ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 15

“ماسي هڪڙي ڳالهه اوهان سان ڪرڻي اٿم.” ردا صبح سوير واري ناشتي دوران ماسي کي چيو.
“ڪهڙي ڳالهه؟” ماسي چيو، “ٻڌاءِ.”
“مان شادي ڪرڻ ٿي چاهيان هاڻي.” ردا ڪنڌ هيٺ ڪري وراڻي.
“شادي!” ماسي اچرج ۾ پئجي وئي، “ڪنهن سان ؟” ماسي پڇيو.
“دارا سان ماسي!” ردا ٻڌايو.
“دارا تو سان شادي ڪندو؟” ماسي پڇيو.
“ها ماسي.” ردا پنهنجي ماسي جي ڳالهه سمجهي وئي، سو چيائين، “ماسي دارا ٻين مردن جهڙو هرگز ناهي!”
“مردن جي توکي خبر ناهي ردا!” ماسي کي ردا جي ڳالهه نه لڳي، هن چيو، “مرد وحشي ٿيندا آهن!” هن کاڌي جي ٽيبل تان اٿندي ردا کي چيو، “عورت کي فقط شڪاري جي نظر سان ئي ڏسندا آهن.” ماسي سندس ڪلهن تي هٿ رکندي چيو، “مون کي خبر آهي ته دارا صاحب تو سان شادي ڇو ٿو ڪري!”
ردا ڪنڌ مٿي ڪري ماسي ڏي سوال بڻجي نهاريو ته ماسي منهن ٻئي پاسي ڪري چيو، “پئسا وصول ڪرڻ جي لاءِ!”
ماسي جي انهي جملي سان ردا جو روح رهڙجي ويو. هُوءَ هڪدم اٿي بيٺي ۽ وراڻي، “دارا کي شادي جي لاءِ مون چيو آهي ماسي!” ردا وراڻي، “دارا مون کي شادي جو ناهي چيو.”
ردا ائين چئي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي ۽ اونڌي منهن بيڊ تي ليٽي روئڻ لڳي. ناشتي جي ٽيبل تان ٿانوَ کڻندي ماسي جي دل ميڻ ٿي پئي. هُوءَ آهستي آهستي اٿي ۽ وڃي ردا جي لاءِ هڪڙو گرم ڪوپ چانهه جو تيار ڪري ردا جي ڪمري ۾ آئي ۽ سندس ڀر ۾ بيڊ تي ويهي کيس چيائين، “ردا، تون ڀلي شادي ڪر، مان تنهنجي شادي ۾ ڏاڍي خوش آهيان پر.......” ماسي ڪجهه چوندي چوندي رڪجي وئي. ماسي کي ردا جي ڳوڙهن اڳتي ڳالهائڻ نه ڏنو. هُوءَ خاموش ٿي وئي. ماسي ردا جا الجهيل وار پنهنجي آڱرين سان سنوارڻ لڳي.
ردا ڪنڌ مٿي ڪري ماسي ڏي ڏٺو. اڄ هن کي ڪافي دير تائين ماسي جي چانهه به نه پئي وڻي، نيٺ پوءِ ردا کي جڏهن ماسي جي محبت جو احساس ٿيو ته چانهه پيئڻ لڳي، چانهه پيئندي پئيندي هُوءَ ماسي کي اعتماد ڏيارڻ لڳي، “ماسي، دارا اهڙو ماڻهو ناهي! دارا ڏاڍو بهترين انسان آهي. هُو انسان نه بلڪهِ فرشتو آهي ماسي!”
ردا جون ڳالهيون ماسي جا خدشا ختم نه ڪري سگهيون. ماسي چپن ئي چپن ۾ چيو، “شيطان به ته فرشتو هو!” ماسي جو اهو جملو ردا نه ٻڌو.
ردا ماسي کي چيو، “ماسي، مون اڄ دارا کي هتي گهرايو آهي. تون جڏهن پاڻ ملندين ته خبر پوندئي.” ردا ائين چيو ۽ پاڻ اٿي تياري ڪرڻ ۾ لڳي وئي.
ماسي کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته هُو ڇا چوي. هُوءَ ماٺ ئي رهي. هن ڪجهه نه ڪڇيو.
