قسط 1
“دارا کي ڇڏ،” محفل ۾ موجود هڪ دوست جام ڇلڪائيندي سيٺ سلامت کي چيو، “اهو سدائين مصروف هوندو آهي!”
“ها يار...” هڪ ٻيو دوست وراڻيو، “لکندو هوندو ڪو ناول، يا سُتي سُتي به مينيج ڪندو هوندو ڪو پروجيڪٽ.”
“اڙي يار ان کي ڇڏيوس!” هڪ ٻئي چيو، “اهو محفل جي ته ڪم جو ئي ناهي!” هن جي ڳالهه ٻئي پوري ڪندي وراڻيو، “ها، يار، يارن دوستن سان گڏجي ته ڪڏهن پيئندو ئي ناهي باقي!”
“اهو ايندو ئي ڪونه،” هڪ ٻئي به تائيد ڪندي وراڻيو، “جي ايندو ته پيئندو ئي ڪونه! . . . . ان کي پنهنجي انهي ڪمري ۽ بالڪني ۾ ئي رهڻ ڏيو ته بهتر آهي!” “اهو ڏسجو ته ڪنهن ڏينهن انهي بالڪني واري ڪرسي تي ئي ويٺي ويٺي مري ويندو!” پهرئين وراڻيو. ان جي انهي جملي تي وري ٽهڪڙا مچي ويا! ٽهڪ گونجندا رهيا، هڪڙي موالي بي اختيار ٽهڪ ڏيندي چيو، “يار ٻڌايو ته سهي، ڀلا دارا روز شام جو انهي بالڪني ۾ ڇا ويٺو ڪندو آهي آخر؟” “الائجي يار! ٻيلي ڪا خبر ئي نٿي پوي!” هڪڙي چيو.
“سامهون واري ڪنهن بالڪني ۾ ڪا ڇوري ڦاسائيندو هوندو!” ماحول ۾ وري ٽهڪ ڦهلجي ويا.
هڪ ٻئي طنزيه انداز ۾ وراڻيو، “مشاهدو ڪندو هوندو. .. . ليکڪ آهي نه صاحب!”
“ليکڪ به عجيب آهي، گهر مان ٻاهر ته نڪري ئي ڪونه ٿو!” ٻئي چيو، “بس رڳو آفيس جي ڪم سان نڪرندو آهي ته ظاهر ٿيندو آهي، ٻيو روز شام جو انهي بالڪني تي ويٺي ويٺي نظر ايندو آهي ٻيو مڙيئي ٿيو خير!” “انهي بالڪني ۾ ڪرسي تي به همراهه ائين ويٺو هوندو آهي ڄڻ ڪوما ۾ هجي!” وري ٽهڪ!
محفل ۾ موجود سڀئي جام تي جام چاڙهي رهيا هئا ۽ دارا تي خوب ٺٺوليون ڪري رهيا هئا، پر سيٺ سلامت صاحب، پوءِ به سڀني کان بينياز رکي رکي دارا جو نمبر ڊائل ڪري رهيو هو.
ويٺلن منجهان ڪنهن وراڻيو، “اهو ويچارو به مفت مري ويندو.”
“زندگي الائجي ڪيترا ڏينهن آهي.” هڪ دوست وڦلندي چيو، “ماڻهو زندگي جا مزا وٺي يار.”
“سڃو به ڪونهي! جام مال اٿس.” دارا بابت انهن مان ئي هڪ چيو، “NGO’S جو وڏو نالو آهي مسٽر دارا.”
“اسان ته اهو ٻڌو هو ته شراب کي ته خاص ديوتائن ٺاهيو ئي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي لاءِ آهي!” هڪڙي چيو، “پر دارا ته الاءِ ڪهڙو اديب آهي!” ان جي اها ڳالهه اتي ئي رهي، ٻئي وراڻيو، “دارا هن دور جو پهريون اديب ئي هوندو جو سڃو ناهي” هن چيو، “ورنه هتي ته اديب ته ويچارا اخبار ۾ ‘توجه طلب’ جي اشتهار جهڙا ٿي ويا آهن سڀ.”
ان ڳالهه تي ٽهڪڙا مچي ويا.
