مختلف موضوع

سڄڻن ياد ڪيوم (خط)

هي ڪتاب شاعر، ليکڪ ۽ محقق مير حاجن مير ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي. جيتوڻيڪ هي زمانو ايس ايم ايس، اي ميلز ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن جو آهي پر ويجهڙ ۾ خطن جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. اهڙن خطن جي ڇپيل ذخيري علم و ادب جي دنيا ۾ وڏو واڌارو ڪيو آهي. مير حاجن مير جو هي چوٿون ڪتاب آهي ۽ اهو به اهڙن ئي خطن تي مشتمل آهي هنن خطن مان گهڻائي اهڙن خطن جي آهي جن ۾ سنڌي ادبي سنگت-سنڌ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون رڪارڊ تي اچن ٿيون، جيڪي يقيناً سنگت تي تحقيق ڪندڙ مستقل جي مورخن لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿينديون.
Title Cover of book سڄڻن ياد ڪيوم  (خط)

سيد نور محمد شاهه

سيد نور محمدشاهه، اصل دادو جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو آهي، پاڻ سيوهڻ ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي آيو ان وقت کان ويجهڙائپ رهي. تمام سادي طبيعت جو مالڪ آهي، دلربا شخص آهي منهنجو تمام پيارو دوست آهي، هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏئي پيو، سٺو مقرر، بهترين ليکڪ آهي.
(مير حاجن مير)
2 جولائي 2006ع
پيارا مير حاجن مير صاحب!
اسلام علڪيم اميد ته خوش هوندؤ
اڄڪلهه گرمين جون موڪلون آهن. واندڪائي ۽ اڪيلائي آهي. سو سيوهڻ کي ساريان ويٺو. هونئن ته سيوهڻ ۾ مون گهڻو گهر اندر ئي گهاريو هو ۽ ماڻهن سان منهنجا تعلقات نه هئڻ برابر هئا پر سيوهڻ جو طواف مون روز روح ۽ نظر جي حضور سان ڪيو ٿي. رڳو گهر کان نڪري به چو طرف نهاريندو هئس ته روح رچي پوندو هو. قلندر جي عارفاڻي عرفان جو اسير هئس. سو جڏهن شهر ۾ ايندو هوس ته منهنجا لڱ ڪانڊاريل هوندا هئا. منهنجي ڪا رواجي عقيدت نه هئي پر تاريخ ۾ قلندر جي ڪردار کي جيڪو ڪمال ۽ شان آهي، تنهن جو حسن هر وقت منهنجي تحت الشعور ۾ جرڪيو ٿي. جنهن تي دل هرپل نثار هئي. جنهن شهر جي گهٽين ۾ هو پنهنجي قدمن سان گهميو هو، جتي جي جبلن ۽ ڪوٽن کي هُن جي نگاهن ڏٺو هو. جنهن شهر ۾ هُن پنهنجي لاءِ ابدي آرام جي جاءِ پسند ڪئي. جنهن جي بعد از وفات عارفن شهر ۾ چوطرف ڪافيون اڏيون جنهن جي در تي صبح شام ڌمالون وڄن ٿيون ۽ ماڻهو نچن ٿا. جنهن جي وصال جي ميلي ۾ مينديءَ جا سهرا سدا سهاڳڻيون ڳائي روئي پون ٿيون. ته اُن جي روزي جي چو طرف ٽئي ڏينهن زبردست ماتم ٿئي ٿو. ۽ سندس ايوان ۾ اوچي علم تي لال جهنڊو ڦڙڪي آسمان کي گواهي ڏئي ٿو. مطلب آهي ته سيوهڻ انهيءَ پس منظر ۽ پيش منظر سان هڪ عجب اسرار جي صورت ۾ منهنجي روح اندر رهيو ٿي ۽ مان سيوهڻ کي ڏسندي ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهمندي هميشه پنهنجو پاڻ ۾ وڃائجي ويس ٿي. ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت اڪيلائيءَ ۾ ڪچي واري بند تان پنڌ ڪندو، سيوهڻ جي ماضيءَ حال کي خيالن ۾ آڻيندو، وڃي قلعي تي چڙهي بيهندو هئس. جتان سج لهڻ واري لالائيءَ ۾ سيوهڻ کي ڏسي، پاسي ۾ درياءَ کي وهندو ڏسي ۽ وري رات جي روشنين ۾ سيوهڻ ڏسي جنهن ڪيفيت ۾ ٻڏي ويندو هئس سا ٻڌائي نٿي سگهجي. ٻيون ٻه خاص جايون هيون جتان بيهي نهارڻ سان منهنجو شعور خمارن ۾ ويڙهجي ويندو هو. جڏهن به شهر ايندو هئس بازار جي منڍ وٽ بيهي درگاهه جي اوڀر واري در ۽ پراڻي علم جو نظارو ڪا گهڙي ضرور بيهي ڏسندو هوس. ساڳيءَ طرح جي درگاهه جي ڏکڻ طرف وڃن ٿيندو هو ته اُتان به اهو ئي نظارو ڪا گهڙي بيهي توڙي رڪشا ويندي به ماڻي وٺندو هوس. هونئن سيوهڻ جي هر ڳلي منهنجي لاءِ اسرار ڀري راهه هئي. ميلي جي رش ۾ لتاڙجي مون ميلي جي سڀني رسمن جو مشاهدو ڪيو ۽ سيوهڻ جي روحانيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم. لال باغ به ڪيئي دفعا ويس حيدرآبا دکان ايندي ويندي به لال هميشه ڌيان ڇڪيندو هو. لال باغ جو ميلي ۾ اوج به ڏٺم ته بعد جي ويراني به ڏٺم. تنهن کانسواءِ توهان جي ادبي سنگت جون حاضريون ڀريم ۽ پاڻ ۾ ويهي ڪي مختصر ڪچهريون به ڪيون سين. احوال ته ڪي ئي آهن پر هينئر ڪنهن ڪم سان نڪرڻو اٿم. اڃا ته سيوهڻ وارو گهر نه ڇڏيو اٿم. پر ستت ئي گهر به ڇڏڻ ايندس. توهان سيوهڻ ۾ موڪلائي مون کي مارجو نه! حياتي آهي ته موڪلائبو ناهي، ساربو پيو. مان پڪو ٿي ڪنهن ٻي ساعت توهان وٽ ايندس، آخري ڏينهن جي نه اچان ته ميار نه رکجو. ٺهيو اکين ۾ پاڻي لهي آيو آهي، موڪلاڻي اِها ئي آهي.
سائين فتح الله کي منهنجا پيرن تي هٿ سارينديءَ دل سان سائين نظير حيات سيوهاڻي صاحب ۽ سڄي سنگت کي سلام.
نيازمند
سيد نور محمد شاهه
حيدرآباد