ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 12

“ دارا.... تون .... ته ڏس.. . ٺـــــ . . . هي ..... وئين...... پر.... پر....... پـ....ر مان... تـ تـ ته ڊهي و ويس...... دا...را!” زينت جا اهي آخري لفظ دارا جي دماغ ۾ ائين گهمي رهيا هئا جيئن فرعون جي نڪ ۾ مڇر! زينت جا اچاريل اهي آخري ٽٽل ڦٽل لفظ دارا کي ٽوڙي ڦوڙي رهيا هئا! دارا پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍو ڪميٽيڊ رهندو هو پر انهن لفظن جي لرزش کيس ٻئي ڏينهن آفيس وڃڻ نه ڏنو هو! دارا ساري رات اکين تي گذاري هئي، ڪيئي ڀيرا ماسي به کائنس پڇيو هو ته، “ڇا ڳالهه آهي ابا؟” مگر هن هر ڀيري “ڪا ڳالهه ناهي ماسي تون وڃي چانهه ٺاهي اچ!” چئي کيس روانو ڪري ڇڏيو هو.
“دارا.... تون .... ته ڏس.. . ٺـــــ . .. هي ..... وئين...... پر.... پر....... پـ....ر مان... تـ تـ ته ڊهي و ويس...... دا...را!” دارا کي سوٽ بوٽ ۾ تيار ڏسي زماني سان گڏ زينت به اهو ئي سمجهيو هو ته دارا پاڻ کي ٺاهي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب هو جو هن اهي لفظ اچاريا هئا. اِهي، اهي لفظ هئا جيڪي ٻڌڻ کان پوءِ دارا کي پنهنجو لباس ڪنڊا بنجي چُڀڻ لڳو هو! دارا جي دل چاهيو ٿي ته اهو سڀڪجهه ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏي! هن کي پنهنجي وجود منجهان وحشت ٿيڻ لڳي! اهو ئي افسوس هو، جو پل پل دارا کي اڏوهي جيان اندر ئي اندر کائي کوکلو ڪندو ٿي ويو.
دارا جي دل تي ڏاڍو غبار ٿي پيو هو، اهڙو غبار اڳ ڪڏهن نه ٿيو هئس. هن جو ڏينهن انهي ئي ڪمري ۾ گذري ويو. هن ماني به نه جهڙي کاڌي ۽ بس چپ چاپ بيڊ تي ليٽيو رهيو. هن پنهنجي سوچ مٽائڻ جي لاءِ ڪيئي ٽي وي چينل مٽايا پر هر چينل تي کيس هڪ ئي چهرو نظر ٿي آيو، جواني ۾ جهور ٿي ويل چهرو! درد جي علامت بنجي ويل چهرو! سوال . . . . .. سوال ڪيئي سوال بڻجي ويل چهرو! زندگي جي آخري سرحد تي بيٺل، موت جي منهن ۾ ويندڙ اداس ۽ ڪمزور چهرو! هر چينل تي کيس بس هڪڙو ئي جملو بريڪنگ نيوز بڻجي هلي رهيو هو ، “دارا.... تون .... ته ڏس.. . ٺــــــ . . . . هي ..... وئين...... پر.... پر....... پـ....ر مان... تـ تـ ته ڊهي و ويس...... دا...را!”
