9
حبيب ئي هڻي وئا پيڙا جي پچار
طبيبن توار هڏ نه وڻي هاڻ مون
رات ڪنهن مشرقي محبوب جي ڪارن وارن وانگر اونڌاهي هئي. چو طرف سناٽو ڇانيل هو، پر ڪنهن وقت رکي رکي گدڙ، سوئر، ڪتا ۽ ٻيا جانور پنهن جي آوازن سان ان ماٺ جي مهر کي ٽوڙي رهيا هئا. ڳوٺاڻو جو غزل ۽ بين جي آواز تي جاڳيو هو سو به گل ۽ بهار کي دلاسا ۽ دلبريون ڏيئي وري به سمهي پيو، پر هنن مصيبت جي ماريلن کي ننڊ اصل نه آئي.
اوچتو بهار ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ گل کي چيائين “ پياري گل جاڳين پيئي ”
گل – هائو بهار
بهار – گل تون مون سان هلندينءَ
گل – ضرور هلنديس بهار
بهار – مگر تو اهو ته ڪونه پڇيو ته ڪٿي هلڻو آهي ؟
گل – هائو بهار
بهار – گل تون ڏاڍي ڀورڙي آهين
گل – اي بهار
ايترو چوندي گل جي اکين مان ماڻڪن جھڙا لماس ( آنسون ) ڳڙي اچي هيٺ پيا، مگر اونڌاهي هئڻ سبب بهار اهي نه ڏٺا.
گل جي روئڻ جو سبب چوٽ کاڌل دل ئي معلوم ڪري سگھندي، باقي بيدرد جي سخت دل ان راز جي سمجھڻ کان قاصر آهي. سچ چيو اٿن ته “ لڳي هو وئي ته ڪل پوئي ، نه ته پڇ لڳيان واليان ڪنون ”
جتي باهه ٻري سا جاءِ جلي
ڪهڙو سيڪ اچي پاڙي واليان نون.
بهار چيو گل ! منهنجي دل چوي ٿي ته بابو اڃا تائين قلعي واريءَ سرنگھه ۾ موجود هوندو. هن مون کي رومال جي اشارن سان هيءَ ڳالهه سمجھائي ته مان قبرستان واري پوشيده تهه خاني ۾ تنهن جو انتظار ڪندس ۽ هيءُ به يقين آهي ته جيستائين انگريز سندس ڳولا کان بس نه ڪندا تيسين هو پاڻ کي اتي پوشيده رکندو. ان ڪري مان سندس واسطي کاڌي پيتي جي شيءِ کڻي وڃڻ گھران ٿو. ڪيئن تون هلندينءَ ؟
گل – هائو بهار
بهار – آهه افسوس صد افسوس ! افسوس اڄ پنهنجي پياري پيءُ جي وات ۾ هڪ داڻو به اَن جو نه ويو آهي. پروردگار ! تون اسان جو مددگار ٿيءُ.
گل – تڏهين هل بهار جلدي هل. بابا سائين جي ڏسڻ لاءِ منهن جي دل به تڙپي رهي آهي.
بهار – چڱو گل : ٻڌاءِ ته اسين ان جاءِ تي ڪيئن پهچي سگھون ٿا ؟
گل – جيئن تنهن جي مرضي تيئن هل پر جلد هل جو بابو بلڪل بکيو هوندو.
بهار- واهه ! ڀورڙي واهه ! توکي ذرو به عقل نه آهي ٻڌ پياري گل : مون اوستائين پهچڻ جي هڪ اٽڪل سوچي آهي. خير تون بين کڻ ۽ مون سان هل بهار کي دائيءَ گھڻو ئي سمجھايو : والد جي محبت سبب ان هدايت ڏي ڪن نه ڪيائين لاچار دائيءَ کي به ساڻن گڏ وڃڻو پيو. سچ آهي ته “ ڄم کان نيپاج وڌيڪ آهي ” پوءِ ته جھوپڙيءَ مان بهار هڪ شينهن جي کل کڻي، گل جو هٿ وٺي، دائيءَ سان گڏ ٻاهر نڪتو.
گنگا جي ڪناري تي پهچي ساڳي ٻڌل ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺا ۽ الله توهار ڪري ٻيڙيءَ کي پاڻيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيائون ۽ رب کان هن طرح دعا گھريائون :
غوراب غريبن جو پاڻيءَ ۾ پرتوءِ
سائين ساٿ سندوءِ پار بندر پهچائيين ( شاھ )
ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي هيءُ معصوم جوڙو دنيا و مافيها کان بي خبر ٿي هلندو رهيو. قدرت جي ڳود ۾ دريا ءَ جون لهرون نفيس هوا ٿپڪي هڻي مٺي سر سان لولي ڏيئي کين سمهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. مالڪ جي مهر سان ماٺ ئي ماٺ ۾ ٻيڙي هلندي ڪن ڪپيندي،سير مان سر ٿي نچندي، ٽلندي اچي قلعي واري سرنگھه وٽ پهتي. پوءِ بهار، گل ۽ دائيءَ کي وٺي، ٻيڙي ڪناري سان اٽڪائي، اڳ سکيل اٽڪل سان سرنگھه جي دروازي وارو پٿر هٽائي اندر گھڙي وري دروازو بند ڪري اڳتي روانو ٿيو.
جڏهن ٽيئي ڄڻا کاڌو کڻي نواب وٽ پهتا تڏهين نواب ٻنهي ٻالڪن کي ڇاتيءَ سان لائي سندن بدحاليءَ تي لڙڪ ڳاڙي دل جو بار ڪي قدر هلڪو ڪيو. پوءِ بهار جي زور ڀرڻ تي ڪجھه کاڌو کائي، پاڻي پيتو ۽ خدا وند ڪريم جو شڪر بجا آندو. ان بعد رئڻهارڪي آواز ۾ چوڻ لڳو :
پيارا بهار! هاڻي ڇا ٿيندو ؟ ويچارو بهار ڪهڙو جواب ڏئي، سواءِ آنسون وهائڻ جي ٻيو ڪوبه جواب ڏيئي نه سگھيو
آخر سج اڀرڻ کان ڪلاڪ کن اڳ ٽيئي ڄڻا گنگا ڪناري پهچي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ساڳيءَ جھوپڙيءَ ۾ پهتا. بدنصيب نواب قبرستان ۾ ئي رهيو .
هاڻي بهار جو اهو روزانه جو دستور ٿي ويو جو روز سج لهڻ بعد ڪجھه کاڌو کڻي، گل دائيءَ کي وٺي قلعي واري سرنگھه اندر پيءُ وٽ ويندو هو ۽ سج اڀرڻ کان ڪلاڪ کن اڳ واپس ان جھوپڙيءَ ۾ ايندو هو. پوڙهي لاءِ ڪجھه نه ڪجھه کڻي ايندو هو جنهن ڪري هو به ماٺ ۾ رهيو.