ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 8

اڄ آچر جو ڏينهن هو، دارا کي آفيس کان موڪل هئي. دارا صبح سوير اٿيو. هن ڪجهه دير مطالعو ڪيو، پوءِ اخبار آئي، هن اخبار کي مٿاڇري نظر ڏٺو ۽ پوءِ ڪجهه دير ٽي وي ڏسي هن پنهنجي دوست منظور موالي جي دڪان جو رخ ڪيو. دارا جي هڪڙي عادت هئي جو هن جو هوٽل به مخصوص هوندو هو، هن جو درزي توڙي دڪاندار به هڪڙو ئي هوندو هو. هُو پنهنجا واسطا محدود رکندو هو پر مضبوط رکندو هو. دارا جُتي به هڪڙي ئي مخصوص موچي کان پالش ڪرائيندو هو. دارا کي شهر ۾ ڏھ ٻارنهن سال گذري ويا هئا. انهي ڊگهي عرصي ۾ دارا فقيري کان اميري تائين جو سفر ڪيو هو. پر دارا اڄتائين پنهنجو اهو هوٽل، اهو درزي، اهي دڪاندار نه ڇڏيا هئا، جيڪ کيس شهر جي شروعاتي ڏينهن ۾ مليا هئا. دارا جو موچي اڄ به اهو ئي ساڳيو هو، نم جي ڇانوَ وارو! دارا جو درزي به اهو ئي ساڳيو هو، اسٽيشن روڊ جي پاسي وارو مُلان يونس! دارا جو نائي به اهو ئي ڏھ ٻارنهن سال اڳ وارو ئي ساڳيو هو، منظور موالي! دارا جو ٻين سڀني واسطيدارن سان به واسطو ساڳيو ئي هو پر پوءِ به منظور موالي سان دوستي ڪجهه سوائي هئس. منظور موالي کي هرڪو ئي منظور موالي سڏيندو هو پر دارا منظور کي نامنظور سڏيندو هو. منظور اڌ عمر جو چرس جو موالي هوندو هو، جنهن جو هن وڏي شهر ۾ هڪ ننڍو حجم جو دڪان هو. منظور جي هڪڙي خاصيت، جيڪا دارا کي دل سان وڻندي هئي، سا هي هئي ته منظور کُٽل هوندي به هميشه خان نظر ايندو هو. منظور غريب هوندو هو پر ان هوندي به هُو سدائين تيار رهندو هو. دارا ڏهن ٻارنهن سالن جي عرصي ۾ منظور جي ڪڏهن ڏاڙهي وڌيل نه ڏٺي هئي، وار وکريل نه ڏٺا هئا. هن جا وار وڏا هوندا هئا ۽ ڪلهن تائين ڪِريل هوندا هئا. زيتون جي تيل ۾ سدائين ڪارا ڪاريهر پيا لڳندا هئا. دارا هڪڀيري کائنس وڏن وارن جو سبب پڇيو هو ته وراڻيو هئائين، “تو کي خبر ناهي دارا دلبر! هنن وڏن وارن ۾ به وڏي مستي هوندي اٿئي! وار جيترا وڏا هوندا آهن، هستي ۾ ايتري ئي مستي رهندي آهي!” هُو هر وقت ٺهيل ٺڪيل رهندو هو. دارا جڏهن تازو تازو عشق جي چوٽ کائي پنهنجو مٿو شهر جي ديوارن سان ٽڪرايو هو تڏهن اهو منظور موالي ئي هو، جيڪو کيس اتفاقي طرح سان سڀ کان پهرين مليو هو. بس هينئن ٿيو هو جو دارا شهر ۾ لهي ائين ئي بي منزل رستن تي هلڻ لڳو هو، هلندي هلندي نيٺ شام تائين ٿڪجي پيو هو، هن جي وجود تي به ڏاڍو وزن ٿي پيو هو سو هن پنهنجو مٿو هلڪو ڪرڻ خاطر وهنجڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ پوءِ بس ائين ئي هُو حمام جي چڪر ۾ اچي منظور موالي جي دڪان تي پهتو هو. منظور موالي هو مست الست، سو کيس ڏسندي ئي شايد سُڃاڻي ويو جو وراڻيو هئائين، “ڏاڍو ٿڪل ٿو لڳين! تازو ڦٽيل ٿو لڳين!” پوءِ بس دارا کي به رڳو هلڪي اشاري جي ئي ته ضرورت هئي! بس پوءِ ائين ئي دارا پنهنجو سمورو احوال منظور موالي سان اوري ڇڏيو هو. پوءِ اهو منظور موالي ئي هو جنهن چرس پياري پياري دارا جي درد کي درد سان ميٽيو هو. هن ئي کيس سنڀاليو هو ۽ پنهنجي عشق جا ڪوڙا سچا قصا ٻڌائي ٻڌائي کيس زندگي ڏانهن موٽايو هو. اهو به منظور موالي ئي هو جنهن کيس سيٺ سلامت سان ملايو هو. ۽ پوءِ اهڙي طرح دارا دل جو ڌڪ پچائي ويو هو! ڏهن ٻارهن سالن جي عرصي ۾ دارا ننڍي ماڻهو منجهان وڏو ماڻهو ٿي ويو هو پر هن پنهنجي شناس نه وڃائي هئي. دارا منظور موالي کي وساري نه ڇڏيو هو، هُو پنهنجا وار اڄ سوڌو منظور موالي کان ئي ٺهرائيندو هو.
