قسط 11
فضلو حڪم جو بندو هو سو دير ئي نه ڪيائين، ويو ۽ ٿوري ئي دير ۾ چانهه ٺاهي کڻي آيو. دارا فضلو جي چانهه پيتي ۽ پوءِ سڌو گهر روانو ٿيو.
دارا گهر آيو ۽ ايندي ئي بيڊ تي ليٽي پيو. ماسي کيس محسوس ڪيو ته اٿي وڃي ماني تيار ڪرڻ لڳي. دارا نه جهڙو آرام ڪيو ۽ پوءِ ماني کان پهرين وهنجي سهنجي فريش ٿي آيو. هن کي هاڻي ٿڪاوٽ جو احساس نه رهيو. هن تيار ٿي ماني کاڌي ۽ پوءِ اڌورو ناول لکڻ ويهي رهيو. هُو ناول جي ڪردارن ۾ گم هو جو ماسي سندس ڪمري ۾ آئي، “دارا پُٽ، تنهنجا مهمان.”
“ سيٺ سلامت.....؟” هن پنهنجي چپن ۾ چيو.
“ نه نه پُٽ.” اهو ٻڌي ماسي وراڻيو، “هُو ته ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڪي صفا اٻوجهه ٿا لڳن.... الائي ڪير آهن، تو وٽ آيا آهن.”
اهو ٻڌي دارا کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، پر هن ماسي کي چيو، “ ٺيڪ آهي، تون هل. مان پاڻ ئي اچان ٿو، ڏسان ٿو ته ڪير آهن...”
ماسي اهو ٻڌي هلي وئي. دارا ڪمپيوٽر آف ڪيو ۽ هيٺ انهن ماڻهن سان ملڻ هليو ويو.
دارا تنها ئي رهندڙ ماڻهو هو. هڪ ليکڪ هجڻ جي باوجود به دارا نه محفلن ۾ ويندو هو نه ئي ڪن ادبي پروگرامن ۾ شرڪت به ڪندو هو، سو هن جا واسطا به ايترا وسيع نه هئا. جڏهن به ماسي اچي کيس چوندي هئي ته، “دارا پُٽ، تنهنجا مهمان.” ته هُو اهو سمجهي ويندو هو ته سيٺ سلامت پاڻ هوندو يا پنهنجي ڊرائيور کي موڪليو هوندائين. هُو پوءِ اهو به سمجهي ويندو هو ته هوندو ڪو گهمڻ ڦرڻ جو پروگرام يا ڪا شراب شباب جي محفل! بس سيٺ سلامت جو مزاج ئي اهڙو هوندو هو توڙي جو کيس خبر به هئي ته دارا جي طبيعت تنها پسند آهي، پر تنهن هوندي به هُو هروڀرو به دارا کي زوري به گڏ رکندو هو. جڏهن به ڪا محفل مچندي هئي ته دارا وٽ پاڻ ايندو هو يا پنهنجو ڊرائيور موڪليندو هو. جيڪڏهن سيٺ سلامت کان سواءِ ڪو ٻيو هجي ته دارا هرگز نه هلي پر دارا سيٺ سلامت جي دل جي ڀورائي کان واقف هوندو هو سو انڪار نه ڪندو هو ۽ هليو ويندو هو، پوءِ توڙي جو اتي وڃي، دارا جهڙو هوندو هو تهڙو نه هوندو هو، پر سيٺ سلامت جي دل ضرور رکندو هو.
