ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 10

دارا اڄ هڪ نئون ناول شروع ڪيو هو. هن ڪجهه صفحا لکيا هئا پر پوءِ هُو يڪدم وري لکڻ واري ٽيبل تان اٿي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو هو. اڄ هن جي دل اداس هئي. اڄ هن کي زينت ڏاڍي ياد اچي رهي هئي. پاڻي جڏهن پُل کان مٿي چڙهڻ لڳو ته دل جو غبار لاهڻ خاطر دارا سيٺ سلامت جو رخ ڪيو هو ۽ شراب جو بندوبست ڪيو هئائين. سيٺ سلامت کيس گهڻو ئي چيو هو ته، “اڄ محفل ٿا مچايون، يار ٿا گهرايون، گڏجي ٿا پيون ۽ جيون.” پر دارا سيٺ کان هٿ ٻڌي وڏي مشڪل سان جان ڇڏائي هئي. هُو شام جو موٽي آيو هو. هن شراب جي بوتل پنهنجي ڪمري ۾ رکي ۽ پاڻ فريش ٿيڻ جي لاءِ واش روم ويو ۽ پوءِ ڪجهه فريش ٿي، هُو بالڪني ۾ پيل ڪرسي تي اچي ويٺو هو. ماسي کيس اتي ويٺل ڏسي معمول مُطابق چانهه ٺاهڻ لڳي هئي، پر اڄ هن ماسي کي چانهه ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو هو. هُو پنهنجي اوچي ڪمري کان هيٺ واري هلندڙ ڦرندڙ دنيا ڏسي رهيو هو. هيٺ ڪائنات ڄڻ ته ڪيڙن ماڪوڙن تي مشتمل هئي. دارا جون اکيون جڏهن شهر جي ڳلين تي ڄمي ويون ته دارا کي ڪنهن پل شهر جي انهن تنگ گلين ۾ پنهنجي ڳوٺ جون وڏيون ويڪريون گهٽيون نظر اچڻ لڳيون. اهو ڳوٺ جنهن جي هر شيءِ حسين هئي. هر منظر پيارو هو. اهو ڳوٺ جنهن ۾ هن جي لاءِ هر جاءِ تي مزو ئي مزو هوندو هو سواءِ پنهنجي گهر جي! هن کي پنهنجي گهر ۾ چين ئي نه ايندو هو. گهر جا ڀاتي هن جي لاءِ اوپرا هئا. پر ڳوٺ جا ٻيا سڀ ماڻهو هن کي پنهنجا لڳندا هئا. دارا کي ڳوٺ جا فطرت سان ڀرپور منظر به ڏاڍا وڻندا هئا. پوءِ آهستي آهستي هن کي جڏهن زينت ملي وئي هئي ته هن جي زندگي ۾ عجيب انقلاب اچي ويو هو. هن کان پنهنجي گهر جي اڪيلائي وسري وئي هئي. هن ۽ زينت هڪٻئي سان گڏجي تصور ئي تصور ۾ پنهنجو هڪ ننڍڙو الڳ گهر ٺاهي ڇڏيو هو. انهي گهر جي ٺهڻ کان پوءِ انهن ٻنهي جا جسم رڳو پنهنجي پنهنجي الڳ الڳ گهرن ۾ رهندا هئا پر سندن روح هر وقت انهي ئي ننڍڙي گهر ۾ گڏ ئي رهندا هئا، جيڪو انهن گڏجي تصور ئي تصور ۾ ٺاهي ڇڏيو هو. هنن ٻنهي هڪٻئي جي زندگي ڏاڍي حسين ڪري ڇڏي هئي. هنن هڪ ٻئي جي بي رنگ جيون ۾ انيڪ رنگ ڀري ڇڏيا هئا. پر اهي رنگ گهڻودير جٽاءُ ڪري نه سگهيا هئا. اهي رنگ تمام جلد اڏامي ويا هئا. ڪمري جي بالڪني ۾ ويٺي ويٺي، شهر جي تنگ ڳلين ۾ نهاريندي نهاريندي دارا اهي سڀ رنگ ٺهندي ڊهندي ڏٺا!....... دارا جي دل ڀرجي آئي، دل جي ڀرجڻ سان اکيون به ڀرجي آيون. دارا سڄو سارو ڀرجي پيو. دارا هارجڻ لڳو پر هارجڻ کان پهرين دارا بالڪني مان اٿي ڪمري ۾ آيو. هن پنهنجي ڪمري جي لائٽ ڊم ڪئي. هن اگربتي دکائي. پوءِ هن شراب کي جام ۾ لاٿو ۽ جام کي چپن تي چاڙهي، اگربتي جي دونهي جي ٺهندڙ ڊهندڙ دائرن ۾ زينت کي ٺهندي ڊهندي ڏسڻ لڳو........
