حضرت محمد ﷺ
[/b]
پيغمبر اسلام، خاتم النبيين فخر ڪائنات احمد مرسل پاڻ ڪريم 22 اپريل 571ع ۾ ڏينهن سومر مڪي مڪرم ۾ حضرت عبدالله پٽ عبدالمطلب جي گهر پيدا ٿيا. والده ماجده جو نالو حضرت بي بي آمنه هو چاچي جو نالو حضرت ابوطالب ڏاڏيءَ جو نالو فاطمه بنت عمرو، ناني جو نالو وهب پٽ عبدمناف ۽ نانيءَ جو نالو برهه بنت عبدالعزي عربن جي دستور مطابق پاڻ ڪريم جو ننڍپڻ حضرت حليمه سعديه جي هنج ۾ گذريو.
12 سالن جي عمر ۾ پنهنجي چاچي سان گڏ شام ملڪ ويو جيڪو نبي ڪريم ﷺ جو پهريون سفر هو واپار جي لحاظ کان، رستي ۾ راهب حضور ﷺ جي نبوت جي تصديق ڪئي. 25 سالن جي عمر ۾ پاڻ ڪريمن شادي حضرت خديجه سان ڪئي. حضرت خديجه جي ان وقت عمر 40 سال هئي. نبوت کان اڳ پاڻ ڪريم ﷺ غارِ حرا ۾ ويندا هئا. 610ع ۾ جڏهن پاڻ ڪريمن جي عمر 40 سال ٿي ته حضرت جبريل عليہ السلام وحي کڻي آيو ۽ فرمايائين ته الله پاڪ توهان کي پيغمبر مقرر ڪيو آهي. پهرين وحي پاڻ ڪريمن تي جيڪا نازل ٿي اها هئي “پڙهه الله جي نالي سان جيڪو توهان جو رب آهي. جنهن پيدا ڪيو انسان کي خون جي ڊڳ مان ۽ توهان جو رب بزرگي وارو آهي”. نزول وحيءَ جو سڄو قصو حضرت خديجه کي ٻڌايائون حضرت خديجه پنهنجي رشتيدار ورقه پٽ نوفل وٽ وٺي وئي. جيڪو وڏيءَ عمر جو ضعيف هو جنهن جي اکين جي روشني ختم هئي، العصر نصراني مذهب جو هو ۽ ديني علم کان بخوبي واقف هو، ان سڄي ڳالهه ٻڌي ڪري چيو هيءُ اهو ئي ناموس بقول توريت آهي، جيڪو موسيٰ عليہ السلام وٽ آيو هو، پاڻ ڪريم تي جن ايمان آندو انهن ۾ پهرين پنهنجي گهرواري حضرت خديجه پنهنجو غلام زيدبن حارث پاڻ ڪريمن جو دوست حضرت ابوبڪر ۽ سؤٽ حضرت علي المرتضيٰ شامل هئا، ان دوران پاڻ ڪريمن تبليغ جو سلسلو شروع ڪيو، ان دوران پاڻ ڪريمن کي تمام گهڻيون تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو، ڪفار ۽ مشرڪين جا رويا انتها تي پهچي چڪا هئا..
622ع ۾ حضرت ابوبڪرؓ کي گڏ ڪري مڪي مڪرم کان مديني شريف هجرت فرمائي. پاڻ ڪريمن جنگ بدر، جنگ احد، ۽ جنگ خندق ۾ حصو ورتو 1000 هزار صحابه جي نگراني ۾ مڪو مڪرم فتح ٿيو مڪي مڪرم کان پاڻ ڪريم معراج تي روانا ٿيا، 9 هجري ۾ حضور ﷺ. حضرت ابوبڪر ؓ جي قيادت ۾ پهريون قافلو حج لاءِ روانو ڪيو. 10 هجري ۾ پاڻ ڪريمن ﷺ حج جو فرض ادا ڪيو ۽ اتي ئي آخري خطبو فرمايو. جنهن کي انسانيت جو منشور چوندا آهن، حج کان واپسي تي حضور ﷺ شام تي حملي جو حڪم فرمايو ۽ اچانڪ 27 صفر 11 هجري تي پاڻ ڪريمن ؐ جي طبعيت ۾ ناچاڪي ٿي، 12 ربيع الاول جو پاڻ ﷺ جو روح مبارڪ رفيق اعليٰ جي طرف روانو ٿيو. پاڻ ڪريمن کي 13 ازواج مطهرات هيون، چار ڌيئرون حضرت زينبؓ، رقيهؓ، اُم ڪلثومؓ ۽ حضرت فاطمه الزهره پاڻ ڪريمن کي 3 پٽ حضرت قاسم، حضرت عبدالله ۽ حضرت ابراهيم هئا.