اڄ به ماسي جڏهن کيس مهمانن جو ٻڌايو ته پهرين هن ائين ئي سمجهيو پر پوءِ جڏهن ماسي کيس ڪجهه ٻيو ٻڌايو ته هُو انهن مهمانن بابت سوچيندو سوچيندو هيٺ لهي آيو. هيٺ لهڻ تائين کيس ذهن ۾ نٿي آيو ته آخر اهڙا ڪهڙا مهمان آيا هوندا...؟”
دارا هيٺ مهمان_خاني ۾ آيو ته اتي ويٺل ٻن ٻهراڙي جي پوڙهن کي ڏسي سندس حيراني جي حد نه رهي. هن جي ذهن جي اسڪرين تي سالن جو ماضي لمحن ۾ ڦري ويو... هن ڏٺو اهي سندس ڳوٺ جا ماڻهو هئا، جمعو ۽ صابو. جمعو ۽ صابو ڦاٽل ڪپڙن ۾ سندس عاليشان مهمان_خاني ۾ ويٺا هئا ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڪشادي ۽ قيمتي سجاوٽ واري ڪمري کي اچرج وچان ڏسي رهيا هئا. دارا جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿيو ته هُو دارا کي سوٽ بوٽ ۾ ڏسي وڌيڪ تعجب ۾ پئجي ويا. جمعو ۽ صابو دارا کي ڏسندي ئي اٿي بيٺا ۽ جهڪي هٿ ڏنائون. دارا انهن جو ڏاڍي چاھ سان آڌر ڀاءُ ڪيو. دارا جو ورتاءُ ڏسي جمعو ۽ صابو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ويهي بي تڪلف ٿي ڳالهائڻ لڳا. جمعي چيو، “رئيس اوهان ته يڪو ڳوٺ ڏي لڙي ئي ڪونه ڏٺو! اڄ اسان جو اچڻ ٿي ويو سو سوچيو سين ته آيا ته هونئن ئي آهيون، سو اوهان کي به ڏسندا هلون.”
صابو چيو، “سائين شهر جون ابتيون سبتيون ڳليون اسان اڻ پڙهيلن کي سمجهه ۾ ئي نه ٿيون اچن، اوهان جو به اصل وک وک تي پڇائيندا پڇائيندا آيا آهيون.”
“چاچا ڀلي آيا، مون کي سچ ته ڏاڍي خوشي ٿي آهي اوهان کي ڏسي، ٻڌايو خير سان شهر اچڻ ٿيو.” دارا پڇيو، “اوهان ته ايندا ئي ناهيو!”
“ها رئيس اسان غريب ماڻهو بيمار ٿيون ته ڪو اچون باقي نه ته عمر ئي گذريو وڃي، شهر اچڻ ئي نٿو ٿئي،” صابو چيو، “شهر سچ پڇو سائين ته اسان کي ته اصل ڀانءِ ئي نٿو پوي! رڳو هُل، رڳو دونهون..... اسان جو ته ساھ ٿو گهٽجي شابش هجي اوهان شهر وارن کي سائين...”
“ ها چاچا ائين ته آهي، پر ٻڌايو ته، اوهان ڪنهن جي دوا وٺڻ آيا اڄ؟” دارا پڇيو.
“ابا هُو سدوري واري ننهن زيني ويچاري پوين پساهن ۾ پئي آهي شهر جي اسپتال ۾، سو اسان ان کي ڏسڻ آياسين.” جمعي وراڻيو.
جمعي جو اهو جملو ٻڌي دارا جو دل ئي دهلجي ويو. “زيني.... زينت...!” هن چپن ۾ اچاريو.
“ها سائين اها ئي.... سائين اوهان کي ته خبر آهي ته ڳوٺ ۾ نه ڪو ڪو قابل ڊاڪٽر نه ڪو ڪو حڪيم طبيب!... ٻيو ته سدورو ويچارو پهرين ئي صفا پاپ لڳو پيو هو سو علاج ٿيو ڪو نه ڇوڪريءَ جو... بس هاڻي ويچاري وڃي جو گهڻي ۾ پئي ته پني سني هتي کڻي آيا آهن.” جمعي ڳالهايو ته وري صابو شروع ٿيو، “سائين اسان جيڪا حالت ڏسي آيا آهيون ته الله کي وڏي قاقت آهي باقي ڇوڪري ۾ هاڻي ڪو حال ڪونهي!”
