ڏاهپ / اخلاقيات

عظيم هستين جا عظيم قول

ڪتاب ”عظيم هستين جا عظيم قول“ نامياري ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جو مرتب ڪيل آهي.
”عظيم هستين جا عظيم قول“ حضور ﷺ اصحاب ، اولياء الله ۽ انهن کان علاوه درويشن، حڪيمن، فلاسافرن، سياڻن ۽ دانائن جي اقوال ۽ اخلاق تي هڪ اجمالي نظر سان مختصر پر جامع انداز تيار ڪيل مجموعو آهي. هن ڪتاب جي پڙهڻ سان خودشناس انسان پاڻ ۾ ضرور تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته انسان کي انسان جي قول ۽ فعل جي سهاري جي ضرورت آهي.
Title Cover of book عظيم هستين جا عظيم قول

رهبر سنڌ مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد

[b]رهبر سنڌ مفڪر اعظم ؒ سائين جي ايم سيد
[/b](1904ع کان 1995ع.

سيد غلام مرتضيٰ ولد سيد ميان محمد شاهه، سائين سنڌي، فارسي، عربي ۽ انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪئي 20 اپريل 1910ع تي شادي ڪيائون. سياست جي شروعات 7 فيبروري 1920ع ۾ لاڙڪاڻي مان خلافت ڪانفرنس کان ڪيائون ان وقت سيد جي عمر 16 سال هئي 8 مارچ 1920ع اهو ڏينهن هو. جنهن ڏينهن تي سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگيءَ ۾ پهرين بغاوت ڪئي. سائين جي ايم سيد جو روحاني رهبر، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سياسي عقيدو رکندڙ ۾ بادشاهه خان، خان عبدالغفار خان شامل آهن سيد پنهنجي پاڻ “شيو” ڏاڙهي ٺاهيندو هو. سوبه هميشه وانگر بغير آرسيءَ جي سائين صحيح طور سنڌيءَ ۾ غلام مرتضيٰ شاهه ۽ انگريزيءَ ۾ سڌو سنئون جي ايم سيد لکندو هو.
سائين جي قوت سماعت ٻڌڻ جي طاقت انتهائي تيز هئي درگاهه حيدر شاهه سنائي جو چوڏهون سجاده نشين هو. پاڻيءَ جي جهاز ۾ ٻه ٽي ڀيرا ڪراچي کان بمبئيءَ جو سفر ڪيائون. ٽن لائبريرين جو مالڪ (1) سن ۾ (2) سن جي حويلي ۾ (3) حيدر منزل ڪراچي ۾.
سيد جو عشق جي موضوع تي لکيل ڪتاب دريا دل ۽ داستان محبت آهي. سائين جي ايم سيد کي پاڪستان جي تقريبن سڀني حڪمرانن جيل ۾ قيد رکيو. ايمنسٽي انٽرنيشنل ضمير جو قيدي 1994ع ۾ پهرين نمبر تي سن جي سيد کي قرار ڏنو 30 ڊسمبر پهريون ڀيرو 1993ع تي خاص عدالت هئي جتي نه جج هو نه ٻيو عملو.

ٻيو ڀيرو اپريل 1994ع تي جڏهن سائين کي عدالت ۾ آندو
ويو ان ڀيري به جج نڪري ويو.
1995ع 25 اپريل تي سيد جو سنڌي قوم کي جسماني طور وڇوڙو ٿيو ته ان وقت به سنڌ ڄائي بينظير ڀٽو جي حڪومت هئي. ضمير جي قيدي پنهنجي ملڪ ۾ 30 سال قيد ڪاٽيو جي ايم سيد جي عمر 91 سال 3 مهينا 8 ڏينهن هئي. پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ سنڌي قوم لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي. ڪافي ناياب ڪتاب جيڪي پاڻ لکي پنهنجي قوم جي حوالي ڪيا.

