ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 14

دنيا جي هر شيءِ، جمع ٿيڻ سان وڌندي آهي، انساني جذبا به ائين ئي آهن، محبت به ملڻ سان وڌندي آهي، خوشي به جڏهن خوشيءَ سان ملندي آهي ته وڌي ويندي آهي مگر درد جڏهن درد سان ملندو آهي تڏهن گهٽجي ويندو آهي! ائين کڻي چئجي ته درد جڏهن درد سان ملندو آهي ته دوا ٿي پوندو آهي! دارا به درد هو، ردا به درد ئي هئي، سو هڪ درد جڏهن ٻئي درد سان مليو ته درد گهٽجي ويو! زخم زخم سان ڀرجي ويو. درد درد سان ميٽجي ويو......! دارا ۽ ردا جڏهن پنهنجا درد ورهائي ڇڏيا ته خوش ٿي ويا.
دارا ۽ ردا جڏهن هڪٻئي کي تسليم ڪيو ته، ٻنهي کي اها ئي تصديق ٿي ته اهي هڪٻئي جو ئي آئينو آهن. اهي ٻئي هڪ ئي تصوير جا ٻه پاسا ٿي لڳا. دارا ۽ ردا کي تقدير اهڙي موڙ تي ملايو هو، جو هاڻي هُو ٻئي هڪٻئي جي لاءِ لازم و ملزوم ٿي پيا هئا. جيڪڏهن هُو هڪٻئي سان نه ملن ها ته شايد ٻيئي ڄڻا فنا ٿي وڃن ها! هر شيءِ ٺهندي ۽ ڊهندي رهندي آهي، اهو ئي فطرت جو ازلي قانون آهي. دارا ۽ ردا به ڊهي چڪا هئا، بس سو انڪري ئي هاڻي شايد هنن کي ٺهڻو ئي هو. هنن ٻنهي هڪٻئي کي زندگي ڏي موٽايو هو. هنن هڪٻئي جي زندگي ۾ رنگ ڀريا هئا. هاڻي هنن کي پنهنجي زندگي پهرين کان ڪافي بهتر لڳي رهي هئي. هو ٻيئي ڄڻا ڊهي ڊهي وري ٺهي پيا هئا. هُو ٻيئي ڊٺل هئا، هنن هڪٻئي سان گڏجي هڪٻئي کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هُو هڪٻئي کي ٺاهي رهيا هئا. هڪٻئي کي سنڀالي رهيا هئا. هڪٻئي جا وکريل وجود ميڙي سهيڙي رهيا هئا.
هاڻي ردا روز کيس فون ڪندي هئي، موڪل واري ڏينهن وٽس ايندي هئي. ردا جڏهن وٽس ايندي هئي ته ماسي کي به چانهه ٺاهڻ نه ڏيندي هئي. هُوءَ پاڻ بي تڪلف ٿي چانهه ٺاهيندي هئي ۽ ماسي کي به ڏيندي هئي ۽ دارا سان گڏجي پئندي هئي. بالڪني ۾ هاڻي موڪل واري ڏينهن هڪڙي ڪرسي وڌي وئي هئي. ردا ان ڏينهن دارا جي ڪمري جي صفائي به پاڻ ڪندي هئي، ردا ان ڏينهن هر ڪم پاڻ ئي ڪندي هئي. ردا جي سڀاءُ ۾ عجب پنهنجائپ هئي. زندگي ۾ ردا جي اچڻ سان دارا زينت کي وساري ته نه سگهيو پر ايترو ضرور هو جو جيڪڏهن دارا جي زندگي ۾ ردا نه اچي ها ته زينت کان پوءِ هُو زندگي ڏي موٽي ئي نه سگهي ها.
موڪل واري ڏينهن ردا جڏهن دارا وٽ ايندي هئي ۽ چانهه ٺاهيندي هئي، ماني تيار ڪندي هئي ۽ دارا جي ڪمري جي صفائي ڪندي هئي تڏهن اهي سڀ ڪم ڪندي ڪندي ردا کي عجيب قسم جي خوشي محسوس ٿيندي هئي. خوشي شراب وانگر کيس رڳ رڳ ۾ ڊوڙندي محسوس ٿيندي هئي. هُو ان ڏينهن پنهنجي جسم ۾ حرارت محسوس ڪندي هئي.
