ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 16

‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’ ردا جون اکيون ٽشو پيپر تي ڳڙي رهيون هيون. هُوءَ سوچي رهي هئي.
‘هُن کان پهرين منهنجي زندگي ڪهڙي هوندي هئي! مون وٽ ڪيڏي شهرت هوندي هئي، دولت هوندي هئي! مان ڪال گرل هئس. ماڊل هئس، رنڊي هئس مان! هن کان پهرين ڪنهن به مرد مون کي عزت جي نگاهه سان نٿي ڏٺو! هن کان پهرين مون وٽ سڀ ڪجهه هو پر عزت نه هئي. مون وٽ منهنجي هستي مستي نه هئي. مون وٽ منهنجو ڀرم نه هو! ها، اهو سڀڪجهه مون کي هُن ئي ڏنو! مون هُن کان پهرين هر مرد جي اکين ۾ رڳو وحشت ئي ڏٺي! مون کي چيري ڦاڙي چٽ ڪري ڇڏڻ جي ئي تمنا ڏٺي! هُن جي اک کان پهرين مون تي جيڪا به اک پيئي، سا شڪاري اک ئي هئي!...... ڪيڏي نه عزت هئي هُن جي پهرين ئي نگاهه ۾! مون کي اڳ ڪڏهن اهڙي نگاهه نصيب ئي نه ٿي! هُن پهرين ئي ملاقات ۾ منهنجي عزت ڪري مون کي اهو سمجهائي ڇڏيو ته عزت ڇا ٿيندي آهي؟ سچ پچ ته هُن ئي مون کي اهو شدت سان محسوس ڪرايو ته دولت سڀ ڪجهه نه ٿيندي آهي، شهرت سڀ ڪجهه نه ٿيندي آهي، عزت سڀڪجهه ٿيندي آهي! عزت انهن سڀني شين کان مٿانهين ٿيندي آهي! هُن مون کي پهرين ئي ملاقات ۾ معتبر ڪري ڇڏيو! انهي ئي ملاقات مون کي مٽائي ڇڏيو! مان ڇا هئس ۽ ڇا ٿي ويس.....! هُن جي چهري ۾ مون کي پهرين ئي ملاقات ۾ ايتري قدر پنهنجائپ ڇو نظر آئي؟ هن جي چهري ۾اهڙي ڪشش.....! هُو مون کي پنهنجو آئينو ٿي لڳو! هُو مون کي سڀني مردن کان مختلف لڳو... بلڪه ائين ته، هُو مون کي مرد ته لڳو ئي ڪونه!’
ردا سوچي رهي هئي، ‘منهنجو ڌنڌو ئي سجاوٽ سان هو. هار سينگار جي ته ڄڻ مون کي سُتي پيل هئي! ڪيڏو غرور هوندو هو مون کي پنهنجي ناز و ادا تي! ڪيڏو پنهنجي پاڻ کي ٺاهي تيار ڪري هلندي هئس زماني ۾! منهنجي حُسن و جمال جا چرچا هئا هر وات تي! مان پنهنجي هر وک سوچي سمجهي وڏي ٺاٺ سان کڻندي هئس! ذهن ۾ هوندو هو ته هر نظر کي مون منجهه نئين ادا نظر اچي! هر ڀيري نئين لڳڻ جي لاءِ هر ڀيري نئين ٿيندي هئس! هر پل، هر گهڙي تيار ئي رهندي هئس مان! مون کي پنهنجي پاڻ کي ٺاهڻ کان سواءِ ٻي ڪا سوچ ئي نه هوندي هئي! رُوبي به منهنجو ميڪ اپ ڪندي ڪندي مون ۾ گُم ٿي ويندي هئي! رُوبي به منهنجي حُسن تي عاشق هوندي هئي!’ ردا اونهو گهرو ساهه کڻي ٿي، ‘ مون ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته مون کان اهو سڀڪجهه ڇڏائجي ويندو! ها، منهنجي تصور ۾ ڀلجي به ڪڏهن اهو خيال نه آيو ته ڪو مان ايتري تبديل ٿي وينديس!........’ ردا دارا جي باري ۾ سوچي ٿي، ‘ .... ۽ پوءِ بس هُو منهنجي زندگي ۾ آيو ۽ اهو سڀڪجهه حقيقت ٿي ويو جيڪو مون ته ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو!..... هُن جي پهرين ئي ملاقات ۾ مون کان اهو سڀڪجهه ڇڏائجي ويو! اڄ جڏهن مان انهي ماضي تي سوچيندي آهيان ته ائين ٿو لڳي ڄڻ اهو سمورو ڪوڙ هو جو ڌوڙ ٿي ويو! طلسم هو جو ڊهي ويو!....... هُن مون کي ڊاهي وري ٺاهي ڇڏيو! هُن مون کي نئين سِر ترتيب ڏئي ڇڏيو! ها، هن مون کي ‘چري منجهان چونهن!’ ڪري ڇڏيو!!’ ردا جون اکيون قطرو قطرو ٽشو پيپر تي ڳڙي رهيون هيون، جنهن تي دارا جو جملو لکيل هو، ‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’
ردا جي سوچن جو سلسلو جاري رهيو، ‘اسان جو ملڻ به زندگي جي ڪهڙي نه عجيب موڙ تي ٿيو!’ ردا سوچي رهي هئي، ‘ائين ٿو لڳي ڄڻ زندگي ۾ اسان جو نه ملڻ ته ممڪن ئي نه هو!.... اسان زندگي جي ان موڙ تي ملياسين جنهن تي ئي اسان کي ملڻو هو! زندگي جي انهي موڙ تي اسان کي هڪٻئي جي ئي ضرورت هئي! مون کي هُن جي، هُن کي منهنجي!.........’
ردا سوچي رهي هئي، ‘ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو اسان هڪٻئي کي قبول ڪيو، پر پوءِ به هڪٻئي کي ڇُهي به نه سگهياسين! ڪيڏو نه عجيب اظهار هو الفت جو! ڪير اهو تسليم ئي ڪيئن ڪندو جو ٻه محبت ڪندڙ مليا به سهي، مگر ملي به نه مليا!’ ردا سوچيو، ‘اهو قدرت جو ئي ڪرشمو هو سمورو!..... اهو فطرت جو ئي سڄو چڪر هو جنهن اسان جي رشتي جو ڀرم نه ڀڳو ورنه اسان ته اڻڄاڻائي ۾ ڪجهه به ڪري ٿي سگهياسين!.... ها، اهو فطرت جو ئي ڪمال هو جو هن جي پهرين ملاقات ئي مون کي تبديل ڪري ڇڏيو! هن جي پهرين نگاهه ئي مون کي حيا ۽ شرم جو احساس ڏياري ڇڏيو! .. .. . .. بيشڪ فطرت پنهنجو گس پاڻ ئي ٺاهيندي آهي! فطرت پنهنجو تحفظ پاڻ ئي ڪندي آهي! فطرت پنهنجا خال به پاڻ ئي ڀري ڇڏيندي آهي!’
ردا کي دارا سان اڻڄاڻائي ۾ ڏاڍي معتبر الفت ٿي وئي هئي، پر هاڻي جڏهن مٿس اهو راز فاش ٿي چڪو، ته دارا سندس ڀاءُ آهي تڏهن مٿيون سڀ ڳالهيون سوچيندي سوچيندي ردا جي اها معتبر الفت، عقيدت ۾ بدلجي وئي! ‘ڪيڏو نه پيارو هو دارا!..... جيڪڏهن هُوءَ منهنجي زندگي ۾ نه اچي ها ته مان سڄي زندگي پنهنجي تقدس تائين پهچي نه سگهان ها!’ ردا دارا جي زندگي جي باري ۾ سوچي به ڏاڍي اداس ٿي پئي، ‘ڪيڏو درد مليو دارا کي زندگي ۾!.... هُن جي زندگي رڳو ٺهندي ڊهندي گذري ويئي!... هُن هر ڀيري زندگي ڏي موٽ ٿي کاڌي مگر زندگي هر ڀيري کيس خالي موٽائي ٿي ڇڏيو!..... هُن هر ڀيري پاڻ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر هر ڀيري ڊهي ٿي ويو!.......’
