ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

عشقِ حاصل_لاحاصل

مون سهڻي کي لهرن ۾ لڙهندي نه ڏٺو هو، مون سسئي کي جبلن ۾ جلندي نه ڏٺو هو! مون راڻي پڄاڻان مومل جي حالت نه ڏٺي هئي، ۽ نه ئي چنيسر پٺيان ليلا جي ليلائڻ تي عين اليقين هئم؛ پر مون هڪ ڀيري شبنم کي پاڻ ڏي ڊوڙندي ڏٺو هو! ۽ مون ان ڊوڙ ۾ ڄڻڪهِ اهي سڀئي منظر ڏسي ڇڏيا هئا. مون ڏٺو هو، شبنم ڄڻڪهِ سهڻي هئي جا لهرن ۾ لڙهي رهي هئي! شبنم ڄڻڪهِ سسئي هئي جا جبلن ۾ جلي رهي هئي! هوءَ ڄڻڪهِ مومل هئي جا راڻي پڄاڻان رڙي رهي هئي! ليلا هئي، جا چنيسر جي لاءِ ليلائي رهي هئي! هوءَ ڊوڙندي ڊوڙندي آئي ۽ منهنجي سيني ۾ سمائجي وئي. هوءَ اڳ ڪڏهن به مون سان ائين نه ملي هئي، جيئن ان ڀيري ملي! هوءَ سهڪي رهي هئي، سڏڪي رهي هئي. تڙپي لڇي رهي هئي. هوءَ منهنجي سيني ساڻ لڳي به ڦٿڪي رهي هئي! اڳ ڪڏهن ائين نه ٿيو هو. ها! اڳ ته ڪڏهن به ائين نه ٿيو هو! هن جي جستجو ۾ اڄ ايتري ته شدت هئي جو مون کي انهي وقت ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته ڄڻ جسم به ڪي رڪاوٽون آهن! بدن به ڪي سرحدون آهن! ڄڻ ته وجود به ڪي ديوارون آهن! ۽ اڄ شبنم اهي جسماني رڪاوٽون به ٽوڙڻ ٿي چاهي! بدن جون سرحدون به پار ڪرڻ ٿي چاهي!! وجود جون ديوارون به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏڻ ٿي گهري!!! هوءَ مون ساڻ اهڙي ديوانگي سان چنبڙي پئي هئي ڄڻ کيس اهو خوف ورائي ويل هو ته ڪٿي هو ڪو خواب ته نه پئي ڏسي! ڄڻ ته ان حقيقت تي به کيس يقين نه پئي آيو ته هوءَ منهنجي ٻانهن ۾ آهي. هو ءَ لمحي لمحي مون ساڻ چهٽي خود کي اهو يقين ڏياري رهي هئي ته هوءَ هاڻي منهنجي ٻانهن ۾ آهي. هوءَ هاڻي مڪمل محفوظ آهي. هوءَ دنيا جهان کان آجي آهي. ان ڀيري شبنم منهنجي سيني سان لڳي نه هئي بلڪهِ منهنجي وجود ۾ ضم ٿي وئي هئي!
