حاجي سعدالله ”سپاهي“ ابڙو
حاجي سعدالله ”سپاهي“ ابڙو
نصرپور سنڌ جو هڪ اهڙو تاريخي شهر آهي جنهن جي سر زمين تي هر دور ۾ عالم اديب شاعر مفڪر جنم وٺندا رهيا آهن.جن جي ادب جي ميدان ۾ روشن ڪيل لاٽ اڄ به چمڪاٽ ڪري رهي آهي اهڙن نالي وارن اديبن شاعرن مان پرائمري استاد حاجي سعد الله سپاهي ابڙو به هڪ آهي. سندن والد جو نالو گل محمد ابڙو هو سندن جنم نصرپور ۾ 07 جنوري 1925 ع تي ( شناختي ڪارڊ موجب ) ٿيو سندن وفات 23 جون 1997 ع ۾ ٿي. پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان 1937ع ۾ پاس ڪيو ان بعد 1943 ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيا ٽريننگ اسڪول مير پور خاص ۽ سانگھڙ ۾ به ملازمت ڪيائون. جتي سائين جن هڪ بهترين استاد هئا اتي پاڻ ادب سان به وابسطه رهيا آهن. پاڻ مين سنڌي اسڪول نصرپور ۾ گھڻو وقت درس تدريس ڏيندا رهيا. سائين جن گھڻو ڪري پنجون ڪلاس پڙهائيندا هئا. ڪلاس تمام مشڪل هوندو هو اهو سائين جن ڪافي عرصو مين سنڌي اسڪول نصرپور جا هيڊ ماستر به ٿي رهيا.. سائين جن وٽان علم جو جام پيئڻ وارا وڏن عهدن تي پهتا،سائين جن 1985 ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿيا. سائين جن ادب جي ميدان ۾ 1941ع ۾ آيا ان سال شاعري جي شروعات ڪيائون پنهنجي شاعري جي اصلاح علي محمد عاجز کان ورتائون. سائين جن نظم سان گڏ نثر ۾ به تمام گھڻو لکيو آهي . سائين جن شاهي بازار ۾ هڪ ننڍڙو دوڪان به هلائيندا هئا جتي ادب سان ذوق رکندڙ ساٿي سائين جن وٽ ايندا هئا پنهنجي اصلاح ڪرائيندا هئا. مشهور شاعر سليم گل ابڙو سائين سعدالله سپاهي جو تعليم جي ميدان ۾ به ته شاعري ۾ به شاگرد آهي سليم گل موجوده وقت جو بهترين شاعر آهي. 1961ع سائين جن هڪ ناول لکيو هو جنهن جو نالو گل بهار عرف ٻه معصوم مکڙيون جيڪو تمام مشهور ويو هو جنهن جي هڪ ڪاپي سائين جن جي فرزند شرجيل ابڙو وٽ محفوظ آهي. سائين جن عروس القرآن جي نالي سان سورة الرحمان جو پڻ منظوم ترجمو ڪيو هو. سائين جن هڪ پيار ڪندڙ ماڻهو هوندا هئا. سائين جن وٽ جيڪي به ايندا هئا ڪجھه نه ڪجھه حاصل ڪري ويندا هئا. سائين ادبي تنظيمن ۾ گھڻو حصو وٺندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جا جيڪي اجلاس ٿيندا هئا انهن ۾ پنهنجي فرزند مرحوم خليل خرم سان گڏ شامل ٿيندا هئا سائين جن جو فرزند خليل خرم هڪ بهترين ڪهاڻيڪار هوندو هو. هن وقت سائين جن جو فرزند امان الله ابڙو پڻ هڪ بهترين شاعر آهي. سائين جن جو هڪ ڪتاب ناٽڪن جو ڪتاب ٽيپو سلطان به لکيل هو. سائين جن جيڪي مضمون لکيا انهن ۾ معلومات جو خزانو هوندو هو جيئن نصرپور جو پهريون فوجي عملدار، هوش محمد شيدي، کيسانا موري، وتايو فقير، سنڌ جي تاريخ جو هڪ جھونو ورق، ملڪئه سلطانه فخرالنساء زينب وغيره. سائين جا لکيل مضمون ۽ شاعري جيڪڏهن سائين جن جي وارثن وٽ محفوظ هجي ته اها انهن کي ڇپائڻ گھرجي جيئن اڄ جي دور جي ماڻهن کي انهن بابت ڄاڻ مهيا ٿي سگھي. سائين جن جتي نثر ۾ پاڻ ملهايو اتي شاعري ۾ به پاڻ ملهايو. سندن شاعري ۾ قرب محبت جو ثمر ڀريل هوندو هو جيئن هڪ الوداعي نظم ۾ چيو اٿن ته