شام ٿي ته دارا پنهنجي ڪمري جي لائٽ ڊم ڪئي، هن اگربتي ٻاري، سگريٽ دکايو ۽ شراب کي جام ۾ لاٿو! هن سگريٽ جي دونهين ۾ چتايو، هن اگربتي جي خوشبودار، محوِ رقص دونهين ۾ گهوريو، هن شراب جي جام ۾ اڀرندڙ لهندڙ لهرين ۾ نهاريو. هُو هميشه ائين ئي ڪندو هو. دارا جڏهن به حد کان وڌيڪ پاش پاش ٿي پوندو هو تڏهن ائين ئي ڪندو هو، هُو انهن دائرن ۾ پنهنجو حسين ماضي ڏسندو هو، هُو انهن ٺهندڙ ڊهندڙ دائرن ۾ زينت جو جوان کلندڙ مُرڪندڙ ٽهڪ ڏيندڙ چهرو ٺهندي ڊهندي ڏسندو هو. هن زينت کي انهن دائرن ۾ هميشه ٺهندي ڊهندي ضرور ڏٺو هو مگر هن زينت کي جواني ۾ جهور ٿيندي، نه ڏٺو هو، هن ڪڏهن زينت کي درد جي علامت ٿيندي نه ڏٺو هو، سوال . . . . . . . سوال ۽ ڪيئي سوال ٿيندي نه ڏٺو هو، هن ڪڏهن زينت جي چهري کي زندگي جي آخري سرحد تي بيٺل نه ڏٺو هو، هن انهن دائرن ۾ زينت جو ايترو اداس ۽ ڪمزور چهرو نه ڏٺو هو! پر اڄ....... اڄ هن ڪافي دير انهن ٺهندڙ ڊهندڙ دائرن ۾ زينت جو اهو کلندڙ ٽهڪندڙ جوان چهرو ڳولهيو پر کيس اهو چهرو نظر ئي نه اچي سگهيو! بس پوءِ اڄ جڏهن آخر تائين کيس زينت جو اهو چمڪندڙ چهرو نظر نه آيو تڏهن دارا کي شدت سان اهو احساس ٿيڻ لڳو ته زينت ته سندس دنيا مان گهڻو اڳ ئي وڃي چڪي هئي، پر پوءِ به هن جو هڪ اڄاتو احساس سندس دل ۾ ضرور رهجي ويو هو. دارا کي انهي احساس جو به شعوري طور تي ڪو علم نه هو، پر حقيقت هي ئي هئي ته دارا لاشعوري طور تي انهي احساس جي دم سان هيستائين جو سفر ڪري سگهيو هو! سگريٽ جي دونهين جي ڇلن ۾ گم ٿي وڃڻ، اگربتي جي خوشبودار دونهين جي محوِ رقص دائرن ۾ وڃائجي وڃڻ ۽ شراب جي جام ۾ ٺهندڙ ڊهندڙ لهرن ۾ لڙهي وڃڻ، اهي سڀ زينت جي انهي احساس جون نشانيون هيون جيڪو زينت جي وڃڻ کان پوءِ دارا جي دل ۾ باقي رهجي ويو هو. انهي احساس جو احساس دارا کي اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو، پر اڄ، جڏهن دير تائين کيس زينت جو اهو چهرو نظر نه اچي سگهيو هو تڏهن، زينت سان گڏ اهو احساس به مري ويو هو، ۽ اڄ ئي دارا کي انهي احساس جي مري وڃڻ جو احساس ٿيو هو. اها رات، رات نه هئي، قيامت هئي جا ٿي گذري! صبح ٿيو ته دارا کي ڪئلنڊر ٻڌايو ته اڄ آچر آهي. هن جو خيال هو ته آفيس ۾ وڃي هِن هُن سان وقت گذاريندو پر هاڻي هن جي لاءِ وقت وڏو مسئلو بڻجي پيو. دارا کي سيٺ سلامت جو خيال آيو پر سيٺ سلامت جي طبيعت ۾ سنجيدگي ئي نه هئي، هو هر وقت کلندو کلائيندو رهندو هو سو دارا کي اڄ اتي وڃڻ مناسب نه لڳو! دارا جي طبيعت به ڏاڍي عجيب هئي. ماڻهو جڏهن اداس ٿيندا آهن تڏهن اهڙا ماڻهو ڳولهيندا آهن جيڪي کلندڙ ۽ کلائيندڙ هجن ته جيئن درد ڪجهه هلڪو ٿئي پر دارا زهر جو