قسط 4
*****
“تنهنجي ماءُ ڏاڍي حسين هئي ردا!” ماسي وراڻي.
“...............” ردا اهو جملو ٻڌو ۽ لاشعور جي پاتال ۾ پيهي وئي. هن جون اکيون لاشعور جي ڌنڌ ۾ پنهنجي اڻڏٺي امڙ کي ڏسڻ لڳيون. هن ڏٺو، لاشعور جي انهي ڌنڌ مان آهستي آهستي هڪ پُرنور چهرو ظاهر ٿيڻ لڳو. اوندھ ۾ روشني ڦهلجي وئي. رات جي ڪک مان ڏينهن نڪرندي نظر آيو. ردا ڏٺو، هن جي ماءُ واقعي به ڏاڍي حسين هئي. بيپناھ حسين!
“هوءَ ايتري ته حسين هئي جو هڪ نظر کڻي نهاري ته ڪافر به مسلمان ٿي پوي!......... نجو جنهن ڏي اک کڻي نهاريندي هئي، سو کيس وري نهاري نه سگهندو هو!”
“..........” ردا ماٺ ئي رهي ۽ ماسي جي ڳالهين کان بينياز پنهنجي لاشعور جي پاتال ۾ پنهنجي ماءُ کي ڏسندي رهي، ۽ بيحد حسين ڏسندي رهي.
“تڏهن اسان نواب شاهه جي بازار ۾ رهندا هئاسين،” ماسي ڳالهائيندي رهي، “انهن ئي ڏينهن ۾ هتي حيدرآباد جو هڪ وڏيرو اسان جو پراڻو واسطيدار هوندو هو، هن جڏهن پهريون ڀيرو نجو کي ڏٺو ته پهرئين ئي نظر ۾ نهوڙجي ويو! نجو وڏيري کي وڻي وئي، هن جي دل نجو تي ايتري ته فدا ٿي وئي جو هن کي نجو سان ڪو ٻيو گراهڪ ته گوارا ئي نه رهيو. هُو، جيڪو پهرين فصل لٿي ايندو هو، سو هاڻي پهرين مهيني مهيني پوءِ هفتي هفتي تي اچڻ لڳو.” ماسي پنهنجا پوڙها هٿ ردا جي مٿي تي ڦيريندي چيو، “انهي ئي وڏيري جي سال ٻن جي صحبت مان نجو توکي جنم ڏنو.”
اها ڳالهه ته اتي جو معمول هوندي هئي، اهڙين بازارين جو هر ٻار ائين ئي ته جنم وٺندو هو. سو ردا جڏهن اهو ٻڌو تڏهن به کيس ڪا حيراني نه ٿي، هُوءَ خاموشي جي پولارن ۾ پنهنجي ماءُ کي ڏسندي رهي. حسين.... بيحد حسين ماءُ. هُوءَ پولارن ۾ پنهنجي ماءُ کي سِر کان پيرن تائين ڏسندي رهي. هن جڏهن پولارن ۾ اهي پير ڏٺا، جن پيرن جي هيٺـيان سندس جنت هئي، تڏهن سندس ماءُ ايتري ته عظيم ٿي وئي جو هن جي حيراني جي حد نه رهي! هُوءَ پنهنجي ساءِ ئي سوچڻ لڳي، ته جنت، جيڪا الله جي سڀ کان وڏي عنايت آهي، سا ته ماءُ جي پيرن جي هيٺيان پيئي آهي!.... اهو سوچي هن جي نظر ۾ ماءُ اڃا به وڌيڪ معتبر ٿي وئي ته، ماءُ جي پيرن جي هيٺيان جيڪڏهن جنت آهي ته پوءِ ماءُ جي مٿي جي مٿان آخر ڇا هوندو!؟.... . .. . هن اهو سوچيو ته خدا جو رسولؐ به شايد پنهنجي ماءُ کي، پيرن کان مٿي ڏسي نه سگهيو!.... . .. . اهي ڳالهيون خيال ۾ ايندي ئي ردا جي نظر ۾ ماءُ جي عظمت اڃا به گهڻي اوچي ٿيندي ويئي. هن جي ماءُ اڃا به وڌيڪ حسين ٿيندي وئي!... ... طوائف هجي توڙي ستي ساوتري، ماءُ ته وري به ماءُ ئي ٿيندي آهي نه!