دارا رفته رفته وقفي وقفي سان شراب کي پنهنجي دل جي غبار تي اوتي رهيو هو. ٻاهر سج لهي چڪو هو، شهر جون بتيون ٻري چڪيون هيون. ماسي در تي آئي ۽ دارا کي چيائين، “ڪا ڇوڪري آئي آهي ابا. تنهنجو پئي پڇي.”
“ڇوڪري؟” دارا کي حيراني ٿي، پر هن ڪجهه ترسي ماسي کي چيو، “ڀلي اچي ماسي.”
ماسي هلي وئي ۽ ڪجهه لمحن ۾ ڇوڪري اچي وئي.
در کليو، دار ڏٺو، در تي ردا بيٺي هئي.
“ردا...... تون!” دارا پاڻمرادو وراڻيو.
دارا ردا کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ ردا دارا کي ڏسي! دارا جي پيشاني تي پگهر هو. هن جي هٿ ۾ شراب هو. دارا جي اکين ۾ خمار هو. ردا اهو سڀڪجهه ڏاڍي اچرج وچان ڏسي رهي هئي.
دارا ردا کي حيراني منجهان ڏسي رهيو هو پر هن کي جڏهن ردا جي حيراني جو اندازو ٿيو ته هن پاڻ سنڀالي کيس اندر اچڻ جو چيو. “اچ.... اچ.. اندر اچ ردا!”
“اوهان جي عبادت قضا ڪري ڇڏيم شايد!” ردا وراڻي.
“نه نه ردا!” جام خالي ڪندي دارا چيس، “ايترو ڪمزور زاهد ناهيان مان!”
دارا جي دل تان سارو غبار لهي ويو. هاڻي هُو خود کي پهرين کان ڪافي هلڪو محسوس ڪري رهيو هو. دارا ماسي کي ردا جي لاءِ چانهه جو ٺاهڻ جو چيو ۽ پوءِ هُو ٻئي ڳالهائڻ لڳا.
“اڄ لڳي ٿو ڪو ئي درد حد کان وڌي ويو هو!..... اڄ لڳي ٿو موت اوهان جي تمام قريب کان گذري وئي دارا صاحب!” ردا ويهندي چيو.
دارا ڪجهه مسڪرايو، ۽ ماٺ ئي رهيو.
“اوهان جون سڀ ڳالهيون ياد اٿم دارا صاحب!” ردا چيو، “اوهان ئي چيو هو نه ته، ‘زندگي جڏهن موت کان بدتر ٿي پوندي آهي، تڏهن آئون هن شراب سان زندگي کي موت کان بهتر بڻائي ڇڏيندو آهيان.’“.... ردا وراڻي، “اوهان ئي چيو هو ته، ‘جيئن پاڻي واچوڙي کي ٺاپر ۾ آڻي ڇڏيندو آهي، تيئن شراب مون کي ٺاپر ۾ آڻي ڇڏيندو آهي!’“
ردا جون سڀ ڳالهيون دارا کي دل سان لڳيون، پر هن انهن سڀني کان لنوائيندي ردا کان پڇيو، “انهن ڳالهين کي ڇڏ، تون ٻڌا اڄ ڪيئن مون وٽ هلي آئي آهين؟”
دارا جو اهو سوال ٻڌي ردا ڪجهه اداس ٿي وئي هن جي منهن جو پنو لهي ويو. هُوءَ ڪجهه ڳالهائي نه سگهي.
دارا ردا جو چهرو زرد ٿيندي ڏٺو ته وراڻيو، “خير ته آهي ردا؟.... تون اداس ڇو ٿي پئين؟”
ردا شراب جي جام ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ انهي تان نظرون هٽائيندي هن دارا کي چيو، “سچ ٻڌايان دارا صاحب؟”
“ها ها... چئو ڇا مسئلو آهي؟” دارا هڪدم وراڻيو.