دارا اڄ تقريباً مهيني کن کان پوءِ منظور موالي وٽ وڃي رهيو هو. دارا پنهنجي گاڏي تي نڪتو ۽ ڪجهه ئي منٽن ۾ منظور موالي جي دڪان تي اچي پهتو. منظور موالي جي دڪان تي نصرت فتح علي جي قوالي هلي رهي هئي ۽ هو پاڻ وار ٺاهڻ واري ڀڳل ڪرسي تي مونن ۾ منهن وجهي ‘تم اِک گورکهه دهندها هو!’ تي ڪنڌ ڌوڻي رهيو هو. دارا هن کي دور کان ڏٺو ۽ ڪي پل ڏسندو ئي رهجي ويو. منظور موالي جا زيتون جي تيل ۾ تر ٿيل وڏا ڪارا وار ڄڻ ته محوِ رقص هئا! دارا اڳ جڏهن به ايندو هو ته گاڏي منجهان لهندي ئي رڙ ڪري ‘منظور نامنظور’ چئي کيس کيڪاريندو هو پر اڄ هن منظور کي مدهوشي جي عالم ۾ ڏسي اهڙو ڪجهه به نه ڪيو ۽ ان جي بر عڪس چپ چاپ اچي ٻي ڪرسي تي ويهي رهيو. دارا کي ائين لڳي رهيو هو جيئن منظور اڄ محوِ عبادت هو سو انڪري هن به سندس عبادت ۾ خلل وجهڻ مناسب نه سمجهيو. هن مناسب نه سمجهيو ته منظور نامنظور جي عبادت قضا ٿئي سو ماٺ ڪري ويهي رهيو ۽ دير تائين منظور موالي کي جهومندي ڏسندو رهيو. منظور موالي ڪافي دير تائين جهومندو رهيو پر اوچتو بجلي جي وڃڻ جي ڪري نصرت فتح علي جي قوالي بند ٿي وئي ۽ اهڙي طرح منظور جي عبادت به قضا ٿي وئي. بجلي جي وڃڻ تي منظور موالي کان ڪو ڇرڪ نه نڪتو، هن آهستي آهستي پنهنجو منهن مونن منجهان مٿي ڪيو. هن سامهون دارا کي ڏٺو ته مُرڪي ڏنو، “اڙي دارا دلبر تون ڪيڏي مهل آئين؟!”
“ نامنظور صاحب مان ته..........!” دارا جو منظور جي منهن ڏي ڏٺو ته ڳالهائيندي ڳالهائيندي چُپ ٿي رهجي ويو. هُو منظور جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو. منظور جي ڏاڙهي اڄ وڌيل هئي. ائين لڳي رهيو هو جيئن هن ٻن هفتن کان شيو ئي نه ڪئي هئي. دارا، جيڪو سدائين منظور کي تيار ڏسندو هو، تنهن اڄ جڏهن منظور جي ڏاڙهي وڌيل ڏٺي ته اچرج ۾ پئجي ويو! “خير ته آهي نامنظور؟” هن چيو، “تو کي ڇا ٿي ويو؟”
“ڪُل خير آهي پيارا!” منظور مسڪرائيندي چيو، “مون کي اهڙو ڪجهه ناهي ٿيو دارا دلبر!”
