قسط 6
دل جي دنيا جو ڪو به مذهب نه ٿيندو آهي، ڪا به قوم نه ٿيندي آهي. دل جي دنيا ۾ رنگ نسل، ذات پات توڙي اوچ نيچ جو ڪو به تصور نه ٿيندو آهي. جڏهن ته دنيا جي دل ۾ اهو سڀڪجهه ٿيندو آهي. دنيا جي دل ۾ انيڪ ديوارون ٿينديون آهن. دنيا جي دل ۾ رنگ نسل ذات پات اوچ نيچ سڀڪجهه ٿيندو آهي. مختصر ايترو ته دل جي دنيا ۾ دل کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿيندو آهي! ۽ دنيا جي دل ۾ سڀڪجهه ٿيندو آهي سواءِ دل جي!
دل جي دنيا ڏاڍي طاقتور ٿيندي آهي، دل جي دنيا ڏاڍي مضبوط ٿيندي آهي پر دل جي دنيا جڏهن دنيا جي دل سان ٽڪرائبي آهي ته ريزه ريزه ٿي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته انهي محاذ تي دل جي دنيا شيشي کان وڌيڪ نازڪ ٿيندي آهي ۽ دنيا جي دل پٿر کان وڌيڪ سخت!
دارا ۽ زينت جي دل جي دنيا به ڏاڍي طاقتور هئي، ڏاڍي مضبوط هئي پر اها به جڏهن دنيا جي دل سان ٽڪرائي، ته ٽائٽنيڪ جيان ٻه اڌ ٿي وئي! ڳالهه فقط ايتري هئي ته دارا ڳوٺ جي وڏيري جو پُٽ هو ۽ زينت انهي وڏيري جي هاري جي ڌيءُ هئي. عجيب الميو هو جو، دارا پڙهي لکي محنت ڪري دنيا ۾ پنهنجو مقام ان ڪري ٺاهي نه سگهيو جو هن جي ماءُ زماني جي نگاهن ۾ ‘ڀاڄوڪڙ’ هئي، ۽ ٻئي پاسي وري هُو زينت سان پيار کي پاڻي ڏئي لائون لهي، پنهنجي دل کي ان ڪري آباد ڪري نه سگهيو جو هن جو پيءُ زماني جي نظر ۾ ‘وڏيرو’ هو! دارا زينت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهڻو ئي ڪجهه وڃايو هو پر، اهو سڀڪجهه وڃائڻ جي باوجود به هو زينت کي حاصل ڪري نه سگهيو هو! هُو، ڳوٺ جو امير هو، پر هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو هُو پنهنجي پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ غريب لڳو. هُو، چاهيندي به ڳوٺ ۾ رهي نه سگهيو. ڳوٺ هن جي پيءُ جو هو پر پوءِ به هو اتان ڪُوچ ڪري ويو. دل جي دنيا درهم برهم ٿي وئي، زينت هن جي زندگي جي زينت بڻجي نه سگهي، هن جي زندگي جا سمورا رنگ زنگ ٿي ويا! هڪ دنيا هئي جا اجڙي وئي، ڄڻ ته اسرافيل صُور ۾ ڦوڪي ڇڏيو ۽ هڪ قيامت برپا ٿي وئي! ايڏو وڏو حادثو ٿي ويو پر وڏيري جي محل جون ديوارون ايتريون ته اوچيون ۽ مضبوط هيون جو انهن کان ٻاهر ٻڙڪ به نڪري نه سگهي! ڪنهن کي ڪا خبر ئي نه پئي ته دارا ڇو ۽ ڇا جي لاءِ ڳوٺ ڇڏي شهر ۾ هليو ويو! هُن پاسي زينت سان به ائين ئي ٿيو. ڇوڪري هئڻ سبب زينت کي ته دارا کان به وڌيڪ زهر پيئڻو پيو. دارا ته مرد هو سو ڳوٺ ڇڏي شهر به منهن ڪري هليو ويو پر زينت ويچاري ته گهر جي چائنٺ به ٽپي نه سگهي! جنهن ڏينهن هاري جي ڌيءُ وڏيري جي ننهن بڻجي نه سگهي! جنهن ڏينهن هڪ غريب هاري جي ڌيءُ هڪ غريب هاري جي ئي پُٽ سان پرڻي، تنهن ڏينهن دارا اهو ديس ئي ڇڏي ويو. پنهنجو سڀڪجهه وڃائڻ جي باوجود به دارا جڏهن زينت کي حاصل ڪري نه سگهيو ته هن پنهنجو پاڻ کي به شهر جي ديوارن جي جهنگ ۾ وڃائي ڇڏيو! اها ڇيت دارا جي ڇاتي ۾ هميشه جي لاءِ چڀي وئي ته هڪ وڏيري جو پُٽ پنهنجو سڀڪجهه