ڪمري جي ڇت ڏي اکيون ڪري ردا هڪ ٿڌو ساھ کڻي چيو، “مون کي الئه ڇو اڄ زندگي موت کان بدتر لڳي!” دارا اهو ٻڌي ڪجهه حيرت ۾ پئجي ويو. ردا ڪي پل رکي وري ڳالهايو، “اڄ دل تي ڏاڍو غبار ٿي پيو، ايتري قدر جو اڄ دل چاهيو ٿي ته پکي تي لٽڪي پوان!......بجلي ۾ هٿ وجهي ڇڏيان!.....ڪنهن واھ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيان!...... پر پوءِ اوهان جي ٻڌايل ڳالهين مون کي ائين ڪرڻ نه ڏنو.” ردا وراڻي، “بس پوءِ مان اوهان وٽ هلي آيس!” هن چيو، “مان ٺاپر جي تلاش ۾ آئي آهيان دارا صاحب!”
دارا ردا جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ پوءِ هُو ردا جي لاءِ هڪ جام ٺاهڻ لڳو.
ردا اهو ڏسي وراڻي، “نه نه دارا صاحب، مان شراب پيئڻ نه آئي آهيان اوهان وٽ!”
“ته پوءِ...” دارا پڇيو.
“اوهان ئي ته چيو هو نه ته، ‘شراب پيئبو ناهي، شراب اوتبو آهي!’“ ائين چئي ردا ڪجهه لمحا ماٺ رهجي وئي ۽ پوءِ وري وراڻي، “دارا صاحب، اوهان جڏهن ڳالهايو هو تڏهن مون کي ائين لڳو هو ڄڻ شراب اوتجي رهيو هو!...... اوهان کي خبر ناهي دارا صاحب، اها سڄي رات آئون سمهي نه سگهي هئس!...... . . بس مان اڄ ڏاڍي اداس هئس سو انڪري ئي اوهان ڏي هلي آيس.”
“تون به بلڪل ٺيڪ وقت تي ئي آئي آهين ردا!” دارا چيو، “ اڄ مان به ڏاڍو اداس هئس.”
“ڇا لاءِ اداس هئا اوهان؟” ردا پڇيس.
دارا ڪجهه ماٺ رهي چيو، “ٻڌائيندس ته وري اداس ٿي پوندس!.... ۽ اوهان کي به اداس ڪري ڇڏيندس... “ دارا وري ڳالهه جو رخ مٽائيندي چيو، “ڇڏ ان ڳالهه کي ڪا ٻي ڳالهه ڪر ردا!”
ايتري ۾ ماسي ردا جي لاءِ چانهه کڻي آئي. ردا ڏاڍي بي تڪلفي سان چانهه ٺاهي پيئڻ لڳي. ماحول هاڻي پهرين وارو ڳنڀير نه رهيو هو، هاڻي هُو ٻيئي اداس نه هئا. هُو ٻيئي اڄ پنهنجي پنهنجي منهن ڏاڍا اداس ٿيا هئا پر هڪٻئي سان ملي هنن جو غبار ڪافي هلڪو ٿي پيو هو.
“ملڻ سان هر چيز وڌندي آهي، سواءِ درد جي!” دارا وراڻيو، “درد، ملڻ سان گهٽجي ويندو آهي ردا!”
“درد نه گهٽبو آهي دارا صاحب!” ردا وراڻي، “درد جو احساس ڪجهه گهٽجي ويندو آهي!”
“درد به ته هڪ احساس ئي آهي ردا!” دارا ڪجهه خاموش رهي وراڻيو، “پاڻ ٻئي اڄ ڏاڍا اداس هئاسين... تو وٽ به درد هو، مون وٽ به درد هو، مگر ڏس، ملياسين ته درد گهٽجي ويو آهي نه ردا!”
ردا، دارا جي انهي ڳالهه کي رد ڪري نه سگهي. هن جي چهري تي زرد ئي سهي پر هلڪي مسڪراهٽ ڦهلجي وئي..... . . . .