ردا تيار ٿي رهي هئي. اڄ هڪ عرصي کان پوءِ ماسي ردا کي تيار ٿيندي ڏسي رهي هئي. اڳي جڏهن به ردا تيار ٿيندي هئي ته ماسي جي چهري تي خوشي جي لهر ڊوڙي ويندي هئي پر اڄ ردا کي تيار ٿيندي ڏسي ماسي جي منهن تي هيڊ هارجي رهي هئي، هن جو چهرو زرد ٿي رهيو هو. اڄ هن کي تيار ٿيندي ڏسي ماسي کي ردا جي ماءُ ڏاڍي ياد اچي رهي هئي، جيڪا هڪ عياش وڏيري کي وڻي وئي هئي ۽ پوءِ نيٺ اهو کيس پنهنجي پيار جي ڄار ۾ ڦاسائي هميشه جي لاءِ پاڻ سان کنڀي کڻي ويو هو. ۽ پوءِ ماسي کي پنهنجي ڀيڻ جو منهن ڏسڻ به نصيب نه ٿي سگهيو هو! ردا کي اڄ پنهنجي ماءُ وانگر ئي تيار ٿيندي ڏسي، ردا جي ماسي کي ائين لڳي رهيو هو جيئن اڄ تاريخ وري پنهنجو پاڻ ورجائي رهي آهي! هن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هُو اڄ ردا کي به آخري ڀيرو ئي ڏسي رهي هئي. ماسي کي اهو الڪو نه هو ته ڪو ردا کان پوءِ هُو رلي ويندي پر هن کي اهو ارمان ٿي رهيو هو ته هُو ردا جي ماءُ جيان ردا جو به شايد هاڻي ڪڏهن منهن ڏسي نه سگهندي!
ماسي اڃا انهن ئي سوچن ۾ وڃايل هئي جو گهر جي دروازي واري گهنٽي وڳي. گهنٽي جي آواز تي ردا ائين دروازي ڏي بي اختيار ڊوڙ پاتي، ڄڻ ردا کي انهي گهنٽي جي وڄڻ جو صدين کان انتظار هو! ماسي ردا جي رواني ڏسي ويتر گهٻرائجي ويئي. هن جي دل جي رفتار پهرين کان وڌيڪ تيز ٿي ويئي. هن اٿي پاڻي پيتو ۽ آئي جي عزت لاءِ نه چاهيندي به منهن تي مصنوعي مُرڪ سجائي ويهي رهي.
“هي آهي مسٽر دارا!” ردا ڏاڍي ڀرپور انداز ۾ ماسي کي ٻڌايو. ردا جي آواز تي ماسي پنهنجو پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجي چهري تان اڏامي ويل مُرڪ بحال ڪري ڪنڌ مٿي کڻي دارا ڏي ڏٺائين. دارا تي نظر پوندي ئي ماسي جون اکيون پٿر ٿي ويون. هُو دارا جي چهري ۾ گُم ٿي وئي.
“. . .. ۽ هي آهي منهنجي ماسي......” ردا دارا سان ماسي جو تعارف ڪرائيندي چيو، “..... منهنجو سڀڪجهه!” ردا ماسي جي ويجهو ويهي کيس پيار ڀري ڳرهاٽڙي پائي وراڻي، “منهنجا سڀ رشتا ناتا هن سان آهن دارا!”
دارا ڪنڌ جهڪائي ماسي کي سلام ڪيو، ماسي کيس اشاري سان سامهون ويهڻ جو اشارو ڪيو. دارا ماسي جي اشاري تي سندس سامهون ٿي ويٺو.
“هاڻي اوهان ويهي ڳالهيون ڪريو ته آئون ماني ٿي تيار ڪريان.” ردا وراڻي، “ڪجهه صبر کان ڪم وٺجو، مان ڏاڍي سست آهيان ڪم ڪار ۾!” ردا ائين چيو ۽ رڌڻي ۾ هلي ويئي.
