مھاڳ
اڳئين دور ۾ جيئن مٿي چئي آيا آهيون ته فاصلا ۽ پنڌ تمام وڏا هوندا هئا ۽ وسيلا به اڻ لڀ هئا خط صرف ڪمن ڪارين لاءِ نه لکيا ويندا هئا پر هڪ ٻئي سان تفصيلي حال احوال لاءِ به لکيا ويندا هئا. ڪافي سياستدان ته پنهنجي سياسي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ پڻ خط لکندا هئا. انهي ڪري خط کي اڌ ملاقات ڪري ليکيو ٿو وڃي. خطن کي موڪلڻ لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن. اڳئين دور ۾ ڪجهه خادم به هوندا هئا جيڪي وڏن ماڻهن جا قاصد هوندا هئا ۽ هو ئي خطن کي گهربل منزل تائين پهچائيندا هئا ۽ وري انتظار ڪري انهن جا جواب وٺي واپس پهچندا هئا. اِهو ڪم ڪافي عرصي تائين جاري رهيو. بعد ۾ پوسٽ آفيسن جو اجراءُ ٿيو ۽ انهن جي ذريعي اِهو معاملو آسان به ٿيو. پراڻي دور ۾ پوسٽ آفيس ذريعي ٽپالي مقرر ڪيا ويندا هئا جن کي مختلف وھٽ (جانور) ڏنا ويندا هئا ۽ اُهي ٽپالي انهن سوارين ذريعي پنهنجو فرض پورو ڪندا هئا. کين بعد ۾ سائيڪلون پڻ مليل هونديون هيون. سنڌ ۾ انگريزن جي دؤر ۾ سربارٽل فيئر پوسٽ آفيس ۽ ٽپال جو نظام قائم ڪيو جيڪو اڳيان هلي جديد دؤر جي نظام ۾ تبديل ٿيو. سنڌ جي ڪمنشنر سر بارٽل فريئر پوسٽ آفيس کاتي قائم ڪرڻ بعد لفافا ۽ انهن تي لڳندڙ ٽڪليون پڻ جاري ڪرايون. جيئن مٿي چئي آيا آهيون ته جيتوڻيڪ اسان وٽ اهو سڄو نظام اڃا تائين رائج آهي پر جديد دور جي تقاضائن کي ڏسندي دنيا ۾ ترقيءَ جا بهتر قدم کنيا پيا وڃن ۽ مواصلاتي ذريعن ۾ هينئر ايتري ته تيزي اچي وئي آهي جو گهڻي ڀاڱي خطن جي جاءِ انٽرنيٽ يعني ڪمپيوٽر ذريعي اِ ميل ۽ موبائيل فون تي ميسيجن اچي ورتي آهي ۽ انهيءَ ڪري خطن واري نظام کي ڪافي ڌڪ رسيو آهي. هتي اِهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڏورانهن علائقن جيئن ٿر ۽ ڪوهستان ۾ پڻ ڏکيائي سان پوسٽ جو ڪم ٿيندو رهيو آهي. انهي علائقن ۾ لڪڙ تار استعمال ٿيندي هئي.
خطن وسيلي نه رڳو روزمرهه جو حال احوال ڏنو ۽ ورتو ويندو هو پر انهن ۾ عشق محبت جا واعدا ۽ وچن، سياسي سماجي حالتن جي ڄاڻ سڃاڻ، تاريخ ۽ فلسفي جا سبق مطلب ته دنيا جهان جا سڀ موضوع لکيا ويندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت خط لکندڙ پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندا هئا، ذهني سڪون حاصل ڪندا هئا ۽ پنهنجي ۽ ٻين جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا هئا.
