پنهنجي پاران
زندگيءَ جو دارومدار عملن تي آهي، عمل ٻه قسم آهي. هڪ عمل قولي ۽ ٻيو عمل فعلي آهي، مگر “هدايت” قولي ۽ فعلي عمل آهي.
“هدايت” جو ذريعو فقط الله تعاليٰ عزوجل آهي “قُلۡ اِنَّ هُدَي اللهِ هُوَ الۡهُدَيٰ پاره 7، سورة انعام (يعني اي “محمد رسول” صلي الله عليه وسلم کلي عام ماڻهن کي) چئي ڇڏ ته بلاشڪ الله هدايت ئي هدايت آهي.
“هدايت” الله تعاليٰ جي ذريعي انبياء تائين، انبياء کان اصحابن تائين، اصحابن کان تابعين تائين، تابعين کان تبع تابعين تائين، تبع تابعين کان اولياءَ تائين ۽ اولياء کان عوام الناس تائين پهچندو رهيو آهي.
“هدايت” دنياءَ آخرت جي هر علم کي محيط آهي، علم به ٻه قسم آهي. هڪ علم هدايت ۽ ٻيو علم هنر آهي. “علم هدايت” اعمال و نيّات ۽ اخلاقيات جي سڌاري لاءِ آهي، باقي علم هنر فقط دنيا جي ترقي ۽ روزي ڪمائڻ جو واحد وسيلو آهي. اهڙيءَ طرح هيءَ دنيا آخرت لاءِ ڪمائڻ جو هڪڙو ئي هنڌ آهي، تنهن ڪري هنر هن دنيا جي لاءِ آهي ۽ هدايت آخرت جي لاءِ آهي.
الله جي هدايت فقط قرآن مجيد جي ذريعي آهي، جنهن کي ڪَمَاحَقَةٗ سمجـهـڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ آخري نبي و رسول “محمد رسول الله” صلي الله عليہ وسلم جي ضرورت پئي، هينئر انبياء جو سلسلو ختم آهي مگر آخري نبي “محمّد رسول الله” صلي الله عليہ وسلم جي حيات طيبه نظامِ حيات لاءِ ڪافي آهي، جنهن ۾ هدايت ربي ۽ افعال و اقوال رسول صلي الله عليه وسلم جي ذريعي عوام الناس کي هدايت ملڻ ممڪن آهي. اهڙي هدايت جا سرچشما خود اصحاب رسول، تابعين، تبع تابعين ۽ اولياء الله آهن.
اولياءَ الله جو سلسلو قيامت اچڻ تائين رهندو. هاڻي اولياءَ الله ئي هدايت جا ذريعا آهن. البت انهن کان علاوه اهي ماڻهو به هدايت جا ذريعا آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ مشاهدات ۽ تجربات جي ذريعي بهتري ڪري، پنهنجي عقلِ سليم جي ذريعي بهتر فعل يا قول پيش ڪن ٿا ته جئين ٻيا به انهيءَ راهه جا راهي ٿي “هدايت” کي پهچن ۽ عمل صالح ڪندي پنهنجو ۽ ٻين جو ڀلو ڪن.
بحرڪيف دنيا ۽ آخرت جي ڀلائيءَ لاءِ تمام مختصر طور ۽ تمام ٿورڙن هستين جا اقوال قلمبند ڪيا آهن ته جئين پڙهي پر جهي دنيا ۽ آخرت کي سنواري وٺون ڇو ته هيءَ دنيا آخرت جي کيتي آهي. آءٌ مانواري سائين سرمد چانڊئي جو شڪرگذار آهيان جنهن بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو ۽ انهن دوستن جو احسان مند آهيان جن علمي ۽ فني صلاحون ڏنيون انهن ۾ سرمد چانڊيو، عزيز قاسماڻي، اصغر جان کوسو، حيدري لال ڏنو رند، حضور بخش بروهي، قمرالدين مغيري شامل آهن.
17 جنوري 2012
فقير محمد سنڌي
علي مرتضيٰ جو گهر
جيلس بازار لاڙڪاڻو