ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 3

مسٽر دارا رات دير سان گهر آيو هو. هُو ڏاڍو ٿڪل هو. هُو پنهنجي ئي بُت مان بيزار هو. هن ايندي ئي پنهنجو ڪوٽ لاهي هينگر تي ٽنگيو ۽ بيڊ تي ليٽي پيو ۽ اتي ئي الوپ ٿي ويو. مسٽر دارا رات جو ڀلي ڪيڏو ئي دير سان ڇو نه سمهي، پر اها هن جي فطرت هئي جو هُو صبح جو سوير اٿندو هو. ان رات به دارا ڏاڍي دير سان ستو هو پر هُو صبح جو سوير اٿيو ۽ تيار ٿي آفيس هليو ويو. دارا کي پنهنجي آفيس ۾ کوڙ سارا ڪم هئا، اڄ هڪ خاص ميٽنگ به هئي، ڪنهن نئين پروجيڪٽ تي ڪم بابت سوچ ويچار ڪرڻو هو. مسٽر دارا شام تائين آفيس جا اهي سمورا ڪم به اڪلايا ۽ ميٽنگ مان به فارغ ٿي ويو. هُو هاڻي واپسي جا ئي سانباها ڪري رهيو هو، جو پٽيوالو وٽس ڪي ڪاغذ کڻي آيو، جن تي Signature ڪرڻي هئي. مسٽر دارا تڙ تڪڙ ۾ پين کنئي ۽ Signature ڪرڻ لڳو. Signature ڪندي ڪندي مسٽر دارا جا هٿ اوچتو رڪجي ويا، ۽ هُو سوچ ۾ پئجي ويو. پٽيوالو ڪجهه دير خاموش رهيو پر پوءِ نيٺ ٿڪجي وراڻيو، “سائين خير ته آهي؟”
پٽيوالي جي آواز تي مسٽر دارا کان هلڪو ڇرڪ نڪتو ۽ پوءِ هن جلدي جلدي ۾ ڪاغذ Signature ڪري پٽيوالي کي ڏنا. پٽيوالو ڪاغذ کڻي هليو ويو ۽ مسٽر دارا ماٺ ڪري ڪرسي تي ويهي رهيو.
“اوهان Signature ڪري رهيا آهيو يا ڪا شيءِ ڊاهي رهيا آهيو؟” مسٽر دارا جي ذهن ۾ ردا جو چيل اهو جملو گونجڻ لڳو. هُو پنهنجي ساءِ چوڻ لڳو، ‘ڪيڏي نه عجيب ڇوڪري هئي هُو!’ هن هڪ گهرو اونهو ساهه کنيو، ‘مون کي زندگي ۾ ڪڏهن ڪنهن ائين نه چيو!........’ هن سوچيو، ‘ مون ڪيترائي ڀيرا Signature ڪئي پر مون کي اهو ڪجهه ڇو نظر نه آيو؟ جيڪو هُن ڏٺو! مون کي ائين ڇو محسوس نه ٿيو؟ جيئن هُن محسوس ڪيو!’