”ڇا ٿيو؟“........”ڇا ٿيو شبنم!؟“ آئون مسلسل پڇندو رهيس پر هوءَ مسلسل لڇندي پڇندي رهي! هوءَ ڪجهه نه ڪڇي. مون کان شبنم جي اها حالت ڏٺي نٿي ٿي! مون شبنم جي اهڙي حالت اڳ ڪڏهن نه ڏٺي هئي! هن جي اهڙي حالت ته منهنجي وهم و گمان ۾ به نه هئي. شبنم ڄڻ ولر کان وڇڙي ويل ڪونج هئي، رڻ ۾ رلي ويل هرڻي هئي، هوءَ ڄڻڪهِ تنها رهجي ويل اجنبي مسافر جيان هئي. شبنم جي اهڙي نه ڏسي سگهڻ جهڙي حالت ڏسي، مون کي گهڻو اڳ ڏٺل هڪ خواب ياد اچي ويو هو. تمام گهڻو اڳ مون هڪ ڏاڍو پُراسرار ۽ پُر وحشت خواب ڏٺو هو. مون ڏٺو هو آئون عرش تان فرش تي اڇلايو ٿو وڃان! مون تي مدتن جي غشي طاري ٿي وڃي ٿي. وري ائين نظر آيو هو ته هڪ اڄاتي عرصي کان پوءِ ڪنهن پهاڙي علائقي جي ڪنهن غار ۾ منهجي اک کلي ٿي. هوش ۾ ايندي ئي منهنجا هوش اڏامي ٿا وڃن! دير تائين ته مان پنهنجي جسم کان به بيخبر ٿو رهان. پوءِ نيٺ جڏهن پاڻمرادو ڪو ڇرڪ ٿو اچي ته مون کي منهنجي جسم جي هئڻ جو احساس ٿو ٿئي! آئون پوءِ ساھ سامت ۾ آڻي پنهنجا هوش و حواس سنڀاليان ٿو. جسم جڏهن پهريون ڀيرو منهنجي مرضي تي چُرپُر ٿو ڪري ته سچ! مان ڏاڍو حيران ٿو ٿي پوان! پوءِ رڙهي سڙهي غار مان ٻاهر ٿو نڪران! گهڻي ڪوشش کان پوءِ جڏهن ڪنهن پل پنهنجي ٻن ٽنگن تي بيهان ٿو ته معجزو ٿو لڳي! مون ڏٺو هو پوءِ آئون ٿڙي ٿاٻڙي هڪ پهاڙ جي چوٽي تي چڙهان ٿو. مٿانهين کان جڏهن هيٺاهيون ٿو نهاريان ته عجب اسرارن ۾ گم ٿي وڃان ٿو. مون کي ياد ٿو اچي، مون انهي خواب ۾ ڏٺو هو؛ پهاڙ جي چوٽي تان جهان کي انتهائي اچرج وچان ڏسندي ڏسندي آئون اوچتو ڪنهن لمحي بيچين ٿيڻ لڳان ٿو. ان بيچيني جو باعث اهو هوندو آهي جو، آئون جهان ۾ هر شيءِ جو جوڙو جوڙو ڏسان ٿو! آئون جڏهن جهان ۾ هر شيءِ جو جوڙو جوڙو ڏسان ٿو ته خود کي ڏاڍو تنها تنها محسوس ٿو ڪريان! اها ئي تنهائي منهنجي بيچيني جو باعث بڻبي آهي! آئون آهستي آهستي هيٺ لهي ٿو اچان. هيٺ لهي آئون جڏهن ڪنهن ٻج جا به ٻه حصا ٿو ڏسان ته خود کي ويتر اڌورو اڌورو ٿو سمجهان. مون کي الئه ڇو اهو يقين ٿي وڃي ٿو ته عرش تان آئون ائين اڌورو نه اڇلايو ويو هئس. منهنجو ٻيو جوڙ به مون سان گڏ آسمان تان زمين تي آيو هو! بس پوءِ اهو يقين ايندي ئي آئون پنهنجي انهي وڃائجي ويل اڌ جي ڳولا ۾ سرگردان ٿي وڃان ٿو! مون انهي عجيب و غريب خواب ۾ ڏٺو هو، پنهنجي انهي وڃائجي ويل اڌ جي ڳولا ۾ آئون ڪيترو ئي عرصو جهر جهنگ جهاڳيان ٿو مگر ناڪام ٿو رهان! پنهنجي انهي وڃائجي ويل اڌ کي ڳوليندي ڳوليندي مان خود وڃائجي ٿو وڃان! ......... پوءِ وري مون ڏٺو هو ته هڪ صحرا آهي! هڪ ويران، هڪ بيابان، هڪ نه کٽندڙ صحرا! سمونڊ جيڏو صحرا! ان صحرا ۾ آئون تنها ڀٽڪي رهيو آهيان! بلڪل تنها! تنِ تنها! انهي وچ صحرا ۾ آئون ڏاڍو ٿڪل آهيان. آئون ڏاڍو اجڙيل آهيان. آئون نراس ٿيندو ٿو وڃان! آئون تتل رڃ ۾ اڃ مري رهيو آهيان! آئون پنهنجو وڃائجي ويل اڌ ڳولي رهيو آهيان، ۽ ڳوليندي ڳوليندي دم ڏئي وڃڻ کي پهچي رهيو آهيان...... پر پوءِ مون ڏٺو هو ته دم ڏئي وڃڻ کان پهرين منهنجي ڳولا مڪمل ٿي وڃي ٿي! ڪنهن پل مون کي ڏسڻ ۾ آيو ته ان صحرا ۾، ان ويراني ۾ خبر ناهي ته ڪيئن ۽ خبر ناهي ته ڪٿان ڪي ٻه هٿ منهنجي هٿن ۾ اچن ٿا. انهن هٿن جي اچڻ سان مون کي ٺاپر اچي وڃي ٿي! منهنجي رڳن ۾ نئون روح ڦوڪجي ٿو وڃي. منهنجي نيستي وجود ۾ نئين توانائي ڀرجي ٿي وڃي. منهنجا سارا ٿڪ هڪ لحظي ۾ لهي ٿا وڃن! انهن هٿن جي ملڻ سان مون کي منهنجو وڃائجي ويل اڌ ملي پوي ٿو! انهن هٿن جي ملڻ سان صحرا لمحن ۾ گل و گلزار ٿي پوي ٿو! آئون ڄڻڪهِ نئون ۽ ڪامل جنم وٺان ٿو...........