دارا کان پهرين ردا جي زندگي ڪهڙي هوندي هئي! هر شيءِ هوندي هئي. هر وقت تيار رهندي هئي. ماڊلنگ، شوٽنگ، پوءِ دعوتون، پوءِ محلفون، پوءِ شراب، پوءِ عياشي...... نوٽن جي برسات...... شهرت... دولت... هر شيءِ! ڪا رات خالي نه هوندي هئي، ڪو ڏينهن واندو نه ويندو هو.... اخبارن وارا، رسالن وارا، ڪمرشلز وارا، اسٽوڊيوز وارا.... ڊائريڪٽرز... ويوورز... وڏيرا... جاگيردار.. ڪامورا... سياستدان.... جتي ڪٿي رڳو ‘ردا’، ‘ردا’ ئي هوندي هئي. هر ڪنهن جي چپن تي بس ردا هوندي هئي...... ها اهو سڀڪجهه هوندي به اهڙو سڪون ۽ اطمينان ڪٿي به نه هوندو هو....... جيڪو هاڻي دارا جي انهي اقراري مُرڪ کان پوءِ کيسِ نصيب ٿيو...... ڇو؟؟....
هڪ ڀيري دارا جي ڪمري جي صفائي ڪندي ردا جڏهن انهي ‘ڇو؟؟....’ جو جواب دارا کان پڇيو ته دارا تمام مختصر جواب ڏيندي وراڻيو، “ڇو جو پهرين تو وٽ سڀڪجهه هو مگر ردا نه هئي!”
ردا جڏهن دارا جو اهو جواب ٻڌو ته کيس ائين لڳو ڄڻ هُوءَ ان کان پهرين سماج ۾ اگهاڙي هئي، پوءِ دارا کيس ردا سان ڍڪي ڇڏيو.... ردا وراڻي، “منهنجي ردا تون آهين دارا!........ تو ئي مون کي اهو احساس ڏياريو ته ردا ڇا ٿيندي آهي!”
دارا جي چهري جي اقراري مرڪ، ردا جي زندگي ۾ قرار آڻي ڇڏيو. ردا جا سارا ٿڪ لحظي منجهه لهي ويا. دارا جي انهي مُرڪ ڄڻ ته ردا جا سارا داغ ڌوئي ڇڏيا. هن جو بدترين ماضي دارا جي انهي مُرڪ سان ميٽجي ويو. ردا جي ڪلهن تان ڄڻ ته پهاڙن جو بار لهي ويو. هُوءَ هاڻي پاڻ کي هوا کان به هلڪي محسوس ڪرڻ لڳي. ردا کي پنهنجي ساري زندگي ۾ اهڙو قرار اڳ ڪٿي به نصيب نه ٿيو.
هڪ شام دارا ۽ ردا ٻئي بالڪني ۾ ويٺي چانهه پي رهيا هئا. هنن ٻنهي جون اکيون هيٺ شهر جي تيزي ۾ کتل هيون. هيٺ هر ڪنهن کي تڪڙ ئي تڪڙ هئي. ڪو تڪڙو تڪڙو اچي رهيو هو، ڪو تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو. صبر ۽ ڌيرج نالي ڪا شيءِ ئي نه هئي. گاڏيون، ڪارون، موٽرون، رڪشا، سائيڪل، پيادل...... هر ڪوئي بس ڊوڙي رهيو هو. هر ڪنهن وٽ وقت تمام گهٽ لڳي رهيو هو.! هيٺ رڳو هلچل ئي هلچل هئي. دارا ۽ ردا مٿي بالڪني ۾ آرام ۽ اطمينان سان چانهه پي رهيا هئا. شهر جي تيزي ڏي تڪيندي تڪيندي ردا پنهنجي ماضي کي ياد ڪري وراڻي، “منهنجي زندگي ۾ به ڪڏهن ڏاڍي تيزي هوندي هئي دارا!....... ائين ئي هلچل هوندي هئي هر وقت! وقت جا ڪانٽا ڏاڍا تيز لڳندا هئا مونکي!..... الائي ته ڪهڙي ڊوڙ هئي..... الائي ته ڪهڙي هوڏ هئي... بس وقت هوندو ئي ڪونه هو..... هر وقت ڀڄ ڀڄان هوندي هئي دارا!”
“۽ هاڻي؟!” دارا پڇيو.
