ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 13

ردا ڪافي ڏينهن کان گهر کان ٻاهر نه نڪتي هئي. ردا ڪافي عرصي کان بلڪل بدلجي وئي هئي. هُوءَ هاڻي اها نه رهي هئي جهڙو هن بابت عام خلق ۾ تصور هو. هن شوبز جي دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو هو. ڪيئي شوٽس، ڪيئي محفلون ڪيئي دعوتون هن ٺڪرائي ڇڏيون هيون. ردا جي دروازي تي هاڻي اڳي واري رونق نه رهي هئي. هن پنهنجي سڀني واسطيدارن سان مڪمل طرح ڦٽائي ڇڏي هئي. هن سڀني کي نااميد ڪري ڇڏيو هو. ردا جو موبائل فون به هاڻي رڳو ميوزڪ تائين ئي محدود ٿي ويو هو. هڪ عرصو ٿيو هو جو ردا جي دروازي تي ڪنهن دستڪ ئي نه ڏني هئي، هڪ عرصو ٿيو هو جو ردا کي ڪنهن جي فون به نه آئي هئي. پر ردا کي ان ڳالهه جو ڪو به غم نه هو، هُوءَ ان تبديلي تي بلڪل به اداس نه هئي. هوءَ ذرا به پنهنجي ڪيئي تي پشيمان نه هئي. ردا هاڻي عام گهريلو ڇوڪري وانگر رهڻ لڳي هئي. هن جي زندگي منجهان ٺاهه_ٺوهه نڪري ويئي هئي. اهو سڀڪجهه ڪو به ڄاڻي واڻي ڪري ئي نٿو سگهي، اهڙي قسم جي تبديلي ته پاڻمرادو ئي اچي ويندي آهي، انسان بي اختيار بدلجي ويندو آهي. پهاڙن منجهان چشما پاڻمرادو ڦاٽي نڪرندا آهن، اهي ڪير کوٽي نه ڪڍندو آهي، ٻرندڙ جبلن منجهان لاوا به ڪوئي ٽڪر ٽوڙي نه ڪڍندو آهي، اهي پاڻ ئي پاڻ اوچتو نڪري پوندا آهن. انسان سان به ساڳي ئي حالت ٿيندي آهي، ڪي، ڪي وڏيون وڏيون ناقابلِ تصور تبديليون به ڪنهن محنت مشقت سان يا سوچ ويچار سان نه اينديون آهن، اهي بس اچانڪ اچي وينديون آهن ۽ پاڻمرادو اچي وينديون آهن. ائين کڻي چئجي ته انسان جي اندر به ڪيئي پهاڙ آهن، جبل آهن، انهن پهاڙن ۽ جبلن جون چوٽيون شعور جون چوٽيون هونديون آهن، ۽ انهن شعور جي وڏن وڏن پهاڙن ۽ جبلن جي هيٺيان ڪيئي لاشعور جا ڪٿي ٿڌا ٿڌا چشما ته ڪٿي وري ٻرندڙ جلندڙ لاوا دٻيل هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ئي پاڻ ڦاٽي ٻاهر نڪري پوندا آهن! اهي لا شعور جا لاوا ۽ چشما بيدار نفسن ۾ اڪثر ڦاٽي پوندا آهن نه ته کوڙ سارن جي عمر ئي ائين گذري ويندي آهي، پر پهاڙ پُرزا ٿي نه سگهندا آهن، اهي لاشعور جا لاوا ۽ چشما انهن سان گڏ قبر ۾ ئي دفن ٿي ويندا آهن! ها، سو ردا به پاڻ مرادو ئي بدلجي ويئي هئي، هن خود کي نه بدلايو هو، بلڪهِ ڪا بيخودي هئي، جنهن هُن کي بدلائي ڇڏيو هو.