[b]حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ
[/b]
• الله جو حق سندس ٻانهن تي هي آهي ته ان جي عبادت ۽ ٻانهپ ۾ اچن. جڏهن ٻانها الله جو هي حق اداڪن ته پوءِ الله تي ٻانهن جو حق آهي ته انهن کي عذاب ۾ نه وجهي.(مسلم ۽ بخاري)
• ايمان جون ستر کان به وڌيڪ شاخون آهن. حياءَ به ايمان جي هڪ شاخ آهي. (مسلم ۽ بخاري)
• جيڪو توهان مان ڪا برائي ڏسي ۽ طاقت رکندو هجي ته پنهنجي هٿ سان (يعني زور ۽ سگهه سان) ان کي مٽائڻ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. (مسلم شريف)
• توهان مان ڪوبه شخص تيستائين مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين ان جون نفسياتي خواهشون منهنجي آندل هدايت جي پوئواريءَ ۾ نه اچن. (شرالسنہ)
• توهان جنت ۾ تيستائين نٿا وڃي سگهو، جيستائين ايمان وارا نٿا ٿيو ۽ توهان پورا مومن نٿا ٿي سگهو. (مسلم شريف)
• اسلام جي خوبي ۽ ڪمال ۾ هي به داخل آهي ته ماڻهوءَ فضول ۽ غير مفيد ڪمن ۽ ڳالهين کان پاسيرو هجي. (ابن ماجه، ترمذي)
• دين خير خواهيءَ جو نالو آهي. (نسائي ۽ مسلم)
• غصو ايمان کي ايئن خراب ڪندو آهي، جيئن ايريو ماکيءَ کي خراب ڪندو آهي. (البيهقي في شعب الايمان)
• مسلمان بزدل ۽ بخيل ٿي سگهي ٿو پر ڪوڙو ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. (رواه مالڪ، البيهقي في شعب الايمان)
• ماڻهن ۾ هميشه فضول سوالن ۽ بيڪار بحثن جو سلسلو جاري رهندو. (بخاري ۽ مسلم)
• الله تعاليٰ منهنجي امت کان دل ۾ اڀرندڙ برن خيالن ۽ وسوسن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. (بخاري شريف)
• هر هڪ کي انهيءَ جي توفيق ملندي آهي جنهن لاءِ هو جيئي ٿو. (بخاري ۽ مسلم)
• جڏهن به ۽ جتي به الله جا ڪي ٻانها ويهي الله جي ياد ۽ ان جي فرمانبرداري جون ڳالهيون ڪندا آهن ته لازمي طرح فرشتا سندن چوڌاري جمع ٿي ويندا آهن. (صحيح مسلم)
• الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته منهنجو معاملو ٻانهي سان سندس يقين مطابق هوندو آهي. (بخاري ۽ مسلم)
• الله پاڪ جي فرمانبرداري ايتري ۽ اهڙي طرح ڪيو جو ماڻهو چون ته ديوانو آهي. (مسند احمد)
• توهان مان سڀ کان بهتر اهو آهي. جيڪو قرآن جو علم حاصل ڪري ۽ ٻين کي ان جي تعليم ڏئي. (بخاري شريف)
• الله تعاليٰ هن ڪتاب (قرآن مجيد) جي ڪري ڪيترين قومن کي مٿاهون ڪندو ۽ ڪيترين کي هيٺاهون سٽيندو. (صحيح مسلم)
• جيڪو الله تعاليٰ کان نه گهري ان تي الله تعاليٰ ناراض ٿيندو آهي. (جامع ترمذي)
• هر ماڻهو خطاڪار آهي ۽ خطاڪارن کان اهي ڀلا آهن جيڪي دلئون توبهه ڪن ۽ الله ڏي موٽي اچن. (ترمذي – ابن ماجه)
• پنهنجي اولاد جو احترام ڪريو ۽ سٺي تربيت ذريعي کين ادب سان سينگاريو. (ابن ماجه)
• جنت ماءُ جي قدمن هيٺان آهي. (رواه احمد - نسائي)
• عورت تي سڀ کان وڏو حق سندس مڙس جو آهي. (مستدرڪ حاڪم)
• جنهن به پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن يتيم ٻار سان بهتر سلوڪ ڪيو ته مان ۽ اهو ماڻهو جنت ۾ ٻن آڱرين وانگر ويجهو هونداسون. (جامع ترمذي)
• جنهن قوم جي دستر خوان تي يتيم هوندو آهي ۽ کائڻ ۾ قوم ان کي شريڪ ڪندي آهي. شيطان ان قوم جي ويجهو نه ايندو آهي. (طبراني، مجمع الزوائد)
• سائل جو حق آهي، توڙي جو اهو گهوڙي تي سوار ٿي اچي. (ابودائود)
• توهان جا زيردست توهان جا ڀائر آهن. الله پاڪ کين توهان جو زيردست بڻايو آهي. (بخاري ۽ مسلم)
