽ رسالا ڪڍيا، انهن جو مقصد به اهوئي رهيو آهي ته ماڻهو باشعور ٿين، سنڌ جي خوشحالي، آزادي ۽ غير طبقاتي نظام لاءِ جدوجهد ڪن. تنظيم سازي ڪن، مون پنهنجي تجربي مان سکيو آهي ته سنڌي ماڻهو تنظيم، تنظيم سازي ۽ ضابطن ۾ رهڻ جي اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهن، منزل اڃا ڪافي اڳتي آهي.

24 جون 1984ع، منهنجي زندگيءَ جو دردناڪ ڏينهن. ان ڏينهن مون کي هڪ وڏو غم مليو. هي لفظ لکندي يادن جي وير ڪيڏي نه تيزيءَ سان وري آهي.... تنهنجي ياد جي وري آ وير.... ان ڏينهن منهنجي ڀيڻ مريم گذاري ويئي.
ٻه اڍائي مهينا اڳ هڪ ڏينهن صبح جو مٺڙي ننڊ ۾ سُتو. ڪو خواب پي ڏٺم. مونکي ڪهڙي خبر ته منهنجي خواب دوران عزرائيل، ڇتي ڪتي جي روپ ۾ اچي، منهنجي ڀيڻ کي ڏاڙهي ويندو. اوچتو رڙين تي ڇرڪ ڀري اُٿيس. منهنجي نظر ڪتي تي پيئي، جيڪو رومڙ ڪري ادي مريم ڏانهن وڌي رهيو هو. هوءَ اڱڻ ۾ ٻهارو هڻي رهي هئي. هن ڀڄڻ بدران، سامهون ٿي ٻهارو ڪُتي جي منهن ۾ هنيو. پر ڪتي سڌو اچي سندس ٻانهن ۽ هٿ ۾ چڪ وڌو. تيسين امان ڪتو ڪتو ڪندي ڊوڙندي آئي. آئون به رڙين تي ٽپ ڏيئي اُٿيس. تيسين ڪتو پنهنجي ڪارروائي ڪري روانو ٿي ويو ۽ سامهون بيٺل اسان جي گابيءَ کي وڃي چڪ وڌائين، پوءِ اُن کي ڇڏي ٻاهر نڪري ويو. ان مهل صبح جا ساڍا اَٺ ٿيا هئا.
مون ڊوڙي وڃي اديءَ کي پٽ تان اُٿاريو، ڪتي جي رومڙ جي ڪري هوءَ پٽ تي ڪِري پئي هئي. ”بابو! تون سُتو پيو هئين، ڪتي منهنجو ٻوٽ تي پٽيو.“ هن پٽ تان اُٿندي مونکي چيو.
آئون ۽ امان کيس اُٿاري اندر ڪوٺيءَ ۾ وٺي وياسين. امان هڪدم ناس کنئي ۽ چڪَ واري جاءِ تي هڻڻ لڳي، جتان رت وهي رهيو هو. بابا جي نظر ڪمزور هُئي، سو به لٺ ٽيڪيندو اچي ويٺو ۽ اديءَ کي دلداري ڏيڻ لڳو. اديءَ جي اکين مان ڳوڙها سَريون ڪري پي ڳڙهيا.
ايتري ۾ پاڙي اوڙي جون مايون به مڙي اچي گڏ ٿيون. خبر پيئي ته پاڙي جي ٻن ٻين ڇوڪرين کي به ساڳيو ڪتو ڏاڙهي ويو آهي. ڪنهن مائيءَ ڏس ڏنو ته ”در ملوڪ شاهه تي سائين جمن شاهه ڏانگي رهي ٿو، جنهن کان لُنڊي وٽائي ٻڌوس.“ امان ماين جي صلاح تي مونکي هڪدم جمن شاهه ڏانگيءَ کي ڳولهي وٺي اچڻ لاءِ چيو. جنهن کي نه چاهيندي به سندن دل رکڻ لاءِ آئون ڪلاڪ ٻن ۾ ڳولهي وٺي آيس. هن ڪجهه پڙهيو ۽ هڪ ڌاڳو وٽي اديءَ جي ٻانهن ۾ ٻڌائين ۽ گابيءَ لاءِ سَرن جي لُنڊي پڙهي ٻَڌائين. ان وچ ۾ آئون پاڙي ۾ ويٺل ’اَبو دل‘ کي بيل گاڏي جوٽائي وٺي آيس ۽ ان ۾ چڙهي اسين سرڪاري اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جون سُيون هڻائڻ وياسين. پئسا نه هئڻ سبب ڪار يا سوزوڪي ڀاڙي تي ڪرڻ جي بدران اَبو دل جي بيل گاڏي ڪرڻي پيئي. اسان سان گڏ پاڙي جون ٻه ڇوڪريون به هليون، جن کي به ڪتي کاڌو هو.