علاج زهر سان ڪندڙ هو، زخم کي زخم سان ڀريندڙ، درد جو علاج درد سان ڪندڙ هو سو دارا کي درد جي تلاش هئي. دارا دير تائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ هُو پنهنجي ڪمري مان نڪتو، هيٺ لٿو ۽ گاڏي ڪڍي منظور موالي ڏي روانو ٿي ويو. دارا جي گاڏي جي رفتار تيز نه هئي، هُو پنهنجي رمز ۾ سفر ڪندو منظور جي دڪان تي پهچي ويو. هن گاڏي بيهاري، ڪنڌ ورائي دڪان ڏي ڏٺو، ته کيس دڪان بند نظر آيو! دارا کي اهو ڏسي ڏاڍي حيراني ٿي ۽ پريشاني به ٿي، هُو ڪجهه گهڙيون پريشاني جي عالم ۾ اتي ئي بيٺو رهيو، پوءِ کيس پاسي واري ڪنهن ٻئي دڪان واري ٻڌايو ته منظور موالي جو دڪان هفتي کان بند آهي، هُو مولائي سڀڪجهه ڇڏي سائين ڪريم شاھ ڏي هليو ويو آهي! دارا جڏهن اهو ٻڌو ته ڏاڍو اچرج ۾ پئجي ويو. دارا جي دل ڏاڍي اداس هئي. هن وٽ هاڻي ٻي ڪا به واھ نه هئي، هن گاڏي کي نئون رُخ ڏنو ۽ ڪنهن کان سائين ڪريم شاھ جو ڏس پنڌ پڇي انهي ڏي روانو ٿي ويو. گاڏي هلندي رهي ۽ هن بابا بلهي شاهه جو راڳ لڳائي ڇڏيو. راڳ به ڏاڍي عجيب شيءِ ٿيندي آهي! انسان جي فطرت آهي، جو کيس جيڪڏهن ٿوري چهنڊڙي به لڳندي آهي ته ان کي تڪليف ٿيندي آهي! ڪو به انسان پنهنجي مرضي سان ٿوري به درد جي تمنا نه ڪندو آهي، پر راڳ اها واحد شيءِ آهي، جو راڳ جي ٻُڌڻ سان توڙي جو پُراڻا ڦٽ به تازا ٿي پوندا آهن، توڙي جو زخمن کي اڃا به هوا لڳندي آهي، پر پوءِ به انسان وري وري راڳ ٻُڌڻ جي تمنا ڪندو آهي! ڪو به ماڻهو سُتل سور جاڳائڻ نه چاهيندو آهي پر ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، جو ماڻهو اهو ئي ڪلام ورائي ورائي ٻُڌڻ جي تمنا ڪندو آهي، جنهن جي ٻُڌڻ سان سُتل سُور جاڳي پون! جيئن جيئن اهو راڳ هلندو رهيو تيئن تيئن دارا جي دل جي ڪيفيت به تبديل ٿيندي رهي. دارا تي هڪ خاموش وجد طاري ٿيندو ويو. دارا پنهنجي پر ۾ تصوف جو عجيب نظارو ڪندو ويو. اهو راڳ ٻڌندي ٻڌندي دارا جي دل جي اسڪرين تي ڪوئي مدهوش ۽ پُرڪيف مست الست ديوانو يگانو محوِ رقص ترڻ لڳو. ڪو ئي هو، جنهن جا وار وڏا هئا، جنهن جا انگ ڀڀوت هئا، جنهن جي ڇتن منجهه ڇائي هئي، ها، ڪوئي اهڙو مستانو هو جو ساري دنيا کان بيگانو هو، دنيا جهان ته ڇا پر هن کي پنهنجي به ڪا خبر نه هئي! هُو پنهنجي مستي ۾ مست هو. هُو مدهوشي ۾ گم هو. هُو زماني جي هر غم کان آجو هو، آزاد هو. دارا بابا بلهي شاهه جو راڳ ٻڌندو رهيو ۽ انهي مست الست جي مستي جو مشاهدو به ڪندو رهيو. ان وچ ۾ دارا جي گاڏي شهر لتاڙي ويراني ڏي وري وئي، هن جهر جهنگ جهاڳيا ۽ ٻه_ ٽي ڪلاڪن جي ڊگهي سفر کان پوءِ پڇائيندي پڇائيندو نيٺ وڃي هڪ بر ۾ لڳل بازار ۾ پهتو. جتي سائين ڪريم شاھ جو ڏيرو هو.