• پنهنجي خادم جون غلطيون معاف ڪريو توڻي جو ستر دفعا ڏينهن ۾ هجن. (سنن ابي دائود)
• مومن مومن جو آئينو آهي. کيس ان ۾ عيب نظر اچي ته ان جي اصلاح ڪري. (بخاري شريف)
• سڀئي ماڻهو انسانيت جي حقن ۾ برابر آهن. (مشڪوات شريف)
• سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تڪبر کان بچيل آهي. (بيهقي)
• ٻن ماڻهن جي وچ ۾ انهن جي اجازت کان بغير نه ويهو. (سنن ابي دائود)
• جنهن شراب جو گهڻو مقدار نشو پيدا ڪري ان جو ٿورو مقدار به حرام آهي. (ابي دائود – ترمذي – ابن ماجه)
• ڪوڙي شاهدي شرڪ جي برابر ڪئي وئي آهي. (سنن ابي دائود)
• ظالم حڪمران جي سامهون حق جو ڪلمو چوڻ افضل جهاد آهي. (جامع ترمذي – سنن ابي دائود)
• حلال جي ڪمائي سٺي ماڻهوءَ لاءِ بهترين سرمايو آهي. (مشڪوات)
• وياج سان مال توڻي جو ڪيترو ئي وڌي وڃي ليڪن ان جو آخري انجام قلت ۽ ڪمي آهي. (مسند احمد)
• جيڪو شخص غير آباد زمين کي آباد ڪندو ته ان کي ان جو ثواب ملندو. (رواه ابن حبان – واسناده علي – شرط مسلم)
• جنهن ماڻهوءَ به ڪنهن جي شيءِ کسي ورتي يا ڦري ورتي اهو اسان مان ناهي. (ترمذي شريف)
• کاڌو پنهنجي پاسي کان کائو ۽ وچ ۾ هٿ نه وجهو، ڇاڪاڻ ته برڪت وچ ۾ نازل ٿيندي آهي. (جامع ترمذي)
• سون ۽ ريشمي ڪپڙي جو استعمال منهنجي امت جي عورت لاءِ حلال ۽ مردن لاءِ حرام آهي. (جامع ترمذي)
• مون جنت ۾ ڏٺو، گهڻا ماڻهو اهي هئا جيڪي دنيا ۾ مسڪين هئا. (بخاري ۽ مسلم)
• پڪ ڄاڻو ته هڪ جاهل سخي الله تعاليٰ کي هڪ ڪنجوس عابد کان زياده پيارو هوندو آهي. (بخاري - مسلم)
• توهان ٻين وانگر ريسالا نه ٿيو جو چوڻ لڳو ته جيڪڏهن ماڻهو احسان ڪندا ته اسان به احسان ڪنداسين. (ترمذي)
• ڪنهن مسلمان جي حاجت کي پورو ڪرڻ ڏهه سال اعتڪاف جي ثواب کان به وڌيڪ ثواب آهي. (طبراني، مجمع الزاوائد)
• جيڪو ماڻهو جنهن سان محبت رکي ٿو قيامت جي ڏينهن انهيءَ سان گڏ ئي اٿاريو ويندو. (بخاري - مسلم)
• توهان پنهنجي ڪنهن ڀاءُ جي مصيبت تي خوشيءَ جو اظهار نه ڪندا ڪريو. (ترمذي)
• مسلمان تي لعنت ڪرڻ ان کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. (بخاري شريف)
• چغلخور ماڻهو جنت ۾ نه وڃي سگهندو. (بخاري شريف)
• مومن جي طبيعت ۽ فطرت ۾ هر خصلت جي گنجائش آهي سواءِ خيانت ۽ ڪوڙ جي. (مسند احمد - بيهقي)
• هر دين جي ڪانه ڪا نکريل وصف هوندي آهي. ۽ دين اسلام جي نکريل وصف حياءُ آهي. (مد طا امام مالڪ – ابن ماجه – بيهقي)
• حياءُ ۽ ايمان ٻئي هميشه گڏ ئي رهندا آهن، جڏهن ٻنهي مان ڪوبه هڪ کڄي ويو ته ٻيو به هٿان نڪري ويندو آهي. (بيهقي)
• وضوءَ ۾ پاڻيءَ جو اسراف نه ڪيو توڻي جو ڪنهن وهندڙ نهر جي ڪناري تي ئي ڇونه هجو. (مسند احمد – ابن ماجه)
• جڏهن جمعي جو ڏينهن اچي ته اوهان غسل ڪري نماز تي ايندا ڪريو. (صحيح بخاري)
• خيرات سان مال ۾ گهٽائي نه ايندي آهي. بلڪ اضافو ٿيندو آهي. (صحيح مسلم)
• رمضان صبر جو مهينو آهي ۽ صبر جو بدلو جنت آهي. (بيهقي)
• جهڙي طرح ساوڪ کان خالي ۽ خشڪ زمين تي پاڻيءَ جي وسڪاري سان شادابي اچي وڃي ٿي، پڪ ڄاڻو ته موت کان پوءِ حياتي به ايئن ئي موٽڻي آهي. (زرين)
• قيامت جي ڏينهن بد ترين حالت ان ماڻهوءَ جي هوندي جنهن ٻين جي دنيا جي خاطر پنهنجي آخرت تباهه ڪئي. (بيهقي)
• سٺا ماڻهو اهي آهن جيڪي قرض کي خوش دليءَ سان ادا ڪندا آهن. (مسلم شريف)
• الله تعاليٰ فساد کي پسند نٿو ڪري. ان لاءِ زمين تي فساد نه ڪريو.