“دارا به ائين ئي روڊن تي رلي وڃي ها، پر قسمت ڀلي هئس جو سيٺ سلامت جهڙو ماڻهو ملي ويس.” ڪنهن چيو، “جنهن کيس ٺاهي ڇڏيو.”
“دارا پنهنجي پاڻ کي پاڻ ٺاهيو آهي،” سيٺ سلامت دارا جو نمبر لڳائيندي لڳائيندي چيو.
هوءَ جيڪا چنچل پدمڻي سيٺ سلامت جي بغل ۾ پئي هئي، سا هئي ردا. ردا مشهور ماڊل ۽ بدنام جسم فروش هئي. سيٺ سلامت کيس اڄ پهريون ڀيرو گهرايو هو. هو سڀني کي پنهنجي ادائن سان موهي رهي هئي ۽ کين پنهنجي هٿن توڙي اکين سان شراب پياري رهي هئي. سيٺ صاحب پنهنجي صوفي تي وکريو پيو هو، هو نشي ۾ هو، ۽ بار بار دارا جو نمبر لڳائي رهيو هو.
نيٺ ڪنهن پل دارا جي قسمت ڦٽي ۽ سندس نمبر کليو. دارا دير تائين ڪال رسيوَ ئي نه ڪئي، نيٺ ڪنهن پل هن ڪال رسيو ڪئي، “جي جي قيامت صاحب! ڇا مسئلو آهي؟” مسٽر دارا سيٺ سلامت کي سيٺ قيامت چوندو هو.
سيٺ سلامت صاحب هيڪر ته دارا صاحب کي خوب گاريون ڏنيون، پوءِ جي هلڪو ٿيس ته چيائين، “جلدي اچ، توکان سواءِ محفل اڌوري آهي دارا!”
مسٽر دارا ان ڏينهن ڪافي دير سان گهر پهتو هو، انڪري هو ڏاڍو ٿڪل ٽٽل هو. ان ڏينهن دارا ڪنهن به اهڙي موڊ ۾ نه هو سو هن سيٺ سلامت صاحب کان معذرت گهري. “سوري يار! اوهان ئي محفل مچايو، مان اڄ ٿڪل آهيان؛ منهنجو اڄ ڪو موڊ نه آهي!”
مسٽر دارا گهڻو ئي معذرت ڪئي پر سيٺ سلامت مڃيو ئي ڪونه! هن پنهنجي ڊرائيور کي چيو، “وڃ، دارا کي گِهلي به کڻي اچ!”
محفل ڏاڍي رنگين هئي، هر ڪوئي مدهوش هو. هر ڪنهن تي خمار هئا. هر ڪوئي مست الست لڳو پيو هو. گلابي جام جهڙي ردا، سيٺ سلامت سميت سڀني کي ڀري ڀري جام ڏئي رهي هئي، ۽ ردا جا ڏنل جام هو ائين بيخود ٿي ڏوڪي رهيا هئا، ڄڻ اهو جام نه هو، ردا پاڻ هئي، جنهن کي هو پل پل پيئندا ٿي ويا.