“ ۽ هاڻي...!” ردا هڪ اونهو گهرو ساهه کنيو ۽ وراڻي، “هاڻي ته ائين ٿو لڳي جيئن وقت پنهنجو ٿڪ ڀڃي رهيو آهي! ڪانٽا ڏاڍا مڌم مڌم هلي رهيا آهن. زندگي Soft music جيان ٿي پئي آهي. زندگي ڏاڍي پُرسڪون ٿي پئي آهي هاڻي!”
دارا ردا جي ڳالهه ٻڌي ڪي گهڙيون خاموش ٿي ويو. پوءِ وراڻيو، “ردا، مان جڏهن شهر جي مارڪيٽ منجهان گذرندو آهيان ته مارڪيٽ کي ڏسي ڏاڍو عجيب لڳندو اٿم!” ردا متوجه ٿي ته دارا وري شروع ٿيو، “ مارڪيٽ ۾ هر دڪان ڀريل نظر ايندو آهي، پر ڇا جي لاءِ؟....... . . .. خالي ٿيڻ جي لاءِ!!!” دڪان، ٺيلها، ريڙها، ڪيبنون.... . . .هر شيءِ ڀري پئي آهي پر ڇا جي لاءِ..... . .. ختم ٿيڻ جي لاءِ!!!”
ڪجهه لمحا ترسي شهر جي تيزي ڏانهن اشارو ڪندي دارا ردا سان وري ڳالهائڻ لڳو، “دنيا ڏاڍي تيز هلي رهي آهي نه ردا...!”
“ها.... تمام تيز!” ردا وراڻي.
“ها، دنيا ڏاڍي تيز ڊوڙي رهي آهي ردا!” دارا ڪنڌ مٿي ڪري ردا ڏي نهاريو ۽ پوءِ پڇيائينس، “پر ڪيڏانهن؟؟” دارا چيو، “دنيا ايڏي تيز ڪيڏانهن ڊوڙي رهي آهي؟؟؟”
“.......” ردا ماٺ ئي رهي.
دارا وراڻيو، “دنيا جي آخري منزل فنا آهي!” دارا چيو، “دنيا فنا ڏي ڊوڙي رهي آهي!”
ڪجهه لمحن جي خاموشي کان پوءِ دارا وري ڳالهايو، “جيڪڏهن دنيا کي انهي ڳالهه جي خبر پئجي وڃي. . . . . . ان ڳالهه جو احساس ٿي وڃي ته پوءِ اها تيزي توکي نظر ئي نه اچي ڪٿي!” دارا هلڪو مسڪرايو ۽ وراڻيو، “پوءِ هي سارو سفر Soft music جيان ئي ٿي پوي ردا!.....”
ردا اهو ٻڌي ٽڪ ٻڌي دارا جي چهري ۾ چتائڻ لڳي.
ردا ۽ دارا هڪٻئي کي عجيب موڙ تي سهارو ڏنو هو، ردا دارا جي مُحسن هئي، ردا جي چهري ۾ دارا کي عجيب قسم جي ڪشش محسوس ٿيندي هئي. ردا ڏاڍي خوبصورت به هئي ۽ ڏاڍي پياري طبيعت جي به هئي. پر پوءِ به ردا دارا جي لاءِ زينت ٿي نه سگهي! دارا سندس دل سان عزت ڪندو هو. ردا جڏهن دارا کي شادي جي آڇ ڪئي هئي تڏهن به دارا اها زبردستي قبول نه ڪئي هئي. دارا کي پنهنجي انهي اقرار تي اڄ تائين ڪو پڇتاءُ به نه هو پر انهي سڀڪجهه هوندي به هُو ردا کي زينت بڻائي نه سگهيو هو. جيئن هُو زينت سان پيار ڪندو، تيئن هو ردا سان ڪري نه سگهيو. زينت سان ملڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو، ان سان ملڻ جي لائي سر جو سانگو لاهڻو پوندو هو، رات جي آڌيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو، پوءِ ڪيئي لوڙها لتاڙي لڪي لڪي وڏي مشڪل سان نانگن تي پير ڏئي وڃي زينت سان ملڻو پوندو هو. ايترين سارين مشڪلاتن جي هوندي به، دارا پنهنجي زندگي کي داءُ تي رکي به رات جي اونداهي ۾ وڃي زينت سان ملندو هو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀريندو هو، زينت کي پنهنجي سيني سان لڳائي سندس پيشاني تي چميون ڏيندو رهندو هو، پر هُو اهو سڀڪجهه ردا سان ڪري نه سگهيو. توڙي جو زينت جي ڀيٽ ۾ ردا سان ملڻ تمام آسان هوندو هو. ردا سان ملڻ ۾ ڪا به مشڪل نه هئي، پر تنهن هوندي به دارا ردا کي زينت جيان ڀاڪر ۾ ڀري نه سگهيو، نه ئي کيس پنهنجي سيني سان لڳائي سندس پيشاني تي چميون ڏئي سگهيو! دارا ردا کي اهڙي انداز سان ته ڇُهي به نه سگهيو هو!