انهي طويل خواب جون آخري گهڙيون ڏاڍيون ڀيانڪ هيون. مون ڏٺو هو، پوءِ انهي گل و گلزار بڻجي پيل صحرا ۾ ٻئي لمحي تيز طوفان برپا ٿي پوي ٿو! هوا آهستي ٿيندي ٿيندي ايتري ته تيز ٿي وڃي ٿي جو فضا ۾ رڳو هوا جو ئي شور ٻڌجي ٿو! لمحن جون بهارون لمحن ۾ خزائون ٿي وڃن ٿيون! هر طرف زرد پتا ئي اڏامندي نظر ٿا اچن! منظر ڌنڌلائبا ٿا وڃن. ڏسندي ئي ڏسندي گل وگلزار وري ويرانو ٿي وڃي ٿو! ويراني ۾ رڳو واري ئي واري ٿي ڏسجي! اهي ٻه هٿ، جيڪي تڪميل بڻيا هئا! اهي ٻه هٿ، جن جي ملڻ سان اڌوري پڻ جو احساس ختم ٿي ويو هو! اهي ٻه هٿ، جن جي هٿن ۾ اچڻ سان مون اهو ڄاتو هو ته اهو ئي درحقيقت اهو اڌ آهي، جيڪو مون سان گڏ عرش تان فرش تي اڇلايو ويو هو! اهي ٻه هٿ، جن جي گڏجڻ سان مون پڪ ڄاتو هو ته اهو ئي دراصل منهنجو اهو وڃائجي ويل جوڙ آهي، جنهن کي ڳوليندي ڳوليندي آئون پاڻ وڃائجي ويو هئس!....... تيز طوفان ۾ آئون اهي هٿ به پنهنجي هٿن کان ڇڄندي محسوس ٿو ڪريان!....... انهي ئي پل ۾ مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو! منهنجي اک کلي وئي هئي ۽ آئون ٽپ ڏئي کڙو ٿي پيو هئس! آئون پگهر مان شل هئس! آئون ننهن کان چوٽي تائين ڏڪي ڪنبي رهيو هيس! منهنجي حالت ان وقت اهڙي ئي هئي، جهڙي هِن وقت شبنم جي هئي! آئون به سڏڪي پيو هئس، سهڪي پيو هئس! مون اهو خواب گهڻو ئي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر وساري نه سگهيو هئس! هڪ عرصي تائين ته اهو خواب منهنجي مڙني حقيقتن تي به حاوي رهيو هو! پر پوءِ جڏهن شبنم جو نزول ٿيو تڏهن اهو خواب ڄڻ ته منهنجي حافظي مان ئي خارج ٿي ويو! شبنم جي آمد کان پوءِ اهو پُر وحشت خواب مون کي ڪڏهن ڀلجي به ياد نه آيو! مگر ان ڀيري، جڏهن شبنم ڊوڙندي ڊوڙندي آئي ۽ منهنجي سيني منجهه سمائجي وئي، ۽ منهنجي سيني منجهه سمائجي سڏڪڻ لڳي، ۽ دير تائين بنا ڪجهه ڪڇڻ جي بس سڏڪندي ئي رهي، تڏهن شبنم جي اهڙي حالت ڏسي، مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ڀيانڪ خواب ياد اچي ويو هو!