دارا پنهنجي گاڏي هڪڙي پاسي ڪري بيهاري ۽ پاڻ لهي وڃي ٻٻر جي هيٺيان واري نلڪي منجهان هٿ منهن ڌوتائين. هو اڃا نلڪي منجهان نڪتو ئي مس هو جو هن جي نظر هڪ اهڙي همراهه تي پئي جنهن جي هٿن ۾ ڪنگڻ هئا، ڪنن ۾ واليون هيون، هن کي ڪارو جُبو پاتل هو، هن جي ڏاڙهي وڌيل هئي، وار وڏا هئس. انهي همراهه دارا کي ڏسندي ئي دارا کي هيڪر ته اهو ئي مست الست دنيا جهان کان بيگانو ديوانو مستانو ياد اچي ويو جيڪو بابا بلهي شاهه جي راڳ تي سموري سفر دوران سندس دل تي ترندو رهيو هو، پر پوءِ دارا جلد ئي ان شخص کي سڃاڻي ورتو ۽ کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. اهو ڪاري جُبي وارو همراهه ڪو ٻيو نه هو بلڪهِ منظور مولائي ئي هو. منظور مولائي نلڪي تي مٽ ڀرڻ آيو هو. منظور به دارا کي اتي ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ خوش به ٿيو. هن اتي دارا جو وڏي دل سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس وڃي سائين سان ملايو. منظور مولائي جي برعڪس سائين ڪريم شاهه کي اڇو پهراڻ پاتل هو، هن جي ڇتن ۾ ڇائي نه هئي، هن جي هٿن ۾ ڪي ڪنگڻ نه هئا. باقي سائين جا وار وڏا هئا جيڪي ڪلهن تي لڙڪي رهيا هئس. سائين جي چهري ۾ نُور چمڪي رهيو هو. هُو اتي موجود مڙني ۾ منفرد نظر اچي رهيو هو. سائين جي سڀني ساٿين کي ڪارا جُبا پاتل هئا، انهن جا انداز منظور مولائي جهڙا ئي هئا. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪافي مُريد ويٺل هئا. هڪ ڳالهه جيڪا دارا کي ڪجهه نئين نظر آئي، سا اها هئي ته سائين ڪريم شاهه پنهنجي مريدن سان بلڪل گڏيو ويٺو هو، سائين ٻين مُرشدن وانگر الڳ ٿلڳ پنهنجي هستي مستي رکندڙ نه هو. منظور مولائي دارا کي وٺي سڌو اچي سائين سان ملايو ۽ سندس ٺيڪ ٺاڪ تعارف به ڪرايائينس. سائين ساڻس ڏاڍي پنهنجائپ منجهان مليو ۽ کيس پنهنجي ڀر ۾ ويجهو ڪري ويهاريائين.
“ابا ڀلا ٻڌايو ته معاف، بندي وانگر ڪجي يا خدا وانگر؟”سائين ڪريم شاهه جي چهري تي عجيب پُر اطمينان مُرڪ ڦهليل هئي.
ويٺلن سڀني سائين جي انهي سوال جي جواب ۾وراڻيو، “سائين خدا وانگر ڪجي!”
“ابا خدا ته اڌورو معاف ڪندو اٿئو!” سائين جي چهري تي ساڳي ئي پُر اطمينان مُرڪ ڦهليل رهي.
“سائين اهو وري ڪيئن؟” سڀني پڇيو. دارا به ڪن ڏنو.
“اهو وري هينئن جو هن ڏسو حضرت آدمؑ کي به اڌورو معاف ڪيو هو نه!”
ويٺلن کي اڃا به ڳالهه دماغ ۾ نه ويٺي، سندن چهرا وري به سوال ئي بڻيا رهيا. اهو ڏسي سائين وراڻيو، “ابا الله جيڪڏهن آدمؑ کي پورو معاف ڪري ها ته هينئر پاڻ جنت ۾ ڪونه هجون ها!!”
سڀني جڏهن اهو ٻڌو ته کلي پيا. دارا کي به اهو ٻڌي سائين تي ڏاڍو پيار آيو، دارا کي ان لمحي ائين لڳو جيئن سائين وتائي فقير جو ٻيو جنم هو! سائين جي ڪچهري ۾ ويٺو ته دارا جي ڪيفيت ڪجهه توازن ۾ آئي، کيس پهرين کان ڪجهه نه ڪجهه فرحت محسوس ٿيڻ لڳي، يا شايد ملڻ سان درد جو احساس ڪجهه گهٽجي ويو هو. هُو چپ چاپ ويهي سائين جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو.
ڪچهري منجهان ڪنهن نوجوان پڇيو، “سائين ماڻهو ته سڀ هڪجهڙا آهن پوءِ ڪو هندو ڪو مسلمان، ڪو سِک ته ڪو عيسائي.... اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟ ۽ ڪيسيتائين هلندو اهو؟”
“ابا ڳالهه ٻڌ،” سائين وراڻيو، “هن دنيا ۾ اچي انسان ته هونئن ئي لوڙي پيو، پر خدا ته انسان کان به وڌيڪ پيو لوڙي!”
نوجوان سميت ڪنهن کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي. سائين وراڻيو، “ابا پهرين خدا سج، چنڊ ۽ تارن ۾ قيد هو، پوء هوا، باهه ۽ پاڻي ۾ قيد ٿيو، ان کان پوءِ وري وڻن، جانورن ۽ ماڻهن ۾ قيد ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ هاڻي وري اهو مسجد مندر ۽ گرجا ۾ قيد آهي ٻيو وري ڇا... . . ..!”