ردا جي زندگي ۾ آيل اهڙي تبديلي، ساڻس گڏ رهندڙ ماءُ جهڙي ماسي لاءِ ڏاڍي حيراني ۽ پريشاني جي ڳالهه هئي. هُوءَ ردا جي باري ۾ اهو سوچي اداس ٿيندي رهندي هئي ته هينئر سندس جواني ۾ ئي اهڙا حال ٿي ويا آهن ته پوءِ پيريءَ ۾ ڇا ٿيندس! هُوءَ اڪثر موقعو وٺي ردا کي گهڻو ئي سمجهائيندي هئي پر ردا کي دارا جو سهارو هوندو هو سو هُوءَ ماسي کي هر ڀيري اهو چوندي هئي ته، “ماسي الله ڏيندو... رزق جو ٺيڪو هن جو آهي!” ردا ماسي سان اڪثر دارا جون ڳالهيون ڪندي رهندي هئي پر ماسي جي عمر جو اهو ئي تجربو هو سو هُو اهوئي سمجهندي هئي ته هينئر ردا جي جواني آهي سو ڪجهه نه ڪجهه ملي به پيو پر پوءِ جڏهن وارن ۾ چاندي لهندي ته ڪير حال به نه پڇندو! ماسي جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي هئي جتي عورتون جواني ۾ ايترو ڪمائي وينديون هيون جو پوءِ جيڪڏهن پيريءَ ۾ ڪير نه به پڇي ته به وقت گذري ويندو هئن. بس اها ئي ڳالهه هئي جيڪا ماسي کي پريشان ڪندي رهندي هئي.
ردا جي دل ته گهڻو ئي چاهيندي هئي ته کيس اهڙي ڪا نوڪري هجي جو هُو ڪجهه نه ڪجهه عزت سان ڪمائي سگهي ۽ گهر جي پوري ڪري سگهي پر مسئلو هي هو جو هڪ ته ردا ايترو پڙهيل نه هئي ۽ ٻيو ته شهر ۾ هرڪوئي کيس ٻئي تعارف سان سُڃاڻيندو هو سو هرڪوئي کيس ڏسندو به ٻي نگاهه سان هو. بس اهوئي سبب هو جو هن ڪڏهن نوڪري جي تلاش جي جرئت ئي نه ڪئي.
اڄ ماسي هڪ ڀيرو وري کيس اهو ئي ساڳيو ترانو ٻڌايو هو. سو اڄ هن جو موڊ خراب ٿي پيو هو. ردا ماٺ ڪري اچي پنهنجي ڪمري ۾ ويهي رهي هئي ۽ ماسي جي تراني بابت سوچي رهي هئي. هُو انهي سوچ ۾ ويٺي هئي جو ماسي ڪجهه ئي دير ۾ وري چانهه جو ڪوپ ٺاهي اچي ردا جي سامهون رکيو. ماسي جي اها عادت هوندي هئي جو هُو پهرين وڙهندي هئي ۽ پوءِ وري پرچائڻ جي خاطر اهڙو طريقو استعمال ڪندي هئي. جلدي جلدي ۾ هڪڙي گرم گرم چانهه ٺاهي ايندي هئس. ردا کي به ماسي جي پرچائڻ واري انهي انداز تي ڏاڍو پيار ايندو هو. ڪيڏي به ڪاوڙ هوندي هئس ته اها انهي گرم چانهه سان پل ۾ ٿڌي ٿي ويندي هئس. ردا وٽ چانهه آئي ته هن ماسي جي محبت تي مسڪرائي ڏنو. اداسائي اڏامي ويس. ردا خاموشي سان چانهه جي ڪوپ منجهان پيئڻ لڳي. ردا چانهه پيئندي پيئندي اڄ وري نوڪري ڪرڻ جي باري ۾ سوچي رهي هئي پر وري کيس اهي ئي ساڳيون سوچون ورائي ٿي ويون. هن چانهه جي ڪوپ مان آخري سپ ڀري ته سندس ذهن ۾ آيو ته دارا صاحب، دنيا وارن کان گهڻو مختلف آهي، هُو NGO`S ۾ ئي سدائين ڪم ڪندو رهندو آهي، سو ڇو نه انهي سان وڃي احوال ڪجي. بس پوءِ اهو خيال ايندي ئي ردا اٿي ۽ دارا ڏي رواني ٿي.
