خط خوشي مان کول
قديم زماني ۾ جڏهن بادشاهه پنهنجي درٻاري تاريخدانن کان پنهنجي پسندن جي تاريخ لکرائيندا هئا، ته اهي خط ئي هئا جن جي ذريعي بعد ۾ تاريخ جي صحيح ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي هئي. خط جنگين جو سبب بڻجندا هئا، مذهبي پرچار لاءِ استعمال ٿيندا هئا، واپار ۽ هنر لاءِ استعمال ٿيندا هئا. دنيا ۾ ڪئين اهڙا وڏا واقعا رونما ٿيا، جن جو بنيادي ڪارڻ خط هئا. مٿال طور جيڪڏهن ڪوفي جا ماڻهو امام حسين عليھ السلام جن کي خط لکي پان ڏانهن اچڻ جي دعوت نه ڏين ها ته ڪربلا جھڙو ڏکوئيندڙ واقعو ڪڏهن به نه ٿئي ها. يا برِصغير جي ويجهي تاريخ کي ڏسبو ته جيڪڏهن شاهه ولي الله احمد شاهه ابدالي کي خط لکي هندستان کي حملو ڪرڻ جي دعوت نه ڏئي ها ته شايد هندو مسلمان اتحاد برقرار رهي ها ۽ انگريز سامراج ائين آساني سان هندستان تي قبضو نه ڪري ها، پر شاهه ولي الله اسلام جي خدمت جي عشق ۾ هڪ ڌارئين ڌاڙيل کي خط لکيو جنهن هندستان تي حملو ڪري پاڻي پٽ جي ميدان تي ”مرهٽن“ جي اڀرندڙ طاقت کي شڪست ڏئي، غريب هندستانين جو بي رحمي سان قتل ڪيو ۽ وڏي دولت کڻي افغانستان روانو ٿي ويو شاهه ولي الله جي ان هڪ خط سڄي برِ صغير جي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي تاريخ ۾ يوسف ميرڪ جي شهنشاهه شاهجهان کي لکيل اهو طويل خط ڪيئن ٿو وساري سگهجي جنهن کي ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ان خط سنڌ جي اڻ لکيل تاريخ کي نروار ڪري وڌو آهي.
خط سياسي تحريڪن ۽ انقلابن ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن برِصغير ۾ مشهور ريشمي رومال تحريڪ دراصل اهي خط ئي هئا، جيڪي انقلابي اڳواڻ ريشمي رومال تي لکي ڪارڪنن کي هدايتون ڏيندا هئا.
انقلابي تاريخ ۾ مارڪسي ۽ اينگس جي هڪ ٻئي ڏانهن لکپڙهه به تاريخي اهميت رکي ٿي. لينن جنيوا ۾ ڏهه سال جلاوطن رهيو ۽ خطن جي ذريعي ڪارڪنن کي منظم ڪري.... آڪٽومبر جي انقلاب آندائين. خطن جي اهميت ان اهميت کي ڏسي ڪري انهن کي هڪ ادبي صنف طور تسليم ڪريو ويو. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ليکڪن جا هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خط ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويا.
اردو ادب ۾ غالب جا خط، قاضي عبدالغفار جو ڪتاب ”لیلیٰ کے خطوط“، ”مجنوں کی ڈائری“ منٽو جو ڪتاب ”انکل سام کے نام“ خواجه احمد عباس جو خطن تي مشتمل ناول ”روپ ٻهروپ“ ڪرشن چندر جون خطن جي فارميٽ ۾ ڪهاڻيون، فيض جا ايلس ڏانهن خط وغيره. تمام وڏي ادبي اهميت حاصل ڪري چڪا آهن. انگريزي ادب ۾ آسڪر وائيلڊ جا خط جيڪي ”سزا جا سُک“ جي عنوان سان سنڌي ۾ فضل احمد بچاڻي ترجمو ڪيا آهن پڻ پڙهڻ وٽان آهن.