“ويچاري ننڍي نيٽي ڇوڪري هئي...” جمعي وراڻيو.
“ٻيو ته ادا زال جو هوندو آهي مڙس!” صابو وراڻيو، “سهرو هجي توڙي ڪير هجي پر جيڪڏهن مڙس ۾ لڇڻ ناهي ته پوءِ مائي مُڙس هوندي به جهڙي بيوه!”
“بروبر ادا،” جمعي ڳالهايو، “اهڙي مڙس کان ته نياڻي مئي سهسائي ڇڏجي ته چڱو!” جمعي چيو، “ربو آهي موالي، گهر ۾ رهي ئي ڪونه! انهي جانور کي نه ڪو اون نه الڪو..... سو بس نياڻي ويچاري مفت مري وئي!”
“بس ادا ويچاري جي قسمت ئي اهڙي هئي ڪا!” صابو سڄو ڏوھ قسمت تي ڏيندي وراڻيو.
صابو ۽ جمعو ٻئي زينت جي ابتر حالت تي ڳالهائيندا ئي رهيا ۽ دارا چپ چاپ ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو ۽ دل ئي دل ۾ ريزه ريزه ٿيندو رهيو. دارا پاڻ کي ڀڄندو ڀُرندو محسوس ڪيو. هن کي ردا جو اهو جملو ياد آيو، “ اوهان Signature ڪري رهيا آهيو يا ڪا شيءِ ڊاهي رهيا آهيو؟” دارا خود کي اندر ئي اندر ۾ ڊهندي ڏٺو.....
جمعي ۽ صابو جي لاءِ چانهه_پاڻي نوڪر کڻي آيو ته هنن زينت جي حالت تي آهه و زاري ڇڏي، هيڏي هوڏي نهاري دارا کان پڇيو، “ابا شادي ڪانه ڪئي اٿئي ڇا؟”
دارا اهو سوال ٻڌو ته سندس روح ويتر رهڙجي ويو. هُو تار تار ٿي ويو. پر هن پاڻ تي ضبط آندو ۽ انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيو.
صابو چيو، “سائين هاڻي ته ڪري ڇڏ! گهر واري کان سواءِ گهر ڪهڙو سائين؟”
“ها، اهو ته آهي!” دارا دل تي پٿر رکي وراڻيو.
جمعو ۽ صابو ڪجهه ئي دير ويٺا، ۽ پوءِ موڪلائڻ جي لاءِ اٿيا.
دارا جمعي ۽ صابو کان اسپتال جو نالو پڇيو ۽ کين الوداع ڪري ڇڏيو.
جمعي ۽ صابو کان موڪلائي دارا ڳرا ڳرا قدم کڻندو مٿي پنهنجي ڪمري جي دروازي تي آيو ۽ اتي ئي بيهي رهيو. ڪي گهڙيون اتي ئي اداس اداس بيهڻ کان پوءِ دارا بالڪني ۾ پيل پنهنجي ڪرسي تي ويهي رهيو ۽ وقت کان اڳ شهر جي ديوارن ۾ لڪندڙ سج جي اجهامندڙ ڪرڻن کي گهورڻ لڳو... دارا کي هر طرف زينت ئي زينت نظر اچي رهي هئي. شهر جي ديوارن ۾، سج جي اجهامندڙ ڪرڻن ۾... هر منظر ۾...... زينت. .. . . زينت. .. . .. زينت. . .. ..