”ڇا ٿيو شبنم!؟“...... ”ٻڌاءِ شبنم!!!؟“ آئون بار بار اهو پڇندو رهيس، پر هوءَ دير تائين ڪجهه ڪڇي نه سگهي! نيٺ آئون پڇي پڇي ماٺ ٿي ويس ۽ هوءَ لڇي لڇي ماٺ ٿي وئي! تنهن کان پوءِ به ڪافي دير جي ٺاپر کان پوءِ هن آهستگي سان هڪ ڏاڍو عجيب جملو وراڻيو، ”مون هڪ ڏاڍو پُر وحشت خواب ڏٺو آهي جوڳي!“
شبنم جو اهو جملو ٻڌي آئون اچرج ۾ پئجي ويس. آئون چپ رهجي ويس. شبنم هيڪر، ٻيهر، ٽيهر هر هر ٽٽل ڦٽل لفظ جوڙي جوڙي اهو ئي ساڳيو عجيب جملو دهرائيندي رهي؛ ”جوڳي مون ........ خواب ڏٺو آهي! .......ڏاڍو پُر وحشت!“ پر لفظ جڙڻ بدران ٽٽندا ئي ويا، ”جوڳي..... ڏاڍو پُر وحشت خواب!.....جوڳي.......!!“ هوءَ ساڻي ٿي پئي!
”ڪهڙو خواب شبنم!؟“ ڳنڀير لهجي ۾ پڇيم.
”جوڳي!...... مون ڏٺو......جوڳي....“ هوءَ سڏڪي پئي! هوءَڪجهه ڳالهائي نه سگهي!
”ڇا ڏٺو تو.....!؟“ شبنم جو چهرو پنهنجي هٿن ۾ سنڀالي چيم؛ ”ٻڌاءِ شبنم!!“
”الاءِ ته ڇا ڇا ڏٺم!“ شبنم چيو، ”مون کان سڀ ڪجهه وسري ويو جوڳي!“ شبنم جون اکيون وري وسڻ جا ويس ڪرڻ لڳيون، ”پر مون کان آخري گهڙيون نٿيون وسرن جوڳي!“
”ٻڌاءِ مون کي شبنم!!“ چيم.
”مون ڏٺو، هڪ صحرا آهي! هڪ ويران، هڪ بيابان، هڪ نه کٽندڙ صحرا! سمونڊ جيڏو صحرا! ان صحرا ۾ آئون تنها ڀٽڪي رهي آهيان! تنها! بلڪل تنها!! تنِ تنها جوڳي!!!.....“ شبنم جون اکيون وري وسي پيون، هوءَ وسندڙ اکين سان مون ڏي ڏسندي رهي ۽ چوندي رهي، ”....... اوچتو انهي لامحدود صحرا ۾ منهنجي نگاھ دور تو تي پوي ٿي! آئون توکي ڏسان ٿي، تون صحرا ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي صحرا بڻجي پيل نظر ٿو اچين جوڳي!“ آئون چپ چاپ ٻڌندو رهيس، ”.......تنهنجي حالت جوڳين جهڙي ئي هوندي آهي جوڳي! اجڙيل اجڙيل! وکريل وکريل!......... مون ڏٺو، تنهنجو منهن مونن ۾ آهي! تون ڏاڍو ٿڪل آهين! صفا مايوس آهين جوڳي!........تنهنجي وجود تي ويراني جي واري ورندي ٿي وڃي!.......“ هوءَ ڪي گهڙيون خاموش رهجي وئي ۽ پوءِ وري چوڻ لڳي، ”جوڳي!.... آئون پنهنجا هٿ تنهنجي هٿن ۾ ڏيان ٿي!......... ۽ جهنم جنت بڻجي پوي ٿي!..... تنهنجي ڪمزور ۽ نراس هٿن ۾ حرارت اچي ٿي، ائين ٿو لڳي جيئن مُردا جيئرا ٿا ٿين جوڳي!“
شبنم اهو چئي ڪي ساعتون چپ رهجي وئي. شبنم کي چپ ڏسي چيم، ”پوءِ شبنم!؟“
”........پوءِ ڇا جوڳي!“ شبنم هڪ گهرو اونهو ساھ کنيو ۽ وراڻيو، ”.....پوءِ بس خبر ناهي ته ڪهڙي هوا گهلي ٿي جوڳي جو اهو سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ ٿو لڳي!“ شبنم قريب کان قريب تر ٿيندي چيو، ”.....تون وڃين ٿو دور ٿيندو!......گم ٿيندو!!....... وڃائجندو!!!......“ شبنم جون اکيون ڇلڪي پيون!