وڃائي به هڪ غريب هاري جي ڌيءُ حاصل ڪري نه سگهيو! هن جي لاءِ هر شيءِ سستي هئي سواءِ ان غريب جي ڌيءُ جي! ۽ افسوس ته ان جو سبب به اهو ئي هو ته هُو امير جو پُٽ هو! هن آھ ڀري چيو، “ڪاش! مان غريب هاري جو پُٽ هجان ها!” بس هن جي آھ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪٿي اٽڪي لٽڪي پئي، هن جي آھ ستين آسمان تي اگهامي نه سگهي ۽ هو ڳوٺ ڇڏي شهر ۾ وڃائجي ويو! هن جي وس ۾ سواءِ انهي وڃائجڻ جي ٻيو ڪجهه باقي بچيو ئي نه هو!
ها، دارا جڏهن پنهنجي دل جي دنيا آباد ڪري نه سگهيو تڏهن هن ردِعمل طور خود کي دنيا جي دل جي حوالي ڪري ڇڏيو! هُو ايتري قدر دنيا جي دل ۾ دفن ٿي رهجي ويو جو پنهنجي رت جي رشتن کي به ملي نه سگهيو! دارا جو پيءُ، پنهنجي پُٽ کي ڌونڌاڙي ڌونڌاڙي ٿڪجي پيو پر سندس پُٽ ۾ ساھ پئجي نه سگهيو! نيٺ سندس پيءُ سڀئي آسرا پلي نااميد ٿي خالي هٿين موٽي ويو پر دارا زندھ ٿي نه سگهيو! دارا جو پيءُ وڏيرو هو، پر غريب ٿي رهجي ويو!
مادي جي تشريح ته ٿي چُڪي آهي پر مادي جي تشخيص اڃا اڌوري آهي!.......... جيئن پٿر، شيشا توڙي شعلا سڀ مادو ٿيندا آهن، تيئن احساس، جذبا توڙي خيال به مادو ئي ٿيندا آهن، مادي جيان اهي به وزن به رکندا آهن ۽ جڳهه به والاريندا آهن. پر حقيقت هيءَ آهي ته اهي ته هن نظر ايندڙ مادي کان به ڪيئي ڀيرا وڌيڪ وزن رکندا آهن ۽ جڳهه به والاريندا آهن! اهي ماڻهو کي ٽوڙيندا آهن ته ٽوڙي مروڙي ڇڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن جوڙيندا آهن ته جوڙي سجوڙي ڇڏيندا آهن! ها، دنيا جي دل به مادو ٿيندي آهي ۽ دل جي دنيا به مادو ئي ٿيندي آهي. احساسن ۽ جذبن جي ساهمي ۾ دل جي دنيا، دنيا جي دل کان وڌيڪ ڀاري ٿيندي آهي سو تنهنڪري دل جي دنيا جڏهن درهم برهم ٿيندي آهي تڏهن ڪجهه به سلامت نه رهندو آهي سڀڪجهه ڊانواڊول ٿي رهجي ويندو آهي. هڪ ٻي اهم ڳالهه اها به، ته جهڙي طرح مادو ڪن مخصوص عملن منجهان گذري پنهنجي حالت بدلائيندو رهندو آهي، تهڙي ئي طرح دل جي دنيا به ڪن مخصوص عملن منجهان گذري پنهنجي حالت بدلائيندي رهندي آهي اها ڪڏهن فنا نه ٿيندي آهي! دارا جي دل به جڏهن دنيا جي دل سان ٽڪرائي ته ريزه ريزه ٿي پئي! بس پوءِ ڪن مخصوص عملن منجهان گذري دارا جي دل جي دنيا جي حالت بدلجي وئي. زينت وارو عشق مس بڻجي دارا جي قلم ۾ ڀرجي ويو ۽ دارا عشق مان گذري ليکڪ بڻجي ويو. دارا جڏهن دل بدر ٿيو هو تڏهن هن ردِعمل طور خود کي شهر جي ديوارن سان ٽڪرائي ڇڏيو هو... اها دارا جي خودڪشي هئي. دارا پنهنجو مٿو شهر جي ديوارن سان ٽڪرائي ڇڏيو هو پر دارا مري نه سگهيو هو. دارا خودڪشي ڪري نه سگهيو هو، رهندو ڇا ٿيو هو جو شهر جي ديوارن ۾ زور سان لڳل سندس مٿو جڏهن ڦاٽي پيو هو تڏهن سندس مٿي مان وهيل رت دارا جي قلم جي مس ٿي پئي هئي ۽ اهڙي طرح عجب جهڙو اتفاق اهو به ٿي پيو هو جو دارا خودڪشي ڪندي ڪندي هڪ ٻيو جنم وٺي ويو هو...... دارا پوءِ رڳو دارا نه رهيو هو، هُو هاڻي هڪ نالي وارو ليکڪ به ٿي پيو هو!