ويجهي ماضيءَ ۾ ڪن ناميارين شخصيتن جا لکيل خط ايترا ته مقبول ۽ مشهور ٿيا جو بعد ۾ اُهي ڪتابن جي صورت ۾ مرتب ٿي شايع ٿيا جھڙوڪ مولانا ابوالڪلام آزاد جا پنهنجن دوستن ڏانهن لکيل خط، (نهروءَ جا اهي خط هندستان جي تاريخ جو هڪ دستاويز ٿي ڇپيو انهيءَ ڪتاب جو نالو گلمپسز آف ورلڊ هسٽري يعني بين الاقوامي تاريخ جون جھلڪيون آهن) فيض احمد فيض جا پنهنجي زال ايلس ڏانهن خط. سائين جي. ايم. سيد جا علامه آءِ آءِ قاضي ڏانهن (ساهڙ جا سينگار)، سائين. جي. ايم. سيد جا خط جويي صاحب ڏانهن، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ڏانهن، سائين جا خط دوستن ڏانهن ۽ دوستن جا سائين ڏانهن (اڄ پڻ چڪيم چاڪ)، علي محمد شاهه، راشدي ۽ سائين جا هڪ ٻئي ڏانهن خط. محمد امين کوسي جا سائين جي ايم. سيد ڏانهن خط(واڄٽ ويراڳين جا)، سائين ۽ سيد ميران محمد شاهه جا خط (رهاڻ) ۽ ٻين ڏانهن لکيل خط، سائين محمد ابراهيم جويي جا پنهنجن دوستن ۽ شاگردن، ابن حيات پنهور ، غلام علي چنا، عبدالقادر جوڻيجو ۽ ٻين ڏانهن خط، ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جا پنهنجي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏانهن خط، هنن خطن جو نالو آهي ”ليٽرس ٽو ماءِ ڊيئريسٽ ڊاٽر“ ( منهنجي پياري ترين ڌيءَ ڏانهن خط) هي ڪتاب به هن وقت تاريخ جو حصو آهي. ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جا مير علي بخش ٽالپر ڏانهن خط، سائين ڪامريڊ روچي رام جا سيد جلال محمود شاهه ۽ ٻين ڏانهن خط، نوجوان اديب ذوالفقار هاليپوٽو جا سنڌ جي مشهور دانشورن ڏانهن لکيل خط، شيخ اياز ڏانهن هڪ مرد جا ڇوڪري جي نالي ۾ لکيل خط جيڪي انتهائي مشهور ٿيا ۽ ٻن جلدن ۾ ڇپيا، وغيره انهن خطن جي مطالعي مان نه رڳو ليکڪن جي ذاتي زندگيءَ جي حالن احوالن جي پروڙ پوي ٿي پر ان دؤر جي سياسي، سماجي حالتن جي ڄاڻ ۽ سڄي دنيا جي فلسفيانه سوچ ويچار ۽ فڪري نڪتن تي بحث مباحثا پڻ ملن ٿا. جيڪي انهن خطن کي تاريخي ۽ دائمي حيثيت ۽ اهميت بخشين ٿا. خطن جي ان تاريخي ۽ علمي اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي نامياري محقق، اديب ۽ آرڪيالاجسٽ محترم ڪليم لاشاري ان موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي جيڪا ”خطن جو سوانحي مطالعو “ جي عنوان سان شايع ٿي آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي. اهڙي ٿسيز ايم اي صحافت جي امتحان لاءِ نوجوان دوست ڊاڪٽر عبدالرحيم سومري به لکي آهي جيڪا خاص طور تي ٿر بابت آهي.
اسان جي پياري دوست مير حاجن مير جيڪو پاڻ هڪ روشن خيال اديب، محبتي ۽ محنتي ماڻهو آهي تنهن ڏانهن مختلف شخصيتن جي لکيل خطن تي مشتمل هي ڪتاب ”سڄڻن ياد ڪيوم“ توهان جي هٿن ۾ آهي. سندس هيءَ ڪاوش تمام اهم آهي. سندس هي لاڀائتا خط اسان کي هن جديد دور ۾ گذريل دور جون حالتن ۽ واقعا ياد ڏياي ڇڏيا آهن. صحافتي لحاظ کان اڄ به خطن جي اهميت گهڻي آهي جو جڏهن اسان دنيا جون سڀ اخبارون ڏسون ٿا ته انهن ۾ خطن لاءِ خاص جڳهه مقرر هوندي آهي، چاهي اهي اخبارون دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ هجن ۽ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هجن. انهن خطن ذريعي حڪومتن جي ڪار گذارين تي ٽيڪا ٽپڻي به هوندي آهي ۽ مسئلن جي نشاندهي پڻ، انهن خطن ذريعي سماجي مسئلن کانسواءِ تعليم، آلودگي. سياست، صحت ۽ ٻين مسئلن تي به قلم کنيل هوندو آهي.
مير حاجن جي سھيڙيل هن ڪتاب ۾ هن ڏانهن سندس ڪيترن ئي دل گهرين دوستن جا خطن لکيل آهن جن ۾ سندن هڪ ٻئي ڏانهن دوستي، محبت، پيار، ڏک ڏوراپا، ميل ملاقاتن جا حال احوال شامل آهن. مير حاجن مير کي اِها شاباس ڏئي سگهجي ٿي ته هو سنڌ جي تمام بهترين اديبن، دانشورن ۽ شاعرن سان مسلسل ڳانڍاپو رکيو پيو اچي. جن دوستن سان سندس رابطو خطن ذريعي رهيو آهي سي سنڌ جا مڃيل اديب، شاعر، دانشور ۽ سماجي اڳواڻ آهن.