شبنم پنهنجي لفظن سان گڏ منهنجي وجود جي وار وار ۾ لهندي وئي! هوءَ باھ تي برف جيان رجندي ٿي وئي! پهرين ته سدائين ائين ٿيندو هو جو جيڪڏهن آئون ڪڏهن وکرڻ لڳندو هئس، تڏهن هوءَ مون کي سميٽي وٺندي هئي! يا وري هوءَ ڪڏهن وس ۾ نه رهندي هئي ته آئون کيس سنڀالي وٺندو هئس؛ پر ان ڀيري اسان ٻئي وکري رهيا هئاسين. ان ڀيري اسان ٻنهي جي حالت هڪ جهڙي هئي! اسان ڄڻڪهِ مُٺ ۾ واري جيان هئاسين، وياسين گهرڪندا! پروڻ ۾ پاڻي جيان هئاسين، وياسين وهندا! هڪ طويل خاموشي اسان جا چپ سبي ڇڏيا! خاموشي جي انهي طويل وقفي دوران اسان ٻيئي هڪ ٻئي تي ڳڙندا رهياسين!
عشقِ حاصل _ لا حاصل جي وچ وارو ’لا‘، جيڪو توڙي جو پهرئين ڏينهن کان ئي اسان جي اندر ۾ ڀالي جيان لٿل هو، پر اڄ تائين اسان کي اهو درد ايتري شدت سان محسوس ئي نه ٿيو هو! اسان پنهنجي دل جي دلفريب دنيا ۾ گم ٿي، انهي ’لا‘ کي گهڻو اڳ وساري آيا هئاسين. اسان کان اهو سڀ ڪجهه ڀلجي ويو هو! پر اڄ، جڏهن شبنم پنهنجي خواب جو حال اوريو تڏهن سچ ته ائين لڳو ڄڻ اسان گهڻو ئي ڊوڙڻ جي باوجود به درحقيقت هڪ قدم به اڳتي وڌي نه سگهيا آهيون! صدين جي سفر کان پوءِ اسان اڄ جڏهن پٺتي نهاريو ته ڏٺو سين، اسان اتي ئي بيٺا آهيون جتان صديون اڳ هلڻ شروع ڪيو هوسين! عشقِ حاصل _ لا حاصل واري انهي ’لا‘ اسان ٻنهي کي اڄ لهو لهان ڪري ڇڏيو! اسان کي ائين لڳو ڄڻ اهو وقت هاڻي تمام ويجهو آهي، جنهن کان اسان اڄتائين فرار ٿيندا رهياسين!
اهو ته اسان کي پورو پورو پتو هو ته موت برحق آهي، پر پوءِ به اسان ايترو جلد مرڻ نه ٿي چاهيو! اسان برھ جي ڀرپور جواني ۾ هئاسين سو اسان انهي عروج ۾ زوال ڏسڻ جهڙا نه هئاسين! پر انهي سموري ڳالهه ۾ به ڪو ڳجهه هو جو اسان ڳولهي نه پئي سگهياسين، عشق ۾ اسان اڃان ايترا عقلمند نه ٿيا هئاسين جو محبت جي انهي مام کي سمجهي سگهون ها! بس پوءِ اهو ئي سبب هو جو دير تائين اسان الئه ته ڇا ڇا سوچي ٻيئي ڄڻا روئندا رهياسين! لڇندا ۽ تڙپندا رهياسين!
