5
ڪڏهن منجھه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا ( شاھ )
بهار، والد جي فرموده موجب جلد از جد گل ۽ دائيءَ کي ساڻ وٺي سرنگھه رستي گنگا ڪناري پهتو. جا سرنگھه جي ٻئي پاسي بالڪل لڳ پئي وهي. اتفاق سان اتي هڪ ڇوٽي ٻيڙي به ٻڌل هئي. بس! پوءِ گل ۽ دائيءَ سوڌو ان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ مير قاسم جي واٽ نهارڻ لڳو.
هن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيندو ڏسي هڪ مهاڻو جوان ٻيڙيءَ جو مالڪ هو سو به ڊوڙندو اچي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ هنن کي سڃاڻي، اول نئڙي سلام ڪيائين ۽ پوءِ هن طرح کويا ٿيو.
حضور سلامت جلدي ڀڄو چئو ته توهان کي ڪٿي پهچايان ؟ اوهان جي والد محترم کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چو طرف انگريزي جاسوس گھمي رهيا آهن. بهار اکين ۾ پاڻي آڻي چيو ته : ٿورو صبر ڪر !منهن جو پيءُ اجھو ٿو اچي ! ائين چئي وري سرنگھه طرف ٽڪٽڪي لڳائي نهارڻ لڳو. اجھو آيو اجھو آيو ڪندي هڪ ڪلاڪ گذري ويو پر نواب نه آيو. پوءِ ته بهار کي هڪ پل به سال برابر گذرڻ لڳو. نزديڪيءَ ۾ قلعي جي ٻئي پاسي انگريزن جا سوڀ جا نقارا وڄي رهيا هئا، ۽ توبون ڇٽي رهيون هيون. سپاهين جي نعرن هل ۽ گوڙ کان ڪن ئي ٻوڙا ٿي، ٿي ويا. اهڙي وقت ۾ ويچارو بهار ڀيڻ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو نواب جون راهون تڪي رهيو هو.
دير ٿيڻ ڪري مهاڻو جاسوسن جي ڊپ کان ٻيڙي هلائڻ لڳو. ان وقت بهار جي نازڪ دل تي اها سخت چوٽ لڳي جنهن جو اندازو فقط اها دل ڪري سگھندي جنهن کي اهڙو واقعو پيش آيو هوندو.
اول تي هن نوابي جوش ۾ اچي مهاڻي کي ٻيڙي هاڪارڻ کان روڪيو مگر جڏهين مير بحر نه مڃيو لاچار کيس منٿيون آزيون ڪيائين پر مهاڻو سڀ ڪجھه ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪشتي ڪاهيندو رهيو.
مهاڻي کي ڊڄڻ لاءِ سبب به هو، ڇاڪاڻ ته فتح جو نقارو وڄائيندي ڪيترا انگريز گنگا جي ڪناري ڏي وڌي رهيا هئا. اها جي ٻيڙيءَ ۾ سوارٿيلن کي ڏسي وٺن ها نه ضرور کين شڪ ۾ گرفتار ڪن ها ۽ جيڪڏهين کين خبر پئجي وڃي ها ته هي نواب جا ٻار آهن ۽ مهاڻو کين ڀڄايو پيو وڃي، ته هنن معصوم ٻارن کي شايد ڪجھه به نه کڻي ڪن ها پر ويچاري مهاڻي تي ضرور ڪا وڏي مصيبت اچي ڪڙڪي ها.
اهو سڀ سوچي سمجھي مهاڻي بهار جي دانهن ڏي ڪجھه به ڌيان نه ڏنو ۽ ساھ جي ڊپ کان ٻيڙيءَ کي جلد وٺي وڃي وچ درياءُ ۾ پهتو.پر افسوس! اڃا مير قاسم جو ڪوبه پتو ڪونه هو ۽ بهار جي نظر اڃا سرنگھه ۾ لڳل هئي.