ڏاهپ / اخلاقيات

عظيم هستين جا عظيم قول

ڪتاب ”عظيم هستين جا عظيم قول“ نامياري ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جو مرتب ڪيل آهي.
”عظيم هستين جا عظيم قول“ حضور ﷺ اصحاب ، اولياء الله ۽ انهن کان علاوه درويشن، حڪيمن، فلاسافرن، سياڻن ۽ دانائن جي اقوال ۽ اخلاق تي هڪ اجمالي نظر سان مختصر پر جامع انداز تيار ڪيل مجموعو آهي. هن ڪتاب جي پڙهڻ سان خودشناس انسان پاڻ ۾ ضرور تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته انسان کي انسان جي قول ۽ فعل جي سهاري جي ضرورت آهي.
Title Cover of book عظيم هستين جا عظيم قول

حضرت حڪيم لقمان

[b]حضرت حڪيم لقمان
[/b]
حضرت لقمان بن باعور بن ناحور تارخ آهي. وهب جو قول آهي ته حضرت لقمان ايوب عليہ السلام جو ڀاڻيجو هو. مقاتل چيو ته حضرت ايوب عليہ السلام جي ماسي جو پٽ هو. واقدي چيو ته بني اسرائيل ۾ قاضي هو ۽ هي به چيو ويو آهي ته پاڻ هزار سال زنده رهيو ۽ حضرت دائود عليہ السلام جو زمانو لڌائين ۽ ان کان علم حاصل ڪيائين ۽ ان جي زماني ۾ فتويٰ ڏيڻ ڇڏي ڏنائين، جيتوڻيڪ اڳ ۾ فتويٰ ڏيندو هو. سندس بنوت ۽ اختلاف آهي. گهڻا عالم انهيءَ طرف آهن ته پاڻ حڪيم هو، نبي نه هو. حڪمت عقل ۽ سمجهه کي چوندا آهن. قرآن پاڪ ۾ سورة لقان جيڪا حڪيم لقمان جي نالي سان آهي. سورة لقمان ۾ حڪيم جي پٽ جو ذڪر به ملي ٿو.
حضرت لقمان حڪيم جي نالي سان گڏ حڪيم جي معنيٰ حڪمت ڪرڻ وارو (يوناني طبيب) ۽ ڊاڪٽر نه آهي پر حڪيم ان ڪري سڏيو ويو آهي جو الله تعاليٰ کيس سمجهه، سياڻپ، دانائي ۽ ڏاهپ جو مالڪ بڻايو.
قرآن پاڪ ۾ فرمان آهي ته اسان لقمان کي وڏي حڪمت، سمجهه ۽ سياڻپ عطا ڪئي آهي. حڪيم لقمان حسحاس قبيلي جي هڪ رئيس وٽ غلام هو. حڪيم لقمان سدائين سچ ڳالهائيندو هو، هميشه رزق حلال کاڌائين ۽ خلق کي وعظ ڪندو هو ۽ سدائين سوچ ويچار ۽ فڪر جي حالت ۾ رهندو هو. حضرت لقمان حڪم پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو؛
“الله تعاليٰ سان شرڪ اصل نه ڪجانءِ والدين جي احسانن جو به شڪر ڪجي. الله کان ڪابه شي ڳجهي نه آهي، الله تعاليٰ هر جاءِ تي ڏسي ۽ پسي ٿو. نماز پابندي سان قائم ڪندو رهه. ماڻهن آڏو وڏائي ڪري زمين تي نه هل، ڇو ته الله کي آڪڙ ۽ وڏائي پسند نه آهي. حضور اڪرمﷺ جي زماني ۾ “سويد” نالي عرب وٽ حڪيم لقمان جو رسالو جنهن ۾ نصيحتون سهڻا سخن لکيل موجود هو”.
حضرت لقمان حڪيم جي آخري آرام گاهه فلسطين جي علائقي ۾ آهي.

[b]حضرت حڪيم لقمان
[/b]
• جيڪا ڳالهه ماڻهن کي خراب لڳي اها نه ڪر.
• جڏهن خلقت وٽ اچين ته زبان جي نگهباني ڪر.
• بي عمل ۽ بي علم کان پاسو ڪر.
• ڪابه شيءِ تنهنجي ويجهو نعمت آخرت کان وڌيڪ پياري نه هجي.
• حڪمت ۽ دانائي مفلس کي بادشاه بڻائي ٿي.
• رستي ۾ بزرگن کان اڳ ۾ نه هل اها بي ادبي آهي.
• وقت جي جيڪڏهن قيمت آهي ته ان جو صحيح استعمال ڪر.
• جدوجهد نه ڪرڻ محتاجي جو ڪارڻ آهي.
• پنهنجي راز کي لڪائي رکجانءِ ۽ پنهنجي عزت بچائجان.
• ڪاوڙ هرگز نه ڪر ان جي شروعات چريائپ آهي ۽ آخرت پشيماني.
• عقل مند جي دوستي اختيار ڪر ان ۾ فائدو وڌيڪ آهي.
• سج اڀرڻ جي وقت نه سم ڇاڪاڻ ته اهو وقت عبادت جو آهي، ان وقت سمهڻ بد بختي آهي.
• عقل جهڙي ڪابه دولت ناهي ۽ جهالت جهڙي ڪابه غريبي ناهي.
• جيتري حد تائين ٿي سگهئيءَ ماڻهن کان پري رهه تان جو تنهنجي سلامت ۽ نفس پاڪ رهي.
• علم دل ايئن زنده رکندو آهي جيئن مينهن جو پاڻي خشڪ زمين کي.
• خدا ۽ موت کي ڪڏهن به نه وسار پنهنجي نيڪي ۽ ٻين جي برائي کي وساري ڇڏ.