اوچتو ڪنهن پل دروازو کليو ۽ ٿڪل ٽٽل مسٽر دارا اندر داخل ٿيو. مسٽر دارا تي نظر پوندي ئي تاڙيون ملي ويون، نعرا لڳي ويا؛ هلڪو شور مچي ويو. مسٽر دارا ٻين وانگر هر هر جو هيراڪ نه هو. هو ڪڏهن ڪڏهن پيئندو هو. هن جي مهل موقعي جي ڪنهن کي ڪا خبر نه هوندي هئي. مسٽر دارا اڪثر پنهنجي ئي منهن پيئڻ پسند ڪندو هو؛ هو ان معاملي ۾ محفل جو محتاج نه هوندو هو. اڄ مسٽر دارا جو ڪو به اهڙو موڊ نه هو. هُو اڄ ڏاڍو ٿڪل هو، سو هن اڄ آرام ڪرڻ پئي چاهيو. هو اڄ اچڻ شرط بيڊ تي ليٽي پيو هو. هن جي اک اڃان مس لڳي هئي جو موبائل جي رنگ وڄڻ لڳي هئي، هن دير تائين ڪال رسيو نه ڪئي هئي پر رنگ مسلسل وڄي رهي هئي سو هن ڏاڍي بيزارگي وچان ڪال رسيو ڪئي هئي، سيٺ سلامت کيس اچڻ جو چيو هو ته هن گهڻو ئي معذرت ڪئي هئي پر سيٺ صاحب نشي ۾ پُر هو سو هن هڪ به نه ٻڌي هئي ۽ کيس زوري کڻڻ لاءِ پنهنجي گاڏي موڪلي ڇڏي هئائين. اهو ئي سبب هو جو مسٽر دارا جڏهن دروازي کان داخل ٿيو ته هن جي چهري تي ڪا رونق نه هئي. هن جي چهري تي ٿڪاوٽ جا آثار هئا. هو آيو سڀني سان مليو ۽ ماٺ ڪري بي دلي مان ويهي رهيو. سيٺ سلامت کي دارا جي حالت جو ذرو به احساس نه هو، بلڪهِ ان جي برعڪس سيٺ صاحب ڏاڍو خوش هو، دارا کي زبردستي گهرائي هن کي ڏاڍو مزو آيو. هن ائين ڪري ڄڻ ڪو وڏو معرڪو فتح ڪري ڇڏيو هو. دارا جي بيزارگي جو ڪنهن به ڪو نوٽس نه ورتو، خود سيٺ سلامت به کيس ڪا اهميت نه ڏني، هُن کيس گهُرائي رڳو پنهنجو ضد پورو ڪيو ۽ بس! محفل متل هئي، هرڪو پنهنجي مستي ۾ مست ئي رهيو. دارا کي سيٺ سلامت جي فطرت جي خبر هئي سو هُن اچڻ کان پوءِ ڪنهن تي ڪا ڪاوڙ ڪانه ڪئي ۽ ٻين کان ڪجهه پرڀرو ٿي پنهنجي منهن ٿي ويهي رهيو. ردا جي اک جڏهن دارا تي پئي ته سندس بدن منجهان ڄڻ ته بجلي گذري ويئي. ڇا ته تن بدن هو دارا جو! ڇا ته پُرڪشش چهرو هيس. ڇا ته خوبرو جوان هو دارا! ردا کي عجيب ڪشش محسوس ٿي دارا جي چهري ۾! خاص ڪري نڪ جي پاسي واري تِر، دارا جي چهري کي اڃا به وڌيڪ پُرڪشش بڻائي ڇڏيو هو! ردا اهڙو پورڪشش چهرو اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو! ردا هڪ جام ڀريو ۽ سراپا جام بڻجي وڃي مسٽر دارا جي سامهون بيٺي. هن ڀرپور ناز ۽ انداز سان جهڪي جام دارا ڏي وڌايو پر دارا انڪار ڪندي چيو، “ No thanks! منهنجو موڊ ئي ناهي!”
“ڪجهه اسان جي موڊ جو به فڪر ڪريو جناب!” ردا دارا کي شڪاري نگاهن سان تڪيندي چيو.
مسٽر دارا تي ان عمل جو ڪو خاص اثر نه ٿيو، پر پوءِ به خبر ناهي ته ڪهڙو، پر دارا کي ردا جي چهري ۾ ڪجهه اهڙو اثر ضرور نظر آيو جو هو چاهيندي به ردا جو هٿ موٽائي نه سگهيو. دارا جام وٺي ميز تي رکي ڇڏيو. هن هڪ ڍڪ به نه ڀريو ۽ ويٺو ئي رهيو. هو ڪي گهڙيون ويٺي ويٺي سيٺ سلامت تي اڪ کائيندو رهيو، پر پوءِ دارا جون اکيون ردا جي چهري ۾ گم ٿي ويون؛ ۽ هُو بي سبب کيس تڪيندو رهيو. محفل ائين ئي هلندي رهي، جام ائين ئي ٽڪرائبا رهيا. دارا ان ساري ماحول کان بينياز پنهنجي ئي پر ۾ گم رهيو؛ هُن جو ذهن پنهنجي ئي خيالن ۾ گم هو پر هن جون اکيون اتي ئي هيون جتي هن ڪجهه دير پهرين ڇڏيون هيون؛ هن جون اکيون مسلسل ردا کي ئي چتائي رهيون هيون. ڪافي دير کان پوءِ جڏهن باقي سڀ جام سان جام ٿي ويا تڏهن ڪنهن پل ردا جي اک دارا تي اٽڪي پئي، ردا کي ڏاڍي حيراني ٿي. دارا جون اکيون کيس عجب انداز ۾ گهوري رهيون هيون. ردا پاڻمرادو انهن اکين ڏي ڇڪجي آئي. هوءَ آئي ۽ اچي دارا جي سامهون واري صوفي تي ويهي رهي. هن ڏٺو، هن جو ڏنل جام جيئن جو تيئن ميز تي ئي پيو هو؛ دارا ان مان هڪ ڍڪ به نه ڀريو هو! “اوهان شراب پيئندا ئي ناهيو ڇا؟”
ردا جي انهي آواز تي دارا کي هوش آيو. هن کي اهو احساس ٿيو ته سندس اکيون ردا جي چهري تي ئي کتل آهن. هوش ايندي ئي هن پنهنجيون اکيون ردا جي چهري تان هڪدم هٽائي ڇڏيون. دارا پنهنجي ڪنڌ کي هلڪو ڇنڊڪو ڏنو ۽ واپس صوفي تي موٽي آيو.