“پوءِ يار اڄ تنهنجي هي ڏاڙهي ڇو وڌي پئي آهي؟” دارا پڇيو.
“اها ته مون پاڻ ڇڏي آهي يار!” منظور پنهنجي ساءِ چيو، “جيئي سائين ڪريم شاھ!”
دارا کي ڪجهه سمجهه نه آيو، “تون ته سدائين تيار رهندو هئين پيارا؟”
“تيار ته هاڻي ٿيندس پيارا!” دارا جي وارن کي پاڻي هڻندي منظور وراڻيو.
وڌيل ڏاڙهي ۽ ڳاڙهين اکين ۾ منظور موالي اڄ دارا کي صفا صوفي لڳي رهيو هو. “تون ته ختم ٿي ويو آهين!” دارا چيس.
“تون نٿو سمجهين دارا پيارا!” منظور پنهنجا مست وار پنهنجي چهري تان هٽائيندي چيو، “عشق دي الٽي چال!”
“اڙي نامنظور! عشق ته اڳ به کوڙ سارا ڪري چڪو آهين!” دارا چيس، “اڳ ته ڪڏهن اهڙي حالت نه ٿي تنهنجي!” هن چيو، “پهرين ته سدائين تيار رهندو هئين، روز نئين محبوب کي پاڻ وڻائڻ جي لاءِ پيو تيل ڦليل ڪندو هئين!”
“پهرين بندن سان عشق هو، هاڻي خدا سان عشق آهي پيارا!” منظور دارا جا وار ٺاهيندي چيو، “بندن کي پاڻ وڻائڻ جي لاءِ پاڻ ٺاهڻو پوندو آهي، ۽ خدا کي پاڻ وڻائڻ جي لاءِ پاڻ ڊاهڻو پوندو آهي دارا دلبر!....... عشق دي الٽي چال!”
منظور موالي جون ڳالهيون ٻڌي، دارا کي اڄ ڏاڍو تعجب لڳي رهيو هو، منظور چيو، “اصل ۾ هي ڊهڻ ناهي دارا پيارا!” هن چيو، “هي ئي ٺهڻ آهي درحقيقت!.... مگر تون نه سمجهندين...... عشق دي الٽي چال!” منظور موالي ڪجهه ترسي دارا کي چيو، “تون عشق جي اُلٽي اک سان ٿورو ڏس ته منهنجو چهرو ڪيڏو نه زرخيز ٿو لڳي ڏاڙهي سان!...... سچ پچ ته مون کي ته هاڻي بنا ڏاڙهي وارا چهرا صفا ويرانا ٿا لڳن!”
“اڄ ته يار تون صفا صوفي ٿي ويو آهين!” دارا منظور موالي کي چيو.
“جيئي سائين ڪريم شاھ!” منظور موالي آئيني ۾ پنهنهجي پاڻ جانچيندي چيو، “اڃا ڪٿي!..... اڃا ته پاڻ کي ٺاهڻو آهي!”
“ڪير آهي سائين ڪريم شاھ؟” دارا پڇيس.
“منهنجو مرشد آهي يار!” منظور چيس، “هن جي دعا سان مان هاڻي دنيا جي جهنجهٽ کان آزاد ٿيندو ٿو وڃان!”
دارا حيراني وچان منظور کي ڏسندو رهيو. منظور پاسي واري هوٽل واري کي چانهه جو چيو ۽ دارا جا وار ٺاهيندو رهيو. دارا ڪجهه نه چيو، منظور موالي وري ڳالهايو، “يار جڏهن پاڻ کي مڪمل تيار ڪري وٺندس ته پوءِ هي سڀ ڪجهه ڇڏي سائين ڪريم شاھ جي درٻار ۾ هليو ويندس. . . . . اتي ئي وڃي دم پٽيندس. . .. اتي ئي وڃي دم ڏيندس!”
