قسط 7
روبي گهڻو اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو پر بدقسمتي سان اهو پيار جو پرڻو مهيني ٻن تائين مس هلي سگهيو هو. ڪجهه ئي مهينن ۾ هن جي مڙس سان عليحدگي ٿي وئي هئي ۽ نيٺ طلاق تي دنگ ٿي ويو هو. طلاق کان پوءِ روبي ٻي شادي نه ڪئي هئي. هن انهن ئي ڏينهن ۾ هي بيوٽي پارلر کولي ڇڏيو هو. پوءِ هن جو ڄڻ ته بيوٽي پارلر سان ئي نڪاح پئجي ويو هو. هو اڄتائين بيوٽي پارلر ۾ ئي هئي. هاڻي هُو اڌ وهي کان به اڳتي وڃي رهي هئي، پر پوءِ به هُن بيوٽي پارلر اچڻ نه ڇڏيو هو.
روبي پنهنجي گهنجيل هٿن سان هن جو چهرو سنواري رهي هئي. روبي جي هٿن ۾ ڏاڍو قرار هو. هُو جڏهن به ڪنهن جا وار سنواريندي هئي ته ان عورت جون اکيون پورجڻ لڳنديون هيون. ردا کي به هن جي هٿن ۾ اهڙو ئي احساس محسوس ٿيندو هو. ها، هر ڀيري ائين ئي ٿيندو هو پر اڄ الئه ڇو روبي جي هٿن ۾ ردا کي اهو اڳ وارو قرار محسوس نه پئي ٿيو. روبي پنهنجي گهنجيل هٿن سان ردا کي سنواري سينگاري رهي هئي، ردا جون اکيون سامهون واري آئيني ۾ اهو سمورو منظر ڏسي رهيون هيون. ردا ڏسي رهي هئي، ٻه پوڙها هٿ هڪ جوان چهري کي سنواري رهيا هئا! اهو منظر ڏسندي ڏسندي ردا تي لاشعوري طور دارا حاوي ٿي ويو. روبي جي گهنجيل چهري ۾ چتائيندي ردا سوچڻ لڳي، آئون جيڪا خود کي ايتري قدر سنواري سينگاري رهي آهيان، منهنجو به انجام اهو ئي ٿيڻو آهي! ردا روبي جي چهري ۾ پنهنجو مستقبل ڏسي حيران ٿي رهي هئي. ردا جو عروج هو ۽ روبي جو زوال! روبي جا گهنجيل هٿ جڏهن ردا جو جوان چهرو سنوارڻ لڳا ته ردا کي اهو منظر ائين ٿي نظر آيو، جيئن زوال جا هٿ عروج کي سنواري رهيا هئا! ردا هڪ عرصي کان روبي وٽ ايندي رهي هئي. روبي ڪيئي ڀيرا سندس ميڪ اپ ڪيو هو پر ردا کي اڳ ڪڏهن به اهڙا عجيب خيال نه آيا هئا. ردا کي سدائين روبي جي هٿن ۾ سڪون محسوس ٿيندو هو، روبي جي هٿن جي ڇهاءُ سان هن جون اکيون پورجڻ لڳنديون هيون پر اڄ انهن خيالن ردا کي اهو سڀڪجهه محسوس ٿيڻ نه ڏنو. ردا جي اها بي سڪوني اڄ روبي کي به محسوس ٿي. ردا کي پهرين وانگر پُرسڪون نه ڏسي روبي ڳالهائڻ شروع ڪيو، “هاڻي سَنڌن ۾ اڳي وارو ست نه رهيو آهي ردا!” روبي ڳالهائيندي رهي، “ هاڻي ته بيهي بيهي به ٿڪجي پوندي آهيان!”