• ڏيڻ وارو هٿ وٺڻ واري جي هٿ کان بهتر آهي.
• پاڙيسريءَ جي حد چاليهه گهرن تائين آهي.
• مسلمانن ۾ سٺو گهر اهو آهي. جنهن ۾ يتيم آهي ۽ ان سان سٺو سلوڪ ڪيو وڃي.
• جيڪڏهن توهان ۾ ڪنهن کي ڪاوڙ اچي ته وضو ڪري. (ابو دائود)
• گهر وٺڻ کان پهرين پاڙي واري کي ڏسي وٺو.
• تهمت هڻڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو.
• جيڪو ماڻهو ڪوڙو قسم کڻي سو پنهنجو گهر جهنم ۾ ٿو ٺاهي.
• جسم ۽ لباس جي پاڪيزگي نصف ايمان آهي.
• جيڪو شخص نرميءَ (جهڙي صفت) کان محروم رهيو، اهو ڀلائيءَ کان به محروم رهيو. (مسلم شريف).
• مان ان لاءِ موڪليو ويو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪمال تائين پهچايان. (مؤطا امام مالڪ)
• اهو شخص بي دين آهي، جنهن ۾ ديانتداري ڪونهي.
• مڪر، دوکو ۽ خيانت ڪرڻ وارو دوزخ ۾ ويندو. (ترمذي شريف)
• دولتمند تي حسد نه ڪريو. دولت جون لذتون فاني ۽ عارضي آهن.
• واعدو هڪ فرض آهي. جنهن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي.
• ٻانهي جي دل ۾ ڪڏهن به ايمان ۽ بخل هڪ جڳهه تي گڏ رهي نٿا سگهن. (نسائي)
• رب پاڪ جي نظر ۾ اهو عظيم آهي. جنهن جا اخلاق بلند آهن.
• حياءُ ايمان جي نشاني آهي. (مسلم شريف)
• جيڪي ماڻهن تي رحم نه ٿا ڪن، الله تعاليٰ انهن تي رحم نه ٿو ڪري.
• رب پاڪ جي ويجهو بهترين دوست اهو آهي. جيڪو دوست جو خير خواه آهي.
• جيڪڏهن توکي نيڪي ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ٿئي ۽ برائي ڪرڻ ۾ پڇتاءُ پوءِ سمجهه تون مومن آهين.
• خدا جو قسم اهو ايماندار ناهي. جنهن جو پاڙي وارو هن جي شر کان محفوظ ناهي. (مسلم شريف)
• مومنن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامل اهو آهي. جيڪو اخلاق ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪامل هجي. (ترمذي شريف)
• توهان مان وڌيڪ ڀلو اهو آهي. جيڪو فرض ادائيگي ۾ ڀلو آهي.
• رب پاڪ کان ڊڄو ڇاڪاڻ ته رب پاڪ باطن کي ايئن ڏسندو آهي. جيئن ظاهر کي ڏسي ٿو.
• سٺي ۽ مٺي ڳالهه به صدقو آهي. (ترمذي شريف)
• پنهنجي گهر جي ڀت ايتري مٿي نه ڪريو جو توهان جي پاڙيسريءَ جي هوا بند ٿي وڃي.
• جيڪو حلال آهي اهو واضع ۽ روشن آهي ۽ جيڪو حرام آهي سو به پڌرو ۽ چٽو آهي.