انهن ۾ تاج جويو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، يوسف سنڌي، منٺار سولنگي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، ادل سومرو، آزاد انور ڪانڌڙو، مشتاق بخاري، اياز امر شيخ، ڊاڪٽر قربان جهتيال، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، معشوق ڌاريجو، منظور اڄڻ، ايوب کوسو، پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙو، ساحر راهو، رجب آزاد، شوڪت خواجائي، سيد نور محمد شاهه، پروانو سيوهاڻي، عابد سيوهاڻي، حنيف عاطر، مخمور بخاري، بهادر ٽالپر، امير فهد پنهور، محمد صديق جويو، مقبول احمد چنا، خير محمد ٻرڙو، غلام محمد غازي، تاج محمد سومرو، جميل پنهور ۽ ٻيا شامل آهن.
انهن ۾ گهڻا دوست سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيا آهن ۽ سندن گهڻي لک پڙهه سنڌي ادبي سنگت بابت آهي. انهن ۾ خاص طور تي تاج جويو، يوسف سنڌي ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل شامل آهن.
مير حاجن مير جيئن ته پاڻ به سنڌي ادبي سنگت جو هڪ انتهائي سرگرم رڪن ۽ عهديدار رهيو آهي ۽ ڪو وقت سنڌي ادبي سنگت سيوهڻ شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڄامشوري ضلعي جو رابطا سيڪريٽري رهيو آهي. ان ڪري سندن لکپڙهه مان سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين ۽ جاکوڙ جي ڄاڻ ملي ٿي ته گڏوگڏ پڙهندڙ ڪافي لطف اندوز پڻ ٿئي ٿو. مون جڏهن دوستن جا هي خط پڙهيا ته مونکي ڪافي ڄاڻ ملي.
هتي آءٌ مير حاجن ڏانهن سندس دل گهرئي دوست ساحر راهو جو خط پيش ڪيا ٿو.
پيارا! مير حاجن مير
اُميد سُڳنڌن ۾ واسيل رهندين.
احوال تنهنجو خط اڻ پورو ائڊريس هوندي به اکين چُمي ورتو آهي. پيارا حاجن ماڻهوءَ جو خلوص ئي سڀ ڪجهه آهي. مون وٽ اڳ به اهڙا ٻيا به ڪجهه خط آهن جن تي پوري ائڊريس نه هوندي مون وٽ پڳا آهن. اهو سڀ تنهنجي عقيدو جو ڪمال آهي ورنا ڪٿي ساحر راهو ڪٿي حاجن مير پر جنھن محبت کي پنهنجي شڪتي هوندي آهي تنهن محبت ۾ الڳ الڳ نالن ۽ قومن وارا ماڻهو محبت ۾ ميڙجي گڏ ٿين ٿا. توکي منهنجي غزلن ۾ پنهنجو عڪس لڀي ٿو آئون ته پنهنجي دل ۾ اُٿيل آنڌين کي لفطن ۾ سهيڙي ڪاغذ جي وجود تي رکي ڇڏيندو آهيان. ان کان اڳتي منهنجو ڪو به ڪمال نه آهي اگر ڪمال آهي ته تنهنجي خوبصورت سوچ جو جنهن پنهنجو پاڻ سڃاڻي ورتو آهي. آئون ڇا آهيان بس اڻ گهريل ڪاٺ جنهن تي خبر ناهي ڪهڙي ادا جي ڪري ذات جي ديوي مهربان ٿي آهي، مون وٽ ڏات ديويءَ کي کارائڻ لاءِ نه ڪو ڪتابن جا اُٺ نه علم جا ڪاسا نه ڏيئڻ لاءِ اوچا رُتبا پر پوءِ به منهنجي ذهن جي ڪچي آڳر ۾ ديرو ڄمايو ويٺي آهي. آئون به ڪڏهن ڪڏهن ان کي سورن جو ساڳ ۽ ڏک جو ڏڌ پياري ڇڏيندو آهيان. سيوهڻ ڀر سان باجارا ۾ منهنجو انتهائي پيارو دوست رجب ٻگهيو رهي ٿو ڪڏهن ڪڏهن اُن سان ملڻ جي ڇڪ ٿيندي به آهي باجارا ويندو به آهيان سيوهڻ ته رستي ۾ آهي ڪڏهن ٿو اچڻ ٿئي ڪا به خبر ناهي.
تنهنجي پرخلوص خط جو احسان مند آهيان.
ساحر راهو
شهمير راهو سڪرنڊ
پيارا مير حاجن مير
مسلسل جنگي مشقن سبب توهان ڏانهن خط لکڻ ۾ اوير ٿي وئي. ان لئه معذرت سچ پُڇين ته هڪ ڪلاڪ به واندڪائي نه پئي ملي جو سوجهرو آفيس تائين وڃي ميبرشپ جمع ڪرايان. تون ته مون تي سخت ناراض هوندين ته مون صرف ڳالهيون ڪيون. پر دوست هتي مون کي خبر آهي منٽ سان گڏ هڪ منٽ مليو پيو آهي. رول ڪنهن دوست هٿان صاف ڪرايو آهي. جلدي توهان ڏي ڏياري موڪليندس.