شبنم کي شايد مون مان انيڪ آٿتن جي اميد هئي ان ويل، پر آئون خود اها وارتا ٻڌي قابلِ رحم بڻجي پيو هئس! مان خود ڏاڍو خوفزده ٿي پيو هئس. شبنم جي انهي خواب منهنجي وجود ۾ وڍ وجهي ڇڏيا هئا! آئون پهاڙ هئس پر پرزا پرزا ٿيڻ لڳس. مون ڪيئي ڀيرا شبنم جو چهرو پنهنجي ڏڪندڙ ڪنبدڙ هٿن ۾ ڪيو ۽ حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسي ٻيهر پنهنجي سيني ۾ سمائي ٿي ڇڏيو! هي ڪهڙو خواب هو جو روزِ ازل کان منهنجي مقدر ۾ لکجي ويو هو! هي ڪهڙو خواب هو جو منهنجي وصال جو ويري هو! منهنجي مڪملتا جو موت هو! منهنجي ڪمال جو زوال هو! آخر هي ڪهڙو خواب هو جو منهنجي حسين ترين حقيقتن تي حاوي ٿيندو ٿي ويو! مون جڏهن شبنم جو لڙڪن ۾ ٻڏل چهرو پنهنجي هٿن ۾ ڪري ڏٺو ته ائين لڳم ڄڻ انهي پُر وحشت خواب منهنجي پيار تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هو! مون پنهنجي محبوب جو چهرو چميو ۽ سڀڪجهه ڄاڻندي به خواب کان پنهنجي پر ۾ پاڳلن جيان پڇڻ لڳس، ”ڇا شبنم به مون کان وڇڙي ويندي؟ ڇا اسين جدا ٿي وينداسين؟“ پنهنجي هٿن ۾ شبنم جا هٿ قابو ڪندي خواب کان پڇيم، ”ڇا هي هٿ منهنجي هٿن مان ڇڏائجي ويندا!؟ ڇا مان تنها رهجي ويندس!؟ ڇا هي گل و گلزاز بڻجي پيل منهنجو جيون هڪ ڀيرو ٻيهر اڻ کٽ صحرا ۾ بدلجي ويندو!؟ پنهنجو هي وڃائجي ويل اڌ، آئون پاڻ وڃائي ڳولهڻ کان پوءِ به وري وڃائي ويهندس!؟ ڇا آئون هڪ ڀيرو ٻيهر رڻ ۾ رلي ويندس!؟ ڇا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وري اڌورو ٿي رهجي ويندس!؟ مان، جيڪو مسلسل ڊهي ڊهي پوءِ مس مس وڃي ٺهيو آهيان، ڇا آئون وري ڊهي ويندس!؟“ شبنم جو زرد چهرو چتائي چپن ۾ چيم، ”...... ڇا هي سڀ ڪجهه کن پل جو کيل آهي!؟ ڇا محبتن کي ڪا معنى ڪانهي!؟ ڇا برھ کي ڪا بقا ناهي!؟ ڇا عشق عارضي آهي!؟ ڇا هي سڀ ڪجهه، جهڙو آهي، تهڙو ناهي!؟“ خاموشي جي انهي طويل وقفي دوران دل ئي دل ۾ مون انهي خواب کي گهڻو ئي ڌونڌاڙيو، جهنجهوڙيو هو، جنهن شبنم جي چهري تي هيڊ هاري ڇڏي هئي. خواب کي چرين جيان جهنجهوڙيندي جهنجهوڙيندي ڪيئي ڀيرا آئون بيوسي منجهان سڏڪي ٿي پيس، ۽ هڪ ڀيري نيٺ سڏڪي سڏڪي سراپجي به ويس...... آئون ڏاڍو اداس هئس، آئون ڏاڍو مايوس هئس. مان زندگي کان دور دور ۽ موت جي قريب قريب ٿيندو ٿي ويس......... پوءِ آئون جڏهن فنا کي انتهائي قريب پهچي ويس تڏهن موت جهڙي انهي طويل خاموشي جي آخري آخري لمحن ۾ منهنجي سماعتن ۾ ڪنهن پل هلڪي سرگوشي ٿي! مون سان آهستگي سان اهو خواب هم ڪلام ٿيو. خواب جي سرگوشي کي ڪن ڏنم. خواب جي انهي سرگوشي مون کي محبت جي اها مام سولي ڪري سمجهائي ڇڏي جيڪا آئون ڪجهه گهڙيون پهرين سمجهي نه سگهيو هئس! خواب جي انهي سرگوشي ۾ مون انهي ڳوڙهيءَ ڳالهه جو سمورو ڳجهه ڳولهي ورتو! خواب جي انهي سرگوشي عجب اسرار عيان ڪيا. آئون ڄڻڪهِ موت کان ٿڙي، ابدي زندگي ڏي موٽي آيس. انهي سرگوشي مون سان عشق جي آھ سلي! ان کان اڳ ۾، عشق ۾ آئون اڃان ٻار هئس، انهي خواب جي سرگوشي مون کي چريي مان سياڻو ڪري ڇڏيو! برھ ۾ آئون اڃان بي سمجهه هئس، انهي خواب جي سرگوشي مون کي بي سمجهه مان سمجهو بڻائي ڇڏيو!...... انهي خواب منهنجا ڳوڙها اگهيا ۽ مون شبنم جا! مون ان خواب جي حقيقت شبنم کي سمجهائڻ چاهي. آئون ڪجهه چوڻ وارو ئي هئس جو شبنم جهيڻي آواز ۾ وراڻيو، ”......جوڳي!“
”جي!“ چيم.
