قسط 5
دارا جي اها عادت هوندي هئي جو هُو اڪثر شام جو ڇت واري بالڪني ۾ پيل انهي ڪرسي تي اچي ويهندو هو ۽ لهندڙ سج کي ڏسندو هو. دارا جي اها ئي جاءِ ۽ اهو ئي وقت غور و فڪر جي لاءِ هوندو هو. هُو اتي ويهي ماضي حال توڙي مستقبل جي باري ۾ سوچيندو هو. هُو اتي ئي ويهي پنهنجي ناول يا ڪهاڻي جا پلاٽ سوچيندو هو. اتي ئي ويهي چانهه جي ڪوپ منجهان سپون ڀريندي، دارا فطرت جا عجيب منظر ڏسند هو. دارا جي شام تقريباً انهي بالڪني ۾ پيل ڪرسي تي ئي بسر ٿيندي هئي. اڄ دارا جون اکيون سج ۾ کتل هيون جيڪو شهر جي وڏين وڏين عمارتن ۾ گم ٿيندو ٿي ويو. شهر جون اوچيون اوچيون عمارتون سج کي وقت کان اڳي ئي لاهي ڇڏينديون آهن. سج کي شهر جي عمارتن ۾ گم ٿيندي ڏسي، دارا جي اکين جي آڏو هن جو ماضي ترورا ڏيڻ لڳو. هُو روز شام جو ڳوٺ جي پاسي واري واھ جي ڪپ تي وڃي ويهي رهندو هو، ۽ دير تائين وهندڙ پاڻي کي پُر اسرار نگاهن سان ڏسندو رهندو هو. پاڻي جي دائرن جيان هن جي ڪچڙي ذهن ۾ به سوچن جا سوين دائرا ٺهڻ شروع ٿي ويندا هئا پر هُو انهن کي سمجهي نه سگهندو هو، هُو جڏهن سوچ جي انهن دائرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اهي وري ٻئي پل آهستي آهستي ڊهندا ويندا هئا. ائين ئي هُو ڪافي دير انهن ٺهندڙ ڊهندڙ دائرن سان گڏ پاڻ به ٺهندو ڊهندو رهندو هو ۽ پوءِ لهندڙ سج کي تڪيندو هو، جيڪو واھ جي ٻي پاسي واري انبن جي وڏي باغ ۾ لهندي نظر ايندو هو. دارا ڏسندو رهندو هو، سج انبن جي وڻن ۾ لهندو هيٺ ٿيندو ديوين جي ڇانڀرين ۾ آهستي آهستي گم ٿيندو ويندو هو. پوءِ هُو انهي لهندڙ سج کي هٿ لوڏي الوداع چوندو هو ۽ ٻي صبح جو وري اوڀر کان اڀرندي ڏسي سندس آجيان ڪندو هو. دارا کي فطرت سان عجيب لڳاءُ هو. دارا ڪڏهن به خود کي فقط انسانذات سان وابسته نه سمجهندو هو بلڪهِ هو خود کي ڪائنات جي ذري ذري سان سلهاڙيل سمجهندو هو. ڪائنات جو ذرو ذرو پنهنجي وجود جو حصو سمجهندو هو. ٻيا ٻار شام جو راند کيڏندا هئا، موج مستيون ڪندا هئا پر دارا انهن کان دور دور رهندو هو. هُو تنها نظر ايندو هو پر هُو ڪڏهن به تنها نه هوندو هو. هُو فطرت جي ڪنهن نه ڪنهن منظر سان گڏ گڏ هوندو هو. دارا جون خوشيون توڙي غم به ٻين جي لاءِ بي سبب هوندا هئا. هرڪوئي دارا کي حيران و پريشان ڏسي سمجهي نه سگهندو هو ته آخر هو ڇو ائين گم سم آهي؟ دارا جيترو وقت ماڻهن سان رهندو هو ان کان وڌيڪ جمادات، نباتات ۽ حيوانات سان رهندو هو. دارا انهي ۾ ڏاڍي آسودگي محسوس ڪندو هو.