اسين روزانو ڇتي ڪتي جون سُيون هڻائڻ جي لاءِ سرڪاري اسپتال ويندا هئاسين. ائين ڇتي ڪتي جون چوڏهن انجيڪشن لڳي دنگ ٿيون. ٻن مهينن کانپوءِ رمضان جو مهينو شروع ٿيو ته ادي مريم کي به هلڪو بخار شروع ٿي ويو ۽ اهو وڌندو ويو. هڪ ڏينهن ڊاڪٽر مونکي ٻڌايو ته ٿي سگهي ٿو ته ڇتي ڪتي جي سُين اثر نه ڪيو هجي ۽ اهو اُٿلي پيو هجي.
ان وچ م ادي مريم جي ننڊ صفا ختم ٿي وئي ۽ بلڊپريشر وڌي ويس. ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ مايون عجيب ڊيڄاريندڙ ڳالهيون هن جي اڳيان ڪرڻ لڳيون.
”امان! حياتي هوندي ته ڇڏي ڪانه ويندينءَ.“ يا چونديون هيون ”ڇتي ڪتي جو کاڌل وسئون ڪونه بچندو آهي.“ پاڻ ماٺ ڪري ويٺي اهي ڳالهيون ٻُڌندي هئي.
هڪ ڏينهن مونکي چيائين، ”بابو! ڇا آئون مري وينديس.“
”ڇو مرندينءَ ادي!.... معمولي بخار آهي.“
”پر مايون ته چون پيون ته ڇتي ڪتي جو کاڌل بچندو ڪونهي.“
”مايون ته سڀ ڄٽڻيون آهن.... توکي ته سُيون لڳيون آهن....!؟“
”هائو.“
”پوءِ بس.... ان جو علاج اهي چوڏهن سُيون آهن، جي توکي لڳيون آهن. هي ته بخار آهي. ڏينهن ٻن ۾ لهي ويندو. آئون کيس مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. پر هوءَ سڄو ڏينهن خاموش ويٺي الائي ڇا سوچيندي هئي. سندس اکين ۾ هڪ عجيب ڊپ هوندو هو. دوا هڪدم کائي ويندي هئي. سيڪاٽرين پائوڊر وَر وَر ڪري پيئي ڦٽن تي ڇٽيندي هئي. ڪو کيس پاڻي پڙهي ڏيندو هو يا ماني تي قرآن شريف جون آيتون لکي ڏيندو هو ته بخار سبب نه وڻڻ جي باوجود به زور ڪري پاڻي پي ۽ ماني کائي ويندي هئي. ڪيڏي نه جيئڻ جي تمنا هئي منجهس.
زندگي به عجيب آهي، تڏهن ته چوان ٿو زندگي هڪ سراب آهي، هڪ خواب آهي، هڪ ڳجهارت آهي، زندگيءَ کان وڏو ڪوڙ ۽ فريب ٻيو ڪوبه ڪونهي.
24 جون، اهو بدنصيب ڏينهن، صبح جو سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ شروع ٿي. ڊاڪٽر کي وٺي آيس، جنهن کيس پاڻي پيئڻ جي لاءِ چيو. خبر نه آهي ته هوءَ پاڻي پي سگهي يا نه، پر ڊاڪٽر سندس منهن تي چيو ”اوهان کيس حيدرآباد کڻائي وڃو.... مون وٽ هن جو علاج ڪونهي.“ ڊاڪٽر روانو ٿيو ته اجل به اچي ٺڪا ڪيو. ڏهن پندرهن منٽن کان پوءِ هوءَ رڙ ڪري کٽ تي ڪِري پيئي ۽ وڃي ڌڻيءَ کي پرتي.
موت خدا جي هٿ ۾ ۾ آهي، ان تي بندي جو وس نٿو هلي، پر ڊاڪٽرن جو احتياط ۽ سندن ڳالهه ٻولهه جو انداز مريض جو اڌ مرض لاهيو ڇڏي، هتي به ائين ٿيو.
ٻن ڏينهن کانپوءِ، سرڪاري اسپتال جي هڪ پٽيوالي مون سان تعزيت دوران هڪ عجيب ڳالهه ڪئي، ”اوهان فلاڻي ڪمپائونڊر کي ته سُڃاڻو. هو ٻين ڇوڪرين کي، جيڪي اوهان سان گڏ سُئي هڻائڻ اينديون هيون تن کان روز ڏهه روپيا سُئي هڻڻ جا وٺندو هو، پر اوهان کيس پئسا نه ڏنا ۽ هن تنهنجي ڀيڻ کي ٻن سُين کان پوءِ ڇتي ڪتي جي سُين هڻڻ بدران طاقت جون سُيون هنيون.... اوهان چوندا هئا ته سرڪاري اسپتال آهي، پر هت ته مفت ۾ ٻرو به نه ملندو آهي.“