ردا اڄ گهر کان ٻاهر نڪتي ته کيس سڀڪجهه نئون نئون پئي لڳو. ردا اڄ ڪافي ڏينهن کان پوءِ پنهنجي گهر منجهان ٻاهر نڪتي هئي، هن جڏهن ٻاهر جا منظر ڏٺا ته کيس پنهنجو ماضي ترورا ڏيڻ لڳو، هُو ڪيڏي ڦڙتي ۽ چستي سان نڪرندي هئي، پوءِ اڪثر ته کيس روبي وٽ وڃڻو هوندو هو، هن کي گهر جي گهٽي تان اچي نئين سج نئين گاڏي کڻندي هئي. هُوءَ سڌو روبي وٽ ويندي هئي، پوءِ اتان کان تيار ٿي پوءِ ئي رواني ٿيندي هئي. پر اڄ جڏهن هُو پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪتي هئي ته کيس ڪا گاڏي کڻڻ ڪونه آئي هئي. اڄ هُن وٽ رڪشا هئي پر ردا خود کي رڪشا ۾ گاڏين کان وڌيڪ پُر سُڪون محسوس ڪري رهي هئي. . ردا کي اڄ روبي جي ياد آئي ته هن سوچيو ته دارا جي آفيس ويندي ويندي واٽ تي اڄ روبي وٽان به ٿيندي ويندي! هن رڪشا واري کي روبي ڏي هلڻ جو اشارو ڪيو.
ردا روبي جي بيوٽي پالر وٽ پهتي ته هن ڏٺو، روبي جو بيوٽي پارلر بند لڳو پيو هو. پاسي ۾ هڪ پنو لڳل هو، جنهن تي روبي جي موت جو اطلاع ڏنل هو! ردا جڏهن اهو اطلاع نامو پڙهيو ته هن جو روح رڙي پيو! هن جي دل کي ڏاڍو گِهرو صدمو رسيو! هن جي دل اجهامي ويئي، هن سوچيو ته واپس هلي وڃي پر وري سوچيائين ته واپس گهر به ڇا وڃي ڪندي؟ درد آهي سو ان لاءِ به دارا ئي بهتر ٺڪاڻو آهي، سو بس روبي کي ياد ڪندي ڪندي ردا دارا ڏي هلي ويئي. . . .
ردا دارا جي آفيس وئي، پر خبر پيس ته دارا صاحب جي طبيعت ٺيڪ ناهي سو هُو موڪل تي آهي. اهو ٻڌي ردا دارا جي گهر ڏي رواني ٿي.

٭٭٭
زينت جي موت، دارا کي اندر ئي اندر کان ٽوڙي مروڙي رهي هئي. زينت جو ڳالهايل آخري جملو دارا جي وجود کي اڏوهي جيان کائي رهيو هو. دارا صفا ٽٽي پيو هو، هُو هفتي کان آفيس به نه ويو هو. هن جا وار به وکري ويا هئا، هن جي ڏاڙهي به وڌي وئي هئي. آفيس جو سڄو عملو کائنس حالي احوالي ٿي ويو هو. سيٺ سلامت به ٻه ٽي ڀيرا ٿي ويو هئس، پر هن تي ڪنهن جي اچڻ وڃڻ جو ڪوئي اثر نه ٿيو هو. دارا ڪنهن کي به اصل حقيقت نه ٻڌائي هئي. دارا دل جو درد دل ۾ ئي رهڻ ڏنو هو. دارا هفتي کان يڪو گهر تائين ئي محدود رهجي ويو هو. ردا جي ماءُ جهڙي ماسي جيان دارا جي به ماءُ جهڙي ماسي هئي، جيڪا دارا جي اهڙي حالت جيڪري ڳڻتين ۾ ڳرندي رهندي هئي. ماسي اهو سوچي سوچي پريشان پئي ٿيندي هئي ته آخر هن کي اوچتو اهڙو ڇا ٿي ويو آهي جو سڄو سڄو ڏينهن هڪ ئي ڪمري ۾ بند ٿيو پيو آهي! ماسي کي ائين لڳو ڄڻ ته کيس ڪا