ردا پنهنجو سوال وري ورجايو، “اوهان شراب نه پيئندا آهيو ڇا؟!”
“نه! پيئندو ته آهيان پر........” دارا چوندي چوندي چپ رهجي ويو.
“پر........؟”
“پر تڏهن،” دارا چيو، “ جڏهن پيئڻ جي قابل ٿيندو آهيان!”
ردا ڀريل جام ڏي نهاريندي چيو، “يعنى هينئر اوهان شراب جي قابل نه آهيو...”
دارا هائوڪار ۾ ڪنڌ نه ڌوڻيو، هُن رڳو اکين جهڪائي “ها!” ڪئي.
“........ يا شراب اوهان جي قابل نه آهي؟” ردا ڀرپور نگاهن سان دارا ڏي تڪيندي پڇيو.
دارا ليکڪ هو سو هن جڏهن ردا واتان اهو ٻڌو ته هن جي بوريت ڪجهه گهٽ ٿي، هن کي ردا جي وراڻي ڏاڍي پياري لڳي. هوءَ ردا ڏي متوجه ٿيو ۽ چوڻ لڳو، “پيئڻ هڪ فن آهي. پيئڻ اصل ۾ پيئڻ ناهي، اوتڻ آهي.” دارا چيو، “شراب پيئبو ناهي، شراب اوتبو آهي!..... ۽ اوتڻ جي لاءِ، ان جي قابل هئڻ لازمي آهي!” هن چيو، “۽ ها ان قابليت جي لاءِ ڪنهن جستجو جي ضرورت هرگز ناهي! ان قابليت مان مراد انهي سطح جي آهي جتي پهچي شراب لازم ٿي پوندو آهي!”
ردا کي به دارا جي ڳالهه ڏاڍو مزو ڏيڻ لڳي، هوءَ دارا کي ڏاڍي غور سان ٻڌڻ لڳي. دارا چوڻ لڳو، “شراب ائين نه پيئبو آهي، جيئن هي سڀ پين ٿا. اها ته شراب جي توهين آهي. آئون ان جي ته هرگز به حق ۾ ناهيان.” دارا چيو، “اهي سڀ نابالغ رند آهن!”
ردا مسڪرائي ڏنو.
“هي سڀ ته ڄاڻن ئي نه ٿا ته شراب ڇا آهي؟” دارا چيو.
“ڇا آهي شراب؟” ردا پڇيو.
“مون کي خبر ناهي ته شراب ڇا آهي؟” دارا چيو، “مون کي بس ايترو پتو آهي ته شراب نشو نه آهي!”
“واھ! اوهان ته حد ڪري ڇڏي!” ردا تعجب وچان دارا جو جملو دهرايو، “شراب نشو نه آهي!”
