يوسف سنڌي
مير حاجن مير
رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄامشورو
بابت: سنڌ سنگت پاران آگسٽ مهيني ۾ اعلانيل ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم ۾ حصو وٺڻ لاءِ شاخن کي هدايتون.
مانوارا سائين!
”سنڌي ادبي سنگت-سنڌ“ پاران آگسٽ 2008ع ۾ اعلانيل ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ اوهان کي هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪجي ٿي.
پنهنجي شاخ پاران خاص گڏجاڻي، مذاڪرو، سيمينار يا ڪانفرنس ڪوٺائي، ان ۾ ٻولي جي ماهرن، استادن، اديبن، پارليامينٽرين، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي ماڻهن کي مدعو ڪري کائنس سنڌي ٻولي جي قدامت، اهميت ۽ حيثيت بابت مقالا پڙهايا وڃن/ ڳالهرايو وڃي ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ قرارداد پاس ڪرائي وڃي.
پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان خصوصي گڏجاڻيون ڪري کين ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ کين گذارش ڪئي وڃي ته هو ٻوليءَ جي صحيح استعمال، اُچار ۽ گرامر تي خاص ڌيان ڏين.
پنهنجي شهر جي يونين ڪائونسل/تعلقه ڪائونسل/ ميونسپل ڪميٽي/ڊسٽرڪٽ ڪائونسل (گونمينٽ) جي ناظمن ۽ ميمبرن سان وفدن جي صورت ۾ ملي کين ان ڳالهه تي آمادهه ڪيو وڃي ته هو ڪائونسلن پاران اهڙيون قرادادون پاس ڪن ته ”سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي.“
نجي تعليمي ادارن جي انتظاميا سان ملي کين سنڌ گورنمينٽ پاران جاري ڪيل لازمي سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرڻ جي گذارش ڪيو ۽ س-ا-س جي مقامي شاخ جي ميمبرن تي ٻڌل اهڙي مانيٽرنگ ٽيم، ٺاهي انهن جي نگراني ڪريو ۽ جيڪڏهن ڪو اسڪول ان نوٽيفڪيشن تي عمل نٿو ڪري ته ”ان بابت تفصيلي رپورٽ“ سنڌ جي تعليم واري وزير کي موڪلي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪي اسڪول لازمي سنڌي پڙهائڻ لاءِ ”سنگت“ کان ڪو سهڪار گهرن ته اهو رضاڪارانه طور تي ڪيو وڃي.
پنهنجي ميمبرن کي ”سنڌي ادبي سنگت-سنڌ“ جي پڌرنامي کان آگاهه ڪري کين وڌ ۾ وڌ سنڌي ڪتاب خريدڻ ۽ پڙهڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي.
جيڪڏهن ڪا شاخ پنهنجا اسٽيڪر ڇپائڻ ۽ بينر ٺهرائڻ چاهي ته کيس اجازت آهي. انهن تي فقط ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ لکيل هجي. اهي بئنر شهر جي نمايان هنڌن تي هنيا وڃن.
مختلف ضلعن جي رابطا سيڪريٽري پاران هيٺين ريت ٻولي ڪانفرنس جو شيڊول پڌرو ڪيل آهي. ساڻن رابطو ڪري نه رڳو فقط انهن جي انعقاد ۾ سندن مدد ڪئي وڃي، پر انهن ۾ شرڪت ڪري انهن کي ڪامياب ڪيو وڃي.
1- مظهر خاصخيلي (ضلع نوشهرو فيروز) 2 آگسٽ
2- سورج سجاولي (ضلع ٺٽو) 8 آگسٽ
3- ڊاڪٽر قربان جهتيال (ضلع دادو) 9 آگسٽ
4- عنايت انڙ (ضلع ٽنڊو الهيار) 10 آگسٽ
5- انعام ٽکرائي (ضلع خيرپور) 11 آگسٽ
6- محمد ايوب لاڙڪ (ضلع خيرپور) 15 آگسٽ
7- مولابخش ڪاڪا (ضلع مٽياري) 16 آگسٽ
8- خطائي ٿيٻو (ضلع عمرڪوٽ) 19 آگسٽ
9- دليپ ڪوٺاري (ضلع مٺي) 22 آگسٽ
10- غلام حسين ٻگهيو (ضلع لاڙڪاڻو) 23 آگسٽ
11- ڀائو در محمد ٻرڙو (ضلع قمبر-شهداد ڪوٽ) 24 آگسٽ
12- رخسانه لغاري (ضلع ڪراچي) 26 آگسٽ
30 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ مرڪزي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي.
نوٽ: ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم دوران ڪنهن به قسم جي مهم جوئي يا حڪومت جي خلاف نعريبازي يا ٽڪراءُ ۾ اچڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
- سڀني شاخن کي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ جاڳرتا مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ حصو وٺڻ جي هدايت ڪجي ٿي.
- پنهنجي سرگرمين کي ميڊيا تي آڻڻ سان گڏ، مرڪز کي به لکت ۾ رپورٽ ڪئي وڃي.
- جيڪا شاخ مٿين هدايتن تي عمل نه ڪندي، انهي کي سنگت جي ڪاز سان عدم دلچسپي تصور ڪيو ويندو ۽ کيس غير فعال سمجهيو ويندو.
نيڪ تمنائن سان
يوسف سنڌي
سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت سنڌ