دارا کان وري به ڪجهه ڳالهايو نه ٿيو، هُو ماٺ ئي رهيو. منظور وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ڏس پيارا، انسان چاهي پاڻ کي ڪيڏو به ڇو نه ٺاهي پر آهي ته وري به هڪ گندي قطري جي پيداوار!...... .. . . پوءِ هروڀرو پاڻ کي ٺاهڻ جو فائدو!؟” دارا ڳالهائيندو رهيو، “بت پرستي اها ٿورئي آهي جيڪا مُلان چوندا آهن........... اهي مُلان ته ڪوڙا اٿئي مٺا!......” دارا کي اڄ منظور جون ڳالهيون ڏاڍيون عجيب پر ڏاڍيون زبردست لڳي رهيون هيون. هُو خاموش ٿي ٻڌندو ئي رهيو، “يار تون ته وڏو پڙهيل لکيل آهين دارا، توکي ته خبر ئي هوندي ته اڳي ماڻهو هر انهي شيءِ جي پوڄا ڪندا هئا جنهن کان کين خوف يا خطرو هوندو هو، جيڪو انهن کان ڏاڍو هوندو هو!”
“ها، اهو ته سچ آهي، اڳي ماڻهن هر انهي شيءِ کي پوڄيندا هئا، جنهن کي پُڄي نه سگهندا هئا!”
“ته پوءِ پيارا ماڻهو اڄ تائين به اتي ئي بيٺل آهن.” منظور چيو، “ماڻهو اڄ به انهن جي پوڄا ڪندا ٿا اچن جن کي هُو پُڄي نٿا سگهن!”
منظور جي اها ڳالهه ٻڌي دارا جو چهرو سوال بڻجي منظور ڏي نهارڻ لڳو. منظور چيو، “ڏس ته سهي، ننڍا ماڻهو وڏن ماڻهن کي ڪيئن نه پيا پوڄين!” هن چيو، “غريب ماڻهو امير ماڻهن جي اڳيان ڏس ته ڪيئن ٿا هٿ جوڙين!”
دارا حيراني وچان منظور جي منهن ۾ تڪيندو رهيو، هن کان اڄ ڪجهه ڳالهايو ئي نه پئي ٿيو، منظور ڪجهه ترسي وري ڳالهايو، “رڳو پٿر ۽ پتل جي مورتين جي آڏو ڪنڌ جهڪائڻ ڪفر ناهي دارا، شيشي ۽ لوھ جي گاڏين جي جي غلامي به ڪفر آهي پيارا!”
هوٽل تان چانهه اچي وئي. منظور چانهه ڪوپن ۾ ڀري هڪ ڪوپ دارا کي ڏنو ۽ ٻيو پاڻ چپن تي چاڙهيندي وري وراڻيو، “اهي مُلان ماڻهن کي دوزخ جا دڙڪا ڏئي ڊيڄاريندا آهن.... چوندا آهن... دوزخ ڪڏهن به ڪونه ڀربو!” منظور اهو چئي پنهنجي پيٽ ڏي آڱر ڪئي ۽ چوڻ لڳو، “هي آهي دوزخ!..... هي دوزخ ڪڏهن به ڪونه ڀربو پيارا!”
دارا جو دماغ چرخ ٿيڻ لڳو. هن ڪڏهن تصور ئي نه ڪيو هو ته منظور اهڙيون ڳالهيون ڳالهائي سگهي ٿو! “بُت جي پوڄا حرام آهي!” منظور پنهنجي بدن تي هٿ ڦيري چيو، “پيارا ان جو مطلب آهي ته هِن بُت جي پوڄا حرام آهي!”
“يار منظور تون ته واقعي صفا صوفي ٿي ويو آهين!” دارا چانهه پيئندي چيو.
“صوفين جا پنڌ پري آهن پيارا!.... صوفي ته سائين ڪريم شاھ آهي!” منظور چيو، “اهي سڀ ڳالهيون انهي مرشد مون کي ٻڌايون آهن پيارا!” هن چيو، “آئون هن جي حاضري تي ويو هئس ته سندس ڪچهري نصيب ٿي!...... شهر کان دور هڪ ويراني ۾ سائين جي درٻار آهي!” منظور چانهه جي سرڪ ڀريندي چيو، “سائين چيو، ڳوري کي سدائين پنهنجي رنگ جو فڪر هوندو. ڪاري کي ڪهڙو فڪر. . . .پاڻ کي ٺاهڻ وارو ته پيو ڇنڊ ڦوڪ ڪندو، پاڻ کي ڊاهڻ واري کي ڀلا ڪهڙي پرواهه؟!. . . . .عشق دي اُلٽي چال!”