سلام ساري سنگت کي چوندا.
موٽ جو انتظار رهندو.
فقط توهان جو دعائن ۾ دعاگو
عابد سيوهاڻي
ڪينٽ ڪراچي
منٺار سولنگي سنڌ جو هڪ بهترين اديب ۽ ليکڪ رهيو آهي ۽ مير حاجن سان سندس سٺي دوستي هئي انهيءَ ڪري سندس هڪ خط هتي پيش ڪجي ٿو:
مان پاڻ ٻڌايان پنهنجي سزا جي صاحب ٿورو ڌيان ڏيو،
مون لاءِ وٽو ڪو وهه هجي يا سينگاريل ڪو دار هجي.
(منٺار سولنگي)
محترم ڀاءُ مير حاجن مير!
خدا ڪري خوش هجين!
مان 21 رمضان، 26 آڪٽوبر اربع ڏينهن منجهند تائين اچي ويندس. آخوند وٽ يا حيدري مسافر خاني ۾ رهبو. اوهان افطاري کانپوءِ اُتي اچو ته ڪچهري ڪيون. مان خميس ڏينهن منجهند يا شام تائين اُتي هوندس. جي سنگت جي گڏجاڻي 21 رمضان افطاري کانپوءِ يا خميس تائين ٿي سگهي ته اُن ۾ شامل ٿي مزو ايندو.
ڪو سُتل آهي، ڪو جاڳايل آهي ڪو پنڌ ڪري ٿو، ڪو ڊوڙي ٿو، زندگيءَ جو سفر اُن جي ارتقا کان وٺي هن ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي ۽ رهندو. ٿيڻ ائين گهرجي جو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪجي. اها خدمت آهي. قوم لاءِ، ديس لاءِ ۽ پاڻ لاءِ.
منٺار سولنگي
نئون ديرو
هڪ خط ڊاڪٽر قربان علي جهتيال صاحب جو پيش ڪيان ٿو، هو هڪ بهرين شاعر ۽ اديب هو ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ دادوءَ جو بهترين ۽ سرگرم ڪارڪن رهيو هو.
محترم مير حاجن مير
اسلام عليڪم!
اميد ته خوش هوندا
سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري آهن ٻوليءَ جي مسئلي تي به سنگت مرڪز ۽ مختلف شاخون سرگرم عمل آهن. اوهان پنهنجي ادبي ويهڪن ۾ اهڙي تحريڪ کي زور وٺرايو. سنگت ضلعي رابطا سيڪريٽري دادو ۽ سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن طرفان 20 نومبر 2005ع تي صبح جو 11 بجي گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ عظيم شاعر محسن ڪڪڙائي جي ياد ۾ ڪُل سنڌ مشاعري جي تقريب ڪوٺائي وئي آهي. اوهان شاخ جي بهترين شاعر ۽ بهترين ورڪر جو نالو تجويز ڪري موڪليو. سال 2005ع جي ڪارڪردگي رپورٽ به موڪليندا. اُميد آهي ته اوهان هن فنڪشن ۾ ڀرپور تعاون ڪندا. هن مشاعري جي صدارت سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل جناب تاج جويو صاحب ڪندو.
مهرباني
اوهان جي سهڪار جو منتظر
ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ڦلجي
تاج جويو سنڌ جو هڪ سڄاڻ اديب ۽ دانشور آهي ۽ پاڻ ڪو وقت سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي ۽ مير حاجن ڏانهن سندس خط لکيل آهن جن مان هڪ خط هتي پيش ڪجي ٿو.
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس، 4 ڊسمبر 2005ع تي آچر جي ڏينهن، صبح جو 11 وڳي ميهڙ شهر جي رحمان هوٽل (نزد ڪميونٽي سينٽر، حيدربخش جتوئي پيٽروليم سروس ميهڙ ضلعي دادوءِ) ۾ ٿي رهيو آهي.
اجلاس جي ايجنڊا هن ريت آهي:
1. سنڌ سنگت جي مرڪزي رپورٽ (سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ).
2. سنڌي ٻوليءَ جي قومي، سرڪاري ۽ تدريسي حيثيت جي بحاليءَ لاءِ سنگت جي جدوجهد جو جائزو ۽ آئيندي جي حڪمت عملي.
3. ضلعي رابطا سيڪريٽري ۽ شاخن جي سيڪريٽرين جون رپورٽون.
4. شاخن جا مسئلا.
