ناول

سگنيچر

هي ڪتاب “سگنيچر” ليکڪ حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. هي ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون حسيب ڪانهيو صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سگنيچر

قسط 2

ردا رات جي پوئين پهر پنهنجي گهر موٽي. هن پنهنجي ماسيءَ جي ڪمري جو دروازو آهستگي سان کوليو ۽ ڏٺو. ماسي پوئين پهر جي اگهور ننڊ ۾ الوٽ ستل هئي. ردا ماسي جي سار لهي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي، ۽ بيڊ تي ليٽي پئي. ردا پهرين جڏهن به ڪنهن محفل مان موٽندي هئي ته اچڻ شرط پنهنجي بستري تي نيستي ٿي ڪري پوندي هئي ۽ بستري تي ڪرندي ئي بس ننڊ ۾ الوپ ٿي ويندي هئي، پر اڄ کيس ننڊ ئي نه هئي. هن جي دماغ تي اڄ دارا حاوي هو. هوءَ دل ئي دل ۾ دارا جون ڳالهيون دهرائيندي رهي. دارا جي ئي ڳهر ۾ ردا جي رات جو پويون پهر ڏاڍي تيزي سان گذري ويو هو. رات کٽي وئي هئي پر دارا جو سحر نه ٽٽو هو. دارا ردا تي پنهنجي ڳالهين سان شراب اوتي ڇڏيو هو جنهن جو خمار دير تائين نه ٿي لٿو. ردا پنهنجي پرس مان دارا وارو ٽشو پيپر ڪڍيو ۽ کولي ڏسڻ لڳي. هن جون اکيون انهي ٽشو پيپر وسيلي ماضي ڏي موٽي ويون. ڪي گهڙيون هوءَ اهو ڏسندي رهي ته هوءَ دارا کان ڪاغذ جو ٽڪرو گهري ٿي پوءِ دارا کائنس پڇي ٿو، پوءِ هي چوي ٿي ته “اوهان جي Signature گهرجي ٿي مون کي!” پوءِ هو ڪي لمحا ڪنڌ کڻي ڏانهنس ڏسي ٿو، پوءِ وري هوءَ پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان ٽشو پيپر ڪڍي ٿو، ۽ پوءِ پنهنجي گوڏي تي رکي Signature ڪرڻ لڳي ٿو. هي دارا کي Signature ڪندي چتائي ڏسي ٿي ۽ کيس مذاق ۾ چوي ٿي، “اوهان Signature ڪري رهيا آهيو يا ڪا شيءِ ڊاهي رهيا آهيو؟” سندس اهو جملو ٻڌي دارا اکيون کڻي کيس غور سان ڪي پل گهوري ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ٽشوپيپر تي بمشڪل هڪ جملو لکي ٿو، ‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’
هوءَ انهي جملي تي ماضي مان واپس حال ۾ موٽي اچي وئي، هن جون نظرون ٽشو پيپر ۾ ئي کتل هيون. ٽشوپيپر تي دارا جي Signature ٿيل هئي ۽ اهو جملو لکيل هو، ‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’ ردا دير تائين دارا جي ڪيل Signature ۽ سندس لکيل جملو ڏسندي رهي، هن جا چپ پاڻمرادو بار بار دارا جو اهو جملو ورجائيندا رهيا، “ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!” ..... “ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!”
پرھ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا هئا. باک ڦٽڻ لڳي هئي. ردا اڃان تائين ننڊ کان بينياز ليٽي پئي هئي، هن جون اکيون دارا جي آٽوگراف تي اٽڪيون پيون هيون. شهر جي مسجدن ۾ فجر جون آذانون گونجڻ لڳيون هيون. آذانن جي آواز تي ردا کي صبح جو احساس ٿيو. ردا بي خيالي مان پنهنجو هٿ موبائل فون کڻڻ جي لاءِ پاسي واري ميز ڏي وڌايو، پر هن کي موبائل هٿ نه لڳو. ردا جيڏي مهل به رات جو سمهندي هئي ته پنهنجو موبائل پاسي واري ميز تي چارجنگ تي رکي پوءِ سمهندي هئي، پر رات کائنس اهو به وسري ويو هو! موبائل هن جي پرس ۾ ئي پيو هو. ردا هڪدم پرس مان موبائل ڪڍيو. هن چارجنگ تي لڳائي ڇڏيو ۽ وري به پهرين جيان ليٽي پئي ۽ هن پنهنجون نگاهون واپس دارا جي آٽوگراف تي کپائي ڇڏيون. هوءَ بار بار دارا جو لکيل اهو جملو دهرائي رهي هئي، ‘ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!’
هوءَ انهي جملي تي اٽڪي وئي. هن جون نگاهون ڏاڍي غور سان ان جملي کي گهوري رهيون هيون. “ڪيڏو نه عجيب جملو آهي مسٽر دارا!” هوءَ پنهنجي ساءِ چپن ۾ چوندي رهي! “ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو، مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!.........واھ!”