هاڻي ڪمري ۾ دارا ۽ ماسي اڪيلا هئا. دارا جي طبيعت ڪجهه شرميلي هئي سو هُو ماسي جي سامهون لڄي لڄي ويٺو رهيو ۽ ماسي کان نظرون چورائي هر هر ڪمري جي در و ديوار جو جائزو وٺڻ لڳو. دارا جون نظرون ڪمري جي در و ديوار جو جائزو وٺي رهيون هيون ۽ ماسي جون نگاهون دارا جي نقش و نگار جون! ماسي کيس انتهائي غور سان گهوري گهوري ڏسي رهي هئي. ردا جي ماسي جون اکيون دارا جي چهري واري انهي تِر تي هر هر رڪجي ٿي ويون جنهن جيڪري دارا جو چهرو ڏاڍو پُرڪشش ٿي لڳو. ردا به جڏهن دارا کي پهرين نظر ڏٺو هو ته سندس نگاهون انهي تِر تي کپي ويون هيون. اڄ ردا جي ماسي کي به ڄڻ ته انهي تِر موهي وڌو هو. دارا ڪجهه ئي گهڙين ۾ اهو محسوس ڪري ورتو ته ردا جي ماسي جون نگاهون کيس انتهائي غور سان گهوري رهيون آهن. دارا هٿ جي ڳالهه ٺاهيندي ڳالهايو، “اوهان مون کي اڳي به ڪٿي ڏٺو آهي شايد!...؟”
“نه! نه!..... نه ته!” دارا جي آواز تي هُو ويتر ٿٿي وٿي ٿي وئي. ماسي کي عجيب الجهن ورائي ويئي. هن گهڻو ئي پاڻ سنڀاليو پر ڳالهه هن کي ڳري لڳي. هن دارا کي چيو، “ مون تو کي اڳي ڪڏهن ڏٺو ته ناهي پر پوءِ به الئه ڇو ڏٺل ڏٺل ٿو لڳين تون!”
دارا کي ماسي جي ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه اچي سگهي، هن پڇيو، “اها ته ڪا ئي ڳالهه نه ٿي ماسي!”
ماسي کي وري پنهنجي ڳالهه تي ڪجهه تعجب ٿيو، هوءَ ڪجهه ترسي وراڻي، “تون ته ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهين نه ردا ٻڌايو.”
دارا وراڻيو، “هائو ماسي NGO چوندا آهن ان ڪمپني کي!.... آئون ان ۾ ڪم ڪندو آهيان.”
ماسي جي من ۾ عجيب خلش هئي، هن دارا کي غور سان ٿي چتايو، هن جون اکيون هر هر دارا جي چهري واري تِر تي کپي ٿي ويون. هن پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي. هن دارا کان پڇيو، “تنهنجا ماءُ پيءُ؟”
“منهنجي ماءُ مون کي جنم ڏيندي ئي مري ويئي هئي،” دارا جي دل اداس ٿي وئي، “۽ پيءُ زنده آهي پر اهو به منهنجي لاءِ سمجهو ته مري ئي ويو آهي ماسي!”
“ڇو؟” ماسي پڇيو، “ناراضگي ٿي ويئي آهي ڇا ڪا؟”
“نه ماسي،” دارا چيو، “ناراضگي هجي ها ته ختم به ٿي وڃي ها!”
“ته پوءِ...؟” ماسي پڇيو.
“بس هُو امير هو ۽ آئون امير ٿي رهي نه سگهيس سو انڪري . . . . . هن مون کي وساري ڇڏيو ۽ مون هن کي!” دارا ڪمري جي ديوار تي لڳل پينٽنگ ۾ ڏسڻ لڳو، جنهن ۾ شاهه جي سُر رامڪلي جي ‘جي ڀائين جوڳي ٿيان!’ واري هڪ بيت جو منظر چٽيل هو.
“ڇا ڪندو آهي تنهنجو پيءُ؟” ماسي دارا کان پڇيو.
“ ذميندار آهي. جاگيردار.... وڏيرو!” دارا وراڻيو. دارا جون اکيون پينٽنگ ۾ هيون.
“نالو......؟” ماسي پڇيو.
“رئيس امير بخش خان...” دارا مسلسل پينٽنگ ڏي نهاريندي جواب ڏنو.
“رئيس..... امير..... بخش.......!!!” ماسي اهو نالو وڏي اچرج وچان پنهنجي واتان اچاريو.
دارا جو ڌيان ماسي جي اچرج ڏي ويو ئي ڪونه. هن جون اکيون ديوار واري پينٽنگ ۾ هيون.
ماسي جي مٿان دارا جي پيءُ جو نالو وڄ ٿي ڪِريو. خبر ناهي ته ڇا هو انهي نالي ۾؛ جو اهو نالو ڪنن تي پوندي ئي ماسي کي پگهر اچي ويو. هن جو تن بدن تپي ٻري پيو. هن وڏي مشڪل سان پڇيو، “تنهنجا ٻيا ڀاءُ ڀيڻ؟...”