دارا اهو ٻڌو ته کيس ڏاڍا عجيب خيال اچڻ لڳا، هن سوچيو، ڇا خدا به ارتقا جي عمل منجهان گذرندو رهيو آهي ڇا؟.... نه نه نه!! ائين ته نه آهي!..... پوءِ وري اهو ڳجهه ڳولهڻ جي لاءِ سائين جي چيل ڳالهه تي وري غور ڪيو، ‘پهرين خدا سج، چنڊ ۽ تارن ۾ قيد هو، پوء هوا، باهه ۽ پاڻي ۾ قيد ٿيو، ان کان پوءِ وري وڻن، جانورن ۽ ماڻهن ۾ قيد ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ هاڻي وري اهو مسجد مندر ۽ گرجا ۾ قيد آهي.’ ان ڳالهه تي ڪي گهڙيون ڏاڍي ڌيان سان سوچڻ کان پوءِ دارا کي ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچڻ لڳو. دارا پنهنجي چپن ۾ چيو، “يعنى عقيدو ئي خدا آهي!” سائين ڪريم شاهه دارا ڏي ائين نهاريو جو دارا کي ائين لڳو جيئن هن سندس اها سموري اڻ چئي ڳالهه سمجهي ورتي هجي!
سڀئي هڪ ڪنان ٿي سائين جي ڳالهه ٻڌي رهيا هئا، سائين مسڪرائيندي وراڻيو، “اڳي اڻڳڻيا خدا هوندا هئا، پوءِ اهي آهستي آهستي ٿيندا ٿيندا گهٽبا ويا. هاڻي وڃي هڪ خدا باقي رهيو آهي!”
سائين ڪريم شاهه اهو آخري جملو اهڙي انداز ۾ ادا ڪيو جو وري دارا جي دل ۾ خيال آيو، “هڪ به ته عدد آهي! هڪ به ته ڳڻجي ٿو!.... جيڪڏهن هڪ آهي ته پوءِ هڪ سؤ به هوندا! هڪ هزار هڪ لک به....!” پر اتي ڪي اهڙي ذهني سطح جا ماڻهو نه ويٺل هئا، جو اهڙيون ڳالهيون سمجهي سگهن ها سو دارا چاهيندي به اهو ڪجهه چئي نه سگهيو ۽ ماٺ رهيو، ۽ چپ چاپ ٻڌندو رهيو. ڪچهري ڳچ دير هلندي رهي، پوءِ ماني جو وقت ٿيو ته گهڻا ساٿي اٿي موڪلائڻ لڳا. سائين کين ماني جو چيو مگر سڀئي ‘مهرباني’ ڪندا روانا ٿيندا ويا. دارا به ٻين وانگر ‘مهرباني’ ڪئي پر دارا کي سائين ۽ منظور مولائي روڪي ورتو، منظور چيس، “يار دارا پيارا ماني کائي پوءِ وڃ!” ته دارا ويهي رهيو.
دارا ۽ سائين گڏجي ماني کاڌي، تنهائي جي انهن لمحن ۾ دارا پنهنجي دل ۾ کُٽڪندڙ اهو خيال سائين سان اوريو ۽ وراڻيو، “سائين هڪ به ته عدد آهي! هڪ به ته ڳڻجي ٿو!.... جيڪڏهن هڪ آهي ته پوءِ هڪ سؤ به ٿي سگهن ٿا! هڪ هزار هڪ لک به....!”
دارا جي اها ڳالهه ٻڌي سائين ڪريم شاهه جي نوراني چهري تي ڦهليل پُرنور مُرڪ ۾ ويتر واڌارو اچي ويو. هن دارا ڏي مُرڪي ڏٺو ۽ پوءِ صبر جو اشارو ڪري ماني کائڻ لڳو.