سنڌي ادب ۾ پڻ خطن جي تمام وڏي اهمت رهي آهي. شيخ اياز جا خط ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ الطاف شيخ جو ٻيو ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ پڻ خطن تي مشتمل آهي. سنڌي ٻُولي ۾ خطن جو سڀ کان وڏو سهيڙيندڙ سائين جي ايم سيد رهيو آهي. جنهن مرزا قليچ بيگ کان وٺي عبدالواحد آريسر ۽ شهيد عبدالرزاق سومري تائين مختلف ادبي سياسي، سماجي ثقافتي، واپاري ۽ ٻين شخصيتن جا هزارين خط ڪتابي صورت ۾ آندا آهن. انهن خطن جي پنهنجي جاءِ تي ادبي اهميت ته آهي پر ساڳئي وقت اهي تاريخ جا سڀ کان وڏا ماخذ به آهن. انهن خطن کي پڙهڻ سان خبر پور ٿي ته گانڌي ۽ جناح سنڌ کي ڪهڙي نظر سان ڏسندا هئا.
ڪجهه خطن جا اهڙا به ڪتاب آهن جيڪي پيئرن پنهنجي ڌيئرن ۽ پٽن ڏانهن لکيا آهن. جن ۾ نهروءَ جا اندرا ڏانهن لکيل خط، ”پيءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط“ جي سري سان ڇپجي چڪو آهي. هڪرو خطن جو ڪتاب ذوالفقار علي ڀٽي جو بينظير ڀٽو ڏانهن لکيل آهي، جنهن جو عنوان آهي ”منهنجي پياري ڌيءُ“ ساڳي طرح سائين جي ايم سيد جو پنهنجي نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد ڏانهن لکيل خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. جنهن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هڪڙو خط محترم رسول بخش پليجي جو چوپڙي جي صورت ۾ ”وڳ ڪيئن وسرياءَ“ جي نالي سان ڇپيل آهي. جيڪو هن جيل مان پنهنجي پٽ اياز لطيف پليجي کي لکيو هو. طارق اشرف ڏانهن جيل ۾ سندس پٽ ۽ سندس محبوبه جا خط به پڙهڻ وٽان آهن. جيڪو ”اڌ ملاقات“ جي نالي سان ڇپيل آهي.
سنڌي ادب ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن خطن جا ڪتاب آندا آهن جن ۾ خط ٻن اديبن جا عبدالقادر جوڻيجو ۽ محمد ابراهيم جويو، خط خوشي مان کول، راشد مورائي مير محمد ميرل جويي ڏانهن دوستن جا لکيل خط ”ميرل ڏانهن محبت نام“ وغيره اچي وڃن ٿا.
خطن جي هڪ ٻي اهميت عاشقن جي معشوقن سان رابطي واري به رهي آهي. موبائيل فون جي ايجاد کان اڳ محبوبن ڏانهن چٺيون لکيون وينديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن اهي چٺيون پڪڙجي به پونديون هيون ۽ عاشقن تي وڏي شامت ايندي هئي. ڪهاڻين، ناولن توڙي فلمن ۽ ڊرامن ۾ چٺين ۽ خطن جو ذڪر هوندو هو. فلمي ۽ غير فلمي گيتن ۾ چٺين ۽ خطن جو ذڪر به عام هوندو هو. مثال:
• جٹھی ذراسیاں جی کے نام لکھنا-(نور جھان)
• دیس پرائے جانے والے، وعده کر کے جانا
مجھے خط لکھو گے روزانہ-(نور جھان)
• یہ میرا پریم پڑھ کرتو ناراض نہ ہونا- (محمد رفیع)
• لکھے جو خط تجھے وہ تیری یاد میں (محمد رفیع)
• پھول تجھے بیجھاہے خط میں، پھول نہین میر ادل ہے-(لتا، مکیش)
• چٹھی آئی ہے-(پنکج اداس)
• سندیس آئے ہیں۔ (سونو نگم)
يا سنڌي ۾:
• ٽپالي گهوٽ جو خط ڏيکار. (ڀڳونتي ناواڻي)
• منهنجا خط تو ڦاڙي ڇڏيا. (امداد حسيني، راڳي نامعلوم)
• خط وڃي کڏ پون پر. (جلال چانڊيو ) وغيره
ڪو زمانو هو ٽپالين جي وڏي لئه هوندي هئي، ماڻهو عاجزيءَ وچان انهن کان پنهنجي سڄڻن جي خطن جي باري ۾ اڪثر پڇائون ڪندا هئا. ۽ خط ملڻ تي ٽپالين جو وات مٺو به ڪرايو ويندو هو.