ردا اهو سوچي تڙپڻ لڳي، هينئر دارا جو ڪهڙو حال هوندو......؟ هُو ته مڪمل طور تي ڊهي پيو هوندو!......’ اهو خيال ردا کي ڏاڍو بيچين ڪرڻ لڳو! اهو خيال رفته رفته ردا جي روح تائين لهندو ٿي ويو....
ردا، دارا سان ملڻ ٿي چاهيو! ردا دارا کي فنا ٿيڻ کان بچائڻ ٿي گهريو. ردا موت کان اڳ دارا تائين پهچڻ ٿي چاهيو.....
انهي خيال ردا جي من ۾ اهڙي ته مانڌاڻ مچائي جو نيٺ اڻتڻ جڏهن اخراج جي عام ذريعن کان وڌي ويئي تڏهن سندس قدمن ۾ حرڪت اچي وئي ۽ هُو باقي سڀ ڪجهه وڃائي هڪ دارا جي ڳولها ۾ نڪري ويئي! دارا جا پيرا کڻندي کڻندي هُو پهرين دارا جي گهر وئي، پوءِ سيٺ سلامت وٽ آئي، پوءِ منظور موالي جي دڪان تي پهتي ۽ اتان کان ٿيندي ٿيندي ردا سائين ڪريم شاهه جي اوتاري تائين اچي پهتي!
“دارا هتي آيو هو پر ترسيو ڪونه!” سائين ڪريم شاهه جي اوتاري تي کيس خبر پئي، “هُو هتان هليو ويو!” ردا کي ان کان اڳتي دارا جي ڪا به خبر نه ملي سگهي!
ردا کي سائين ڪريم شاهه جي چهري جي پُرنور مُرڪ ڏاڍو متاثر ڪيو، سائين جي چهري تي عجيب اطمينان هو، ردا چاهيو ٿي ته اتي سائين جي سامهون ئي اکيون پوري عمر گهاري ڇڏجي پر دارا جي تلاش کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو! دارا جي ديدار جي اڃ کيس رُڃ ۾ رُلائي ڇڏيو!
سائين ڪريم شاهه جي اوتاري کان پوءِ جڏهن دارا جا پيرا مڪمل طرح ميٽجي چُڪا، تڏهن ردا جي بي منزل سفر جو آغاز ٿيو! اتان نڪري ردا کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هاڻي دارا کيس ڪٿي ملندو؟... هُو هاڻي ڪٿي ملي به سگهندو يا نه؟...! ها، هُن کي ڪا به پڪ نه هئي پر پوءِ به ردا تلاش کي ترڪ ڪري نه سگهي! ردا پنهنجي قدمن کي روڪي نه سگهي. هاڻي ته بس تلاش به نه رهي هئي، هاڻي ته بس تڙپ جو اخراج ئي هو جيڪو ردا کي رِڻ ۾ رلائي رهيو هو. ردا رڻ جي راهي ٿي پئي هئي، هُو بي منزل ڀٽڪندي رهي هئي، هُو بس هلندي رهي هئي. انهي اڄاتي سفر ۾ هلندي هلندي ردا جواني کان پيري تائين جو سفر ڪيو هو. ردا جواني مان جهُور ٿي پئي هئي! هن جي چهري تي گهنج لهي آيا هئا، هن جا وار سفيد ٿي پيا هئا! هن جا پير پٿون ٿي پيا هئا، هن جو چهرو بگڙي ويو هو، هن جا لٽا ليڙون ليڙون ٿي پيا هئا پر نه ئي کيس دارا مليو هو، نه ئي تلاش ختم ٿي سگهي هئي، ان وچ ۾ کيس موت به نه اچي سگهي هئي!