ردا چانهه پي رهي هئي دارا ماٺ ويٺو هو.
دارا کي ماٺ ڏسي دارا چانهه جي ڪوپ مان سپ ڀريندي مرڪندي چيو، “اوهان منهنجي سامهون شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو، پر آئون اوهان جي سامهون چانهه پيئڻ نه ڇڏينديس.”
“اها ڳالهه نه هئي ردا،” دارا وراڻيو، “منهنجي فطرت آهي، آئون ڏوھ ۽ ثواب ڪنهن جي سامهون نه ڪندو آهيان! پنهنجي منهن ڪندو آهيان!”
“چانهه پيئڻ ته نه ڏوھ آهي ۽ نه ثواب!” ردا پڇيو، “پر شراب. . .. ؟!”
“ها، چانهه ته نه ڏوھ آهي نه ئي ثواب!” دارا مسڪرائيندي جواب ڏنو، “پر شراب ڏوھ به آهي ۽ ثواب به!”
“جواب ته ڏاڍو سٺو آهي پر رواجي آهي!” ردا چيو.
“ڪيئن؟” دارا پڇيو.
“مون کي خبر آهي ته هاڻي ڦري سِري اوهان اهو ئي شعر ٻڌائيندؤ ته،

شراب کا اپنا کـو ئي صريح رنگ نهين هـوتا،
شراب تجـــزيــــــئــهِ احـــتســــــاب کــــــــرتــي هي!
جو اهــــل دل هين، بڙهاتــي هي آبـــرو ان کي،
جو بي شعــور هـين ان کو خراب کــــرتي هي!

“ ته پوءِ؟” دارا چپ چوريا.
ردا وري ڳالهائڻ لڳي، “هر بي نمازي اهو ئي چوندو آهي ته درجا دلين تي آهن، ڀٽائي ڪهڙي نماز پڙهي؟ بابا بلهي شاھ ڪهڙا روزا رکيا؟ پر ڇا ڪيترا بي نمازي آهن جيڪي ڀٽائي جهڙا آهن؟ ڪيترا بي روزه آهن جيڪي بابا بلهي شاھ بڻيا آهن؟؟؟”
ردا جڏهن ڳالهائي ماٺ ڪئي ته دارا چيو، “ها، ائين ته بلڪل آهي!..... پر هڪ ڳالهه پڇان؟”
ردا ماٺ ۾ ئي ها ڪئي.
“ڪيترا نمازي آهن، جيڪي ڀٽائي جهڙا آهن؟..... ڪيترا روزيدار آهن، جيڪي بابا بلهي شاھ بڻيا آهن؟؟!”
اهو ٻڌي ردا لاجواب ٿي وئي. هُوءَ ڪجهه ڪڇي نه سگهي.
ردا چيو، “اهو بحث ئي اجايو آهي ردا!”
ڪجهه دير ٻنهي مان ڪنهن به ڪونه ڳالهايو، پوءِ ڪجهه ترسي ردا وراڻي، “ڪجهه به آهي پر مون کي ائين ٿو سمجهه ۾ اچي ته جنهن شيءِ کان منع ٿيل آهي سا ته گناھ ئي آهي!”
دارا اهو ٻڌي مسڪرائي ڏنو. دارا جي اها مسڪراهٽ ردا کي سمجهه ۾ نه آئي. هُوءَ سوال بڻجي دارا جي منهن ۾ گهورڻ لڳي. دارا چيو، “ڪجهه انڪار، انڪار نه ٿيندا آهن.” دارا چيو، “ڪي انڪار به اقرار ئي ٿيندا آهن ردا! ....... تون ته اهي ڳالهيون بهتر نموني سمجهي سگهين ٿي!”
اهو ٻڌي ردا جڏهن دارا ڏي متوجه ٿي ته دارا وري ڳالهايو، “ ڏس نه، اڪثر ائين به ٿيندو آهي جو جيڪڏهن ڪو عاشق پنهنجي محبوب سان محبت جو اظهار ڪندو آهي تڏهن محبت هوندي به محبوب نخرو ڪندي، اقرار جي بدران انڪار ئي ڪندو آهي! هاڻي تون پاڻ ئي ٻڌاءِ ڇا اهو انڪار، انڪار هوندو آهي؟.........” ردا کان اڳ ۾ دارا پاڻ ئي جواب ڏنو، “نه! هرگز نه! مان ته چوان ٿو انهي انڪار جهڙو ڪو اقرار هوندو ئي ناهي!”