“منهنجو ته ڪو به ڀاءُ يا ڀيڻ ناهي ماسي!” دارا آهستگي سان مڌم مڌم ڳالهائيندو رهيو، “باقي ها، بابا جي ڏاڏي پوٽي زال منجهان ٽي پُٽ ۽ ٻه ڀينرون آهن، جن مون کي ڪڏهن پنهنجو ڀاءُ نه سمجهيو!”
دارا ديوار تان نظرون هٽائي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ پوءِ ماسي کي پنهنجي درد جي داستان مختصر ڪري ٻڌائڻ لڳو، “اصل ۾ ماسي، منهنجو پيءُ تر جو وڏيرو ۽ وڏو جاگيردار ماڻهو هو، هُو جدي پشتي امير هو. پوءِ اميرن جي ڪمن جي خبر اٿئي!....” دارا اتي ڪجهه رڪجي ويو، پوءِ وري هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، “بابا جي هڪڙي شادي ته ڏاڏي پوٽي سان ٿيل هئي پر پوءِ ٻي وري شوق جي شادي ڪيائين. انهي شوق جي شادي منجهان اڪيلو آئون پيدا ٿيس. منهنجي ماءُ مون کي جنم ڏيندي ئي مري ويئي! . .. . . . چڱو ئي ٿيو جو مري ويئي ماسي!” دارا جون اکيون پنهنجي ماءُ جي ياد ۾ آليون ٿي پيون، هن ڪجهه گهڙيون ترسي خاموشي سان پنهنجا ڳوڙها ڳهي ورتا ۽ پوءِ وري ڳالهائڻ لڳو، “ ...... سڀ گهر وارا ٿوري گهڻي ڳالهه تي مون کي رنڊي جو پُٽ، ڀڄوڪڙ جو پُٽ.......!” دارا جي اکين جا بند ڀڄي پيا. هن ٽشو پيپر سان پنهنجا ڳوڙها اگهيا، ۽ پوءِ ڪجهه لمحن جي پُردرد خاموشي کان پوءِ وري وراڻيو، “بس ماسي، هُو اشراف هئا ۽ آئون ڪميڻو، هُو بُڻ بڻياد وارا هئا ۽ آئون بي بُڻياد!.... هُو امير هئا ۽ آئون غريب... سو بس چيم نه ته پوءِ . . . . . هنن مون کي وساري ڇڏيو ۽ مون هنن کي!...”
ماسي جون اکيون به اداس ٿي ويون. هن جو وجود به ڄڻ ته ٻرندڙ جبل ٿي پيو هو. هن جي اندر جي آنڌ مانڌ پهرين کان وڌيڪ شديد ٿي ويئي. هُو اندر ئي اندر ۾ ريزه ريزه ٿي رهي هئي. هن کي دارا جي داستان پنهنجي ماضي سان جڙندي ٿي نظر آئي، جيئن جيئن دارا پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائيندو ٿي ويو تيئن تيئن ماسي جي من ۾ لوڇ پوڇ جي رفتار پهرين کان تيز ٿيندي ٿي ويئي، دارا جي داستان جي ڪڙي ڪڙي هن کي ماضي جي ڪنهن قصي سان ملندي ٿي نظر آئي، “تنهنجي پيءُ پنهنجي شوق واري شادي ڪٿان ڪئي هئي؟” ماسي پڇيو.
“الائجي ماسي مون کي خبر ناهي.” دارا چيو، “مون کي رڳو ايتري خبر آهي ته مون سان جڏهن به ڪو وڙهندو هو ته چوندو هو، “رنڊي جا پُٽ!.... ڀاڄوڪڙ جا پُٽ!!”
دارا جا اهي لفظ ماسي کي ڄڻ ته لحد ۾ لاهيندا ٿي ويا. هُو تڙپي پڄري پئي، هن ڦٿڪي لڇي وڏي همت سان پنهنجي سڄي قوت سميٽي دارا کان آخري سوال ڪيو، ماسي پڇيو، “تنهنجي ماءُ جو نالو نجو ته نه هو؟!!”
