ناول

گلبهار (ٻه معصوم مکڙيون)

ڪتاب ”گلبهار (ٻه معصوم مکڙيون)“ نصرپور سان تعلق رکندڙ استاد، شاعر، اديب ۽ قلمڪار محترم سعد الله ”سپاهي“ ابڙو جو لکيل ناول آهي جيڪو 1961ع ۾ ڇپايو ويو.
سائين محمد خان خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن هجڻ سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي، سندس ٿورائتا آهيون جو پاڻ هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿن.
Title Cover of book گلبهار (ٻه معصوم مکڙيون)

2

پوئين رات پهي سامين سفر چتائيو
آڻي الوهيت ۾ جوڳين جاٽ هنئي
وحدت جي ولات ويا ويراڳي وهي
رام سهي
ڪنوتيا ڪهي پريا پورب پار ڏي
“ مصري ”

مرشد آباد ۾ ڀاڳيرتي ندي جي ڪپ تي، مير قاسم جو عاليشان محلات سج جي روشنائي پوڻ سبب گويا تجلا ڏيئي رهيو آهي. اڳيان شاهي باغ ۾ سرو و سنبل، رابيل ورتن، موتئي ۽ گلاب جا ڌار ڌار چمن آهن.هر چمن وٽ ڦوهاري مان گويا موتي پيا ڇٽڪارجن. شاهي محلات جا سڀ ڪمرا به ڪشادا ۽ سينگاريل آهن. ڀتين تي گلڪاري ۽ نقشڪاري ۽ چٽسالي ٿيل آهي. ڇت ۾ عاليشان جھاڙ ٽنگيل آهن. فرنيچر به سڀ سهڻو ۽ صاف رکيل آهي. هر هنڌ عاليشان قالين ۽ غاليچا وڇايل آهن. درن ۽ درين تي سنها ۽ سهڻا پردا ٽنگيل آهن. پر انهن ايترين دلچسپين هوندي به سڄي محلات جو درو ديوار اداس ڏسڻ ۾ پيو اچي.محل ۾ خادمن ۽ ٻانهن جي ڪا چهل پهل ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. هڪ عاليشان شاهي ڪمري ۾ عمدي مخملي پلنگ تي هڪ تمام نازنين ۽ حسين پر ضعيف عورت بيمار حالت ۾ ڪنجھي رهي آهي. ان جي سيرانديءَ کان هڪ زرنگار ۽ جواهرن جڙيل ڪرسيءَ تي مير قاسم پڻ مغموم حالت ۾ ويٺو آهي. هڪ سهڻيءَ ٽپائيءَ تي دوائن جا شيشا گلاس ۽ چمچا رکيل آهن.
اها بيمار راڻي آهي مير جعفر جي نورِ نظر نياڻي ۽ مير قاسم جي جان جگر بيبي “ مينا بيگم ” جا ڪيترو عرصو بيمار گذارڻ بعد هينئر گويا موت جي ملائڪ سان ملاقات ڪري رهي آهي، يعني سندس آخري وقت آهي. ۽ فاني دنيا کي ڦٽو ڪري باقي جهان ڏي وڃڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
سڪرات جي سختيءَ سبب سندس چنڊ جھڙي چهري مٿان گرهڻ وانگر ڦڪائي ڇائنجي ويئي آهي ۽ سندس اکين مان آنسون جاري آهن. مينا بيگم جو هٿ مير قاسم جي هٿ ۾ آهي. هو به پنهنجي پياري بيگم جي پڄاڻيءَ جو وقت ڏسي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. پاسي ۾ ٻه معصوم ٻار پنهنجي ماءُ کي ههڙي حال ۾ پيل ۽ پيءَ کي روئندو ڏسي روئي رهيا آهن. انهن ٻارڙن مان هڪ ڇوڪرو ۽ ٻي ڇوڪري آهي. اهي ٻئي ٻار جاڙا ڄاول آهن، رنگ ۽ روپ، عمر اوستا، خال وخد ۽ چال چلت ۾ سڀڪنهن طرح هڪ جھڙا آهن. ڇوڪر جو نالو “ بهار ” ۽ ڇوڪري جو نالو “گل ” آهي سندن عمر ٽي سال کن ٿيندي. جنهن محل ۾ مينا بيگم سمهي پيئي آهي ان جي پاسي واري ڪمري ۾ نواب جا ڪيترا نوڪر چاڪر، وزير وڪيل ،مصاحب ۽ حڪيم ويٺل آهن.پر اهي سڀ مغموم ۽ چپ چاپ ايندڙ آپدا تي آنسون وهائي رهيا آهن.
ٿوري وقت کان پوءِ ماٺ جي مهر ٽوڙي تمام هيڻي ۽ جھڪي آواز ۾ مينا بيگم مير قاسم جو هٿ جھلي روئي چوڻ لڳي :
“ پيارا ! هاڻي هيءَ ڪنيز..... موڪلائي ٿي.........دل شاهدي ڏيئي رهي آهي...... جنت ۾ پاڻ ٻنهي جي اها دائمي ملاقات ٿيندي، جنهن کي وري ڪڏهن به جدائي جي باھ جلائي نه سگھندي...... افسوس صد افسوس ان ڪري هن ٻانهيءَ جي گناهن کي درگذر فرمائجو........... پيارا ! مان وڏي ڪم بخت عورت آهيان مگر منهنجي آخرين التجا آهي ته “ جڏهين منهن جا هي ٻئي ٻچا اما اما ڪري مون لاءِ روئندا. تڏهين توهين انهن ٻنهي بي سمجھه ٻالڪن کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي دلداري ڏجو ”....... هي ٻئي معصوم مکڙيون اوهان جون ئي آهن، ان ڪري وڌيڪ آئون اوهان کي ڇا چوان ؟........ پر خيال رکجو، جيئن هنن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچي، ڇو ته هي ٻئي اوهان وٽ منهن جي امانت ۽ نشاني آهن، بس وڌيڪ هوءَ ڪجھه به ڪڇي نه سگھي ۽ ايترو چوندي چوندي کيس ٻه هڏڪيون آيون ۽ هن دنيا کي الوداع ڪري ويئي، پر مير قاسم جهڙي سورهيه دل کي به پاڻي پاڻي ڪري ويئي.
نواب، “ انا لله و انا اليھ راجعون ” جا لفظ اچاري مرحومه مٿان چادر وجھي ڳوڙها ڳاڙهيندو ٻاهر نڪتو پيءُ کي روئندو ڏسي ٻئي ٻار به سڏڪا ڀري روئڻ لڳا. نواب جي اشاري تي دائي ٻنهي ٻارن کي اتان وٺي ويئي ۽ پوءِ تياري ڪري مينا بيگم کي قبرستان ڏي نيو ويو جتي شاھ لطيف رحه جي چوڻ موجب :