ردا ڪجهه چئي نه سگهي. هوءَ چپ ئي رهي. ڪجهه ترسي روبي وري وراڻي، “سوچيان ٿي ته هاڻي گهر ويهي آرام ڪريان پر ڇا ڪيان منهنجي گهر ۾ سواءِ ڀتين جي ٻيو ڪو ڀاتي آهي ئي ڪونه!.... سو آرام ڪٿي!” انسان جي فطرت به ڏاڍي عجيب آهي، جڏهن ڀاتي هوندا آهن ته آرام جي لاءِ فقط ڀتيون ئي چاهيندو آهي، ۽ جيڪڏهن فقط ڀتيون ئي هونديون آهن، تڏهن وري آرام جي لاءِ ڀاتي چاهيندو آهي! ان منجهان ثابت ته اهو ئي ٿو ٿئي ته انسان لاشعوري طور تي آرام ته ڪڏهن چاهيندو ئي ناهي! مرڻ گهڙي تائين به نه! روبي اونهو گهرو ساهه کڻي وراڻي، “هتي وقت جي گذرڻ جي خبر نه پوندي آهي....!” روبي سڄو وقت اهڙيون ئي نراسائي واريون ڳالهيون ڪندي رهي ۽ ردا وٽ سواءِ تائيد جي ٻيو ڪجهه به نه هو، گهڻي ڀاڱي ته هُو ڪجهه ٻُڌي به نه رهي هئي! سو هن رڳو ڪنڌ لوڏي بار بار تائيد پئي ڪئي. انهن ئي ڳالهين ۾ ردا جو ميڪ اپ پورو ٿي ويو پر روبي جون اهي ڳالهيون ختم نه ٿيون.....
ردا جو ميڪ اپ ٿيو، ڊريسنگ ٿي هُو بلڪل تيار ٿي وئي. هاڻي هُو شوٽس ڏئي رهي هئي.
“ايڪشن!”
“ريڊي!”
“ٿوري نخريلي مُرڪ بيبي!”
“سائيڊ پوز!”
“تِرڇي نظر!”
“هلڪي شرارتي ادا!”
ردا ڪي رواجي پوز هنيا، فليش جا تجلا ٿيا. شوٽس ٿي ويا. ڪي ناز ڪي نخرا، ڪي ادائون ڪي انداز زماني کي پاڳل ڪرڻ جي لاءِ ڪيمرا ۾ محفوظ ٿي ويا ها، اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو پر اڳ جڏهن به ردا اهڙي عمل منجهان گذرندي هئي ته ڏاڍي چست هوندي هئي، پر اڄ ائين نه هو. اڄ هن جي من جي مستي مري ويئي هئي. ڪيمرا جي اڳيان اڄ هُو اها ردا نه رهي هئي، جيڪا پهرين هوندي هئي! ڪيمرا جي سامهون ردا بناوٽ ته پهرين ئي ڪندي هئي، پر اڄ کيس واقعي به اهو سڀ ڪجهه بناوٽ ئي لڳو هو! اڄ هن کي ڪيمرا جي سامهون پهريون ڀيرو ڪراهت محسوس ٿي هئي! اڄ ڪيئي ڀيرا فوٽوگرافر کي کيس هدايتون ڏيڻيون پيون هيون. اڄ هن کي ڏاڍي مشڪل ٿي هئي. اڄ هُو جڏهن ٺهي جڙي ڪيمرا جي سامهون ٿي هئي ته هن جي چهري جي اڳيان روبي جو گهنجيل چهرو تري ٿي آيو ۽ هن کان چستي موڪلائي ٿي وئي. هُو پل ۾ وسامي ٿي وئي. هن جي چهري جا رنگ اڏامي ٿي ويا! اڄ جو ڏينهن ڏاڍو عجيب گذريو هو. ردا وڏي مشڪل سان مئگزين وارن مان جان ڇڏائي سڌو گهر آئي هئي ۽ اچي پنهنجي ڪمري ۾ ليٽي پئي هئي. هُن کي بوريت جو احساس ورائڻ لڳو هو. هن ماسي کي چانهه جو چيو هو ۽ پاڻ وري سوچن ۾ گم ٿي وئي هئي. ردا