ڪجهه ئي دير ۾ جڏهن سائين ۽ دارا ماني کائي واندا ٿيا تڏهن سائين دارا کي پنهنجي سامهون ويهاريو ۽ وراڻيو، “سڄي دنيا ‘خدا! خدا!’ ٿي ڪري پر خدا کي تمام گهٽ ماڻهو سمجهن ٿا!” سائين چيو، “خدا اهو هرگز ناهي جيڪو زمانو سمجهي ٿو! ياد رک ته فقط ‘خدا’ خدا ناهي ابا!..... تون بلڪل درست آهين ته هڪ به ته عدد آهي، هڪ به ته ڳڻبو آهي! هڪ، هڪ سؤ، هڪ هزار، هڪ لک اهي سڀ برابر ئي آهن! زمانو خدا کي ‘هڪ’ چئي درحقيقت خود ئي خدا کي هڪ الڳ وجود ۾ ويڙهي ٿو ڇڏي! خدا هڪ ئي آهي پر ائين نه جيئن زمانو چوي ٿو، جيئن زمانو سمجهي ٿو!” سائين ڪريم شاهه مُرڪندي وراڻيو، “الله هڪ ناهي. .. . هڪ الله آهي. .. . بس هڪ الله!!” دارا کي سائين ڪريم شاهه جون ڳالهيون ڳهنديون ويون، هُو چپ چاپ ٻڌندو رهيو ۽ ائين خماربو ويو ڄڻ مٿس شراب اوتجي رهيو هو، سائين وراڻيو، “‘تون’ مڪمل ايمان ناهي. .. . مڪمل ايمان آهي، ‘تون هي تون’!. . .. ڇاڪاڻ ته صرف ‘تون’ چوڻ سان هڪدم ‘مان’ جو تصور اچي ٿو!. . .جيئن تو کي هڪ خدا سان هڪ سؤ، هڪ هزار، هڪ لک جو تصور اچي ويو. .. . “ سائين وراڻيو، “ ‘تون’ درحقيقت ‘مان’ جي ئي دليل آهي بابا. . .. ۽ ‘مان’ شرڪ آهي! ڪفر آهي!. .. . ‘تون هي تون’ مڪمل ايمان آهي، ڇاڪاڻ ته ‘تون هي تون’ منجهان ‘مان’ جو تصور نٿو اڀري! ‘تون هي تون’ مان ڪو به ٻيو تصور نٿو اچي! سو بس اهو ئي مڪمل تصور آهي!” سائين جو چهرو پهرين کان اڃان به وڌيڪ پُر نور ٿيندو ويو، سائين ڳالهائيندو ويو، “ ‘خدا’ خدا هرگز ناهي، بلڪهِ ‘خدائيت’ خدا آهي!.... ‘خدا’ خدائيت آهي. خدائيت عدد ناهي، خدا کي ڳڻي سگهجي ٿو پر خدائيت کي ڳڻي نٿو سگهجي! خدائيت کي الڳ ڪري نٿو سگهجي، نه ئي خود انهي خدائيت کان الڳ ٿي سگهجي ٿو!!!!” سائين ڪريم شاهه الهندي طرف اشارو ڪندي، وراڻيو، “جس آهي مديني واري ميرؐ کي جنهن خدا جي تصور کي، وجود کان آزاد ڪري ڇڏيو!....... مندر ۾ مورت آهي، گرجا ۾ صليب آهي، مگر ڏسو ته مسجد ۾ ڪجهه به ناهي!...”
دارا به اهو ٻڌي مُرڪي ڏنو، ڄڻ هن جي بدن تان ڪو وڏو وزن لهي ويو دارا خود کي هاڻِ پهرين کان گهڻو هلڪو محسوس ڪري رهيو هو. پوءِ دارا منظور مولائي سان ڪي گهڙيون ڪچهري ۾ گذاريون ۽ پوءِ سائين کان موڪلائڻ لڳو. سائين ڪريم شاهه دارا جي چهري ۾ گهوريو ۽ کيس موڪلائڻ مهل چيائين، “دارا، ٻوٽو ٻج کان شروع ٿيندو آهي ۽ پوءِ جڏهن پاڻ ٻج جهليندو آهي تڏهن واپسي ڏي رُخ ڪندو آهي؛ پوءِ فنا جو راهي ٿيندو آهي. ڪائنات جي هر شيءِ ائين ئي اٿئي؛ هر چيز جڏهن ٺهي بس ٿيندي آهي تڏهن ان ئي نقطي تان ڊهڻ شروع ٿي ويندي آهي! هر چيز ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۾ ئي لڳي پئي اٿئي بابا!”
دارا سائين جي اها ڳالهه ٻڌي ڪي گهڙيون اتي ئي رڪجي ويو. دارا کي ائين لڳو ڄڻ سائين ڪريم شاهه کي سندس دل جي حال جي سموري سُڌ آهي. دارا ويندي ويندي وري ويهي رهيو. ديوار جي ٽيڪ ڏئي دارا سائين جي سامهون ويهي رهيو. هن کي سائين ڪريم شاهه مسيحا نظر ٿي آيو، هن کي ائين لڳو جيئن سائين سندس درد کان بخوبي واقف آهي. “سائين..... آئون روز روز ٺهي ڊهي، ٺهي ڊهي ٿڪجي پيو آهيان!”