دارا جڏهن پنهنجي ماءُ جو نالو ردا جي ماسي جي واتان ٻڌو ته سندس تختا نڪري ويا! هن کان ڇرڪ نڪري ويو. “ها!!......” دارا بي اختيار پڇيو، “اوهان ڪيئن سُڃاڻو؟”
دارا جي سوال تي ماسي جون صحرا اکيون به سمنڊ بڻجي پيون. هن جا چپ ڏڪي لرزي پيا پر چُري نه سگهيا. ڳالهيون ايتريون هيون جو ايترا نه لفظ هئا نه ايترو وقت هو ۽ نه ئي ماسي ۾ اهو سڀڪجهه بيان ڪرڻ جي ايتري همت! ماسي ڪوشش جي باوجود هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهي.
درد ڪنهن کي پي وڃي، اهو ته ممڪن آهي مگر ڪو ئي درد کي پي وڃي اهو ناممڪن آهي. درد کي پي سگهجي ئي نٿو! روئڻ سان دل جو بار هلڪو ٿيندو آهي، اهو انڪري آهي جو روئڻ سان اصل ۾ درد جو اخراج ٿيندو آهي. انسان جڏهن ڪاوڙ ۾ ايندو آهي ته تلخ ٿي پوندو آهي، اها تلخي به درد جو اخراج ئي هوندي آهي. زبان ۽ اک، انسان جي درد جي اخراج جا عام ذريعا آهن، جيڪو هر ڪوئي استعمال ڪندو آهي. ان کان علاوه ٻين کي مارڻ کان ويندي پاڻ کي ماري ڇڏڻ تائين درد جي اخراج جا ٻيا به کوڙ سارا وسيلا آهن. درد به درياهه وانگر ئي ٿيندو آهي، جيڪو جيستائين معمول تي هوندو آهي تيستائين زبان ۽ اک ذريعي وهندو رهندو آهي، پر درد جڏهن ان حد کان وڌي ويندو آهي، درد جڏهن زبان جي تلخي ۽ اک جي ڳوڙهي کان ڳرو ٿي ويندو آهي، تڏهن درد به سيلاب بڻجي پوندو آهي! درياهه تي به جڏهن سيلاب ايندو آهي، درياهه تي به جڏهن چاڙهه ٿيندي آهي، درياهه ۾ به جڏهن پاڻي پُل کان چڙهڻ لڳندو آهي، تڏهن درياهه به ڇا ڪندو آهي جو آباديون برباد ڪري، وستيون ويران ڪري، سڀ ڪجهه کي لوڙهي ٻوڙي به پنهنجا رستا پاڻ ئي ٺاهي وهي ويندو آهي. ها، درد به درياهه ئي ٿيندو آهي. انهي کي به هر صورت ۾ اخراج گهرجي! درد به جڏهن حد کان وڌڻ لڳندو آهي، يا ان جي اخراج جا ذريعا نه رهندا آهن تڏهن درد به درياهه وانگر پنهنجا رستا پاڻ ٺاهي خارج ٿيندو آهي. اهي جيڪي نهائين کان نينهن سکندا آهن ۽ اندر ئي اندر جلندا رهندا آهن پر ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍندا آهن! ائين هرگز ناهي ته انهن جي درد جو اخراج نه ٿيندو آهي ۽ اُهي درد کي پِي ويندا آهن! درد کي پي سگهڻ ممڪن ئي نه آهي، اهي، جن جي زبان ۽ اک درد جي اظهار جي لاءِ ڪافي نه رهندي آهي، تن جو درد به درياهه جي سيلاب جيان انهن جي وجود کي هنڌان هنڌان ٽوڙي مروڙي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي نڪري نروار ٿي پوندو آهي! پوءِ ڪي شاعر، ليکڪ، اداڪار گلوڪار ٿي ويندا آهن! ته ڪي مجنون مستانا ديوانا بيگانا!. . .. ها، اهي سڀ به درد جي اخراج جا ذريعا آهن پر درد جي انهن سڀني ذريعن کان پوءِ به، اڃا هڪ ذريعو ٻيو به آهي، جيڪو انهن سڀني کان وڌيڪ پُردرد ۽ مختلف ٿيندو آهي! درد جو اهو ذريعو صفا اٻوجهه ماڻهن جي مٿن ۾ لڳل آهي! درد جو اهو ذريعو خاص ڪري عورت جي ئي لاءِ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي مرد کان عورت وڌيڪ اٻوجهه آهي! ها، اهي اٻوجهه ماڻهو، جيڪي درد جي شدت کان شاعر، ليکڪ، اداڪار يا فنڪار ٿي نه سگهندا آهن، اهي جيڪي مجنون مستانا ديوانا بيگانا به نه ٿي سگهندا آهن، انهن جو درد جڏهن درياهه وانگر چاڙهه ڪندو آهي تڏهن لمحن ۾ انهن جا وار سفيد ٿي پوندا آهن، لمحن ۾ انهن جي چهري تي درد جون لڪيرون گهنج بڻجي ظاهر ٿي پونديون آهن! لمحن ۾ اهي جواني منجهان جهور ٿي پوندا آهن! لمحن ۾ اهي چُور چُور ٿي پوندا آهن!!! ردا جي ماسي به درحقيقت اهڙن ئي اٻوجهه ماڻهن منجهان هئي سو اهو ئي سبب هو جو اڄ جڏهن سندس درد سيلاب بڻجي پيو ته هُو به هنڌان هنڌان ڦاٽي پئي! هُوءَ به ڪجهه به ڪڇي نه سگهي! اڄ جڏهن هن جي لاءِ درد جي اخراج جا سڀئي ذريعا ناڪافي ٿي پيا تڏهن نتيجي ۾ درد جو اهو سمورو سيلاب لمحن ۾ ريکون ٿي سندس چهري تي اڀري آيو! ماسي جو چهرو لمحن ۾ بدلجي ويو. هُو پاڻ سراپا درد ٿي پئي. دارا ڏٺو، ماسي جو منهن اهو نه رهيو هو، جيڪو هن پهرين نظر ۾ ڏٺو هو. ماسي جو منهن موهن جو دڙو بڻجي پيو! هزارين سال پُراڻو کنڊر!! ماسي جي منهن جا گهنج ڄڻ ته مبهم تاريخ جا اهي ورق هئا، جيڪي دارا پڙهي نه ٿي سگهيو. Palmistry جا ماهر اها دعوى ٿا ڪن ته هٿ لڪيرون جانچڻ به حقيقت ۾ هڪ سائنس آهي. پر منهنجي دل چوي ٿي، ته چهري جا گهنج جانچڻ به هڪ سائنس آهي! جنهن جي دريافت جي ضرورت اڃاڻ باقي آهي، جهڙي طرح، هٿ لڪيرون ڏسي ڪو ئي مستقبل جو حال ٻڌائي سگهي ٿو، تئين چهري جا گهنج ڏسي، ڪو ئي جيڪڏهن ٻڌائڻ وارو هجي ته ماضي جو حال به ٻڌائي سگهي ٿو! ماسي جو منهن نيلو پيلو ٿي پيو هو. هن جو چهرو درد جي تصوير بڻجي پيو هو. ماسي جي اکين ۾ دارا کي هڪ اٿاهه سمنڊ نظر ٿي آيو، جيڪو ڇوليون هڻي رهيو هو! ماسي جون اهي ڇلڪندڙ اکيون سندس ئي چهري ۾ کتل هيون. دارا خود کي انهن اکين جي سمنڊ ۾ لڙهندي محسوس ڪيو. دارا ماسي جي اکين سان اکيون ملائي نه سگهيو. هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
دارا جڏهن ماسي جي اهڙي حالت ڏٺي ته سندس تجسس انتها تي پهچي ويو! دارا کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته آخر ماجرا ڇا آهي! دارا ڪي گهڙيون ماسي کي پاڻ سنڀالڻ جي لاءِ ڏنيون ۽ پوءِ وراڻيو، “ڇا ڳالهه آهي ماسي؟؟..... پليز اوهان مون کي ٻڌايو...”
ماسي ڳيت ڏني، دارا کي ائين لڳو جيئن ماسي ڳيت سان زهر جو ڳوڙهو ڳهي ورتو! ڪجهه ترسي ماسي کيس ڪجهه ٻڌائڻ بدران پڇيو، “تنهنجي پيءُ جي چهري تي به اهو ئي تِر جو نشان آهي نه!؟”
“ها!!!....” دارا جي بيچيني اڃان به وڌي وئي! “ماسي اوهان مون کي کولي ٻڌايو ته اوهان منهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڪيئن ٿا سُڃاڻو..؟” دارا ڏاڍي بيقراري منجهان ماسي کان پڇيو.
ماسي ڪجهه لمحا ماٺ رهي ۽ پوءِ وري به دارا کي ڪجهه ٻڌائڻ جي بدران پڇيائين، “ردا کي سُڃاڻين ٿو؟!”