جون اکيون ڪمري جي ڇت ۾ کتل هيون، هُوءَ سوچي رهي هئي، دنيا ۾ سڀ کان وڏو ڌوڪو ڪيمرا جي ۽ آئيني جي قسمت ۾ لکيل آهي! انهن ٻنهي جي اڳيان جيڪو به ايندو آهي سو بناوٽ ئي ڪندو آهي! اهو ته لک شڪر آهي جو اهي ٻئي اکيون هوندي به انڌا آهن، جيڪڏهن اهي پنهنجي اکين سان اهو سڀڪجهه ڏسي سگهن ها، ته يقيناً اهي پنهنجيون اکيون پاڻ ئي کوٽي ڪڍي ڇڏين ها! اهو ڏاڍو عجيب خيال هو! اهو خيال ئي ردا جي لاءِ ڏاڍو اوپرو ۽ اجنبي هو! ردا کي احساس ٿيو ته اهو دارا ئي آهي، جيڪو پردي جي پُٺيان کيس اهو چئي ويو آهي! ردا جي حيراني ۽ پريشاني وڌندي ٿي ويئي. هُو خود کي بدلجندي محسوس ڪري رهي هئي. هو پنهنجي پاڻ کان اوپري اجنبي ٿيندي ٿي وئي! هُو پهرين واري ردا ڳولهي رهي هئي. کلندڙ، ٽهڪ ڏيندڙ، پوز هڻندڙ، ناز نخرا ڪندڙ! هو پنهنجو غرور ڳولهي رهي هئي، هُو پنهنجي هستي مستي ڳولهي رهي هئي. هن ڪافي دير تائين اهو سڀڪجهه ڳولهيو پر کيس ڪجهه به نه مليو! هن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن پنهنجو پاڻ وڃائي ڇڏيو آهي. چانهه آئي، هن چانهه پيتي. ڪجهه دير ۾ ماني آئي، هن ماني کاڌي. ماني کان پوءِ وري چانهه آئي، هن چانهه پيتي. شام لڙي وئي، سج لهي ويو، سڄو ڏينهن گذري ويو پر اهو ڏينهن ردا جي ذهن تي بيٺل ئي رهجي ويو. اهو ڏينهن رات تائين ردا جي اکين آڏو ڦرندو رهيو. ميڪ اپ، تياري، روبي جو چهرو... روبي جا گهنجيل هٿ.... هن جو جوان چهرو، روبي جا پوڙها هٿ!... زوال جي هٿن ۾ عروج! روبي جون نراسائي سان ڀرپور ڳالهيون!..... ڪيمرا.....فليش!. . . . اهو ڏينهن گذري نه سگهيو!
ردا جي اکين جي آڏو جڏهن روبي جو چهرو ۽ هن جا هٿ ڦرڻ لڳا، جيڪي هُو بيوٽي پارلر ۾ ويٺي اڳيان آئيني ۾ ڏسي رهي هئي، تڏهن ردا کي ائين لڳو، ته توڙي جو روبي جا گهنجيل هٿ کيس ٺاهي رهيا هئا پر هُو درحقيقت ڊهي رهي هئي!..... هن سامهون واري آئيني ۾ پنهنجي مٿان بيٺل اڌ وهي کان چڙهيل روبي جي چهري ۾ چتائي ڏٺو ته هن جون اکيون روبي جي چهري جي گهنجن ۾ کُپي ويون! روبي جي چهري جا گهنج آهستي آهستي هن جي ذهن ۾ دائرن ۾ بدلجڻ لڳا! هن جي ذهن ۾ دائرا ٺهڻ لڳا...... هُو انهن دائرن ۾ پيهي وئي ته کيس انهن دائرن ۾ وري به اهو ئي دارا نمودار ٿيندي نظر آيو، جو بار بار کيس اهو چئي رهيو هو ته، “‘ٺاهڻ’ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ‘ڊاهڻ’ کي ڊاهي نٿو سگهجي!”