ماسي ڪي پل رکي وري ڳالهائڻ لڳي، “اهو وڏيرو نجو تي اهڙو ته پاڳل ٿي پيو جو سڀڪجهه داءُ تي رکي به نيٺ کيس کنڀي کڻي ويو ۽ وڃي نڪاح ڪري ويهاري ڇڏيائين!”
ماسي اهو چئي وري ڪجهه گهڙيون ماٺ رهجي وئي پر ردا جي چهري تي وري به اهڙو ڪو خاص تاثر ظاهر نه ٿيو.... ڪجهه ترسي ماسي وري ڳالهه اڳتي وڌائي، “ان کان پوءِ آئون نواب شاهه ڇڏي حيدرآباد هلي آيس، مون نجو کي گهڻو ئي ڳولهيو پر ان جو ڪو ئي پتو نه پيو!” ماسي پنهنجو هٿ ردا جي مٿي تي ڦيريندي چيو، “تون پنجن مهينن جي مس هُئين جڏهن تنهنجي ماءُ توکي هتي ئي ڇڏي وڏيري سان گڏ هلي وئي هئي! . ... . . ان کان پوءِ تو کي مون ئي پالي وڏو ڪيو آهي!”
اها ردا، جنهن تي ڪافي دير کان ماسي جي ڪنهن به ڳالهه جو ڪو به اثر ڪونه پئي ٿيو، ڪافي ڳالهيون اهڙيون هيون جيڪي ڇرڪائيندڙ به هيون. ڪهاڻي ڏاڍي پُرتجسس به هئي، پر انهي سموري ڪهاڻي جي اختتام تائين ردا جي رُخ تي حيرت جي هڪ به لڪير ظاهر نه ٿي؛ پر تنهن ردا، جڏهن ڪهاڻي جو آخري جملو ٻڌو ته لمحي بدلجي ۾ وئي. “تون پنجن مهينن جي مس هئين جڏهن تنهنجي ماءُ توکي هتي ئي ڇڏي وڏيري سان گڏ هلي وئي هئي! . ... . . ان کان پوءِ تو کي مون ئي پالي تاتي وڏو ڪيو آهي!” هن جڏهن اهو جملو ٻڌو ته نفرت ۽ ڪروڌ ۾ ڀرجي وئي. لاشعور ۾ نظر ايندڙ سندس ماءُ جو حسين چهرو بدنما ٿيندو ويو. هن ڏٺو، ماسي جو آخري جملو سندس ماءُ جي منهن تي ڄڻ تيزاب ٿي هارجي ويو. هن جو منهن ڏسڻ جي قابل نه رهيو! ردا لاشعور مان موٽي شعور ۾ آئي. هن پنهنجي ماءُ کان منهن موڙي، ڪنڌ ورائي پنهنجي ماسي ڏي چتايو، هن ڏٺو، ماسي جي چهري تان ماتا جا نشان ميٽجي چڪا هئا، هن جو ڪوجهو منهن منور ٿي ويو هو! هن جي ماسي جي چهري تي کيس حسن جون تجليون نظر آيون.
ردا ان ئي ڏينهن پنهنجي ماءُ کي وساري ڇڏيو هو. هن کي ماءُ کان وحشت ٿي پئي هئي. هن پنهنجو پاڻ کي ماسي تائين ئي محدود ڪري ڇڏيو هو.
. . . . . . . ماءُ جي عظمت گهٽ نه ٿي هئي، ماءُ جي معتبري تي آنچ نه آئي هئي، بس ٿيو رڳو ايترو هو جو ردا جي ماءُ بدلجي ويئي هئي! هاڻي سندس ماسي ئي سندس ماءُ ٿي پئي هئي....!
◙