دارا کي ننڍي هوندي کان ئي پڙهائي سان ڏاڍو چاھ هوندو هو پر هُو ڳوٺ جي وڏيري جو اولاد هوندي به گهڻو اڳتي ڪا بهتر تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. انهي جو به هڪ سبب هو. سبب هي هو جو دارا وڏيري جي ڏاڏي پوٽي زال جو اولاد نه هو. دارا پنهنجي پيءُ جي پسند واري شادي جي پئداوار هو. دارا جي ماءُ جيئن ته وڏيري جي ڏاڏي پوٽي نه هئي ۽ ٻيو ته هن پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي وڏيري سان پيار جو پرڻو ڪيو هو سو انڪري وڏيري جي گهر ۾ ان جو نالو ئي ڀاڄوڪڙ ٿي پيو، دارا جيڪڏهن وڏيري جي ڏاڏي پوٽي منجهان هجي ها ته ٻي ڳالهه هئي پر هن جو قصور اهو هو جو هُو ڪنهن ڀاڄوڪڙ جو پُٽ هو سو وڏيري جي گهر ۾ سڀني جي اک جو ڪنڊو هو. دارا جي پيءُ کي پنهنجي ڏاڏي پوٽي زال منجهان به ٽي پُٽ هئا، پر انهن ۾ ڪو لڇڻ ئي ڪونه هو. انهن جو پڙهائي سان ڪو لڳاءُ نه هوندو هو. دارا انهن جي ڀيٽ ۾ بنهه سجاڳ ۽ سرلو هو پر ڳالهه رڳو ايتري هئي ته ڏاڏي پوٽي وارا پُٽ بُڻ بڻياد وارا هئا ۽ دارا بي بڻياد هو! هُو دارا کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ دادلا هئا. سو هُو جو نه پڙهيا ته دارا جي پڙهائي به ڪنهن کان هضم نه ٿي سگهي. بس ائين ئي دارا جيڪو چاهيو سو ٿي نه سگهيو. دارا سان انهن جو رويو شروع کان ئي اهڙو هو جو هو روز اندر ئي اندر ۾ ڊهي پوندو هو. پر ان جي باوجود به دارا دل هارڻ کان پهرين، نااميد ٿيڻ کان پهرين هر ڀيري وري خود کي حوصلو ڏيندو هو ۽ وري پاڻ کي پاڻ سنڀاليندو هو..... ائين هو روز ٺهندو روز ڊهندو رهيو.....
ماسي چانهه کڻي اچي دارا جي اڳيان رکي. ڪوپ جي کڙڪي تي دائرا هڪدم ڌنڌلا ٿي ختم ٿي ويا. دارا ڏٺو، سج اوچين اوچين عمارتن ۾ گم ٿي وقت کان اڳي ئي لهي چڪو هو. دارا هڪ اونهو ساھ کنيو ۽ انهي اونهي ساھ ۾ دارا خود کي مشڪل ننڍپڻ کان ويندي هن بالڪني جي آرامده ڪرسي تائين ڏٺو. اهو اونهو ساھ کڻي دارا چپن ۾ چيو، “مان ته شروع کان وٺي روز ڊهندو روز ٺهندو رهيو آهيان....!” چانهه جي سپ ڀريندي دارا وري پنهنجي ساءِ چوڻ لڳو، “ڪير احمق پاڻ کي پاڻ ٿو ڊاهي، مان ته خود کي سدائين ٺاهيندو ئي رهيو آهيان پر الئه ڇو هر ڀيري وري به ٺهندي ٺهندي ڊهي ويندو رهيو آهيان!......”
دارا جي موبائل جي گهنٽي وڳي. دارا ڪوٽ جي کيسي منجهان موبائل ڪڍي ڪال اٽينڊ ڪئي. کيسي منجهان موبائل ڪڍندي دارا کي ائين لڳو ڄڻ کيسي منجهان موبائل سان گڏ ڪا ٻي شيءِ به نڪتي جيڪا فرش تي ڪري پئي. دارا فون مان فارغ ٿي هيٺ فرش تي نهاريو. دارا جي پيرن ۾ اهو ئي ڪاڳر پيو هو جنهن کي هن آفيس ۾ اهو سوچيندي سوچيندي پنهنجي Signature سان ڪارو ڪري ڇڏيو هو ته، ‘ها! مان Signature ڪندو ئي ناهيان! مان ته ڪا شيءِ ڊاهيندو آهيان. ڪا ٻي شيءِ نه بلڪهِ پنهنجو پاڻ ئي ڊاهيندو آهيان مان!’
انهي ڪاري ڪاڳر کي ڏسندي ئي دارا جون سڀئي سوچون گڊمڊ ٿي ويون.........
◙