شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه
[/b](470هه - 561هه)
جيلان ۾ پيدا ٿيو. والد بزرگوار جو نالو سيد ابو صالح ۽ امڙ سائڻ جو نالو فاطمه هئس. ماءُ پيءُ جي نسب مطابق حضرت سيدنا علي المرتضيٰ سان ملن ٿا. صاحب ڪرامت بزرگ هيو. علم تفسير، حديث، فقه، ڪلام لغت، نحو، مناظره، النساب ۽ قراعت ۾ ڪمال حاصل هئس. ۽ ڪافي ڪتابن جو خالق به هيو.
[b]حضرت غوث پاڪ رحمة الله عليه
[/b]
• تنهنجي ڳالهائڻ مان خبر پئجي ويندي ته تنهنجي دل ۾ ڇا هي.
• عقل وارو پهريان دل کان پڇندو آ پوءِ وات سان ڳالهائيندو آ.
• جيڪو ماڻهو پنهنجي نفس جو استاد ناهي، اهو ٻين جو استاد ڪيئن ٿي سگهندو.
• جنهن مخلوق کان گهريو اهو رب پاڪ جي در کان اَنڌو آهي.
• تون نفس جي تمنا پوري ڪرڻ ۾ مصروف آهين ۽ اهو توکي برباد ڪرڻ ۾.
• بدگماني گهڻن فائدن کي بند ڪري ڇڏي ٿي.
• ايئن ڏسو جو ڏسي ٿو. ايئن محبت ڪريو جيئن توهان سان محبت ڪري ٿو. ان جي ٻڌو جيڪو توهان جي ٻڌي ٿو. پنهنجو هٿ ان کي ڏيو جيڪو وٺڻ لاءِ تيار آهي.
• الله تعاليٰ جي دشمنن کي راضي رکڻ عقل ۽ دانش کان پري هجڻ آهي.
• تون ڪوشش ڪندو ڪر ته گفتگو جي شروعات تنهنجي طرف کان نه ٿيڻ گهرجي ۽ تنهنجو ڳالهائڻ جواب ٺاهي.
• موت کي ياد رکڻ نفس جي تمام بيمارين جي دوا آهي.
• خالق جو فرمانبردار اهو آهي، جيڪو مخلوق تي شفقت ڪري.
• ظالم مظلوم جي دنيا خراب ڪندو آهي ۽ پنهنجي آخرت.
• غير ضروري ڳالهه جو جواب ڏيڻ کان زبان کي بند رک تانجو تون فضول ڳالهه ڪري نه ويهين.