دارا جي اها ڳالهه ٻڌي ردا به مُرڪي پيئي. هُو ائين ڪرڻ کان رهي نه سگهي.
“تون منع جي ڳالهه ٿي ڪرين ردا ته هاڻي منهنجي ڳالهه ٻڌ!” دارا کيس مڪمل طرح متوجه ڪري وراڻيو، “روڪيل ڳالهه کان رهي وڃڻ ئي گهرجي، اهو ته بلڪل درست آهي پر ردا، ڪو ڪو روڪڻ، روڪڻ نه هوندو آهي، ڪو روڪڻ، رغبت لاءِ ئي هوندو آهي!”
ردا ڏاڍي دلچسپي سان دارا جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. دارا پنهنجي منفرد انداز سان ڳالهائيندو رهيو هو، “فرض ڪر آئون هينئر توکي اهو چوان ته، ‘پُٺتي مُڙي نه ڏس!’ ته ظاهر آهي ان ئي لمحي تنهنجي ذهن ۾ اهو خيال ايندو ته پُٺتي مُڙي ڏسان! منهنجي انهي روڪڻ سان ئي تنهنجي ذهن ۾ پُٺتي ڏسڻ جي لاءِ رغبت پيدا ٿيندي!” دارا ڪجهه لمحا ترسي وراڻيو، “هاڻي انهي ئي ساڳي ڳالهه کي ابتو ٿا ڪريون!” دارا ڳالهائڻ لڳو، “هاڻي ڏس ردا ان ڳالهه جو هڪ مطلب اهو به ٿيو ته آئون جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ پُٺتي مُڙي ڏسڻ جي رغبت پيدا ڪرڻ چاهيان ته پوءِ ممڪن آهي ته ائين ئي چوان ته، ‘پُٺتي مُڙي نه ڏس!’ صاف ڳالهه اها ردا ته، ڏس، مان جيڪڏهن اهو چاهيندس ته تون پُٺتي مُڙي ڏس ته پوءِ توکي پُٺتي مُڙي ڏسڻ کان منع ڪري ڇڏيندس!..... ان منع جو مطلب منع هرگز نه ٿيندو ردا جي!”
ردا چانهه جي ڪوپ منجهان آخري سپ ڀريندي چيو، “دارا صاحب اوهان جي ڳالهه ته تمام زبردست آهي پر مون کي هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.” ردا وراڻي، “محبت ۾ ته ناز ۽ نخري جي گنجائش هوندي ئي آهي پر حلال ۽ حرام واري ڳالهه کي رومال ۾ ويڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت؟”
“ضرورت آهي ردا صاحبه!” دارا وراڻيو، “ رومال ۾ ويڙهيل ڳالهه اهو ئي سمجهي سگهندو آهي جيڪو ذهني طور قابل هوندو آهي. ڪم عقل ماڻهو رومال ۾ ويڙهيل ڳالهه سمجهي نه سگهندا آهن ردا!” دارا پنهنجي چهري تان وار هٽايا ۽ پاڻي جو گلاس ڀريندي ڳالهائڻ لڳو، “تون ڪم عقل ناهين ردا، تون پاڻ ئي سڀ سمجهي ويندين، آئون توکي رڳو ايترو ٻڌايان ٿو ته، اهي جيڪي رومال ۾ ويڙهيل ڳالهه به سمجهي نه سگهندا آهن سي ڪم عقل شراب جي قابل نه هوندا آهن، سو انهن جي لاءِ شراب حرام ئي آهي. اهي، جيڪي شراب کي نشو ٿا سمهجن، اهي جن جي مٿي کي ڦيري اچي ويندي آهي، تن کي بيشڪ منع ٿيل آهي،” دارا پاڻي جو گلاس هڪ ئي ساهي ۾ پي، خشڪ نڙي آلي ڪئي ۽ ڳالهه پوري ڪندي وراڻيو، “ باقي اهي، جيڪي رومال ۾ ويڙهيل ڳالهه سمجهي ويندا آهن، اهي جيڪي هن جي قابل هوندا آهن، ڪم عقل نه هوندا آهن، تن جي لاءِ هي، نه ڏوھ آهي نه ثواب!..... اهي ڏوھ توڙي ثواب کان گهڻو اڳتي هوندا آهن!”