دارا ردا جي سوال تي ڪجهه صبر ۾ آيو، “مان ردا کي ڪونه ٿو سُڃاڻان... ۽ نه ئي سُڃاڻڻ ٿو چاهيان ماسي!” دارا چيو، “ردا ۾ ڏاڍي پنهنجائپ آهي، پيار آهي، سچائي آهي خلوص آهي. منهنجي لاءِ بس اهو ئي ڪافي آهي!” دارا چيو، “ردا تمام سٺي ڇوڪري آهي.” دارا لڄ شرم واري لهجي ۾ وراڻيو، “ماسي آئون ردا سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان! مون کي ردا هر حال ۾ قبول آهي. پنهنجي ماضي، پنهنجي حال ۽ پنهنجي مستقبل سميت!” دارا ماسي کي چيو، “ماسي جيڪڏهن منهنجي ماءُ هجي ها، ته اوهان وٽ انهي کي وٺي اچان ها ۽ پوءِ اها ڳالهه هُو ئي اوهان سان ڪري ها پر.... “ “جيڪڏهن تنهنجي ماءُ هجي ها ته اها هرگز اها ڳالهه نه ڪري ها دارا!” ماسي دارا جي ڳالهه ڪٽيندي وراڻي.
“ڇا مطلب....!!” ماسي جي ڳالهه دارا کي ڏاڍي عجيب لڳي!
ماسي وٽ هاڻي دارا کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه هو. هن هڪ اونهو گهرو ساهه کنيو ۽ پوءِ دارا کي حقيقت ٻڌائڻ شروع ڪيائين، “اڄ کان ٽيهه سال پهرين جي ڳالهه آهي جو اسان نواب شاهه جي بازارِ حُسن ۾ رهندا هئاسين! مان ۽ منهنجي ڀيڻ نجو!”
دارا جڏهن ماسي جو اهو جملو ٻڌو ته کيس ائين لڳو ڄڻ سندس پيرن جي هيٺيان زمين کسڪي ويئي! هن جا لِڱ ڪاندارجي ويا! هن جي سڄي ڪيفيت ئي بدلجي ويئي! دارا ڪجهه ڪڇي نه سگهيو. هُو اندر ئي اندر بس لُڇڻ پُڇڻ لڳو. ماسي ڳالهه اڳتي وڌائي، “اڄ کان ٽيهه ٻٽيهه سال پهرين اسان جو پُراڻو گراهڪ، سنڌ جو هڪ وڏيرو اسان جي مُجري ۾ آيو. هن نجو جو حُسن و جمال ڏٺو ته مٿس موهت ٿي پيو.. . .. . . اهو وڏيرو هو وڏيرو امير بخش!”
دارا پنهنجي وجود تي وِڄ ڪرندي محسوس ڪئي. هُن جي وجود جو وار وار ماسي جي وڌندڙ گفتگو سان وڍجڻ لڳو! دارا پنهنجي اندر ئي اندر پُرزا پُرزا ٿيڻ لڳو.... ماسي پنهنجي ڳالهه اڃا اڳتي وڌائي، “وڏيرو امير بخش پهرين سال سال ۾ ايندو هو پر نجو جي نينهن کان پوءِ، پهرين ڇهين ڇهين مهيني اچڻ لڳو، پوءِ مهيني مهيني، پوءِ هفتي هفتي...... . . . ۽ پوءِ نيٺ اچي ويهي رهيو ۽ نجو کي پنهنجي پيار جي ڄار ۾ ڦاسائي، نيٺ هڪڙي ڏينهن اتان کنڀي کڻي ويو!”
دارا جي تن بدن ۾ آڳ لڳڻ لڳي. هن جي اندر مان شعلا اُلا ٿي نڪتا! دارا جي وجود ۾ ڄڻ ته ڪو زلزلو اچي ڪڙڪيو هو.! هُن جو مٿو چڪرائجڻ لڳو. هُو ڦٿڪي رهيو هو. ماسي جي ڳالهه اڃا باقي هئي، ماسي پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائي، “نجو کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائيندي ڦاسائيندي وڏيري اميربخش کي ٻه_اڍائي سال لڳي ويا هئا..... انهن ٻه_ اڍائي سالن جي صحبت منجهان نجو اميد سان به ٿي پئي هئي ۽ انهي وچ ۾ هُن هڪڙي ڇوڪري کي به جنم ڏنو هو،.... نجو منهنجي روڪڻ ڪرڻ جي باوجود به پنهنجو سڀڪجهه هتي ڇڏي وڏيري اميربخش سان ڀڄي ويئي هئي...... هُو پنهنجي ڇهن مهينن واري ڇوڪري به هتي ڇڏي پاڻ وڏيري اميربخش سان گڏ هلي ويئي هئي....... ڇهن مهينن جي اها ڇوڪري هئي..... ردا!!!!” ماسي ڪجهه لمحا ترسي وراڻيو، “تون وڏيري اميربخش جو جائز اولاد آهين ۽ ردا ناجائز!..... پر پوءِ به ردا تنهنجي ڀيڻ آهي دارا.....!!”