“مون کي خبر آهي ته منهنجي اها ڳالھ ڪير به ڪونه مڃيندو ڇو ته هتي نابالغ رندن جو هجوم آهي!” دارا چيو، “مگر حقيقت اهائي آهي ته شراب نشو نه آهي!” دارا وضاحت ڪندي وڌيڪ چيو، “نشو معمول آهي، شراب معمول ناهي!” دارا هلڪي کنگهڪار سان ڳلو صاف ڪيو ۽ ٻيهر ڳالهائڻ لڳو، “هي جيڪي موڊ ٺاهڻ جي نالي تي روز روز پيا شراب سان شغل ڪندا آهن، تن کي ڏسي سچ! منهنجو ته صفا موڊ ئي خراب ٿي ويندو آهي. هي تماشبين آهن، هي رونشي باز آهن!. . . شراب ڪو شُغل ناهي!” دارا چيو، “هنن شراب کي مشغلو ٺاهي ڇڏيو آهي، هنن شراب کي معمول بڻائي ڇڏيو آهي!..... شراب معمول ناهي، ڪو مشغلو ناهي!” هن سنگت ڏي اشارو ڪندي چيو، “هي شرابي ناهن، هي ته بس ان جا عادي آهن. اوهان انيڪ شرابي ڏٺا هوندا، پر آئون اوهان کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته اوهان اڄ تائين شايد ئي ڪو شرابي ڏٺو هوندو!”
ردا خود جي لاءِ دارا واتان لفظ ‘اوهان’ ٻڌي حيران رهجي ويئي! کيس اڄ تائين ڪنهن به اهڙي احترام سان ‘اوهان’ نه چيو هو! هن جڏهن دارا واتان خود جي لاءِ اهو لفظ ٻڌو ته پاڻ کي طوائف بدران راڻي لڳڻ لڳي! هن خود کي دارا جي اکين سان وڏو معتبر ڏٺو. ڪي لمحا هن جون اکيون عاجزي مان جهڪي ويون. پوءِ هن ڪنڌ مٿي ڪيو “ها واقعي! مون اڄ تائين نه ڏٺو آهي دارا صاحب!” هوءَ وراڻي، “........پر اڄ ته يقيناً ڏٺم نه!”
دارا اهو ٻڌو ۽ مسڪرائي ڏنو، پوءِ دارا تسلسل سان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “شراب هڪ حد آهي، شراب هڪ توازن آهي، هڪ مدار، هڪ محور جو نالو آهي شراب!” دارا ڳالهائيندو رهيو، “تو سميت سڀ اهو ئي سمجهن ٿا ته شراب ٿيڙي ٿو پر آئون اهو نٿو سمجهان”
“.........” ردا جو تجسس وڌيو.
“آئون سمجهان ٿو ته شراب سهيڙي ٿو!” دارا چيو، “آُئون جڏهن پنهنجي حد ۾ نه رهندو آهيان، جڏهن منهنجو توازن بگڙڻ لڳندو آهي، جڏهن آئون پنهنجي مدار، پنهنجي محور کان ٿڙڻ لڳندو آهيان، تڏهن آئون شراب جو استعمال ڪندو آهيان! تڏهن آئون شراب کي اوتي ڇڏيندو آهيان!” هن چيو، “جيئن پاڻي واچوڙي کي ٺاپر ۾ آڻي ڇڏيندو آهي، تيئن شراب مون کي ٺاپر ۾ آڻي ڇڏيندو آهي!”
دارا ڪي گهڙيون خاموش رهيو ۽ پوءِ وراڻيو، “زندگي جيڪڏهن موت کان بدتر ٿي پوي ته اها زندگي جي توهين ئي هوندي آهي!” دارا چيو، “ حقيقت هي آهي ته زندگي جڏهن موت کان بدتر ٿي پوندي آهي، تڏهن آئون هِن شراب سان زندگي کي موت کان بهتر بڻائي ڇڏيندو آهيان.” هن چيو، “آئون جڏهن زندگي مان شديد بيزار ٿي پوندو آهيان تڏهن پکي تي نه لٽڪندو آهيان، بجلي ۾ هٿ نه وجهندو آهيان، نه ئي واھ ۾ ٽپو ڏيندو آهيان.... آئون تڏهن شراب پيئندو آهيان!”
ردا کي دارا جون ڳالهيون ڏاڍو متاثر ڪري رهيون هيون، هوءَ ڏاڍي چاھ سان ۽ دلچسپي سان دارا جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، ان وچ ۾ دارا چيو، “توهان پڪ سان منهنجي ڳالهين مان بيزار ٿي رهيون هوندؤ.....”