“اوهان Signature ڪري رهيا آهيو يا ڪا شيءِ ڊاهي رهيا آهيو؟” مسٽر دارا انهي جملي جي پاتال ۾ پيهي ويو. ها! مان Signature ڪندو ئي ناهيان! مان ته ڪا شيءِ ڊاهيندو آهيان. ڪا ٻي شيءِ نه، بلڪهِ پنهنجو پاڻ ئي ڊاهيندو آهيان مان! مان پنهنجي ئي ذات جي نفي ڪندو آهيان! ۽ اها نفي مان گهڻو اڳ کان ڪندو آيو آهيان! مان پنهنجو پاڻ کي گهڻو اڳ کان ڊاهيندو رهيو آهيان؛ ائين ٿو لڳي ڄڻ ازل کان به اڳ کان!......... دارا انهن ئي خيالن ۾ گم هو جو پٽيوالو چانهه جو ڪوپ کڻي آيو، ۽ اچي سندس ميز تي رکي وراڻيو، “سائين هي اسپيشل دود پتي پيئو ۽ جان ٺاهيو!... اڄ اوهان ڏاڍا ٿڪل ٿا لڳو، انڪري خاص اوهان جي لاءِ ٺاهي آيو آهيان!” مسٽر دارا آفيسر هو پر آفيسرن وانگر نه هو. هن جي سڀني سان دوستي هئي. پٽيوالو فضلو به ساڻس دوستن جيان حجتون ڪندو رهندو هو. دارا فضلو سان ٿورو مسڪرايو ۽ پوءِ چانهه کڻي پيئڻ لڳو. فضلو جي اسپيشل دود پتي پيئندي، دارا هڪ اونهو گهرو ساھ کنيو ۽ ميز تي پيل ڪاغذ پاڻ ڏي سوري ان تي Signature ڪئي. هن Signature ڪئي ته سندس ڪنن ۾ وري اهو ئي ساڳيو ردا وارو جملو گونجيو، ‘اوهان Signature ڪري رهيا آهيو يا ڪا شيءِ ڊاهي رهيا آهيو!’ دارا ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي آهستي آهستي گرم گرم چانهه جون سرڪيون ڀرڻ لڳو. دارا جي سرڪين ۾ ايترو ته وقفو هو جو گرم چانهه ٿڌي وئي. دارا جون اکيون ميز تي پيل ڪاغذ تي ٿيل سندس Signature تي کتل هيون پر دارا نه ميز ڏسي رهيو هو، نه ميز تي پيل ڪاغذ، ۽ نه ئي ان تي ٿيل پنهنجي Signature! ..... دارا کي انهن مان ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. هن کي ڪجهه ٻيو نظر اچي رهيو هو. دارا انهي پنهنجي Signature جي پاتال ۾ پيهي پسي رهيو هو، ڪو ويرانو آهي، ڪو صحرا آهي، جنهن ۾ هُو تنها ڀٽڪي رهيو آهي، هُو رڻ جو راهي آهي، هُو مدتن جو مسافر آهي، هو صدين جي سفر تي آهي! هُو هڪ عرصي کان بنا ساهي جي هلي رهيو آهي. هو گهڻو اڳ انهي راهه جو راهي ٿيو هو. رڻ جو راهي! راههِ فرار جو راهي! ها، هُو راهه فرار جو راهي آهي. دارا ڏسي رهيو هو ته، گهڻو اڳ ڪڏهن ڪنهن لمحي هن جي دل ڀرجي وئي هئي، هن جي دل بي سبب بيچين ٿي پئي هئي. گهڻو اڳ هڪ محفل ۾ هن کي تنهائي وڪوڙي وئي هئي! گهڻو اڳ هڪ هجوم هن کي ويرانو لڳو هو ۽ پوءِ هن بيزار ٿي خودڪشي ڪرڻ چاهي هئي! هن مرڻ چاهيو هو، هن فنا جو ارادو ڪيو هو، بس پوءِ ان کان پهرين بابا بلهي شاھ هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو هو،
چــل بلــــهيا، چـــل اوتهي چلـيي، جتهـــــي ســـاري اني!
نا ڪوئي سا ڊي ذات پڇاڻي، نا ڪو ئي سا نون مني!