نظر لڳي ويئي آهي سو هن وڃي نظر جو ڌاڳو به وٽايو ۽ اچي دارا کي ٻانهن ۾ ٻڌائي. سيٺ سلامت دارا کي گهڻو ئي سمجهايو ته اسپتال هلون پر دارا لنوائيندو رهيو. اڄ ماسي اداس ويٺي پنهنجي پر ۾ دارا کي دعائون ڪري رهي هئي جو ڪنهن پل دروازي واري گهنٽي وڳي. ماسي سوچيو ته سيٺ سلامت هوندو پر هن جڏهن دروازو کوليو ته ٻاهر ردا بيٺي هئي. ردا پهرين به هڪ ڀيري دارا جي گهر آئي هئي سو ماسي کيس اڄ ڏسندي ئي سُڃاڻي ويئي. ماسي کي ياد هو ته پهرئين ڀيري جڏهن ردا آئي هئي ته دارا جو ساڻس ڏاڍو سُٺو وقت بسر ٿيو هو سو اڄ هن ردا کي ڏٺو ته ڏاڍي سَرهي ٿي پئي. ماسي دروازو کوليو ۽ ڏاڍي پيار سان ردا سان ملي. “دارا آهي ماسي؟” ردا پڇيو.
“ها ها پُٽ!” ماسي چيو، “صاحب کي الائي ته ڪنهن جي ڪهڙي نظر لڳي وئي آهي جو نڪو ٿو دوا وٺي ۽ نه ئي ٿو ٺيڪ به ٿئي، تون چڱو جو آئي آهين، اڄ سمجهائينس ته سيٺ سلامت سان گڏجي اسپتال ته وڃي!” ماسي دارا جي دروازي تائين ردا سان مسلسل ڳالهائيندي آئي. هن ردا کي دارا جي دروازي تي ڇڏيو ۽ پاڻ وڃي چانهه تيار ڪرڻ لڳي.
دارا بيڊ تي ليٽيو پيو هو، بابا بلهي شاه جي وائي هلي رهي هئي. دارا جون اکيون بند هيون. هن جي شيوَ وڌيل هئي، وار وکريل هئس. دارا جي ابتر حالت ڏسي ردا ڪي گهڙيون ته اتي دروازي تي ئي بيٺل رهجي ويئي. دارا صفا مست الست ملنگ لڳي رهيو هو. ڪجهه گهڙيون بيهي جڏهن ردا پنهنجو پير اڳتي وڌايو ته سندس سينڊل جي ٺپڪي تي دارا جو سحر ٽٽي پيو، هن جون اکيون کلي پيون.
اڄ ردا خود به ڏاڍي اداس هئي، هُو خود به اندر ئي اندر ڀڄي ڀُري پيئي هئي، پر وري اڄ هن دارا جي حالت ڏٺي ته هن کان پنهنجو غم ئي وسري ويو. زينت جي موت، روبي جي موت جي مقابلي ۾ گهڻي گهٽ دُکدائڪ هئي سو روبي جي موت جو غم، پاڻمرادو زينت جي موت جي غم ۾ غرق ٿي ويو! ائين ئي ميٽجي ويندو آهي، درد سان درد!
“ اوهانجي عبادت قضا ڪري ڇڏيم شايد!” ردا ڏاڍي اداس لهجي ۾ وراڻيو.
“نه نه ردا!” دارا بيڊ تي ويهندي وراڻيو، “ايترو ڪمزور زاهد ناهيان مان!” دارا جو آواز جهيڻو هو.
ردا کي ياد آيو ته هوءَ جڏهن پهريون ڀيرو دارا وٽ آئي هئي تڏهن دارا شراب پي رهيو هو ۽ هن کيس اهو ئي پهريون سوال ڪيو هو ۽ پوءِ دارا به کيس اهو ئي جواب ڏنو هو جيڪو هن اڄ ڏنو! ردا وري به کيس پهرين ملاقات وارو جملو ورجائيندي چيو، “اڄ لڳي ٿو ڪو ئي درد حد کان وڌي ويو!..... اڄ لڳي ٿو موت اوهان جي تمام قريب کان گذري وئي دارا صاحب!”