دارا جي ذهن تي زينت تري رهي هئي. هُو زينت جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هو. ماسي پنهنجي معمول مطابق چانهه کڻي آئي. هو چانهه پئيندي انهي اڻ تڻ ۾ مبتلا هو ته زينت وٽ وڃي يا نه وڃي! وڃڻ جا ته کوڙ سارا سبب هئا پر نه وڃڻ جو فقط هڪڙو ئي ڪارڻ هو. اهو ڪارڻ هي هو ته هن هميشه زينت کي کلندي ٽهڪ ڏيندي ڏٺو هو، هن غريب جي ڌيءَ هوندي به زينت جي منهن تي سدائين مرڪون ڏٺيون هيون. هن زينت جو چهرو سدائين کڙيل ئي ڏٺو هو، اڄ جڏهن هن کي خبر پئي ته اهو چهرو اجهامندو ٿو وڃي ته هن ۾ اهو روشن چهرو اجهامندي ڏسڻ نٿي چاهيو. هن پاڻ ۾اڄ ايتري سگهه نٿي ساري جو هُو انهي ٺهيل ٺڪيل زينت کي اڄ ڊهندي ڏسي! هن جي شادي جڏهن زينت سان ٿي نه سگهي هئي ته هُن شهر جو منهن ڪندي به زينت کي مُڙي نه ڏٺو هو، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ايتري همت نه هئي جو هُو زينت کي اداس ڏسي سگهي ها! ها، سو اڄ هُو ڏاڍو اداس هو ۽ پريشان به هو. اڄ چانهه ڪيئن ختم ٿي وئي سا به کيس خبر ئي نه پئي. دارا جڏهن اسپتال وڃڻ جو سوچيو ته هن جو وزن ڏهوڻو ٿي پيو، پر پوءِ به سندس پيرن ۾ ڪا اهڙي طاقتور زنجير هئي جا کيس گهلي گاڏي تائين کڻي آئي! دارا گاڏي ۾ ويهندي ماسي کي چيو، “مون کي شايد واپسي ۾ دير ٿي وڃي، تون منهنجو انتظار نه ڪجان ماسي!” هن اهو چيو ۽ اسپتال روانو ٿي ويو. دارا شهر جي گلين منجهان آهستي آهستي گاڏي هلائيندي ٿي ويو. ها، گاڏي تمام آهستي هلي هئي پر پوءِ به اسپتال تمام جلدي اچي وئي! دارا ڳرن قدمن سان هيٺ لٿو ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيو. اتي هن صديق، قالو ۽ جاڙي کي ڏٺو جيڪي بينچ تي اداس ويٺا هئا. دارا کي ڏسي انهن جي اکين ۾ هڪ چمڪ ڊوڙي وئي. دارا کي ڳوٺ وارا ڏاڍو چاهيندا هئا. دارا رئيس جو پُٽ هو پر ڳوٺ وارن سان هرگز اهڙو سلوڪ نه ڪندو هو جهڙو سندس ڀاءُ ڪندا هئا. ڳوٺ وارا دارا جي ڀائرن کان بيزار هوندا هئا پر دارا اهڙو نه هو سو دارا مان سڀئي خوش هوندا هئا. دارا جي ڳوٺ مان وڃڻ کان پوءِ انهن اڄ کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته ڏاڍا خوش ٿي پيا هئا. دارا انهن سان مليو، حالي احوالي ٿيو ۽ پوءِ انهن کان زينت جي ڪمري جو پڇيائين، ۽ مٿي ويندڙ چاڙهي چڙهڻ لڳو. چاڙهي تي مٿي چڙهندي چڙهندي دارا جي دل ته اهو ٿي چاهيو ته يڪو ئي مٿي هليو وڃي پر دارا جا قدم ٻي منزل کان مٿي وڃي نه سگهيا. دارا مٿي پُڄي ريسيپشن تان زينت جو ڪمرو معلوم ڪيو ۽ پوءِ زينت جي ڪمري ڏانهن هلڻ لڳو. زينت، سامهون واري ڪمري ۾ هڪ گدلي بيڊ تي ليٽي پئي هئي. دارا جا قدم اتي ئي رڪجي ويا. دارا جون اکيون پٿرائجي ويون. “زيـ....نت!” هن جي چپن بي ساخته اچاريو.