[b]سائين جي ايم سيد ؒ
[/b]
• مون وٽ پارٽيون، دستور ۽ معاهدا ڪڏهن به مقصد کان وڌيڪ مقدس ۽ پوڄا لائق نه رهيا آهن.
• اصول ۽ ضمير تي هلي اڪيلو رهجي وڃجي، بجاءِ ان جي ته خودي ۽ خود داري کي ختم ڪري ڪاميابي ۽ طاقت هٿ ڪجي.
• وقتي صبر ۽ صلح زماني جي دستور موجب عارضي ڪاميابي کي پهچائن ٿا. بهتر اهو آهي ته مشڪلاتن کي منهن ڏجي.
• ادب قومي زندگي جو آئينو هوندو آهي. ان ڪري سنڌي ادب کي وطن جي محبت ۽ ماروئڙن جي سڪ سان ڀرپور ڪرڻ پوندو.
• ذهني ۽ مادي آزادي اسان جي جنم جو حق آهي. پر انهيءَ جي حاصلات قومي شعور. قرباني ۽ اخلاق جي بلنديءَ کانسواءِ مشڪل آهي.
• ڪوبه شخص اوستائين انفرادي ترقي ۽ دائمي عزت حاصل نه ٿو ڪري سگهي، جيستائين ان جي قوم آزاد، منظم ۽ ترقي يافته ناهي.
• بي عزتي، بزدلي بي همتي بداخلاقي قومي زندگيءَ لاءِ موت جي برابر آهي.
• قومي عمارت جو مکيه پايو ٻولي / زبان آهي. جي ٻولي سلامت ناهي ته قومي عمارت جو خير ڪونهي.
• قومن جو وجود سندن زبان زنده هئڻ سان رهي ٿو.
• هر قوم کي پنهنجي زبان ۽ ثقافت هوندي آهي.
• جيئن ماڻهون فاني آهن، تيئن سندن پيدا ڪيل نظريا به عارضي ٿين ٿا. قدرت جون پيدا ڪيل قومون ئي بقا ماڻين ٿيون.
• قومون فردن جي قربانيءَ سان ئي بڻبيون ۽ ترقي ڪنديون آهن.
• قطري جو معراج سمنڊ ۾ سمائجڻ ۾ رکيل آهي. ۽ شخصن جو عروج قوم ۾ فنا ٿيڻ سان ٿئي ٿو.
• قوم ملڪ کانسواءِ ٺهي نٿي سگهي ۽ زبان ڪنهن قوم کانسواءِ ڪا حيثيت نٿي رکي.
• اهو مسلم اصول آهي ته جسماني غلامي قومون کي ختم ڪري نه سگهندي آهي.
• قومن جو وجود عقيدن جي بنياد تي رکڻ غلط آهي.
• ڪلچر هڪ اڻ کٽ اظهار خيال جذبي ۽ عمل جو نالو آهي.
• جهڙي طرح ساري انسان ذات بنيادي طرح هڪ جنس آهي پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورهايل آهي.
• سنڌي ڪلچر جي عقيدي جا مکيه جزا ڇهه آهن؛
(1) محبت (2) عدم تشدد (3) رواداري (4) لاڪوفيت / غير جانبداري (5) حق خود ارادي / آزادي لاءِ ۽ (6) قومي آزادي.
• هر قوم جو ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو سندن ادب ذريعي محفوظ رهي ٿو.
• سنڌ حسن، سرسنگيت، سخاوت، فن ۽ فڪر، محبت ۽ انسانيت جي اعليٰ گڻن جي سدا سهاڳڻ سرزمين رهي آهي.
• حب الوطني سنڌي ڪردار جو مکيه جزو آهي.
• لطيف سائين اسان جي قومي سڃاڻپ آهي. لطيف سنڌ جي حبالوطني، سخاوت، سرويچيءَ قديم رواياتن ۽ مقصدن لاءِ سر ڏيڻ وارين خاصيتن کي ستن سورمين جي روپ ۾ ڳائي، پنهنجي رسالي ۾ زنده ڪري ڇڏيو آهي.