5. سنگت مرڪز جون بقايائون.
6. سنگت پبليڪيشن.
7. سنگت جي مرڪزي چوندن بابت غور ويچار ڪرڻ.
8. وقتي صدر جي اجازت سان ڪو به اسم پيش ڪري سگهجي ٿو.
نوٽ:
1. شاخن جي سيڪريٽرين کي هدايت ٿي ڪجي ته مقرر وقت ۽ هنڌ تي ضرور پهچي اجلاس ۾ شرڪت ڪن ۽ رپورٽون لکت ۾ آڻين.
2. رهيل الحاق في، داخلا في، نامزدگي فارم في ۽ ٻيون بقايائون کڻي اچن.
3. شاخن جا سيڪريٽري پنهنجا ۽ ڪائونسلرن جا پاسپورٽ سائيز ٻه ٻه عدد فوٽو کنيو اچن.
4. هر شاخ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جي ڪاليجن ۾ يارهين ڪلاس ۾ اردو ڳالهائيندڙن شاگردن کي اسان سنڌي پڙهائڻ، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مادر ٻوليءَ جي پڙهائي لازمي شروع ڪرڻ، ٽيڪنيڪل بورڊ ڪراچيءَ پاران ميٽرڪ ۾ سنڌي نه پڙهائڻ جي مذمت ڪرڻ ۽ سرڪاري دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙهه.
5. ضلعي رابطا سيڪريٽرين ۽ شاخن جي سيڪريٽرين کي هدايت ٿي ڪجي ته هر ضلعي اندر 27 نومبر 2005ع آچر جي ڏينهن، سنڌي ٻوليءَ جي مٿي ڄاڻايل مسئلن بابت سيمينار، ميڙاڪا ۽ مظاهرا ڪن.
تاج جويو
سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت سنڌ
اسلام علڪيم اميد ته خوش هوندؤ
اڄڪلهه گرمين جون موڪلون آهن. واندڪائي ۽ اڪيلائي آهي. سو سيوهڻ کي ساريان ويٺو. هونئن ته سيوهڻ ۾ مون گهڻو گهر اندر ئي گهاريو هو ۽ ماڻهن سان منهنجا تعلقات نه هئڻ برابر هئا پر سيوهڻ جو طواف مون روز روح ۽ نظر جي حضور سان ڪيو ٿي. رڳو گهر کان نڪري به چو طرف نهاريندو هئس ته روح رچي پوندو هو. قلندر جي عارفاڻي عرفان جو اسير هئس. سو جڏهن شهر ۾ ايندو هوس ته منهنجا لڱ ڪانڊاريل هوندا هئا. منهنجي ڪا رواجي عقيدت نه هئي پر تاريخ ۾ قلندر جي ڪردار کي جيڪو ڪمال ۽ شان آهي، تنهن جو حسن هر وقت منهنجي تحت الشعور ۾ جرڪيو ٿي. جنهن تي دل هرپل نثار هئي. جنهن شهر جي گهٽين ۾ هو پنهنجي قدمن سان گهميو هو، جتي جي جبلن ۽ ڪوٽن کي هُن جي نگاهن ڏٺو هو. جنهن شهر ۾ هُن پنهنجي لاءِ ابدي آرام جي جاءِ پسند ڪئي. جنهن جي بعد از وفات عارفن شهر ۾ چوطرف ڪافيون اڏيون جنهن جي در تي صبح شام ڌمالون وڄن ٿيون ۽ ماڻهو نچن ٿا. جنهن جي وصال جي ميلي ۾ مينديءَ جا سهرا سدا سهاڳڻيون ڳائي روئي پون ٿيون. ته اُن جي روزي جي چو طرف ٽئي ڏينهن زبردست ماتم ٿئي ٿو. ۽ سندس ايوان ۾ اوچي علم تي لال جهنڊو ڦڙڪي آسمان کي گواهي ڏئي ٿو. مطلب آهي ته سيوهڻ انهيءَ پس منظر ۽ پيش منظر سان هڪ عجب اسرار جي صورت ۾ منهنجي روح اندر رهيو ٿي ۽ مان سيوهڻ کي ڏسندي ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهمندي هميشه پنهنجو پاڻ ۾ وڃائجي ويس ٿي. ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت اڪيلائيءَ ۾ ڪچي واري بند تان پنڌ ڪندو، سيوهڻ جي ماضيءَ حال کي خيالن ۾ آڻيندو، وڃي قلعي تي چڙهي بيهندو هئس. جتان سج لهڻ واري لالائيءَ ۾ سيوهڻ کي ڏسي، پاسي ۾ درياءَ کي وهندو ڏسي ۽ وري رات جي روشنين ۾ سيوهڻ ڏسي جنهن ڪيفيت ۾ ٻڏي ويندو هئس سا ٻڌائي نٿي سگهجي. ٻيون ٻه خاص جايون هيون جتان بيهي نهارڻ سان منهنجو شعور خمارن ۾ ويڙهجي ويندو هو. جڏهن به شهر ايندو هئس بازار جي منڍ وٽ بيهي درگاهه جي اوڀر واري در ۽ پراڻي علم جو نظارو ڪا گهڙي ضرور بيهي ڏسندو هوس. ساڳيءَ طرح جي درگاهه جي ڏکڻ طرف وڃن ٿيندو هو ته اُتان به اهو ئي نظارو ڪا گهڙي بيهي توڙي رڪشا ويندي به ماڻي وٺندو هوس. هونئن سيوهڻ جي هر ڳلي منهنجي لاءِ اسرار ڀري راهه هئي. ميلي جي رش ۾ لتاڙجي مون ميلي جي سڀني رسمن جو مشاهدو ڪيو ۽ سيوهڻ جي روحانيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم. لال باغ به ڪيئي دفعا ويس حيدرآبا دکان ايندي ويندي به لال هميشه ڌيان ڇڪيندو هو. لال باغ جو ميلي ۾ اوج به ڏٺم ته بعد جي ويراني به ڏٺم. تنهن کانسواءِ توهان جي ادبي سنگت جون حاضريون ڀريم ۽ پاڻ ۾ ويهي ڪي مختصر ڪچهريون به ڪيون سين. احوال ته ڪي ئي آهن پر هينئر ڪنهن ڪم سان نڪرڻو اٿم. اڃا ته سيوهڻ وارو گهر نه ڇڏيو اٿم. پر ستت ئي گهر به ڇڏڻ ايندس. توهان سيوهڻ ۾ موڪلائي مون کي مارجو نه! حياتي آهي ته موڪلائبو ناهي، ساربو پيو. مان پڪو ٿي ڪنهن ٻي ساعت توهان وٽ ايندس، آخري ڏينهن جي نه اچان ته ميار نه رکجو. ٺهيو اکين ۾ پائي لهي آيو آهي، موڪلاڻي اِها ئي آهي.
سائين فتح الله کي منهنجا پيرن تي هٿ سارينديءَ دل سان سائين نظير صاحب ۽ سڄي سنگت کي سلام.
نيازمند
سيد نور محمد شاهه
حيدرآباد
اُميد ته خوش هوندا
هڪ عدد پروفارما موڪلي، اوهان کي گذارش ڪئي وئي هئي ته پنهنجي ضلعي جي سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جي ميمبرن ۽ عهديدارن کان ڀرائي موڪليندا ۽ ڪارروائي رجسٽر/ يا اخباري ڪٽنگس جي فوٽو ڪاپي فراهم ڪندا.
مون کي يقين آهي ته ان سلسلي ۾ ضرور ڪانه ڪا پيش رفت ٿي هوندي. مون کي اوهان جي موٽ جو انتظار آهي ۽ رهندو.
خيرانديش
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
خير محمد آريجا- لاڙڪاڻو
آزاد انور ڪانڌڙو شاعر، محقق ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن آهي، مير حاجن مير ڏي لکيل هڪ خط پيش ڪريان ٿو.
مانائتا سائين مير حاجن مير!
بابت: دادو ماضي ۽ حال ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ مقالي پرهڻ لاءِ گذارش
اميد ته خيريت سان هوندا.
گذارش ته دادوءَ کي ضلع جو درجو ملڻ کي مُني صدي پوري ٿيڻ تي سنڌي ادبي سنگت، شاخ ميهڙ پاران 27 مئي 2007ع آچر ڏينهن ضلعي ڪائونسل هال دادو ۾ صبح جو 10 وڳي ”دادو ماضي ۽ حال ڪانفرنس“ ڪوٺائي پئي وڃي. ان موقعي تي مختلف ڪتابن:
دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال (ليکڪ: محمد عرس” اظهر“ سولنگي)
شهيد مخدوم بلاول (مرتب: آزاد قاضي)
اعجاز علي جتوئي محبِ وطن سياستدان (مرتب: آزاد انور ڪانڌڙو)
جي مهورت پڻ ڪئي ويندي.
اوهان سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا اديب، محقق، شاعر آهيو. اوهان کي مقالو لکي ڪانفرنس ۾ پڙهڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي هئي. مهرباني ڪري ڪانفرنس کان اڳ ان مقالي جي فوٽو ڪاپي موڪلڻ جي عنايت ڪندا ته جيئن ان يادگار مقالي کي دادو ضلع جي ادب، صحافت، سياست، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ ڀرپور ڪردار بابت شايع ٿيندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪري سگهجي.