هن ڏٺو، زينت به شهر جي سج جيان وقت کان اڳ لهندي ٿي وئي! هُن جا وار اڻڀا هئا، لٽا ليڙون هئس. زينت جي چهري تان مرڪون غائب هيون. هن جو حسن زوال پذير ٿي چڪو هو... هُو صفا ختم ٿي نظر آئي. دارا ڪي گهڙيون اتي بيٺو رهيو پر ماڻهن ۽ ڊاڪٽرن جي گهڻي اچ وڃ جيڪري هُو اتي بيهي نه سگهيو. دارا آهستي آهستي زينت جي ڪمري ڏانهن وڌي ويو. دارا زينت جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته هن ڏٺو، سندس سهرو ڪنڊ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هو، ڄڻ ته زينت جون آخري گهڙيون ڳڻي رهيو هو. هن جي چهري تي ايتري ته بيزارگي هئي جو دارا کي ائين ٿي لڳو ڄڻ جيڪڏهن هن جي وس ۾ هجي ته هينئر ئي ننهن جي نڙي تي ننهن ڏئي ڇڏي. هن جو به ڏوھ ڪو نه هو، زينت جي زندگي جي ڪا اميد باقي نه هئي، رهندو هن جي آخري هڪ هڪ گهڙي مٿس وڏيري جو قرض ويتر وڌائيندي ٿي وئي! هُو ڏاڍو لاچار هو، مجبور هو. سدوري جيئن ئي دارا کي ڏٺو ته ٽوال ڇنڊي مٿي اٿيو ۽ يڪدم اچي جهڪي سلام ورايائين. دارا هن کي دلداري ڏني ۽ ڪجهه رقم به ڏني. سدوري کي اهو سٺو ته نه پئي لڳو پر هن جي حالت ئي اهڙي هئي جو هُو انڪار ڪري ئي نه پئي سگهيو. سدوري پئسا ورتا ۽ دل ئي دل ۾ دارا جي لاءِ چانهه وٺي اچڻ جو خيال ڪري ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
دارا هاڻي زينت کي تڪي رهيو هو. زينت جون اکيون بند هيون، ڪاري سائي کيس وڪوڙي وئي هئي. هُو پويان پساھ کڻي رهي هئي. دارا هارايل جواري وارا قدم کڻندو آهستي آهستي اچي زينت جي پيراندي کان ويهي رهيو. دارا زينت جي چهري ۾ چتائي رهيو هو. دارا جون اکيون زينت جي چهري تي ٽڪيل رهيون پر زينت جو چهرو آهستي آهستي ڌنڌلو ٿيندو ويو، اگربتي جي دونهي ۾، سگريٽ جي دونهي ۾، ڇلڪندڙ جام ۾ اڀرندڙ، لهندڙ، ٺهندڙ ڊهندڙ لهرن جي دائرن ۾.......! ۽ انهن لهندڙ اڀرندڙ ۽ ٺهندڙ ڊهندڙ دائرن ۾ وري کيس اهو ماضي ياد اچڻ لڳو هو، اهو خار بڻجي ويل، گلابن جهڙو ماضي! زينت سان گڏ گهاريل هڪ هڪ گهڙي ڏاڍي تيزي سان دارا کي انهن دائرن ۾ ترورا ڏيندي وئي! دارا دير تائين زينت جي چهري ۾ انهي ماضي کي گهوريندو رهيو پوءِ هن ڏٺو، آهستي آهستي حسين ماضي جا اهي سمورا پل دائرن جيان محدود ٿيندا ٿيندا زينت جي اجهاميل اکين ۾ گم ٿي ويا. زينت جون بند اکيون ڄڻ دارا جي انهن شهيد لمحن جون قبرون هيون. زينت جون اکيون دارا جي شهيد ماضي جون مزارون هيون. اڄ زينت جي پيراندي