“واھ يار!.... ماڻهو توکي منظور موالي ٿا چون پر تون ته منظور مولائي ٿي ويو آهين صفا!” دارا چيو، “يار ڪڏهن مان به سائين ڪريم شاھ جي حاضري ضرور ڀريندس!”
انهن چانهه پي پوري ڪئي، دارا وري دهرايو، “يار سائين ڪريم شاهه وٽ مان به ايندس ڪڏهن!”
“ها ضرور اچجان!” منظور دارا کي چيو.
۽ پوءِ دارا موڪلائيندي چيو، “اڄ تمام زبردست ڪچهري ٿي پنهنجي پيارا!”
منظور موڪلائيندي دارا کي چيو، “ماڻهو سمجهن ٿا ته مان پنهنجي پاڻ کي ڊاهي رهيو آهيان، پر دارا دلبر ائين ناهي” منظور مرڪندي چيو، “آئون ته اصل ۾ هن بُت کي ڊاهي پاڻ کي ٺاهي رهيو آهيان...... عشق دي الٽي چال......!”
دارا جو اڄ منظور سان ڏاڍو عجيب ملڻ ٿيو. هُو اتان کان ٿي گهر آيو. هو وهنجي سهنجي تيار ٿيو، وري سيٺ سلامت سان به ملڻ ويو. هن اتي ئي منجهند واري ماني کاڌي. سيٺ سلامت کان ٿي گهر واپس آيو ته ان وقت شام ٿي چڪي هئي، دارا وري فريش ٿي انهي ئي شام واري جاءِ تي يعنى بالڪني ۾ پيل ڪرسي تي ويهي رهيو ۽ منظور موالي جي ڳالهين جي سحر ۾ گم ٿي ويو. هن کي منظور جي هڪ هڪ ڳالهه ڏاڍي وزن واري محسوس ٿيڻ لڳي. هُو ڪافي دير تائين انهي اڄوڪي گفتگو جي تصور ۾ غرق رهيو، اوچتو هن جي موبائل جي ميسج ٽيون وڳي. هو پل ۾ پاتال مان نڪري ٻاهر پنهنجي جاءِ تي اچي ويو. هن موبائل کيسي مان ڪڍي ميسيج پڙهيو،

چِٽي چادر لاھ سَٽ ڪُڙيي، پهن فقيران لوئي!
چِٽي چادر داغ لگي سي، لوئي داغ نه ڪوئي!

انهي دوهي جي هيٺيان لکيل هو،
I am Rida.
اهو پڙهندي ئي دارا جي اکين آڏو ردا ترورا ڏيڻ لڳي! هن کي ردا جو اهو جملو به ياد اچي ويو هو، جيڪو هن کائنس آٽوگراف وٺندي چيو هو ته؛ “اوهان Signature ڪري رهيا آهيو يا ڪا شيءِ ڊاهي رهيا آهيو!” ردا جي انهي ياد سان دارا جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ ڦهلجي وئي. هُن ردا جو موڪليل اهو دوهو ورائي پڙهيو. دارا انهي دوهي تي ذرا غور ڪيو ته کيس معلوم ٿي ويو ته ردا اهو دوهو ڏانهنس ڇو موڪليو! دارا کي محسوس ٿيڻ لڳو ته ردا تي به انهي پهرين ملاقات جو سحر اڃا طاري آهي. دارا اهو دوهو هڪ ڀيرو وري دهرايو،

چِٽي چادر لاھ سَٽ ڪُڙيي، پهن فقيران لوئي!
چِٽي چادر داغ لگي سي، لوئي داغ نه ڪوئي!

اهو دوهو دهرائيندي ڪنهن ڀيري کيس منظور موالي جو اهو جملو ياد آيو، جنهن ۾ هن چيو هو ته “سائين چيو، ‘ڳوري کي سدائين پنهنجي رنگ جو فڪر هوندو. ڪاري کي ڪهڙو فڪر؟!’“