“ته پوءِ پاڻ کي ڊاهي ڇڏ بابا!” سائين دارا کي چيو، “هر شيءِ ٺهندي آهي ته پوءِ ئي مٿس ڊهڻ واجب ٿي پوندو آهي!”....... “تون پاڻ کي پاڻ ئي ڊاهي ڇڏيندين ته بس پوءِ توکي مڪتي ملي ويندي!...... صوفي مونن ۾ منهن وجهي ڇا ڪندا آهن؟..... مومن مسجد ۾ وڃي ڇا ڪندا آهن؟......... اهي سڀ پنهنجي پاڻ کي ڊاهي ئي ته ڇڏيندا آهن بابا!”
دارا جڏهن سائين ڪريم شاهه واتان اها ڳالهه ٻڌي ته کيس پنهنجو اهو جملو ياد آيو جيڪو هن ردا کي آٽوگراف ڏيندي ٽشو پيپر تي لکيو هو، ‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’ اهو ياد ايندي ئي دارا جون الئه ڇو اکيون ڀرجي آيون.
سائين جي چهري تي مُرڪ هئي ۽ دارا جي اکين ۾ ڳوڙها!
“تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها آهن ۽ منهنجي منهن تي مُرڪون آهن!.....” سائين دارا کي چيو، “تنهنجي ڳوڙهن ۽ منهنجي مُرڪن جي وچ ۾ ايترو ئي فاصلو آهي، جيترو تون ڏسين پيو ابا!”
دارا جا ڳوڙها بي اختيار ڳڙي پيا هئا. سائين پنهنجي پهراڻ جي دامن سان دارا جا ڳوڙها اگهيا. سائين جي انهي عمل سان کيس زينت ياد اچي وئي، هُو جڏهن پنهنجي دل جا درد ٻڌائيندي زينت جي آڏو روئي پوندو هو ته زينت پنهنجي پوتي جي پلاند سان سندس ڳوڙها اگهندي هئي. دارا کي ان وقت به اهڙو ئي احساس ٿيندو هو جهڙو هينئر کيس ٿي رهيو هو!
ڪجهه دير جي خاموشي رهي. تنهن کان پوءِ دارا وراڻيو، “صوفين جي دنيا ڏاڍي پُرسڪون ٿيندي آهي سائين.” دارا چيو، “سائين آئون جڏهن گهڻو بيچين ٿيندو آهيان ته بابا بلهي شاهه جو ڪلام يا ڀٽائي سڳوري جو راڳ لڳائي ڇڏيندو آهيان.... بس پوءِ مون کي ائين لڳندو آهي، جيئن منهنجي ڪلهي ۾ ڪينرو آهي، مان جوڳي آهيان، مست الست آهيان..... منهنجي ڪائي منزل ڪانهي، مون کي فقط هلندو ئي رهڻو آهي، هلندو ئي رهڻو آهي، پوءِ بس مان پنهنجي پر ۾ هلندو ئي رهندو آهيان، هلندو ئي رهندو آهيان.... ڪنهن هڪ طرف منهن ڪري هلندو ئي رهندو آهيان مان......!!” دارا وراڻيو، “مون کي بابا بلهي شاهه جو اهو دوهو ڏاڍو وڻندو آهي سائين؛
چــــــل بُـــــلهيا! چـــــل اوٿي چليي، جٿي ســــاري انّي!
نا ڪو ئي ساڊي ذات پڇاڻي، نا ڪوئي سانون منّي!”
سائين جي مُک واري مُرڪ وڌيڪ گِهري ٿي وئي، هن دارا کي چيو، “خبر ٿئي صوفي ڇا ٿيندو آهي؟”
دارا پنهنجيون آلوده اکيون مٿي کڻي سائين ڪريم شاهه جي چهري ڏي نهاريو. سائين وراڻيو، “صوفي ٻار ٿيندو آهي!..... يا ائين کڻي چئجي ته ٻار صوفي ٿيندا آهن!. . . ٻار تصوف جو آئينو ٿيندا آهن! تو جيڪڏهن سچو ۽ مڪمل صوفي ڏسڻ چاهين ته ڪنهن درگاهه جو در نه جهلجان، تون ڳلي ۾، گهر ۾، مٽي ۾، گپ ۾ راند ڪندڙ ڪن ٻارن کي ئي ٿورو چتائي ڏسي ڇڏجان! ائين ڪندين ته توکي پوري طرح سان سمجهه ۾ اچي ويندو ته ته صوفي ڇا ٿيندا آهن؟ تصوف ڪهڙي تعليم آهي؟؟ پوءِ توکي تصوف کي پرکڻ جي لاءِ ٿها ڪتابن جا نه پڙهڻا پوندا! نه ئي اجائي مٿا ماري ڪرڻي پوندي!” دارا کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ مٿس شراب اوتجي رهيو آهي. هُوءَ چُپ چاپ ٻڌندو رهيو، سائين چيو، “هر ماڻهو پيدا ٿيندو آهي، پوءِ جوان ٿيندو آهي، پوءِ پوڙهو ٿيندو آهي ۽ پوءِ مري ويندو آهي! ها نه بابا؟”
“ها سائين بلڪل!” دارا اقرار ڪيو.
