حضرت امام ابو حنيفه رحمة الله عليه
[/b](80 هه - 150 هه)
[b]فقہ حنفي جو باني؛-
[/b] نالو نعمان، ڪنيت ابوحنيفه ۽ لقب امام اعظم، ڪوفي ۾ پيدا ٿيو، جن جو شاگرد رهيو امام محمد ۽ امام يوسف جا نالا قابلي ذڪر آهن، الاثار نالي ڪتاب مرتب پاڻهن فلاح ۽ بهبود جا ڪم هن جو منشور هيو. حضرت ابو هريره ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته منهنجي بعد هڪ اهڙو مرد ظاهر ٿيندو جيڪو منهنجي امت ۾ امام ابو حنيفه جي نالي سان سڃاتو ويندو. ۽ ان جي هٿ تي الله تعاليٰ منهنجي سنت کي زنده رکندو.
[b]حضرت امام ابو حنيفه رحمة الله عليه
[/b]
• علم دنيا جي نفعي لاءِ حاصل ڪيو وڃي ته دل ۾ گهر ناهي ڪندو.
• جيڪو علم کي دنيا حاصل ڪرڻ لاءِ پرائي ٿو. علم ان جي دل ۾ جڳهه نه ٿو ٺاهي.
• جنهن کي علم معاصي ۽ خراب ڳالهين کان باز نه رکيو ان کان وڌيڪ گناهه گار ڪير ٿو ٿي سگهي.
• دنيا سان گڏ تعلقات گهٽ ڪرڻ اها ئي انسان دنيا کان ضروري شيون کڻي ۽ غير ضروري ڇڏي ڏي.
• آخرت جي گرم گرزن کان دنيا ۾ ڪوڙا کائڻ بهتر آهي.
• ڪوئي به توهان سان سهڻو سلوڪ ڪري يا نه ڪري اوهان ان سان
بهترين ورتاءُ ڪيو.
• عفو ۽ درگذر کان ڪم وٺو ۽ هميشه ڀلائي جي تعليم ڏيو.
• جيئن به ٿي سگهي ماڻهن ۾ محبت ۽ اخوت جو اظهار ڪريو.
• سڀني کي سلام ڪيو. جيڪڏهن اهي ڀلي خراب به ڇونه هجن پنهنجي نفس ۽ پنهنجي احوال جو خيال ڪيو. بدامني پيدا نه ڪيو ڀلي توهان سان ڪو ائين ڪري به توهان انهن سان هرگز ايئن پيش نه اچو.
• ڪنهن کي خوشي حاصل ٿي ته ان کي مبارڪ ڏيو.
• جيڪڏهن ڪنهن کان غلطي ٿي وڃي ان کي معاف ڪيو.
• هر هڪ سان سهڻي نيت سان پيش اچو.
• جيڪڏهن ڪوئي مصيبت ۾ گرفتار ٿي ته ان جي مدد ڪريو.