ناول

گلبهار (ٻه معصوم مکڙيون)

ڪتاب ”گلبهار (ٻه معصوم مکڙيون)“ نصرپور سان تعلق رکندڙ استاد، شاعر، اديب ۽ قلمڪار محترم سعد الله ”سپاهي“ ابڙو جو لکيل ناول آهي جيڪو 1961ع ۾ ڇپايو ويو.
سائين محمد خان خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، سندس ٿورائتا آهيون جو پاڻ هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿن.
Title Cover of book گلبهار (ٻه معصوم مکڙيون)

1

سڀيئي سبحان جي ،ڪر حوالي ڪم،
ٿي تحقيق تسليم ۾ لاهي غم وهم،
قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو.

گنگا نديءَ جي کاٻي ڪناري تي، ڀاڳلپور جي اڀرندي پاسي، ڪلڪتي کان 25 ميل اتر طرف منگھير نالي شهر آهي، ان کان ٿورو پرڀرو سگھير جو قلعو آهي. جنهن جو اوج ڪنهن سمي ڏاڍو هو، پر هينئر ڀڳو ٽٽو مرمت کان سواءِ اجڙ ٿيو پيو آهي. قلعي جي سامهون گنگا نديءَ جي ڪناري تي هڪ گھاٽ جي پاسي ۾ اڄ تائين هڪڙي سرنگھه آهي جا اندران ئي اندر ڪيستائين ويئي آهي، ۽ منجھانئس ڪهڙن طرفن ڏي واٽون وڃن ٿيون، ان جي خبر بالڪل ڪي ٿورا ماڻهو ڄاڻندا هوندا يا ته هاڻي خبر ئي ڪانه هوندين.
هن ننڍڙي ناول ۾ جنهن عجيب اسرار جو اظهار ٿيل آهي، ان سان هن سرنگھه جو گھڻو لاڳاپو آهي، ان ڪري قارئين ڪرام کي هيءَ سرنگھه ياد رکڻ گھرجي.
هندستان جي تاريخ پڙهندڙن کي خبر هوندي ته بنگال جي نواب سراج الدولھ تمام عاليشان نموني سان حڪومت هلائي. کيس ملڪ جي واپار ۽ مالي حالت سڌارڻ جو ايترو ته خيال هو، جو انگريزن ۽ فرينچن کي اول اول پنهنجي ملڪ ۾ واپاري ڪوٺيون کولڻ جي اجازت ڏنائين، نه رڳو ايترو بلڪ انهن جي مال تان محصول به معاف ڪيائين ۽ سندن سڄو بچاءُ جو ذمو به پنهنجي سر تي کنيائين، پر انگريزن جي نيت صاف نه هئي “ آئي ٽانڊي لاءِ ٿي ويٺي بورچياڻي ” جي مصداق اٽلو قلعا ٺهرائڻ لشڪر ۽ جهاز گڏ ڪرڻ لڳا ۽ ڏيهي واپارين کان رشوتون وٺي، کين به بنا محصول پنهنجي نالي مال گھرائي ڏيڻ لڳا.
( ڀارت ۾ انگريزي راج جلد ص 40 )نواب سراج الدولھ انگريزن کي ڪيترائي دفعا اهڙن ڪمن کان باز اچڻ لاءِ تنبيهه ڪئي. مگر هو اٽلو کيس ڪمزور سمجھي، وڌيڪ ارڏايون ڪرڻ لڳا، تنهن ڪري لاچار سراج الدولھ لشڪر وٺي سندن قاسم بازار واري ڪوٺيءَ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ انگريز پيش پيا ۽ معافي ورتائون ، جنهن ڪري نواب واپس آيو ۽ انگريزن جي ڪوٺيءَ وارو سڀ سامان سئيءَ سڳي سوڌو کين واپس ڪيائين ۽ کانئن ڪو جنگي ڏنڊ به نه ورتائين. فقط هن خيال سان ته هي ويچارا واپاري آهن ۽ پيڙهجي نه وڃن.
ان بعد انگريزن هڪ نئين چال چلي، جو پنهنجا جاسوس موڪلي نواب جي لشڪر جا ڪيترائي وڏا عملدار خود نواب جو مامو، سهرو ۽ سپھ سالار مير جعفر خان به لالچ ۽ رشوت سان مخالف بنائي ڇڏيائون ۽ پڻ کيس انجام ڏنائون ته “ سراج الدولھ ” بعد کيس گاديءَ تي وهاريو ويندو ”
سنه 1757 ع ۾ خود انگريزن نواب تي ڪاهيو ۽ پلاسيءَ وٽ سخت جنگ لڳي. جنهن ۾ مير جعفر پنهنجو لشڪر وٺي وڃي انگريزن سان مليو ۽ نواب کي شڪست آئي. ان بعد انگريزن مير جعفر کي اڳڙيءَ جو گڏو بنائي تخت تي ويهاري کانئس نذر و نياز ۾ من مانيون رقمون حاصل ڪري “ مال مفت دل بي رحم ” جي مثال وانگر سارو سراج الدولھ جو خزانو خالي ڪري ڇڏيو.
مير جعفر جڏهين اها حالت ڏٺي تڏهين کيس ڪجھه هوش آيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته “ مون پنهنجو تن من ڌن ۽ عزت انگريزن وٽ ان حڪومت جي عيوض وڪيو آهي، جا اصل اسان جي آهي. مون کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو، ڇو ته انگريز اسان جا پڪا دشمن آهن سندن منحوس پاڇي کان پنهنجي وطن هند کي عام طرح ۽ سر زمين بنگال کي خاص طرح آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ کپي ”
مير جعفر جھڙي سونيءَ جھرڪيءَ کي هٿن مان ويندو ڏسي انگريزن وري سندس مخالفت ۾ سندس ناٺي مير قاسم کي کڙو ڪيو ۽ نيٺ مير جعفر تي ڪوڙيون تهمتون رکي، کيس تخت تان لاهي مير قاسم کي تخت ڏنائون. حڪومت کسجڻ بعد مير جعفر انگريزن خلاف گھڻيئي سازشون سٽيون پر چوندا آهن ته “ اب ڪيا ڪري هوت – چڙيان چگ گئين کيت ” سندس مراد پوري نه ٿي ۽ وڃي قبر داخل ٿيو.
ڪيترن ڏينهن بعد مير قاسم به محسوس ڪيو ته آئون سڄو غلاميءَ جي ڄار ۾ جڪڙجي چڪو آهيان انڪري سندس دل ۾ آزاديءَ جا امنگ پيدا ٿيا ۽ هو به بنگال، بهار ۽ اوڙيسا مان انگريزن کي ڪڍڻ جا اپاءُ سوچڻ لڳو. ڳجھه ڳوھ ۾ ڪوششون ڪندي ڪندي، آخر هڪ ڏينهن ظاهر ظهور انگريزن خلاف جنگ جو بگل وڄايائين. جيڪڏهن مير جعفر شروعاتي نواب سراج ا لدولھ سان غداري نه ڪري ها ته انگريزن جا پير هندوستان ۾ هرگز کپي ڪين سگھن ها.
ڪنهن شاعر ان بابت چيو آهي ته :
جعفر از بنگال و قاسم از دکن – ننگ دين و ننگ اخلاق و ننگه وطن