خط لکڻ لاءِ اڪثر ماڻهو پنهنجي نالي سان پيڊ ڇپرائيندا هئا ڪي وري ڇپيل پيڊ دڪانن تان خريد ڪندا هئا. جن تي اڪثر اردو شعر لکيل هوندا هئا. مثال:
میری انتھائی نگارش یہی ہے،
تیرے نام سے ابتدا کر رہا ہوں۔
يا وري عاشق حضرات لفافي جي پويان اڪثر هي شعر لکندا هئا:
چلو چل لفافا کبوتر کی چال،
اگر ہوگی محبت تو ملے گا جواب۔
مون کي ياد ٿو اچي ته مان جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ۽ چاچو سعودي عرب ڪمائڻ لاءِ ويو هو. تڏهن ان جو پهريون خط آيو ته ڏاڍا خوش ٿيا هئاسين. منهنجو سؤٽ سليمان بار بار اهو خط پڙهي جذبات مان اکين وچان ڳوڙها ڳاڙي ويٺو هو. شام جو اهو خط سڄي گهرجي ڀاتين کي پڙهي ٻڌايو ويو چاچي هڪ هڪ ماڻهو جو نالو لکي ان ڏانهن سلام موڪليا هئا. پر اڄ اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي!
منهنجي دوست مير حاجن مير کي سندس خطن جو مجموعو ”سڄڻن ياد ڪيوم“ ڇپرائڻ تي سڀ کان پهرين مبارڪباد ڏيڻ گهرجي جو هن ختم ٿي ويل صفن کي ٻيهر زندهه ڪيو آهي. انهن خطن ۾ توهان کي سنڌي اديبن جي ذاتي زندگي، سندن سوچ ويچار ۽ هڪٻئي جي روين جو پتو پئجي سگهي ٿو. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي، ادب ۽ سنڌي ادب سنگت جي تاريخ به ملي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ اهي خط ادبي نقطه نگاهه کان نه لکيا ويا آهن. نه اياز جي خطن وانگر طويل آهن. يا ميران محمد شاهه جي خطن جيان منظر نگاريءَ جا شاهڪار آهن. پر انهن ۾ هڪ قسم جي سادگي ۽ سچائي ضرور موجود آهي. مونکي مير حاجن مير ڏانهن لکيل خطن جون ڪي خاص ڳالهيون نظر آيون، سي هي آهن:
مير حاجن مير جو سنڌي ادبي سنگت سان لڳاءُ سنڌي اديبن سان رابطن ۽ خطن جي ڏي وٺ ذاتي اخلاقي ۽ محبت ڀريا واسطا سيوهڻ ۾ ايندڙ اديبن سان خاص ملاقاتون سيوهڻ جي تاريخ، ادب، ثقافت بابت مواد فراهم ڪرڻ، مير حاجن جي ادبي ڪم جي خبر خطن مان پئي ٿي. سندس ادبي ڪم ساراهه وارو آهي. سڀ کان پهرين سنڌ جي نامياري شاعر ساحر راهوءَ جو خطن ڏنل محبت جو اظهار ڪري ٿو ان خط مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ساحر نظم سان گڏ نثر لکڻ جو به بادشاهه آهي. ساڳي عاجزي پنهنجي خط ۾ ناميارو آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري ڏيکاري ٿو. ادل سومري ۽ ايوب کوسي پنهنجي اسلوب ۾ خوبصورت خط تحرير ڪيا آهن. خط ۽ ڊاڪٽر قربان جهتيال جو سنڌي ادبي سنگت جي جاکوڙي ڪارڪنن لاءِ شيلڊن جو اعلان به سندس سنڌي ادبي سنگت لاءِ جاکوڙي ڪردار جو حوالو پيش ڪري ٿو. تاج جويي صاحب جو آفيشل ليٽر پڻ ان حوالي سان اهميت جوڳو آهي. جنهن ۾ هن تجويزون گهريون آهن ته، ادبي سنگت کي ڪيئن فعال ڪجي جيڪو هڪ پراڻو بحث آهي.
هنن خطن مان سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار به چٽو ٿيندو جو سنگت ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي خلاف احتجاج جو سڏ ٿي ڏئي ته ڪڏهن وري سنڌي ٻولي جي حوالي سان جاڳرتا جا پروگرام ٿي ڪرائي، ڪڏهن وري سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ترقي لاءِ جاکوڙ ٿي ڪري، ڪڏهن وري ڪتابن جي ڇپائي جو ڪم هٿ ۾ ٿي کڻي. هنن ۾ ڪجهه خط پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه جو نج نمونو آهن، جن ۾ سيد نور محمد شاهه، بهادر ٽالپر ۽ مشتاق بخاري جا خط پڙهڻ وٽان آهن. جن مان ادبي چس به ملي ٿي ته محبت ۽ پنهنجائپ به ملي ٿي.
پرواني سيوهاڻي جو خط ٻاراڻي ادب ۾ پرواني سيوهاڻي جي ٻارن جي ادب لاءِ ڪيل جاکوڙ جو هڪ مختصر خاڪو پيش ڪري ٿو. سٺو ٿيو جو اهو خط شامل ڪري مير حاجن پرواني کي نئين سر متعارف ڪرايو آهي. پرواني سيوهاڻي جهڙا مثالي ۽ جاکوڙي اديب اڄڪلهه سنڌ ۾ ڳوليا به ڪونه ٿا لڀن. مونکي ياد آهي ته مون جڏهن ٻاراڻي وهي ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو هو ته ٻين ڪتابن سان گڏ سرهاڻ پبليڪيشن جو ٻارن لاءِ ڪڍيل پرچو به خريد ڪيو هئم، ٻاراڻي ادب لاءِ پرواني جيڪو هڙان وڙان ڏنو آهي ۽ جيڪي رنڊا روڙيا آهن انهن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نٿو سگهجي. بهتر ٿئي ها جو مير حاجن هن مجموعي ۾ ذاتي دوستن، مٽن مائٽن سان گڏ ڪنهن جيءَ جي جاني جو خط به شامل ڪري ها. جيئن طارق اشرف جيل ۾ تڪليف واري زندگي گذاريندي جيڪي خط سهيڙيا آهن.ا نهن ۾ سندس جيءَ جي جاني ۽ مٺي منٺار جا خط به آهن. مير به ڪنهن اهڙي سهڻي جو خط شامل ڪري ها ته پڙهي خوشي ٿئي ها. پر لڳي ٿو ته محبت جي ديوي مير تي اڃان مهربان نه ٿي آهي. حالانڪه سندس صورت ڪا ايتري ويل به نه آهي ۽ سندس دڪان تي سهڻن جي سدائين پيهه لڳي پئي هوندي آهي. ...
مونکي پوري اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺي مڃتا ماڻيندو ۽ ٻيا دوست به هن ڪتاب مان اُتساهه ماڻي خطن جا ڪتاب آڻيندا. آءُ مير حاجن جي سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمت تي سلام پيش ڪرڻ کان سڳواءِ رهي نه ٿو سگهان. جنهن ٿوري عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي خوبصورت ڪتاب ڏنا آهن ۽ هي سندس چوٿون ڪتاب آهي. اميد ڪريان ٿو ته ٻولي ۽ ادب سان محبت جو اهو سلسلو هلندو رهندو، ختم نه ٿيندو.
ايوب عمراڻي
2016-6-17
سن