• راڳ روح جي راحت ۽ دماغ جي تراوت جو باعث ٿئي ٿو.
• ڪشاده دلي راڳ سان ڳنڍيل آهي ۽ سچائي اخلاق سان وابسطه آهي.
• زندگي خود هڪ وڏو رقص آهي.
• سياسي غلامي جو ڌڪ عارضي آهي. قومي ڪردار ڪلچر ۽ زبان جي ڪمزوري ۽ پستي دائمي قسم جي غلامي آهي.
• انسان جي قومي هستي صرف پنهنجي ثقافت کي زور وٺرائڻ سان ئي سلامت رهي ٿي.
• فلسفي مون کي معصوميت کان ٻاهر ڪڍي شڪن جي دنيا ۾ ڌڪيلي ڇڏيو.
• فلسفي مون کي عشق جي معنيٰ ۽ مطلب سان شناخت ڪرائي.
• فلسفو علم جو جوهر آهي. ان کانسواءِ علم بي جان آهي.
• تاريخ مون کي زمين جي صدين کان لڪل خزانن جي خبر ڏني.
• آ جنهن ڳالهه کي حق سمجهان ٿو. ان کي لڪائڻ گناهه سمجهي سچ چئي ڏيڻ ۾ هٻڪان نه ٿو.
• سادگي وڏي ۾ وڏو حسن آهي. سادگي فطرت جي ڏات آهي ۽ نمائش عيبن جو لڪائڻ آهي.
• وقتي مصلحتن جي بنياد تي اخلاقي معيار کي ختم ڪرڻ دامشمندي نه آهي.
• صحيح عمل، صحيح عقيدي کان وڌيڪ سودمند آهي.
• انسان جي بهترين لياقت ۽ صلاحيت صالح اخلاق صحيح عقيدن اتحاد ۽ محبت تي منعصر آهي.
• حياتيءَ جي هر لمحي کي قيمتي ڄاڻي. ان کي نفسياتي خواهشن کان آزاد ڪري انسانذات جي ڀلائي لاءِ ڪم آڻجي.
• سچ اهو آهي جنهن جو اقرار ڪرڻ لاءِ سندس سخت مخالف پڻ پاڻ کي مجبور ڀانئين.
• اسان کي وجود وڃائڻ يعني فرد کي انسانذات جي مفاد لاءِ ايثار ۽ قرباني جو سبق سيکارڻو آهي.
• عمل صالح ڪنجي آهي. مطلوب کي پهچڻ جي.
• صحيح ۽ اعليٰ مقصد اهي ئي ٿي سگهن ٿا. جن مان شخصي فائدي جي عيوض ملڪي ۽ قومي فائدي جو حصول ٿئي.
• صحيح گفتگو اها ٿي سگهي ٿي. جا سچائيءَ تي مبني هوندي آهي. اها کليل ۽ خلوص واري هئڻ گهرجي.
• انسان جيڪڏهن برو ڪم ڪري ٿو ته ان لاءِ به جواز ڳولي ٿو.
• اهو قدرت جو قانون آهي ته هر ڪم لاءِ تنظيم ۽ تربيت جي ضرورت ٿئي ٿي.
• سوشلزم سواءِ قوم آزاديءَ جي بي فائدي آهي.
• آزادي حسن آهي ۽ غلامي کان وڌيڪ ٻي ڪابه بدصورتي نه آهي.
• هر هڪ ماڻهو آزاد پيدا ٿيو آهي. ۽ آزادي سندس جنم جو حق آهي.
• منهنجي محبت ۽ نفرت، دوستي ۽ دشمنيءَ جو مرڪز سنڌ رهي آهي ۽ رهندي.
• قومي جذبو ۽ آزاديءَ جي خواهش. سنڌين جي روايات جو مکيه جزو پئي رهيا آهن.
• جن جو حال درست نه آهي. ان جي روشن مستقبل جي اميد رکڻ بي سود آهي.
• جتي سونهن آهي اتي خدا جو نور آهي.
• حسن عشق جو ڪارڻ ۽ روح جي راحت آهي.
• حسن خلقت ڪائنات جو محرڪ آهي.
• جيئن گلاب جي گل سان ڪنڊا به شامل رهن ٿا. اهڙي طرح هر خوبصورت نظاري پويان بدصورتي به ڇپيل رهي ٿي.