وڃو پيا موڪلائي ملڻ لاءِ پيا اچجو
وساري ڪين ڇڏجو اها اسان جي استدعا آهي
سائين جن هڪ حمد به لکيو هو جيڪو ڪيترائي سال اسڪول جي اسيمبلي ۾ پڙهيو ويندو هو جنهن جا ڪجھه حصا هي آهن
مرحوم سائين سعدالله سپاهي ابڙو
حمد شريف
تنھنجو حمد ڪريون ٿاخدايا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
کڻي عرض اِلاهي آيا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(1)
قَمر ڪَتيون قُطبَ تو بنايا
هيٺ فرش زَمردِي وِڇايا
تنھن ۾ واهه نديون تو وهايا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(2)
آب آگ جي هڪٻئي جا دشمن
گڏ ڪڪر ۾ ڪيئن ٿا پلجن
مٺا کارا تو گڏجي وهايا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(3)
خالي جھولي کڻي اڄ آيا
هٿ خالي اچي ڦھلايا
اسين آهيون علم جا اُڃايا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(4)
اسين بنداگنھگار آهيون
تنھنجي در تي سداٿا دانھيون
ڪر بخش بديون تون اِلاها
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(5)
هاڻي هادي هدايت ڏي تون
چڱي خُلق جي عادت ڏي تون
گُھرون تو کان ٿا علم جي مايا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(6)
هي شھر قديمي نصرپور
تنھن کي موٽي آباد به تون ڪر
تون ڪي ڏانءَ ڏِيار سَوايا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(7)
سنڌ، سنڌي ، سنڌو، سنڌي ٻولي
جئي مھراڻ جي شل ڇولي
سڀ سام تنھنجي اسين آيا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(8)
چونڊي گل اميد جا آيا
اچي نغما منا جاتي ڳايا
ڪر رحمت جا هر دم سايا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(9)
گُل ٻار ته مَڪتب گُلشن
سڀ استاد مالھي ٿا سڏجن
سڀ عرض ڪرڻ اڄ آيا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
(10)
اسين سنڌ ديس جا سپاهي
ڏي ڪو جوش جذبو اِلاهي
اڳ تو ئي فضل فرمايا
توکان ٿا ربَ رحم گھرون
نصرپور مان نڪرندڙ ماهوار رسالي رهاڻ جڏهن سنڌ جي سورهيه سپھ سالار هوش محمد شيدي جي نالي سان هوشو نمبر ڪڍيو ته ان جي لاءِ سائين جن پنهنجي شاعري تخليق ڪئي جيڪا هي آهي.
گيت
مرحوم سعدالله سپاهي ابڙو
هوشو شيدي، ٿيو نه گيدي، مڙس جو پٽ هو مڙس بنيو،
سنڌوءَ جو پاڻي پيتل هوندس تڏهن سڀ کان سرس بنيو.
مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، نعرو هن هڪڙو ئي هنيو،
سنڌ بچائڻ خاطر ان هو چمي چاھ مان کَنُو کنيو،
جيڪي چيا ۽ ڪري ڏيکارئين، نيپيئر بي ترس بنيو.
نيپيئر چيو ! مارو!! هوشوءَ آ کيو ڪريو وارو!
سنڌي تاريخ ۾ لکيل آهي اهو نظارو سارو پيارو،
پر انگريز جو ڍريو ڍارو، هوشوءَ شھادت جام چکيو.
ڪاھ ڪري قنبراڻي آيو انگلش فوج جو ٿڏو پٽايو،
هيڏانهن هڪڙو هوڏانهن هزارن کي به ڇڏيا ڀَوَ ڀڄايو،
نيٺ اهو ئي ٿيو ازل کان جيڪي هو تقدير لکيو.
مير صوبدار بنجي مخالف بارودن ۾ بوھ وڌو،
گھر جو چاغ ٿو گھر کي ساڙي اهو پهاڪو صاف سڌو،
نوڙجي پڳ ٻڌايس نيپيئر ناحق نسورو نحس بنيو
اڄ به سنڌ تي آيو آهي وقت ڏکيو،
سنڌي سپوٽ ته ڪڏهين ناهي پوئتي هٽڻ ۽ ڀڄڻ سکيو
سر سان ڪفن ٻڌي ”سپاهي “ هوشوءَ وانگر ڪين هٽيو.