دارا جي انهي جملي جي جواب ۾ هن ڀيري دارا اهو ئي پهرين ملاقات وارو ساڳيو جملو نه وراڻيو. هن ڀيري دارا چيو، “ردا، درد هڪ عرصي کان حد کان وڌي ويو آهي!..........آئون هڪ عرصي کان موت جي پُٺيان ڊوڙي رهيو آهيان پر موت مون کي پُڄڻ نٿي ڏئي ردا!”
ردا پهرين ئي دارا جي حالت ڏسي پريشان ٿي پئي هئي پر دارا جو اهو جملو ٻڌي ردا اداس ٿي وئي. “ڇا ٿيو آهي دارا صاحب؟” ردا پڇيو، “ خير ته آهي؟”
دارا ردا جي چهري ۾ چتايو ته کيس عجيب پنهنجائپ نظر آئي. دارا کي ردا جو رُخ پنهنجي وجود جو آئينو ٿي لڳو. هونئن ئي هُو ٻئي جڏهن کان هڪٻئي سان مليا هئا ته کين هڪ عجيب پنهنجائپ جو احساس ٿيو هو. هنن ٻنهي کي ائين ٿي لڳو ڄڻ هنن جو جنم جنم کان رشتو آهي، ائين ٿي لڳو جيئن هُو ٻيئي هڪٻئي جا ئي آئينا هئا. ردا سان دارا جي جيڪا پهرين ملاقات ٿي هئي، ان ملاقات ئي ردا جي زندگي ۾ حيراني جي حد تائين انقلاب آڻي ڇڏيو هو. هُن زندگي ۾ ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته هُو ايتريقدر بدلجي ويندي! دارا جي داخلا، ردا جي لاءِ ڄڻ ته هڪ رشتي جو اضافو بڻجي پئي هئي. هن جو دارا سان ڄڻ ته هڪ اڄاتو رشتو ٿي پيو هو. هُو جڏهن به اداس ٿيندي هئي، اٻاڻڪي ٿيندي هئي ته کيس دارا جون ڪيل ڳالهيون فولادي قوت بخشي ڇڏينديون هيون. هن سماج ۾ رهندي ردا جيڪو رستو مَٽايو هو، سو انتهائي اوکو هو پر اهو دارا ئي هو، جنهن جي ڏڍ کيس انهي سفر ۾ هيل تائين ثابتِ قدم رکيو هو.
“ڇا ٿيو آهي، خير ته آهي مون کي ٻڌاءِ!” ردا بار بار پڇي رهي هئي. دارا کان ڪيئي ڀيرا اهو سوال ماسي به پڇيو هو، دارا کان اهو ساڳيو سوال ڪيئي ڀيرا سيٺ سلامت به پڇيو هو، پر ردا جي پڇڻ جو انداز ئي اهڙو هو جو دارا کي خبر هئي ته هُو جيڪڏهن ڪجهه به لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو ته به اها ردا جي سامهون ناڪام ئي ويندي! ردا جي اکين ۾ لهندڙ آلاڻ مان ئي دارا کي اهو اندازو ٿي ويو هو ته ردا ۾ ۽ ماسي ۾ وڏو فرق آهي، ردا ۾ ۽ سيٺ سلامت ۾ وڏو فرق آهي. دارا جي اهڙي حالت ڏسي، هر ڪنهن جي اکين ۾ آلاڻ لٿي هئي. آلاڻ، سيٺ سلامت جي اکين ۾ به لٿي هئي، آلاڻ ماسي جي اکين ۾ به لٿي هئي، ماسي جا ته ڳوڙها به ڳڙي پيا هئا پر ، اهڙي آلاڻ دارا کي اڳ ڪنهن جي به اکين منجهه نظر نه آئي، جهڙي هُن جي لاءِ اڄ ردا جي اکين ۾ لهي آئي هئي! دارا ردا جي چهري ۾ ڄڻ ته پنهنجي درد جو عڪس ڏسي رهيو هو، ردا سان ڄڻ ته هن جو ڪو ازلي رشتو هو، سو اهو ئي