دارا شهر ۾ ايندي ئي سگريٽ شروع ڪري ڇڏيا هئا. هُو سگريٽ دکائيندو هو ۽ پوءِ انهي سگريٽ مان نڪرندڙ دونهي جي لاٽن ۾ درهم برهم ٿي ويل پنهنجي دل جي دنيا ڏسندو هو....... سگريٽ جي دونهي ۾ هُو پنهنجو ماضي ڏسندو هو. دونهي جي ٺهندڙ ڊهندڙ ڇلن ۾ هُو خود کي ٺهندي ڊهندي ڏسندو هو. دونهين جي دائرن منجهان زينت ليئا پائيندي هئي.... هُو زينت کي ڏسندو هو.... زينت هڪ پل ۾ ٺهي وري ٻئي پل ۾ ڊهي ويندي هئي. زينت جي انهي ٺهڻ ۽ ڊهڻ سان دارا به ٺهندو ۽ ڊهندو رهندو هو...... پوءِ جيئن سگريٽ سڙندو رهندو هو تيئن دارا به جلندو رهندو هو. دارا سگريٽ جيان سڙڻ لڳو هو...... دارا گهڻو اڳ سگريٽ ٿي سڙي وڃي ها پر کيس سيٺ سلامت جهڙو ماڻهو ملي ويو هو جنهن کيس ائين مفت مرڻ کان بچائي ورتو هو. پوءِ دارا سگريٽ گهٽائي ڇڏيا هئا. هن زينت کي سگريٽ جي دونهي بدران اگربتي جي دونهي ۾ ڏسڻ شروع ڪيو هو.... هُو روز ڏينهن جي يا رات جي پوئين پهر ۾ پنهنجي ڪمري جون بتيون ڊم ڪري هڪ ڪنڊ ۾ اگر بتيون دکائيندو هو ۽ پوءِ اگربتي جي انهي دونهي ۾ زينت کي تڪيندو رهندو هو! اهو معمول به ڳچ عرصو هلندو رهيو هو پر پوءِ جڏهن دارا جو خون آهستي آهستي قلم ۾ مس ٿي ڀرجي ويو هو تڏهن آهستي آهستي ٿيندي زينت به ڏينهون ڏينهن ڌنڌلي ٿيندي وئي هئي.....!
هاڻي هُو لکندو هو يا پڙهندو هو، ياد جيڪڏهن وڌيڪ اداس ڪندي هئي ته وري هڪ سگريٽ دکائيندو هو، يا پنهنجي ڪمري جون سڀئي بتيون ڊم ڪري هڪ ڪنڊ ۾ اگر بتي دکائي ڇڏيندو هو! جيڪڏهن اڃا به مسئلو حل ٿيندي نه ڏسندو هو ته پوءِ نيٺ شراب جو سهارو وٺندو هو! لکڻ، پڙهڻ، سگريٽ دکائڻ، سڀئي بتيون ڊم ڪري اگربتي ٻاري ڇڏڻ يا شراب پيئڻ....... دارا سگريٽ کان ويندي شراب تائين انهن سڀني عملن ۾ لاشعوري طور تي زينت کي ئي ڳولهيندو هو درحقيقت.......