(بشڪريه رهاڻ هوشو نمبر 1986 )
جڏهن مون سلسليوار ڄاڻ جي طرفان استاد نمبر ڪڍيو هو ته ان وقت هڪ دوست مون کي سائين جي شاعري ڏني هئي جيڪا هتي پيش ڪجي ٿي
مرحوم استاد سعدالله سپاهي ابڙو جي طويل نظم مان ڪجھه حصو پيش ڪجي ٿو:
اٿ ماستر خدارا ڇڏ ننڊ تون نڀاڳي
ڪجھه قوم جي مدد ڪر اي يار هاڻ جاڳي
اجڙيل چمن جي اندر آڻج ادا سجاڳي
سستي ۽ تن آساني ڇڏ اوج آڻ ساڳي
تون ڳوٺڙن جي خاطر آهين ادا پيمبر
تعليم جا مبلغ پهچاءِ علم گھر گھر
……….
معمار قو م جو تون ۽ مهندار قوم جو تون
ابرار قوم جو ۽ اسرار قوم جو تون
دلدار قوم جو ۽ آڌار قوم جو تون
همدرد ۽ معين سالار قوم جو تون
ٿي منتظر جھان جون تو ڏي اکيون نهارن
۽قوم جون زبانون توکي پيون پڪارن
…………..
قسمت چڱي آ تنهنجي جو ماستر ٿئين تون.
مرشد ٿئين سڀن جو ۽ راهبر ٿئين تون
۽ اڻ پڙهيل جي وچ ۾ پر ڊاڪٽر ٿئين تون .
ساري دنيا ۾ نامي ۽ نامور ٿئين تون
جھر جھنگ ۽ شھر ۾ توکي ملي ٿي عزت
پوءِ ڀي هر هر چئين ٿو ٽيچري آهي ذلت
………
تسليم ٿو ڪريان هڪ نادار تون ئي آهين
پورو نه توکي کاڌو لاچار تون ئي آهين
تنخواهه نا هي پوري بيگار تون ئي آهين
ليڪن علم جي ڪري سردار تون ئي آهين
تنهنجي ٽجوڙين ۾ آهي علم جو خزانو
جنهن کي نٿو چورائي ڪو چور ۽ بيگانو
….....
احساس ڪمتري ڇڏ خودار ٿي خدارا
تعليم ڏي ٻچن اهڙي عجب پيارا
خوديءَ روح ڦوڪج ٻارن ۾ تون سچارا
گلزار ٿئي وطن شل بنجي مثل بهارا
اخلاق جو بطل ٿي اي قوم جا پيارا
محنت ۽ اورچائي خوش خلقي ڌار پيارا
.................
ڪر قوم جي ڀلائي استاد ٿي ٻچن جو
گلڙا سنڀال پنهنجا ٿي باغبان چمن جو
سستيءَ جو وقت نه آهي اي قوم جا سهارا
اعلى ٿئي جھان ۾ پڻ شان شل وطن جو
ٽامي کي سون ڪر تون پارس مثال پيارا
اخلاق تون سُڌارج آئيده جي ابن جو
...................
آباد ڪي وطن کي گلزار علم جي سان
۽ شاد ڪر چمن کي سهڪار علم جي سان
سينگار هر بشر کي دُستار علم سان
تون انقلاب آڻج پرچار علم جي سان
قومي سڌار ڪن جو سردار تون ئي آهين
ريسريچن جو سچ پچ سالار تون ئي آهين
................
بندو ڪندو جي همت مدد خدا به ٿيندو
دورو جھاليت جو آخر دنيا مان ويندو
ٿيندي خزان ختم ۽ آخر بهار ايندو
عيوض ڏکن جي ڏاتر سک پڻ ضرور ڏيندو
ڏس ان مع العسرن يسعران قرآن ۾ آهي
اقراء جي ساري آية تنهنجي ئي شان ۾ آهي
.................
اکر سڌار پنهنجا ان کان بعد ٻچن جا
اڌ علم اکر آهن سي تون سڌرتن جا
صحيح ڪر تلفظ گلزار هي گلن جا
اخلاق جي نشاني سهڻا اکر انهن جا
محبت پيار سان تون ننڍا وڏا سڌارج
ڇڏ زود زنجي عادت معصوم ڪين مارج
...............
ڪاليج ماستر لاءِ هڪ فيض عام آهي
جاري ان ۾ علمي منبع مدام آهي
جيڪو ٿيو تنهنجو طالب تمام آهي
سو ٿيو ادا هميشه پڻ نيڪ نام آهي
سيراب ٿا ٿين هت ڪئين علم جا اڃايا
هر سال ٿا اچن هت ڪئين جھل جا اجھايل
..................
تعليم جا طريقا اعلى هت سکن ٿا
هر سال سنڌ مان ڪوڙئين ڪهي اچن ٿا
سنڌي زبان ٻي اردو ٻيو انگلش سي پڙهن ٿا
تاريخ جاگرافي ليسن ڏيئي ڏسن ٿا
اچ تون به وٺ ٽريننگ ڪر زندگي سجائي
ٿي انٽريڊ ٻارن جي ڪر عمر نه اجائي
..............