سبب هو، جو اهو درد، جيڪو هُن ڪنهن سان به نه ونڊيو هو، سو درد به دارا، ردا کان لڪائي نه سگهيو. هن اڄ ردا کي پنهنجي زندگي جي سموري درد ڪٿا ٻڌائي. دارا هن کي پنهنجي ڳوٺ کان وٺي ان رات زينت جي آخري جملي تائين وارو سڄو سارو الميو به ٻڌايو ۽ جيءُ ڀري رنو! ردا سامهون کان اٿي آئي ۽ اچي دارا جي ڀر ۾ ٿي ويٺي. درد جي ڪٿا ٻڌائيندي ٻڌائيندي دارا جو ڪنڌ ردا ڪلهي تي ڪِري پيو ۽ هن جون اکيون ردا جي جهولي ۾ ڳڙنديون رهيون. دارا جون اکيون ڳڙندي ڳڙندي ئي پورجي ويون. ردا دارا کي پنهنجي هنج ۾ ڪري ڇڏيو ۽ سندس وارن ۾ پنهنجيون آڱريون ڦيرڻ لڳي. دارا جي ماءُ کيس جنم ڏيندي ئي مري وئي هئي، هُن کي ماءُ جي هنج نصيب نه ٿي هئي. دارا انهي مزي کان پيدائشي محروم رهيو هو. پر اڄ ردا جڏهن کيس پنهنجي هنج ۾ ڪري سندس وارن ۾ پنهنجيون آڱريون ڦيريون هيون ته کيس ائين لڳو هو، ردا، ردا نه هئي، ڄڻ ته دارا جي ماءُ هئي، جيڪا قبر مان نڪري پنهنجي مامتا جو قرض لاهڻ لڳي هئي! دارا کي ائين لڳو ڄڻ هُو ننڍڙو ٻار هو جيڪو پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ آرامي هو. دارا تي ڄڻ ته شراب اوتجي رهيو هو. هُو اهڙي طرح الوپ ٿي ويو هو جو هن قيامت جي ڏينهن به اٿڻ نه ٿي چاهيو. ماسي گهڻو اڳي ئي ردا جي لاءِ چانهه ٺاهي ڇڏي هئي، پر هُو ڪيئي ڀيرا دروازي تان ٿي چپ چاپ موٽي ويئي هئي. نيٺ جڏهن شام جا پاڇا لڙڻ لڳا ۽ سج شهر جي ديوارن ۾ لڪڻ لڳو هو تڏهن ماسي ٻيهر چانهه ٺاهي ۽ اندر کڻي آئي. ماسي ڄاڻي واڻي به کڙڪي سان چانهه کي ٽيبل تي رکيو ته جيئن دارا جون اکيون کلي وڃن. چانهه جي کڙڪي تي دارا جون اکيون کليون. هن اکيون مٿي کڻي ڏٺو. ردا جي اکين منجهان ٻه ڳوڙها ڪريا ۽ سندس جسم ۾ جذب ٿي ويا. دارا جو سڄو وجود ردا جي انهن ٻن ڳوڙهن سان ڌوپجي ويو. انهن ٻن ڳوڙهن سان ئي زينت جي تصوير ڪجهه ڌنڌلي ٿي ۽ دارا زندگي ڏي موٽ کاڌي!
ردا اٿي چانهه ٻن ڪوپن ۾ لاٿي ۽ پوءِ هُو ٻئي چانهه پيئڻ لڳا. هنن ٻنهي منجهان ڪنهن ڪجهه به نه ڳالهايو. ٻئي ماٺ رهيا. ماحول ۾ رڳو چانهه جي سرڪين جو ئي آواز ٿي آيو رکي رکي! انهي خاموشي ۾ کوڙ سارو شور به سمايل هو، جنهن ۾ ڪو ئي آواز نه هو. انهي دوران ردا جي اندر ۾ آهستي آهستي ڪا آنڌ مانڌ شروع ٿيڻ لڳي هئي. جيئن جيئن وقت گذرندو ٿي ويو ردا جي انهي آنڌ مانڌ ۾ شدت ايندي ٿي وئي. چانهه جا ڪوپ خالي ٿي ويا ۽ ردا جي دل ڀرجي آئي، سج لٿو، اوندهه ڇائنجڻ لڳي ته ردا ڪو ڏيئو روشن ڪرڻ چاهيو.