اميد اٿم ته منهنجي گذارش کي مانائتي موٽ ڏيندا. ڪانفرنس ۾ اوهان جي شرڪت اسان لاءِ خوشيءَ جو باعث هوندي.
خلوص مان
آزاد انور ڪانڌڙو
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ
محترم يوسف سنڌي ادبي سنگت جو تمام سرگرم اڳواڻ ۽ تمام سٺو اديب آهي، سندس هڪ خط حوالي طور هتي ڏيان ٿو.
سائيم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين
(شاهه)
محترم سائين مير حاجن مير!
سڀ کان پهريان اوهان سڀني جا ٿورا جو اوهان اسان تي اعتماد ڪري ايندڙ ٻن سالن لاءِ موجوده مرڪزي قيادت کي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. آس آهي ته اسان سڀئي گڏجي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين.
سنگت جي پليٽ فارم تان اسين سڀ، پنهنجي دؤر جي ادبي سرگرمين جي تاريخ مُرتب ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ ڪوتاهي ڪنداسين ته ان لاءِ پنهنجي قوم، ٻولي ۽ ادب ڏانهن جوابدار رهنداسين. سنگت جي سڀني ساٿين لاءِ هيٺينءَ ريت ڪجهه صلاحون آهن، جن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.
1. پنهنجي هفتيوار گڏجاڻين ۽ ٻين پروگرامن جو باقاعدي ماهوار تفصيل، اُن سان گڏ پنهنجي ضلعي جي رابطا سيڪريٽريءَ کي به موڪلڻ گهرجي.
2. پنهنجن ادبي سرگرمين جون خبرون اخبارن ڏانهن ضرور موڪلڻ گهرجن، اخبار ۾ ڇپيل خبرون شاخ جي رڪارڊ ۾ محفوظ ڪجن ۽ اُنهن جون فوٽو ڪاپيون، ماهوار رپورٽ سان گڏ مرڪز ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري کي موڪلڻ گهرجن.
3. توهان پنهنجي شاخ جي قائم ٿيڻ جي تاريخ، ميمبرن ۽ عهديدارن جا نالا ۽ ايڊريسون، تفصيلي تفصيل رابطا سيڪريٽرين کي موڪليندا. جيڪڏهن توهان جي شاخ ڪي ڪتاب وغيره شايع ڪرايا آهن ته اُنهن جو تفصيل به اُماڻيندا.
4. سنگت جي پاليسين خلاف ڪو به اخباري بيان جاري نه ڪندا. (خاص ڪري سياسي بيانن جاري ڪرڻ کان پاسو ڪندا)
5. هر ضلعي مان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ هڪ شاخ کي، ”بهترين شاخ“ جو ايوارڊ ڏنو ويندو ۽ شاخ جي سيڪريٽرين کي تعريفي سندون ڏنيون وينديون.
6. هر شاخ کي سنگت پبليڪيشن جي هر پرچي جون 5 ڪاپيون وي.پي. ڪيون وينديون جيڪو وصول ڪرڻ ضروري آهي.
7. ڪوشش ڪري پنهنجي تر جي نامور اديبن کي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وٺي ايندا.
8. غير حاضر ميمبرن خلاف بنا رک رکاءَ جي آئيني ڪارروائي ڪندا.
9. هن سان گڏ اوهان کي هڪ فارم موڪلجي ٿو، جنهن ۾ شاخ جي ميمبرن جا نالا لکي 15 مئي تائين موڪليندا.
10. جيڪڏهن توهان جي شاخ جون نيون چونڊون نه ٿيون آهن ته پنهنجي ضلعي جي رابطا سيڪريٽري سان لهه وچڙ ۾ اچي اُهي چونڊون جلد ڪرائيندا.
پنهنجي شاخ جي ميمبرن ۾ ڪتابن پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ دلچسپي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
نيڪ تمنائن سان
يوسف سنڌي
سيڪريٽري جنرل، سنڌي ادبي سنگت سنڌ
جناب ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل آهي ۽ سنڌ جو سٺو شاعر ۽ اديب آهي، سندس هڪ خط هتي پيش ڪجي ٿو:
مانوارا! مير حاجن مير
رابطه سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلعو ڄام شورو
بابت: سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جون چونڊون
پيارا ساٿي!
سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي باڊيءَ جي فيصلي تحت سنگت جي شاخن جون چونڊون سيپٽمبر 2011ع جي آخري هفتي تائين پوريون ڪرائي، سموري ضلعي جي شاخن جا تفصيل سيڪريٽري جنرل ۽ مرڪز جي فيس في شاخ 200 روپيه مرڪزي خزانچي نبي بخش ناز جي ڏس پتي تي مني آرڊر ذريعي ڏياري موڪليندا ته مهرباني ٿيندي.