دارا جي اها ڳالهه ردا جي چهري تي هڪ پياري مرڪ وکيري وئي، اها مرڪ ان ڳالهه جو ثبوت هئي ته هُو ڪم عقل نه هئي، کيس دارا واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي.
دارا ڪجهه دير ترسيو ۽ پوءِ وري وراڻيو، “جيڪڏهن خدا حضرت آدمؑ کي جنت واري ان وڻ جي ويجهو وڃڻ کان نه جهلي ها، ته هُو ايترو جلد جنت منجهان نه تڙجي ها!........ ممڪن هو ته هُو اڃاتائين جنت ۾ ئي هجي ها!” دارا مسڪرائي کليل دري کان ٻاهر نهاريو ۽ ڳالهه پوري ڪندي وراڻيو، “ممڪن هو ته اڃا تائين حضرت آدمؑ کي انهي وڻ ڏي وڌڻ جو خيال ئي نه اچي ها!!”
ردا ائين محسوس ڪري رهي هئي ڄڻ مٿس شراب اوتجي رهيو هو. هُن جا چپ چُپ هئا. هُن جي چهري تي رڳو حيراني ۽ وجداني جون لهرون ٺهنديون ۽ ڊهنديون ٿي رهيون. هُوءَ ڄڻڪهِ شراب ۾ غوطا کائي رهي هئي. ردا جي پُرڪيف حالت تي دارا کي رشڪ اچڻ لڳو. هُو ڳالهائڻ بند ڪري ردا جي چهري تي رقص ڪندڙ خمارن کي ڏسڻ لڳو. ڪجهه دير جي مشاهدي کان پوءِ دارا ردا جي پٿرائجي ويل اکين جي آڏو هٿ هِلائي کيس هوش ۾ آندو ته ردا پاڻ سنڀالي وراڻي، “ اوهان جون ڳالهيون مون تي شديد اثرانداز ٿينديون آهن دارا صاحب!.... اوهان جي لفظن ۾ الائي ته ڪهڙو جادو آهي!”
“هاڻي مکڻ نه هڻ... خبر اٿم ته بور ٿي رهي آهين جام،” دارا چيو، “ماسي کي چانهه جو چوان ٿو.”
ردا مرڪندي وراڻي، “نه، بور ته هرگز نه ٿي آهيان پر چانهه گهرايو، پيئداسين.”
دارا ماسي کي گهرائي چانهه جو چيو ۽ پوءِ هي وري ڳالهيون ڪرڻ لڳا.
“دارا صاحب اوهان کي سچي ڳالهه ٻڌايان.” ردا وراڻي.
“نه،” دارا چيو، “اوهان ڪوڙي ڳالهه ٻڌايو،”
دارا جو خيال هو ته سندس اهو جملو ٻڌي ردا کان ٽهڪ نڪري ويندو پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو. ردا کي سنجيده ڏسي دارا به سنجيده ٿيندي پڇيو، “ٻڌاءِ ردا ڪهڙي ڳالهه ٿي ٻڌائين؟”
“دارا صاحب، مون سان هڪ مسئلو ٿي پيو آهي.” ردا وراڻي.
“ ڪهڙو مسئلو ردا؟” دارا وڌيڪ سنجيده ٿيندي وراڻيو.
“۽ اهو به ٻڌايان ته مون سان اهو مسئلو اوهان ئي ڪيو آهي دارا صاحب!” ردا چيو.
“..... پر ڪهڙو مسئلو؟” دارا عجب مان پڇيو.