کان ويٺي ويٺي دير تائين دارا زينت جي انهن اکين جي کلڻ جو انتظار ڪندو رهيو. شايد دارا کي هروڀرو به اهو وهم هو ته زينت جون اکيون کلنديون ۽ انهن منجهان ماضي جا شهيد لمحا زنده ٿي اٿي پوندا ۽ هُو انهن شهيدن کي وري شهيد ٿيڻ نه ڏيندو! هُو هميشه جي لاءِ انهن کي سنڀالي رکندو! ها، دارا جي پاڳل دل ۾ شايد اها ئي ڳالهه هئي، سو هُو ڪافي وقت کان زينت جي اکين ۾ پنهنجيون اکيون بنا ڇنڀڻ جي کپائي ويٺو هو. هڪ سراب منجهان گذري، هڪ مدت جي سفر کان پوءِ نيٺ دارا جون اکيون جڏهن اجهامڻ لڳيون تڏهن هن ڏٺو ته زينت جون اکيون کلڻ لڳيون. زينت جون اکيون کلندي ڏسي دارا جي چهري تي زندگي موٽي آئي. آهستي آهستي ٿي زينت جون اکيون ته کلي ويون مگر انهن ۾ دفن ٿيل ماضي جا شهيد لمحا اٿي نه سگهيا! اهو ڏسي دارا جو چهرو وري اداس ٿي ويو. زينت جون اکيون جيئن ئي کليون ته انهن دارا کي ڏٺو ۽ پوءِ بس کليل ئي رهجي ويون! زينت دارا کي پنهنجي سامهون ڏسي دنگ رهجي وئي! هن جي چپن ۾ چُرڻ جي سگهه نه رهي هئي پر زينت ساري سگهه ميڙي سهيڙي سندس نالو اچاريو، “دا........را.....!”
دارا جي نالي سان گڏ زينت کان هڪ گهري اونهي سرد آهه نڪري وئي. انهي آهه جي پُٺيان وڏي آهه و زاري هئي جنهن جي عزاداري جي لاءِ به عمريون درڪار هيون، مگر زينت وٽ وقت جي ڏاڍي ڪمي هئي سو اهو ڪيڏارو زينت جي انهي هڪڙي آهه ۾ دٻجي دفن ٿي ويو!
زينت سان ڳالهائڻ جي لاءِ اڄ دارا وٽ به ڪيئي درد هئا. دارا هن کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هُو ڇا جي لاءِ ڳوٺ مان زينت کان بنا موڪلائڻ جي ئي شهر هليو آيو هو! دارا کيس اڄ ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته کائنس وڇڙي، هُو ڪيڏو برباد ٿيو آهي! هُو ڪيڏو ڊهي ويو آهي! هن ڪيڏو ڀوڳيو آهي، ۽ اڄ تائين ڀوڳي ئي رهيو آهي! اڄ تائين مسلسل ڊهي ئي رهيو آهي! پر دارا جي حالت به زينت واري ساڳي ئي هئي سو هن به پنهنجي پٿرائجي ويل چپن سان وڏي مشڪل سان زينت جو نالو پنهنجي زبان تي آندو! “زيـ.....نت.......!” دارا کان به انهي نالي سان گڏ هڪ اونهي گهري آهه نڪري وئي ۽ اهو سڀڪجهه انهي آهه ۾ دٻجي دفن ٿي ويو!
سدورو چانهه کڻي آيو، هن دارا کي چانهه ڀري ڏني ۽ ماضي حال جون خبرون چارون ڏيڻ وٺڻ لڳو. پر دارا کي ڪائي ڪل نه هئي. هُو فقط زينت جي چهري ۾ گم هو، هن جي هٿن پاڻمرادو سدوري کان چانهه ورتي، هن جا چپ پاڻمرادو ئي سدوري سان ڳالهائيندا رهيا.