ماسي جا لفظ نه هئا، ڄڻڪه ياجوج ۽ ماجوج هئا، جي سڀ ڪجهه ڳڙڪائي ناس ڪري ويا. ماسي جي انهي جملي سان دارا جي دل جي دنيا ۾ ڄڻ ته قيامت برپا ٿي پئي.
دارا جي لاءِ سڀڪجهه ختم ٿي چُڪو هو هاڻي! ڪجهه به باقي نه رهيو هو. هاڻي هن ۾ ردا کي اک کڻي نهارڻ جي به همت باقي نه رهي هئي. دارا اٿيو، بيٺو، دارا پنهنجي سامهون ڀت تي لڳل شاهه جي سُر رامڪلي جي ‘جي ڀائين جوڳي ٿيان!’ واري ڪنهن بيت جي پينٽگ ڏي نهاريو، ويرانو ئي ويرانو هو، جنهن ۾ ڪوئي جوڳي هو جو هلي رهيو هو! دارا هڪ گهڙي انهي کي گهوريو، ۽ پوءِ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي ئي ردا جي گهر مان ٻاهر نڪري ويو......!
دارا آهستي آهستي هلندو ئي رهيو، هلندو ئي رهيو... دارا جي ڪا به منزل نه هئي، دارا جو ڪو به مقصد نه هو.... دارا جو ڪجهه به نه هو... نه گهر... نه شهر... نه يار... نه دوست....نه آفيس... نه لکڻ......!... دارا بي منزل سفر تي بس بنا ڪنهن تعين جي هلي رهيو هو.... دارا جو حافظو ختم ٿي ويو هو... هن وٽ ڪا ياد باقي نه رهي هئي..... نه زينت.... نه ردا..... نه ئي ڪوئي ٻيو.....!
دارا وٽ هاڻي درد ئي نه رهيو هو...... درد جو جواز ئي نه رهيو هو!
***
“ماسي دارا ڪٿي آ!؟” ردا ڪجهه دير ۾ ماني تيار ڪري اندر آئي ته دارا کي نه ڏسي ماسي کان پڇيائين، “ڪيڏانهن ويو دارا؟؟”
ماسي ڄڻ ته پٿر جو بُت بڻجي پئي هئي. هُو ڪجهه ڪڇي نه سگهي! “ماسي دارا ڪٿي آهي؟؟..... “ڪيڏانهن ويو دارا...؟؟” ردا ماسي کي ڌونڌاڙي ڌونڌاڙي پُڇڻ لڳي.
“دارا هليو ويو.....ردا!” ماسي ڪجهه ڳالهايو.
“ڪيڏانهن ويو دارا؟” ردا تڙپي پئي!
“الائي ڪيڏانهن ويو.......” ماسي وراڻي، “پر ويو هليو هميشه جي لاءِ...!”
“ڇا مطلب ماسي؟؟!” ردا حيران ٿيندي ماسي کان پڇيو.
“ها ردا!” ماسي چيس، “هاڻي دارا موٽي نه ايندو تو وٽ!”
“پر ڇو.....؟؟!!” ردا پڄري پئي!
ماسي کيس ٻانهن کان جهلي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ پوءِ کيس آهستگي سان اهو سارو قصو ردا کي ٻڌائي ڇڏيائين، جيڪو ڪجهه دير پهرين دارا کي ٻڌايو هئائين!
ردا به اهو قصو ائين ئي ٻڌو جيئن دارا ٻڌو هو،. . . . . . ۽ پوءِ هن به ائين محسوس ٿي ڪيو جيئن دارا ڪيو هو. . .. . . . . . هن تي به اهڙي ئي قيامت برپا ٿي جيڪا دارا تي ٿي هئي! . . . .. . .