“دارا صاحب!” ردا جهيڻي آواز ۾ پڪاريو.
“جي ردا!” دارا جو لهجو ڳرو هو.
“هڪ ڳالهه چوان؟” ردا گهٻرائيندي گهٻرائيندي چيو، “اگر اوهان غلط نه سمجهو ته!”
“چئو ردا!” دارا چيو، “ڇا ڳالهه آهي؟”
ردا ڪي گهڙيون همت سهيڙي گڏ ڪئي پر سگهه نه ساري سگهي ۽ ماٺ ٿي وئي!
“چئو ردا!” دارا کيس ڏاڍي پنهنجائپ منجهان چيو، “ٻڌاءِ نه ڪهڙي ڳالهه؟..... مان هرگز غلط نه سمجهندس ردا تون چئو پليز...”
ردا وري ڪجهه چوڻ جي لاءِ چپ چوريا پر وري به لفظ سندس نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پيا ۽ هُوءَ وڏي ڪوشش جي باوجود به ڪجهه چئي نه سگهي! “ڪ.ڪ.ڪنهن ٻـ.ٻـ . ..ٻئي ڀيري دا.دارا صاحب!” ردا ڏڪي ڏڪي اهو چيو ۽ پوءِ وڃڻ جي لاءِ اٿي بيٺي، “م.م.مان هلان ٿي ها.هاڻي!” ردا جون ڄاڙيون ڏڪي رهيون هيون. هن ۾ الائي جي ڪٿان ايتري حساسيت اچي وئي هئي!
دارا جي دل ۾ تجسس وڌنڌو ويو. هُو ردا سان هيٺ دروازي تائين آيو، ۽ دروازي تي دارا کي روڪي پڇيائين، “ڳالهه ٻڌاءِ پوءِ وڃ ردا پليز.....!”
ردا گهڻو ئي دارا کي “N.N..Next time! N.N..Next time!” چيو پر دارا سندس رستو روڪي بيٺو رهيو.
نيٺ ردا آخري لمحن ۾ پنهنجي پوري سگهه يڪجه ڪئي ۽ ڪجهه لمحن جي وڏي ڪوشش کان پوءِ ڏڪندي ڪنبندي وراڻي، “اوهان مـ مـ مـون سان شـ شـادي ڪندا دارا صاحب؟.....”
ردا جو اهو جملو ٻڌي دارا ڪي لمحا پٿرائجي ويو. ردا پنهنجي پاڻ ۾ پهرين کان ڪجهه وڌيڪ سگهه محسوس ڪئي ۽ وراڻي، “دارا صاحب! مان زينت ته نه ٿي سگهنديس...... پر پوءِ به .... الئه ڇو.......” ردا ڳالهائيندي ڳالهائيندي رڪجي ويئي.....
دارا پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ کن پل کان پوءِ ورائي ردا ڏي ڏٺائين. ردا جون اکيون هن جي چهري ۾ سوال بڻجي چتائي رهيون هيون. ردا جي معصوم منهن منجهه گهوريندي دارا جي چهري تي پاڻمرادو اقرار جا آثار ظاهر ٿي پيا. اقرار جا اهي آثار ٻئي لمحي مُرڪ بڻجي پيا... ردا اها مرڪ ڏٺي ته کيس پنهنجي سوال جو جواب ملي ويو. هن به مُرڪي ڏنو ۽ دارا جي ٻانهن جي هيٺيان کان ٿي ٻاهر هلي ويئي...... ردا موڪلائيندي موڪلائيندي دارا سان هڪ نئون رشتو جوڙي هلي ويئي.