.... . . . . هلندي هلندي ردا زندگي جي آخري سرحد تي پهچي ويئي هئي، هُو هاڻي ساڻي ٿي پئي هئي. هُو ڏاڍي ٿڪجي پئي هئي! ردا جي تشنگي اڃا گهٽ نه ٿي هئي پر هن جي جان هاڻي جستجو کان جواب ڏئي وئي هئي.... اهڙي دل شڪسته عالم ۾ ردا وڃي هڪ اوپري اوتاري تي ڏينهن ٺاريو. ڪنهن درويش جو آستانو هو. اتي ڏاڍي روحانيت هئي. راحت هئي. ردا کي اتي اهو ئي ساڳيو سائين ڪريم شاهه واري اوتاري وارو سڪون محسوس ٿيو. ردا اتي ڪي گهڙيون آرام ڪيو ته سندس اکيون پورجي ويون.... هن کي اتي ڏاڍي فرحت محسوس ٿي. ڏينهن ڪجهه ٺريو ۽ ردا به ڪنهن پل بيدار ٿي ته سندس بند اکيون به آهستي آهستي کُليون.
ردا جون اکيون کليون ته سندس نگاهه سامهون ويٺل صوفي درويش تي پيئي. هُن جا وار وڏا هئا، جي ڪلهن تائين ڪريل هئا! هن درويش جي ڏاڙهي به وڏي هئي! هُن جي چهري تي عجيب اطمينان هو، هُن جي مُک تي اها ئي ساڳي مُرڪ هئي جيڪا ردا کي سائين ڪريم شاهه تي چهري تي نظر آئي هئي! هن درويش جي بدن تي به اهڙو ئي اڇو پهراڻ هو، جهڙو سائين ڪريم شاهه جي بدن تي هو. ردا کي پهرين نظر ته ائين لڳو، ڄڻ هُو سائين ڪريم شاهه ئي هو، پر پوءِ ردا انهي درويش جي چهري ۾ چتايو، ان درويش جي نڪ جي پاسي ۾ هڪ تِر جو نشان هو، جنهن جيڪري سندس چهرو وڌيڪ پُرڪشش ٿي نظر آيو!
ردا جون اکيون صوفي دروِيش جي چهري تي پٿرائجي ويون. ردا ڪافي دير کيس گهوريندي رهي، پر درويش جي چهري تي ڪو ئي اهڙو آثار نه اڀريو جنهن سان هُو اهو محسوس ڪري ها ته اهو صوفي درويش دارا ئي آهي ۽ هن کيس سُڃاڻي ورتو آهي!
صوفي درويش جي چهري ۾ ڪافي دير تائين چتائڻ کان پوءِ ردا پنهنجي پوتي جي ڳنڍ کولي، هن پنهنجي پوتي جي پلاند منجهان پنهنجي ڳوڙهن ۾ ڳريل اهو ٽشو پيپر جو ٽڪرو ڪڍيو جنهن تي دارا جو آٽُو گراف هو، هن اهو ٽشو پيپر دارا کي ڏيکاريو، جنهن تي لکيل هو، ‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’
ان جي هيٺيان دارا جي Signature ٿيل هئي!
صوفي درويش انهي ٽشو پيپر جي ٽڪري ڏي نهاريو، ڏٺو؛ پر پوءِ به هن جي چهري تي حيراني جو ڪو ئي آثار نه اڀريو، هن جي چهري تي اهوئي عجيب اطمينان برقرار رهيو، هن جي منهن تي اهائي ساڳي سائين ڪريم شاهه واري مُرڪ قائم رهي!
ردا انهي صوفي درويش جي چهري تي ئي چتائيندي رهي. انهي صوفي درويش جي چهري ۾ چتائيندي چتائيندي، ڪا ڳجهه جي ڳالهه هئي جا بنا چوڻ جي ئي ردا سمجهي ويئي ۽ نيٺ هڪ لمحو اهڙو به آيو جو انهي صوفي درويش جي چهري وارو عجب اطمينان ۽ مُرڪ ردا جي چهري تائين به ڦهلجي وئي.... ردا اهو عجب اطمينان حاصل ڪري، پنهنجي منهن تي اها ئي ساڳي صوفي درويش واري مُرڪ سجائي هيٺ ڪنڌ ڪري پنهنجي جهولي ۾ پيل ٽشو پيپر جي ٽڪري تي نهاريو، صوفي درويش جون اکيون به انهي ٽڪري کي چتائي مسڪرائي رهيون هيون، جنهن تي لکيل هو،
‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’