بس پوءِ هن ڪنهن هڪ طرف منهن ڪيو هو ۽ پوءِ انهي اڄاتي طرف هلڻ شروع ڪيو هو. هُو هلندو رهيو هو، هلندو ئي رهيو هو. هُو بنا ساهي جي هلندو ئي رهيو هو! انهي راهه ۾ رڻ هو، رُڃ هئي! پر هو انهي رڻ ۾، انهي رڃ ۾ ڪاهي پيو هو، اهو گهاٽي جو سودو هو، اهو ڏاڍو جوکم وارو ڪم هو، اهو ته فنا کان به مشڪل هو پر هن اهو اوکو جوکو کنيو هو. هو انهي ديس جي ڳولا ۾ نڪري پيو هو، جتي هرڪوئي اجنبي هجي! اوپرو هجي! ها، هو هڪ عرصي تائين انهي رڃ ۾ رلندو رهيو هو، انهي اوپري ديس جي ڳولا ۾ هن صدين جو سفر ڪيو هو، هو هڪ اڄاتي عرصي تائين هلي هلي ٿڪجي پيو هو ۽ پوءِ نيٺ ٿڪجي ٿڪجي هن ڪي پل ساهي جو سوچيو هو، هو بيٺو هو، هن پنهنجي پٿون ٿي ويل پيرن ڏي ڏٺو هو، هن جي پٿون پيرن تي صدين جي سفر جي تاريخ نقش هئي. هن پنهنجي پيرن تان نگاهون هٽائي پٺتي مُڙي ڏٺو هو، هن پٺتي مُڙي صديون ڏسڻ چاهيون هيون، هن پنهنجو اهو سمورو سفر ڏسڻ جي لاءِ پٺتي مُڙي نهاريو هو، پر هن جڏهن اهو ڏسڻ جي لاءِ ڪنڌ ورائي پٺتي ڏٺو ته هن جي اچرج جي انتها نه رهي! هن ڏٺو ته هُو اڃان تائين اتي ئي بيٺو رهيو هو جتان هن صديون اڳ هلڻ شروع ڪيو هو! هن پنهنجي پٿون ٿي ويل پيرن ڏي وري نهاريو هو، هن ڏٺو ته هن جا پير اتي ئي بيٺا هئا جتان هن پهرين وک کنئي هئي! هُن جڏهن صدين جي سفر جي باوجود به پنهنجي پاڻ کي اتي ئي بيٺل ڏٺو تڏهن هن پنهنجي پاڻ کي ڊهندي محسوس ڪيو. هن کي ائين لڳو جيئن هو صديون اڳ پنهنجي پاڻ کي ٺاهڻ جي لاءِ صدين جي سفر تي نڪتو هو، پر اڄ هن جڏهن پٺتي مُڙي نهاريو هو ته پل ۾ ڊهي ويو هو. مدتن جي محنت تي پل ۾ پاڻي ڦري ويو هو! دارا کي اهو سوچي ائين لڳي رهيو هو جيئن هو ازل کان وٺي هڪ دائري ۾ ئي هلي رهيو آهي! ائين جيئن نار ۾ ڏاند هلندو رهندو آهي، هن جون اکيون ٻڌل هونديون آهن هن کي ڪا خبر ئي نه هوندي آهي، هو بس هلندو ئي رهندو آهي، پر سڄو ڏينهن مسلسل هلڻ جي باوجود به هو درحقيقت هڪ وک به اڳتي هلي نه سگهندو آهي! دارا کي ائين لڳو ڄڻ اها راھِ فرار جي راهه هئي، جنهن تي هن گهڻو اڳ هلڻ شروع ڪيو هو. پر هُو فرار ٿي نه سگهيو هو! هن کي ائين لڳو هو، ڄڻ هن هڪ نئين دنيا جي ڳولا ۾ گهڻو اڳ اهو سفر شروع ڪيو هو پر هو صدين تائين اهو سفر طئه ڪري نه سگهيو هو، هو اها دنيا دريافت ڪري نه سگهيو هو! هن گهڻو ئي ڪوشش ڪئي هئي پر هُو هِن دنيا جي حدن منجهان نڪري نه سگهيو هو. دارا کي ائين لڳو هو جيئن هُن هڪ عرصي کان پنهنجي ئي کل مان نڪرڻ جي ٿي ڪئي! هو پنهنجا ئي پر کوهي رهيو هو، پر گهڻو ئي ڪوشش جي باوجود به هو پنهنجي کل منجهان نڪري نه سگهيو هو، هو خود کان آزاد ٿي نه سگهيو هو!.............
.. . .... ڪنهن پل دارا جڏهن انهي پاتال مان ٻاهر نڪتو ۽ هوش سڀناليو ته هن جي نگاهه پنهنجي سامهون واري ڪوري ڪاغذ تي پيئي، جيڪو سڄو هن پنهنجي signature ڪري ڪري ڪارو ڪري ڇڏيو هو. دارا اهو ڪارو ڪاغذ پنهنجي ڪوٽ ۾ وڌو ۽ تڪڙو تڪڙو آفيس مان نڪري گهر ڏي روانو ٿي ويو.....