“نه نه! هرگز به نه!” ردا چيو، “اوهان ڳالهائيندا رهو، مان ٻڌندي رهان!” هن چيو، “دارا صاحب، سچ ته اوهان ڳالهائي نه رهيا آهيو، بلڪهِ شراب اوتي رهيا آهيو!” ردا چيو، “اوهان ڳالهائيندا رهو دارا صاحب!”
“زمانو سمجهي ٿو شراب خودفريبي آهي، خودفراري آهي!........ پر ائين ناهي!” دارا ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ماڻهو قلندر جي ڌمال تي نچن ٿا، ماڻهو ڀٽائي جي راڳ تي جهومن ٿا، سچل جي رقص تي محوِ رقص ٿي وڃن ٿا، ماڻهو اناالحق جي نعري تي پنهنجي پاڻ مان نڪري ٿا وڃن!” دارا پڇيو، “ڇا اها خودفريبي آهي؟ ڇا اها خودفراري چئبي!!؟؟” دارا پاڻ ئي وضاحت ڪندي وراڻيو، “نه! هرگز نه!”
دارا ميز تي پيل لبريز پيماني ڏي اشارو ڪيو ۽ ڀرپور لهجي ۾ وراڻيو، “شراب رڳو هي ناهي جو ظاهر آهي!...... شراب هڪ باطن به ٿيندو آهي.” هن چيو، “ظاهر ۽ باطن کي جيڪڏهن خامي ۽ خوبي جي خانن ۾ الڳ الڳ ڪجي ته ‘ظاهر’ پوءِ به خامي واري خاني ۾ ٿيندو ۽ ‘باطن’ وري به خوبي واري خاني ۾ ٿيندو....... ان جو وڏو دليل خود خدا آهي... . . . ڇاڪاڻ ته خدا به ظاهر ناهي، باطن آهي!” دارا جو ڳلو خشڪ ٿي ويو، هن ڳيت سان نڙي آلي ڪئي ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ .......شراب ته انسان جي اندر ٿيندو آهي. انسان جي دل شراب جو درياھ ٿيندي آهي. ان شراب جي آڏو هن جام جي ته ڪا اوقات ئي ڪانهي ڪا! هوءَ ۽ هي ائين آهن، جيئن قلزم ۽ قطرو!” دارا چيو؛ “ دل جڏهن دماغ تي قابض ٿيندي آهي، تڏهن ئي ماڻهو نچڻ جهومڻ لڳندا آهن، من جڏهن مٿي تي چڙهندو آهي؛ تڏهن ئي ماڻهو محوِرقص ٿي ويندا آهن؛ تڏهن ئي ماڻهو پنهنجي پاڻ مان نڪري ويندا آهن!”
ردا جون اکيون پٿر ٿي ويون. شراب ۾ ايترو نشو ڪٿي هو جيترو دارا جي ڳالهين ۾! هوءَ دارا کي ٻڌندي رهي؛ “شراب اهو ناهي جو زمانو سمجهي ٿو، شراب ته بس بيخودي آهي! اها بيخودي ڪائنات جي ذري ذري ۾ شامل آهي! درحقيقت ڪائنات جو ذرو ذرو شراب سان لبريز آهي!..... درحقيقت ذرو ذرو جهومي نچي رهيو آهي! هر پاسي هر شيءِ هر وقت محوِرقص آهي!” دارا پنهنجي مدهوش دوستن ڏي اشارو ڪندي ردا کي چيو، “اها ته توکي به خبر آهي ته انهن سڀني کي هينئر ڪائنات جهومندي نظر ايندي هوندي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪائنات ڪو هينئر جهومي رهي آهي؛” دارا چيو؛ “ڪائنات ته هونئن ئي هر وقت جهومي نچي رهي آهي، پر اهي جيڪي ان کي هر وقت جهومندي نچندي ڏسي نه سگهندا آهن، سي شراب پيئندا آهن!” دارا ڪجهه صبر ڪري وري وراڻيو، “هتي ته اڪثر ڪم ظرف ئي شراب پيئندا آهن!....” مسٽر دارا ردا جي اکين ۾ گهوريندي چيو، “تنهنجي هوندي شراب جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟... زماني کي گردش ۾ آڻڻ جي لاءِ ته تنهنجيون اکيون ئي ڪافي آهن!...... هي شراب ته تنهنجي توهين آهي جناب!.......”