روبي کان پوءِ هن جي اکين آڏو جڏهن سندس شوٽس ڦرڻ لڳا ۽ هن جڏهن خود کي پوز هڻندي ڏٺو، ٺهي جُڙي بيهندي ڏٺو ته کيس ڏاڍو عجيب لڳو! الئه ڇو کيس اهو سڀڪجهه الٽو محسوس ٿيڻ لڳو. اتي به توڙي جو هُو ٺهي جُڙي ٿي بيٺي پر کيس لڳي رهيو هو ته هُو ٺهي نه بلڪه اصل ۾ ڊهي ئي رهي آهي! اتي به کيس دارا جو اهو ساڳيو ئي جملو بار بار ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو ته، “‘ٺاهڻ’ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ‘ڊاهڻ’ کي ڊاهي نٿو سگهجي!”
ردا جي بيچيني وڌي ته هُن دارا سان ڳالهائڻ چاهيو. ان جي لاءِ هن ڪال ڪري سيٺ سلامت کان دارا جو نمبر ورتو، ردا جي دل چاهيو ٿي ته هُو دارا سان ڳالهائي. هن گهڻو ئي ڪوشش ڪئي. دارا جي نمبر کي تڪيندي تڪيندي هن ڪيئي ڀيرا پنهنجي آڱر دارا جي نمبر تي پريس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر ڀيري هن جو هٿ دارا جو نمبر پريس ڪندي ڪندي رڪجي ٿي ويو! ردا جي ته راند ئي مردن سان هوندي هئي. ردا جو ته ڪم ئي هو مردن کي ورغلائڻ! ردا جڏهن ڳالهائيندي هئي ته ڪنهن مرد کي مجال ئي نه ٿيندي هئي جو هن جي سامهون ڳالهائي سگهي! ها، اڄتائين ردا ڪنهن مرد کي ڳالهائڻ ئي نه ڏنو هو، پر هي ڪهڙو مرد هو، جنهن جو نمبر ملائيندي ملائيندي هر ڀيري سندس هٿ ڏڪي ڪنبي ٿي ويا! دارا ۾ آخر اهڙو ڇا هو، جو هُو هن سان ڳالهائي نه پئي سگهي! ردا پنهنجي ذهن تي گهڻو ئي زور ڏنو، هُو سوچي سوچي ٿڪجي پيئي پر کيس اهو معمو سمجهه ۾ ئي نه اچي سگهيو! هُو دارا کي ڪال ڪري نه سگهي.....
ردا خود کي ريليڪس ڪرڻ خاطر موبائل تي عابده پروين هلائي ڇڏي ۽ اکيون پوري راڳ جي پناهه ۾ هلي ويئي. عابده جي آواز ۾ صوفياڻو راڳ ردا جي روح جي گهراين تائين لهندو ويو. ڳائيندي ڳائيندي عابده هڪ جاءِ تي هڪ اهڙو دوهو چيو جو ردا کي ريورس ڪري وري ٻڌڻو پيو. هن ريورس ڪري اهو دوهو وري ٻڌو.... وري..... بلڪه وري وري ٻڌو! اهو دوهو ٻڌي ردا دل جو غبار هلڪو ٿيندي محسوس ڪيو. هُو پرسڪون ٿي پئي. ڪجهه دير پهرين هن کي ائين ٿي لڳو ته هُو وڃائجندي ٿي وڃي پر هاڻي ان جي برعڪس هن کي ائين ٿي لڳو، جيئن هُو پاڻ کي ڳولهيندي ٿي وڃي! هن زندگي ۾ پهريون ڀيرو پاڻ کي پاڻ دريافت ڪندي محسوس ڪيو!
ردا موبائل جو ميسيج آپشن استعمال ڪيو. هن اهو عابده جو اچاريل دوهو ٽائيپ ڪيو ۽ اکيون پوري دارا جي نمبر تي اماڻي ڇڏيو. اهو دوهو موڪلي هن دارا جي ڪال اچڻ جي ڊپ کان موبائل ئي آف ڪري ڇڏيو..... اهو دوهو هو،
چِٽي چادر لاھ سَٽ ڪُڙيي، پهن فقيران لوئي!
چِٽي چادر داغ لگي سي، لوئي داغ نه ڪوئي!
◙