“پر صوفي ائين نه ڪندو آهي بابا!” سائين ڪريم شاهه وراڻيو، “صوفي ٻار ٿيندو آهي پر جوان نه ٿيندو آهي، نه ئي پوڙهو ٿيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو صوفي ڪڏهن مرندو ئي ناهي!” سائين کيس مسڪرائيندي چيو، “صوفي جو سفر اُبتو سفر آهي... صوفي واپسي جو مسافر هوندو آهي. صوفي ماءُ جي پيٽ منجهان ٻار ٿي ايندو آهي، ۽ پوءِ هتي جيستائين رهندو آهي، تيستائين ٻار ئي رهندو آهي، هُو جواني ڏي وک وڌائي پيريءَ جو خسارو نه کڻندو آهي! ماڻهو ماءُ جي پيٽ منجهان ايندا آهن ۽ اڳتي قبر ۾ هليا ويندا آهن پر صوفي ائين نه ڪندو آهي، صوفي ماءُ جي پيٽ منجهان ايندو آهي ۽ واپس ماءُ جي پيٽ ۾ هليو ويندو آهي بابا!.... . . .. .عشق دي اُلٽي چال!”
دارا کي سائين ڪريم شاهه جون ڳالهيون دل سان لڳيون. هن جي دل به چاهيو ٿي ته هُو به منظور مولائي وانگر سڀڪجهه ڇڏي سائين وٽ اچي آرامي ٿئي پر هُو چاهيندي به اڄ ائين ڪري نٿي سگهيو. هُو اتي جيترو ٿي سگهيو ويٺو ۽ پوءِ سائين کان موڪلائي واپس روانو ٿيڻ لڳو. منظور موالي ٻاهر گاڏي تائين ساڻس گڏ آيو. ۽ پوءِ دارا کي روانو ڪري هُو وري سائين جي اوتاري ڏي هليو ويو.
دارا جي دل تان زينت جو زخم ذرا به هلڪو نه ٿيو هو، پر سائين ڪريم شاهه جي ڳالهين منجهان اهو ضرور ٿيو هو جو هن تي ڄڻ ته شراب اوتجي ويو هو جو انهي جي سرور ۾ درد جي احساس جي شدت ۾ ڪنهن قدر ڪمي آئي هئي. سائين جون ڳالهيون دارا جي دل تي مرهم ٿي رکجي ويون هيون. دارا کي اڄ فرار جو هڪ ٻيو رستو هٿ اچي ويو هو.
شام جا پاڇا لڙي رهيا هئا، دارا جهرجهنگ منجهان واپس شهر ڏي اچي رهيو هو. هن شام جي سج کي هڪ عرصي کان پوءِ شهر جي ديوارن ۾ وقت کان اڳ ۾ ئي لهڻ بدران ٻهراڙي جي ميدانن ۾ لهندي ڏٺو هو. هن اڄ هڪ عرصي کان پوءِ سج کي آخري نظر تائين لهندي ڏٺو ۽ هٿ لوڏي کيس الوداع به ڪيو هو. ها، اڄ هن ٻالڪپڻ جي عادت ورجائي هئي پر اڄ ۾ ۽ انهي ٻالڪپڻ ۾ وڏي وٿي اچي وئي هئي. دارا اها وٿي ختم نه ڪري سگهيو. ان کان اڳي جو زينت جو درد، سائين جي اوتيل شراب تي حاوي ٿي وڃي ها، دارا وري بابا بلهي شاه جي شاعري عابده جي آواز ۾ لڳائي ڇڏي ۽ پوءِ انهي سحر ۾ گم ٿيندو ويو. ڪجهه ئي لمحن ۾ وري دارا جي سامهون اهو ئي وڏن وارن وارو وري اهو ئي ساڳيو مست الست ترورا ڏيڻ لڳو،جيڪو بابا بلهي شاه جي راڳ تي جهومي نچي رهيو هو......