ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

پبلشر جو نوٽ

سنڌي ادب جي هاڻوڪي پيڙهي، سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ به اڳڀرو ۽ پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ رڌل آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ناولن جو انگ سنڌي ادب جي اڪائونٽ ۾ ائين وڌڻ لڳو آهي جو لڳي ٿو ته، ڄڻ هڪ اڻ طئي ٿيل مقابلو شروع ٿي ويو آهي، ڪڏهن ڪٿان ته ڪڏهن ڪٿان ۽ هر وار هڪ نئين ماحول ۽ منظر جو اولڙو تاڻيون ناول اسان جي مٿان جهڙ نيڻا نه لهي وانگر پکيڙجندو ٿو وڃي...
۽ اِهو ان ئي تڙپ ۽ جستجوءَ جو کڙتيل ئي ته آهي جو سنڌي ادب ۾ بهترين ناول ”رڃ“ لکجي ويو آهي ۽ اڄ نه ته سڀاڻي اهو ناول سنڌي ادب کي ملڪان ملڪان مشهور ڪري ڏيکاريندو ۽ اتساهه بڻجندو ٻين ليکڪن لاءِ به...
هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو...
هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو...
۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...
حسيب ڪانهيون جو هي ناول پڌرو ڪري سچ ته ڄڻ اسان به ناول واري چرپر ۾ شامل ٿي ويا آهيون..
اميد ته هن ناول تي ڌيان ڌريو ويندو ۽ ڌيان ئي سڀ ڪجهه آهي....
۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪي چار چڱا ڪم ڪري وڃون ۽ پوءِ ئي شايد اوهان کي وڻون.....


اوهان جو
انعام عباسي