سڄڻ سينگاري ڪيائون منهن مقام ڏي
کڻي کٽولو هليا لوڪان نظاري
لائي رکيائون لطيف چئي قبر ڪناري
سنئون سمهاري ڌڙ لٽيائونس ڌوڙ ۾.

اها حسين نو خيز ۽ نو عمر عورت جنهن جي نازڪ بدن تي بوندون به ڪنڊن وانگر چڀنديون هيون، جا بجليءَ جي چمڪ ۽ بادل جي ڪڙڪ کان ڊڄي محل جي اندرئين ڪمري ۾ وڃي لڪندي هئي، انتي هاڻي ڀلي موسلا ڌار مينهن وسندو رهي ته به پرواهه نه اٿس. اها نازڪ ۽ نفيس عورت، جنهن جي بدن تي ڪڏهن ڪا دز به نه پيئي سا اڄ لکين مڻ مٽيءَ هيٺ مدفون هوندي به ماٺ جي مهر هڻيو پيئي آهي.
سچ آهي ته :

ڪڏهين ڳاڙهو گھوٽ، ڪڏهين مڙه مقام ۾
واريءَ سندو ڪوٽ اڏي اڏبو ڪيترو.
.........
فاني ني فاني ! دنيا دم نه هڪڙو
لٽي لوڙهه لتن سين جوڙيندءِ جاني
ڪوڏر ۽ ڪاني آهي سِر سڀڪنهين

(شاھ )