نوٽ: شاخ جي سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جو مڪمل ڏس پتو ۽ فون موبائل نمبر موڪلڻ نه وساريندا.
دعاڳو
مشتاق ڦل
سيڪريٽري جنرل ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ
محبتن جا ميرَ،
منهنجا پيارا دوستَ!
مير حاجن مير
اميد ته اوهان سکيا ۽ سَرها هوندا.
پيارا! اوهان کان موڪلائي، اوهانجا ڏنلَ مانَ ۽ محبتون کڻي خير سان ڳوٺ پهتس.....
يار! چڱو ٿيو جو ان رات بڊي جبل کان واپسيءَ تي باجارا ۾ اوهان پياري دوستَ ساحر راهوءَ سميت مليا ۽ ساحر سائينءَ جي صدقي سائين رجب ٻگهيو سان به ملاقات ٿي وئي، سائين رجب لاءِ اسانجي اندرَ ۾ سڪ جو سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي پر سائين ملاقات جو شرف گهٽ بخشيندو آهي، باقي اوهان، عباس حيدر چنه ۽ سائين امداد سروري صاحب مونسان ملڻ لاءِ ماندا هوندا آهيو، منهنجون ته اوهان سيوهڻ تعلقي جي اديبن ۽ شاعرن سان ته ٻِٽيهه دليون آهن، اوهان سان ملي مَنَ کي اَڻَ ميون مسرتون ملنديون آهن.
پيارا مير! حقيقت ۾ سائين رجب جو به ڏوهه ناهي، باجارا شهر جي آبهوائي شايد اهڙي آهي مان پاڻ حيران ٿي ويندو آهيان ته باجارا ايندي ئي بدن ۾ سُستيءَ جي لهر ڇانئجي ويندي آهي، اوهان عباس چنه ۽ سائين امداد سروري ڏهه ڀيرا فونون ڪندا آهيو ته مسين 1 يا 2 بجي گهران نڪري سيوهڻ اوهان تائين پهچندو آهيان، عباس چنه سان به گهڻي قدر شام جو وڃي ملاقات ٿيندي آهي، مان حيران ٿيندو آهيان ته مان هيڏو متحرڪ ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ ڏهه شهر گهمي وٺندو آهيان، ڪيترن ئي دوستن سان ملي وٺندو آهيان ۽ نه ڄاڻ ڪيترائي پروگرام اٽينڊ ڪندو آهيان ۽ هِتي ميرَ تائين مَس ٿو پهچان. بهرحال اِها ڳالهه مڃبي ته باجارا جي اِها آبهوا تن مَن کي سستي ڏئي سڪون بخشيندي آهي مان جيترا ڏينهن به باجارا ۾ هوندو آهيان سک ۽ سڪون جو ساهه کڻِندو آهيان، باجارا سيوهڻ، جهانگارا، ڀان سيد آباد ۽ ڪرم پور جان سڀ دوست ۽ رهواسي مونکي مانُ ۽ محبتون ڏيندا آهن، اوهان جهڙن دوستن جون محبتون ۽ پيار منهنجي جيون جو سَرمايو آهي، انشاءُ الله وري ملاقات ٿيندي، محبتون ڏبيون ۽ وٺبيون، جيون رهندو جيسين.. ساٿ هي رهندو تيسين....
اوهان جو دعاگو
مشتاق بخاري
پوسٽ آفيس ڊکڻ، ضلعو شڪارپور
مٿي ڄاڻايل خطن ۾ مير حاجن مير جي سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي ادبي حلقي ۾ ڄاڻ سڃاڻ سان گڏ سندس علمي ادبي قدم ڪاٺ جي پڻ پذيرائي ٿئي ٿي.
ڪجهه ماڻهن جو اڄڪلهه اِهو خيال آهي ته اڄوڪو دور موبائل فون ميسيج ۽ انٽرنيٽ جي سهوليتن جو دور آهي، تنهن ڪري خط لکڻ ۽ انهن کي سانڍڻ جو عمل پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. اِها سندن غلط فهمي آهي مير حاجن مير جي هِن سهيڙيل ڪتاب اها غلط فهمي دور ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته تحرير ۽ لکت پنهنجي هڪ دائمي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿي جيڪا ڪتاب جي صورت ۾ اچڻ بعد تاريخ جو حصو بڻجي صدين تائين امر بنجھي وڃي ٿي. تنهن ڪري منهنجي سنڌ جي سڀني اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي گذارش آهي ته هو به مير حاجن مير جي نقش قدم تي هلندي پنهنجا ۽ پنهنجن دوستن جا خط ڪتابي صورت ۾ مرتب ڪري ڇپرائين.
پروفيسر اعجاز قريشي
ڪراچي
2016-7-15