پرواھ نا ھ بلڪل مسڪين تون ئي آهين
پورو نه کاڌو توکي غمگين تون ئي آهين
پر فخر قومي قابل تحسين تون ئي آهين
ڪر نظر ٻنهي پاسي امين تون ئي آهين
هاڻي نه چئج هئي هئي ماستر ڇو ٿيس مان
پر چئو ته شڪر آهي راهبر جو ٿيس مان
.............
سڌري سڄو جھان ويو تو ۾ نه ڦير آيو
سستيءَ سبب تو پنهنجو آهي شان ڇو وڃايو
جنهن جي ڪري لهي ويو تو تان خدا جو سايو
ڪر وقت جو قدر ۽ پورهيو به ڪر سجايو
هت بهادري ۽ اخلاق ۽ ٻي محنت
حب الوطني جو مادو ٻارن ۾ آڻ حشمت
............
مکڙيءَ مثل سنڀالي پيارن ٻچن کي پالج
عالم اديب اعلى پيدا ڪري ڏيکارج
سبق سي فروشي سڀني کي تون سيکارج
هر هڪ ٿئي سپاهي اهڙو ڪو ورق وارج
سائين سعدالله سپاهي جي جيڪڏهن اسان شاعري ۽ نثر کي پڙهون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته سائين جن تمام بهترين لکيو آهي. اسان کي اهو افسوس رهندو ته سائين جن جي اهڙي محبت کان محروم رهيا آهيون. مون کي هڪ دفعي جي ڳالهه ياد اچي ٿي جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سائين جن تمام رحمدل انسان هوندا هئا. هڪ دفعي نصرپور ۾ رورول هيلٿ سينٽر نصرپور ۾ ڪرسچن اسپتال جي طرفان مصري شاهه جي ميلي تي هڪ مفت اکين جي ڪئمپ لڳي هئي جنهن ۾ سائين جن به اکين جي آپريشن ڪرائڻ آيا هئا اسان جي پنهنجي سماجي تنظيم جي طرفان اتي والنٽيئر جي ڊيوٽي لڳل هئي جڏهن آئون سائين سان مليس سائين کي ڪرسي تي ويهاريو ته اتي جي ڪئمپ جي اڳواڻ ڊاڪٽر مون کان پڇيو ته هي ڪير آهي؟ مون چيو ته هي هڪ استاد آهي هن جڏهن استاد جو نالو ٻڌو ته سائين جن جي بيحد عزت ڪرڻ لڳا جڏهن سائين جن جي آپريشن ٿي ته ڊاڪٽر سائين جن کي وارڊ ۾ نه رهايو پر پنهنجي ڪمري ۾ شفت ڪيو جيڪو ڊاڪٽر جي لاءِ هو اتي هڪ غريب نالي ڪارو ماڇي به هليو پئي جنهن وارڊ ۾ سائين کي ڏٺو ته چيو ته توهان بزرگ آهيو منهنجو ڪير به ڪونهي دعا ڪريو ته منهنجي اک صحيح ٿئي سائين هن کي دعائون ڪيون پنهنجي وڏي پٽ احسان الله کي چيو ته هن کي به اتي رهايو جتي آئون رهندس. پر سڀ ماڻهو وارڊ ۾ هئا صرف سائين الڳ ڪمري ۾ هو جڏهن انچارج سان مون ڳالهه ڪئي ته ان چيو ته سائين جي خواهش آهي اهو ماڻهو به سائين سان گڏ رهندو سائين ان جي تمام گھڻي پرگھور لڌي اهو پوءِ سائين وٽ ايندو رهندو هو. اها هئي سائين جي رحمدلي سائين جو ايترو ته مان هوندو هو جو ان ڪئمپ جو انچارج ۽ ٻيا ڊاڪٽر ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ سائين وٽ ايندا هئا پوءِ سائين سان ملي ڪئمپ شروع ڪندا هئا. سائين کي چوندا هئا ته اسان جي لاءِ اها وڏي ڳالهه آهي ته اسان هڪ استاد جي خدمت ڪري رهيا آهيون اسان ڀاڳن وارا آهيون. سائين سعدالله سپاهي ابڙو هڪ کليل ڪتاب آهي جنهن تي جيترو به لکجي ته ٿورو آهي اسان اها خواهش رکون ٿا ته سائين تي تحقيق ڪري سائين جي ڪيل محنت تي ڪتاب شايع ڪرايو وڃي.
خادم گھراڻو