زينت به انهن سمورين گهڙين دوران دارا کي ئي تڪيندي رهي! هو دارا کي سوٽ بوٽ ۾ ڏاڍو تيار ڏسي رهي هئي. دارا کي تيار ڏسي زينت اکيون جهڪائي پنهنجي ڦاٽل چتيون لڳل ڪپڙن ڏانهن ڏٺو! هن جڏهن دارا تان نگاهون هٽائي پنهنجا حال ڏٺا ته ڏاڍي اداس ٿي وئي. زينت پنهنجي ئي پر ۾ انهي تصور ۾ ٻڏي وئي جيڪو حقيقت ٿي نه سگهيو! زينت سوچڻ لڳي؛ ڪاش! جيڪڏهن دارا سان سندس شادي ٿي وڃي ها ته اڄ هن جا حال ههڙا نه هجن ها، هُو به دارا وانگر بلڪل تيار هجي ها، هُو جواني ۾ جهور نه ٿئي ها، هُو علاج جا پئسا نه هئڻ ڪري نه مري ها! زينت سوچڻ لڳي، ڪاش! دارا سان شادي ٿي پوي ها ته ڪيڏو نه ڀلو ٿي پوي ها! اهو تصور ڏاڍو حسين هو پر اکين جي آڏو واري تلخ حقيقت زينت کي گهڻي دير انهي تصور ۾ رهڻ نه ڏنو! هُو پنهنجي حقيقت ۾ موٽي آئي ۽ مايوس ٿي وئي، ۽ مايوس به ايتري جو کيس موت جو به ڪو ڊپ نه رهيو هو. پهرين ته اڃا جيئن تيئن پر اڄ دارا کي عمدي اعلى لباس ۾ ڏسي زينت جي دل پنهنجي زندگي مان ڀرجي وئي. هن هاڻي واقعي به مرڻ ٿي چاهيو بس! ڇاڪاڻ ته هن جي زندگي جي حقيقت هي هئي ته هُو دارا جي زال هجڻ بجاءِ ربو جي زال هئي. هن جو مڙس دارا نه هو، جيڪو هينئر سندس سامهون ويٺو هو، بلڪهِ هن جو مڙس اهو ربو هو جيڪو زال جي اهڙي حالت هوندي به وڏيري جي ڍورن ۾ خوش هو. اها ته شابس هئي سندس سهري سدوري کي جنهن پني پٽي به، کيس آخري گهڙين ۾ شهر جي اسپتال ڀڙو اچي ڪيو هو، نه ته ربو جي آسري تي ته هُو اتي ئي تڙپندي رهي ها، يا شايد هينئر تائين مري به چڪي هجي ها! زينت کي سندس حقيقت رئاري ڇڏيو. هن جي پٿرائجي ويل اکين منجهان ڳوڙها چشما ٿي ڦُٽي پيا!
“امان ڇا ٿيو... زيني!” سدوري جي اک زينت جي ڳوڙهن تي پئي ته هن هڪدم زينت کي پڪاريو. سدورو اٿي وٽس آيو، “مان ڊاٽڪر کي وٺي ٿو اچان پُٽ!...” اهو چئي سدورو تڪڙو تڪڙو ٻاهر هليو ويو.
دارا ڪوشش جي باوجود به ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو، هن زينت جي مٿي جي هيٺيان پنهنجو هٿ ڏئي کيس آٿت ڏيڻ جي ڪئي. زينت دارا کي قريب تر ڏسي پنهنجا چپ چورڻ جي ڪوشش ڪئي. دارا کي لڳو هُو ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهي، دارا پنهنجي چهري جي تاثرات سان کيس ڳالهائڻ جي لاءِ همٿائڻ لڳو. زينت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پوري سگهه ميڙي سهيڙي آخري جملو ڳالهايو ۽ پوءِ هميشه جي لاءِ ماٺ ٿي وئي..... زينت جو دارا سان ڳالهايل ٽٽل ڦٽل لفظن وارو اهو جملو هو، “ دارا.... تون .... ته ڏس.. . ٺــــ .. . . هي ..... وئين...... پر.... پر....... پـ....ر مان... تـ تـ ته ڊهي و ويس...... دا...را!”
◙