“دارا صاحب، سچ اهو آهي ته مان اوهان کان پهرين ڏاڍي خوش هئس. مان هر وقت تيار رهندي هئس.” ردا جون اکيون جهڪي ويون، “دارا صاحب منهنجو ته ڌنڌو ئي هو پاڻ ٺاهڻ سان، سو آئون پاڻ ٺاهيندي رهندي هئس هر وقت!” ردا دارا ڏي نهاريو ۽ چيو، “پر دارا صاحب، اوهان سان ملڻ کان پوءِ مون کان اهو سڀڪجهه ڇڏائجي ويو آهي! اوهان سان ملڻ کان پوءِ منهنجي لاءِ پاڻ ٺاهڻ ، هر هر تيار رهڻ، اهو سڀڪجهه ڏاڍو اوپرو ٿي پيو آهي دارا صاحب!” ردا چيو، “دارا صاحب، پهرين آئون روز راتيون وڏن ماڻهن جي محفلن ۾ گذاريندي هئس، انهن کي شراب پياريندي هئس، پر اوهان سان ان رات واري ملاقات ۾ الائي ته ڇا هو جو ان کان پوءِ مون کي ڪا محفل سجائي ئي نه ٿي!..... اوهان کي سچ ٿي ٻڌايان دارا صاحب ته ان رات کان پوءِ هڪ رات وڏي مشڪل سان آئون ماسي جي زور ڀرڻ تي هڪ محفل ۾ وئي هئس مگر مان اتان تمام جلد ئي واپس موٽي آئي هئس!. . .. “ ردا جي چهري تي ڪروڌ جا آثار ظاهر ٿيا، هن چيو، “مون جڏهن انهن کي شراب پيئندي ڏٺو ته مون کي الائي ته ڇا ٿيو جو منهنجي طبيعت ئي خراب ٿي پئي، بس آئون اٿي هلي آيس......!”
دارا اهو ٻڌي ردا جي چهري ۾ وڃائجي ويو........
“دارا صاحب، مون اهو سڀڪجهه ڇڏي ڏنو آهي......” ردا وراڻي، “دارا صاحب........” هُوءَ ڪجهه چوندي چوندي رڪجي وئي....
“ها؟؟” ردا پڇيو.
“اڄ ماسي ڏاڍي تلخ ٿي پئي، چيائين، ‘تون اگر اهو ڌنڌو نه ڪندين ته کائينديون سين ڇا؟’“ ردا جو ڪنڌ وري هيٺ ٿي ويو. هُو ڪجهه لمحا ترسي وراڻي، “مون ماسي کي چيو، ‘مان ڪو ٻيو ڌنڌو ڪنديس.’ ته ماسي چيو، ‘توکي هرڪوئي سُڃاڻي ٿو سو توکي ٻيو ڪو ڪم ملندو ئي ڪونه هاڻي!’“
دارا اداس ٿي ويو، ردا جون اکيون ڀرجي آيون، هُوءَ وراڻي، “دارا صاحب، ماسي جي اها ڳالهه ٻڌي مان اڄ وڏي مشڪل سان تيار ٿيس، ٻاهر نڪتس.... مون کي وڃڻو ڪنهن ٻي جاءِ تي هو پر منهنجا پير اوهان جي دروازي هليا آيا!.....” ردا جون اکيون ڇلڪي پيون....
اها درد ڪٿا ٻڌي دارا جي دل به ڀرجي آئي پر هن ڳوڙها نه ڳاڙيا، هن ردا جا ڳوڙها اگهندي وراڻيو، “تنهنجا پير بلڪل درست جاءِ تي توکي وٺي آيا آهن ردا!” دارا پاڻي جو گلاس ڀري ردا کي ڏنو ۽ پوءِ کيس اتي ئي ويهاري پاڻ ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو. ماسي چانهه کڻي آئي. هن چانهه رکي ۽ چپ چاپ هلي وئي. دارا ٻئي ڪمري مان موٽي آيو. ردا چانهه ڪوپن ۾ لاٿي. دارا سامهون ويهندي پنهنجي گوڏي تي ئي رکي بلينڪ چيڪ تي Signature ڪئي ۽ ردا کي ڏيندي چيائين، “تو کي گهٻرائڻ جي ڪا ئي ضرورت ڪانهي!.... توکي جيتري به ضرورت هجي سا پوري ڪر.”
ردا چيڪ ورتو.... ردا ڳالهائڻ چاهيو پر هن کي لفظ نه نٿي مليا شايد..... دارا ردا ڏي چتايو، ردا جون اکيون بلينڪ چيڪ تي ٿيل دارا جي تي Signature کتل هيون......