“ردا!” دارا پڪاريو.
“جيءُ!” ردا آواز ڏنو.
“هر ڇوڪري اهو ئي چاهيندي آهي ته ان جو چاهيندڙ کيس بيپناهه پيار ڪري، کيس چرين وانگر چاهي. هر ڇوڪري اهو ئي چاهيندي آهي ته کيس پنهنجو ساٿي ڀاڪر ۾ ڀري، پنهنجي سيني سان لڳائي ۽ ان جي انگ انگ تي پيار ڪندو رهي!” دارا پڇيو، “ تنهنجي به ته دل چاهيندي هوندي!... ها نه!؟”
دارا واتان اهو ٻڌي ردا جي چهري تي اداسي تري آئي. ان کان اڳي جو دارا جي نظر ردا جي اداسي تي پوي ها، هن پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. ردا پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪيو ۽ ڪجهه لمحا چپ چاپ پنهنجا ڳوڙها پيتائين. دارا جي دهرائڻ کان پهرين ئي ردا پنهنجو پاڻ کي سامت ۾ آندو ۽ پنهنجي چهري تي مُرڪ سجائي دارا ڏي نهاريائين. دارا جي چهري تي جڏهن سوال جون ريکون اڀريون ته ردا پنهنجا چپ چوريا، “ها!.... پر....” ردا جا چَپ چُپ ٿي ويا.
“پر......؟” دارا پڇيو.
“... ... . ها پر مان زينت ناهيان!” ردا وراڻي.
ردا جي جواب تي دارا جي دل ڏاڍي اداس ٿي. هن جون اکيون هيٺ ٿي ويون.
“پر دارا! تو کي هڪڙي ڳالهه اها به ٻُڌايان ته... .. . مان ڪڏهن به زينت ٿيڻ جي ڪوشش ئي نه ڪنديس!” دارا کي اداس ڏسي ردا وراڻي، “مان ڪڏهن به تنهنجي دل جي ديس مان زينت کي جلاوطن نه ڪنديس.... بلڪهِ مان ته تنهنجي دل ۾ زينت جي جڳهه کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس!” ردا وراڻي، “دارا، تو کي زينت جي ياد ۾ جيترو به روئڻو هجي، تون منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي روئي سگهين ٿو!”
دارا پنهنجيون جهڪيل اکيون مٿي ڪري ردا ڏي نهاريو، هن کي انهي نظر ۾ ردا جو قد تمام وڏو لڳو. دارا اهو سوچي حيران هو ته ڪا به ڇوڪري اهڙي ڳالهه برداشت نٿي ڪري سگهي، جنهن جي ردا دعوى ڪري ڇڏي آهي! دارا ردا ڏي ڏاڍي معتبر نگاهه سان ڏٺو ۽ چيو، “تون ڪهڙي ڇوڪري آهين ردا!!”
“بس مان اهڙي ئي ڇوڪري آهيان!” ردا چيو.......
دارا کي ردا تي ان لمحي ڏاڍو پيار آيو. دارا جي دل چاهيو ته ردا کي ڀاڪر ۾ ڀري، کيس پنهنجي سيني سان لڳائي ۽ سندس پيشاني تي پيار ڪري پر هُن جا هٿ الئه ڇو ردا ڏي وڌندي وڌندي وري به رڪجي ويا. هُو ائين ڪري نه سگهيو.
ان ئي ڏينهن ردا دارا کان موڪلائيندي کيس چيو، “منهنجو هن دنيا جهان ۾ ڪو ئي ڪونهي!...... سواءِ هڪ ماسي جي، جنهن مون کي ننڍي هوندي کان پالي تاتي وڏو ڪيو آهي. منهنجي ماءُ به اها آهي، پيءُ به اها آهي، منهنجو سڀڪجهه اها ماسي ئي آهي.” ردا چيو، “مان تو کي پنهنجي انهي ماسي سان ملائڻ ٿي چاهيان هاڻي!”
دارا دل سان وراڻيو، “مان صبح جو ئي تنهنجي گهر ايندس ردا.”