سيٺ سلامت جو جام خالي ٿيو ته هن نشي جي گهيرٽ ۾ رڙ ڪئي، “.....جنا...بِ.. عالي......”
ردا اٿڻ ته نه پئي چاهيو پر کيس اٿڻو ئي پيو، ردا اٿي، ويئي، ۽ سيٺ سلامت سميت جنهن جنهن جا جام خالي هئا، هن سي پُر ڪيا. هن هڪ هڪ ڪري هر هڪ کي جام پيش ڪيا ۽ پوءِ وري واپس دارا ڏي اچڻ لڳي، پُٺيان سيٺ سلامت سندس دامن ۾ هٿ وِڌو پر ردا کي روڪي نه سگهيو، ردا پنهنجو دامن ڇڏائي دارا وٽ هلي آئي ۽ پُٺيان سيٺ سلامت ديوداس فلم جا ڪي ڊائلاگ دهرائيندو رهجي ويو.
ردا اچي دارا جي سامهون ويهي رهي؛ دارا ان کان پهرين به ڪيئي ڀيرا شرابين کي ائين شراب پياريو هو، هن اهڙو عمل روز پئي ورجايو هو، پر اڄ کيس پهريون ڀيرو ائين لڳو ڄڻ هن پنهنجي توهين ڪئي هئي!
مسٽر دارا هاڻي خاموش ويٺو رهيو، هن ڪجهه نه ڳالهايو. ردا کي دارا جي ڳالهين ڄڻ ته ڳِهي ڇڏيو هو.
“ڪاغذ جو ٽڪرو هوندو اوهان وٽ؟” ردا دارا کان پڇيو.
“ڇو؟” دارا پڇيو.
“اوهان جي Signature گهرجي ٿي مون کي!” دارا چيو.
دارا وٽ ڪاغذ جو ٽڪرو نه هو، هن ردا ڏي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو. دارا پنهنجي کيسي مان ٽشو پيپر ڪڍيو ۽ گوڏي تي رکي Signature ڪرڻ لڳو.
ردا دارا کي غور سان ڏسي رهي هئي. دارا ڪجهه اهڙي انداز سان Signature پئي ڪئي جو ردا چيس، “اوهان Signature ڪري رهيا آهيو يا ڪا شيءِ ڊاهي رهيا آهيو؟”
ردا جو جملو دارا جي دل ۾ لهي ويو، هن ڪنڌ مٿي ڪري ردا ڏي ڏٺو ۽ پوءِ هن ٽشو پيپر تي بمشڪل لکيو، ‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’
ردا اهو ڏسي مُسڪرائي ڏنو. هن ٽشو پيپر تان نگاهون هٽائي دارا جي چهري ڏي چتايو. دارا جو چهرو ڏاڍو دلفريب هو. ردا ڪجهه ترسي وراڻي، “هڪ ڳالهه چوان دارا صاحب!” ٽشو پيپر جو ٽڪرو پنهنجي هٿ ۾ وٺندي ردا دارا کي چيو.
“ ها! چئو.” دارا ڏانهنس ڏسندي چيو.
ردا سندس چهري ۾ نهاريندي چيو، “دارا صاحب، اوهان ايترا پُرڪشش هرگز نه هجو ها، جيڪڏهن اوهان جي چهري تي اهو نڪ جي پاسي وارو تِر نه هجي ها!”
دارا اهو ٻڌي مرڪي پيو ۽ آهستگي سان وراڻيو، “اصل ۾ اهو تِر مون کي بابا کان ورثي ۾ مليو آهي!” دارا چيو، “منهنجي بابا کي به نڪ جي پاسي ۾ اهڙو ئي تِر هو.”
“ڇا اوهان جو بابا .....” ردا ڪجهه چوندي چوندي اداس ٿي رڪجي ويئي.
دارا ردا جي اڌوري ڳالهه سمجهي ويو، وراڻيو، “بابا زنده آهي، پر منهنجي لاءِ نه!”
قصو ته وڏو هو پر الئه ڇو اهو قصو اتي ئي رڪجي ختم ٿي ويو......
◙