ردا جون اکيون ٽشوپيپر ۾ لاشعوري طور تي دارا کي ئي ڳولي رهيون هيون. ردا جو لاشعور جڏهن شعور تي ڀاري ٿي پيو ته ٽشوپيپر جي ٽڪري مان دارا ظاهر ٿي پيو، دارا کي ڏسندي ئي ردا دارا ۾ گم ٿي وئي. دارا ردا سان ڳالهائڻ لڳو، “ها! هر شيءِ، جيڪا تون ٺهندي ڏسي رهي آهين، سا ڊهي ويندي! ڪائنات ۾ هر ٺهندڙ شيءِ ڊهي ويندي!” دارا ڳالهائيندو رهيو، “مضبوط مضبوط عمارتون، وڏا وڏا بنگلا توڙي ڊگها ڊگها ٽاور، سگهيون سگهيون پُليون توڙي اوچا اوچا پلازا سڀ ڊهي ويندا!...... ڪا به چيز ڊهڻ کان بچي نه سگهندي! هر شيءِ ڊهي ويندي!...... سواءِ ‘ڊهڻ’ جي!” دارا جون ڳالهيون ردا جي روح تائين لهنديون ٿي ويون! ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو صدين کان انهن ڳالهين کي ٻڌڻ لاءِ منتظر رهي هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ، هن لاشعوري طور تي اهو ئي سڀڪجهه ٻڌڻ ٿي چاهيو، جيڪو دارا ڳالهائي رهيو هو! ردا ٻڌندي رهي، ٽشو پيپر جي ٽڪري منجهان نروار ٿي پيل دارا ڳالهائيندو ئي رهيو، “هي جبل، پهاڙ هي ٽڪر هي پٿر ڪيڏا نه مضبوط آهن، پر توکي چڱي طرح اها خبر آهي ته اهي جبل پهاڙ ۽ اهي ٽڪر پٿر سڀ تمام جلد ڪپھ جون ذرڙيون ذرڙيون ٿي اُڏامڻ وارا آهن ردا! هي جنهگل، هي پربت، هي ويرانا، هي ڪاشانا، هي سمونڊ، هي صحرا!.... ڪيتريون نه وسعتون آهن انهن سڀني کي! پر اهي سڀئي وسعتون لفظ ‘ڊهڻ’ جي وات کان وڏيون نه آهن!.... اهي سڀئي وسعتون، هڪ ڳيت سان ئي ڳڙڪائجي وڃڻ واريون آهن ردا!” دارا چيو، “هي جيڪو به ڪجهه ٺهيل آهي يا ٺهي رهيو آهي، سو سمورو درحقيقت ‘ڊهڻ’ جو ئي سامان آهي! مون کي ته ائين ٿو نظر اچي ته اهو سڀڪجهه ڊهڻ جي لاءِ ئي ٺهيل آهي يا ٺهي رهيو آهي! حقيقت هي ئي آهي ته ‘ٺهڻ’ اکين جو ڌوڪو آهي! ‘ٺهڻ’ ته ٺهي ئي نه رهيو آهي! هي جيڪو ڪجهه به ٺهي رهيو آهي، سو ته اصل ۾ ‘ڊهڻ’ ئي ٺهي رهيو آهي!........ڇاڪاڻ ته اهو سڀڪجهه ڊهي ويندو، سواءِ ‘ڊهڻ’ جي!”
ردا دارا جي ڳالهين ۾ مڪمل طرح وڃايل هئي، هوءَ ٻڌندي رهي، دارا وري ڳالهايو، “ هي دنيا ڏس! ڪيڏي نه خوبصورت آهي هي دنيا! . . . . هي صبحون، هي شامون، هي راتيون، هي ڏينهن! هي موسم، هي ماحول! هي چيٽ، هي چانڊوڪيون! هي چنڊ ستارا، هي تارا ڪتيون! هي سڀڪجهه! ڪيترو نه حسين آهي هي سڀڪجهه!....... هي جمادات، هي نباتات! هي حيوان، هي انسان! هرشيءِ ۾ ڪيترو نه حسن آهي ڏس! هي گل ٻوٽا، هي وڻ ٽڻ، هي پکي پکڻ، هي ماڻهو مرون! ڪيترو نه پيارو آهي هي جهان هي جنسار! پر تون ئي ٻڌاءِ ردا، ڇا انهي حسن ۽ خوبصورتي کي ڪا بقا آهي!؟” ڪجهه ترسي دارا وري ڳالهايو، “ٻيو ته ٺهيو ردا، پر تون آئيني اڳيان بيهي ڪجهه گهڙيون خود کي ئي کڻي غور سان ڏس!. . .. . تنهنجو چهرو ڪيترو حسين آهي، ڪيڏي خوبصورت آهين تون!. . .پر ٿورو سوچ ته سهي، ڇا انهي حُسن کي ڪا بقا آهي؟! تون جيڪا سڄو سڄو ڏينهن پنهنجي پاڻ کي ٺاهيندي ئي رهندي آهين ردا!. ... . سو روز روز جو ‘ٺهڻ’ به آخر ڪيستائين؟!!”
ردا ماٺ ئي هئي، هوءَ چاهيندي به ڪجهه ڳالهائي نه سگهي، دارا پاڻ ئي وراڻيو، “نه! هر گز نه! انهي حُسن، انهي خوبصورتي کي لمحي جي به بقا ناهي!..... اهو سڀڪجهه ته هن ئي لمحي ختم ٿي سگهي ٿو!”
ردا ساري رات سمهي نه سگهي هئي، سندس اکيون ترورا ڏيڻ لڳيون. ردا جون اکيون ٽشو پيپر ۾ کتل هيون، ردا جون اکيون اجهامڻ لڳيون، ٽشو پيپر منجهان آهستي آهستي دارا گم ٿيندو ويو. آهستي آهستي دارا ڊهندو ويو ۽ آهستي آهستي سندس جملو ٺهندو ويو! لهرون لهرون ٿي دارا جو عڪس ٽشو پيپر تي وکري ويو ۽ انهن ئي لهرن منجهان دارا جو اهو ساڳيو جملو اڀري پيو، “ٺاهڻ کي ڊاهي سگهجي ٿو، مگر ڊاهڻ کي ڊاهي نٿو سگهجي!”
ردا جون اکيون بند ٿي ويون............