ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 9

“ايڪشن!”
“ريڊي!”
“ٿوري هلڪي مسڪراهٽ!”
“چهرو ذرا هن پاسي!”
“اکين ۾ خمار!”
“نظر ترڇي!”
“سائيڊ پوز بيبي!”
وغيره وغيره اهڙا لفظ هئا جيڪي ردا جي ڪنن روز ٿي ٻڌا! اها ردا جي زندگي هئي. ردا جو ڪم ئي جلوه گري هو، جادوگري هو. هر وقت تيار رهڻ، مسڪرائيندو رهڻ، ۽ پنهنجي پاڻ کي ٺاهڻ، اهو سڀ ته ردا جي معمول جو حصو هو، پر دارا جي ملاقات کان پوءِ هُو انهن سڀني ڪمن کان بيزار ٿي پئي هئي. هن کان آهستي آهستي اهو سڀ ڪجهه ڇڏائبو ٿي ويو. هن کي شوٽس کان، ماڊلنگ کان، اداڪاري کان چِڙ اچڻ لڳي هئي. هر وقت پنهنجو پاڻ کي ٺاهيندي رهڻ هن کي بيوقوفي لڳڻ لڳي هئي. جڏهن به هُو ڪنهن شوٽنگ يا ماڊلنگ جي لاءِ پاڻ ٺاهيندي هئي ته کيس دارا جو لکيل اهو جملو ياد اچڻ لڳندو هو ته، ‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’
بس پوءِ آهستي آهستي ٿي هن کان اهو ڪم ڇڏائجي ويو هو. ان کان اڳ ۾ ردا جو موبائل هر وقت سندس ڪن تي ئي رهندو هو، پر پوءِ اهو به آهستي آهستي ڪن کان هٿ، هٿ کان پرس ۽ پرس کان پوءِ آهستي آهستي ٿيندو بيڊ تائين ئي محدود ٿي ويو. ڪال ڪرڻ وارا ڪال ڪري ڪري ٿڪجي پيا، جڏهن کين ڪجهه به حاصل نه ٿيو تڏهن نيٺ مايوس ٿي انهن به وڃي ڪي ٻيا در جانچي ڇڏيا. ردا کي گهڻو ئي ڊائريڪٽرن توڙي ٻين مئگ وارن اداڪاري ۽ ماڊلنگ جي لاءِ زور ڀريو ۽ کيس روشن مستقبل جون ضمانتون ڏنيون پر ردا کان اهو سڀ ڪجهه ڏينهون ڏينهن دور ٿيندو ويو. ردا رات جون محفلون به ويران ڪري ڇڏيون هيون. هن مجرا ۽ رقص سڀ ڇڏي ڏنا هئا. ردا ڪافي ڏينهن کان بيوٽي پارلر تي به نه وئي هئي. روبي، جيڪا ذري گهٽ مٿس عاشق هوندي هئي تنهن به کيس فون ڪري ٻه ٽي ڀيرا ملي وڃڻ جو چيو هو پر ردا ان سان ملڻ به وڃي نه سگهي هئي. ردا هاڻي بس گهر تائين ئي محدود ٿي رهجي وئي هئي.
حقيقت هي هئي ته ردا جڏهن پنهنجي ماضي قريب جو سوچيندي هئي ته کيس به ڏاڍو عجيب لڳندو هو. هُو ته هر وقت تيار رهڻ پسند ڪندي هئي. هو سڄو ڏينهن آئيني جي اڳيان ويٺي هارسينگار ڪندي هئي، صبح کان شام تائين پئي پنهنجي پاڻ کي ٺاهيندي هئي! هن ته زندگي ۾ ڪڏهن اهو تصور به نه ڪيو هو ته هُو ڪو ايتري قدر بدلجي ويندي! اهو سوچي سوچي ردا کي خود کي ڏاڍي حيراني ٿيندي هئي، هن کي خود کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته آخر دارا جي ڳالهين ۾، هُن جي نگاهن ۾، هُن جي آٽوگراف واري هڪڙي جملي ۾ اهڙي ڪهڙي فولادي طاقت هئي جنهن کائنس سڀڪجهه ڇڏائي ڇڏيو هو! ردا کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته دارا سان ملي کيس اچانڪ ئي اچانڪ ڇا ٿي ويو آهي!!
“ردا توکي ڇا ٿي ويو آهي؟” ماسي ڪافي ڏينهن جي صبر کان پوءِ نيٺ اڄ ڳڻتي واري لهجي ۾ پڇيو.
“ڪجهه نه ماسي!” ردا اهوئي عام جواب ڏنو.
“تو پنهنجو ڌنڌو ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟” ماسي چيو، “ائين ڪندين ته پوءِ ڪم ڪيئن هلندو ردا؟”
“ماسي مون کان اهو ڪم نٿو ٿئي هاڻي بس!” ردا چيو.
“پر ڇو؟” ماسي پڇيو.
“الئه ڇو ماسي!” ردا چيو، “بس مون کان نه ٿيندو اهو سڀڪجهه هاڻي؟”
“ته پوءِ تون ڇا ڪندين ٻيو؟” ماسي چيو، “پنهنجو گذر سفر مشڪل ٿي پوندو!”
“.................” ردا خاموش ٿي وئي. هن ڪجهه نه ڪڇيو.
“پنهنجو اهو ئي ڪم آهي، پنهنجو جسم پاڻ کي پالي ٿو!” ماسي چيو، “پاڻ جسم کي جسم جي لاءِ ئي کپائينديون آهيون.....” ماسي وات ۾ پان وجهندي وراڻي، “مان ته ٿي وئي آهيان پوڙهي! منهنجي جسم جو ته ڪو ئي خريدار ئي ناهي!” ماسي ٻئي ڪمري ۾ ويندي چيو، “تون به جيڪڏهن ڌنڌو نه ڪندين ته مفت مري وينديون سين!”
ماسي هلي وئي ۽ ردا جي دماغ ۾ اهو جملو گونجندو ڇڏي وئي ته، “پاڻ جسم کي جسم جي لاءِ ئي کپائينديون آهيون!”
ردا ڏاڍي اداس ٿي وئي. ردا اجهامي وئي. ردا کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته هُو ڇا ڪري. سڄو ڏينهن گذري ويو. شام لڙڻ لڳي، ردا انهن ئي سوچن ۾ اداس ئي رهي ته هُو ڇا ڪري!....
نيٺ جڏهن سج شهر جي ديوارن ۾ لڪڻ لڳو ته ردا منهن ڌوئي فريش ٿي. پوءِ هن ٻاهر جو رخ ڪيو. ردا کي ٻاهري ويندي ڏسي ماسي جي چهري تي اميد جون ريکون اڀري پيون. هن هٿ مٿي ڪري الله جو شڪر ادا ڪيو.
ماسي سمجهي رهي هئي ته ردا تي سندس ڳالهين جو اثر ٿي پيو آهي ۽ هو پنهنجي ڌنڌي تي وڃي رهي آهي. هن کي پڪ ٿي ته ردا ڪا شراب ۽ ڪباب جي محفل مچائڻ وڃي رهي آهي.