”هڪ ڳالهه مڃ....“ هن چيو.
”ڪهڙي؟“
هوءَ سراپا التجا ٿي وراڻي، ”....... تون پنهنجو اهو نالو مٽائي ڇڏ جوڳي!“ هن چيو، ”مون کي ڊپ ٿو لڳي!“
”ڇو شبنم!“پڇيم.
”نه بس!.....“ هن اداس ٿيندي چيو، ” مون کي ڊپ ٿو لڳي!“
مون شبنم جو چهرو چتايو، هن جي چهري تي اهو خواب ئي نقش ٿيل هو! مون ڏٺو ۽ سڀ سمجهي ويس. چيم، ”خواب کان خوفزده ٿي وئي آهين چري!“
”...........“ شبنم خاموش رهي، هن پنهنجيون اکيون جهڪائي ڇڏيون.
شبنم ڏاڍي ڊنل هئي. پهرين مان به ڏاڍو ڊڄي ويو هئس، پر خواب جي سرگوشي مون کي هماليه جو حوصلو ڏئي ڇڏيو هو. آئون اداس شبنم جي چهري تائين جهڪي آيس، اکيون اکين سان ملائيندي چيومانس، ”گهڻو اڳ اهو خواب، مون به ڏٺو هو شبنم!“
اهو ٻڌي هوءَ اچرج ۾ پئجي وئي هئي، مون کيس چيو، ”.......۽ پوءِ آئون به تو وانگر ئي تڙپي پيو هئس شبنم!“
”.........جوڳي!“ هن کان آھ نڪري وئي. هن گهڻو ئي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو پر ڳالهائي نه سگهي. پر ها! هن جيڪو به ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو سو سمورو آئون بنا ٻڌڻ جي ئي سمجهي ويس. کيس گهوريندي چيم، ” تون ۽ مان آدم ۽ حوا جي تاريخ آهيون! پاڻ ٻيئي محبت جو ورجاءُ آهيون شبنم!“ چيم، ”تو کي مون منجهان ئي تراشيو ويو آهي! تون منهنجي ئي وجود جو وڃائجي ويل اڌ آهين! مان توکي ئي مدتن کان ڳوليندو رهيو آهيان! آئون تنهنجي ئي تلاش ۾ جهر جهنگ جهاڳيندو رهيو آهيان!“ چيم،” تنهنجي ئي تلاش مون کي رڻ ۾ روليو! تنهنجي ڳولا مون کي جوڳي بڻايو!“
”.......پر هاڻي ته پاڻ گڏجي ويا آهيون.“ هوءَ وراڻي، ”هاڻي ته تنهنجي ٻانهن ۾ آهيان!“
”ها شبنم! تو منهنجي ڌوڙ ڌوتي آهي! تو منهنجا ٿڪ لاٿا آهن! تو مون کي مڪمل ڪيو آهي!“ چيم، ”هاڻي منهنجي ڳولا ختم آهي، هاڻي مون کي ڪائي تلاش ڪانهي!......پر!“ شبنم جي وجود کي پنهنجي نگاھ سان ننهن کان چوٽي تائين تراشيم، انگ انگ سان انگ انگ تي آوارگي ڪندي چيم، ”تنهنجو انگ انگ منهنجي انگ انگ جي وسيع ڪائنات آهي شبنم! منهنجو انگ انگ تنهنجي انگ انگ تي آوارگي ڪندو رهندو آهي! منهنجو انگ انگ تنهنجي انگ انگ جو جوڳي آهي!“ چيم، ”تنهنجو جسم منهنجو جهان آهي شبنم! آئون تنهنجي وجود جي وادين جو آواره رولاڪ جوڳي آهيان!“
شبنم منهنجون اهي ڳالهيون ٻڌيون مگر پوءِ به اداس ئي رهي. زرد ئي رهي! من کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ چيو، ”تون منهنجي وڃائجي ويل ميراث آهين شبنم! مان هر جنم ۾ توکي ڳوليندي ڳوليندي پاڻ وڃائيندو رهيو آهيان ۽ پاڻ وڃائي وڃائي توکي ڳوليندو رهيو آهيان شبنم!“
”........ ۽ ڳولهي ڳولهي وڃائيندو رهيو آهين جوڳي!“ شبنم منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ئي ڪٽيندي چئي ڏنو.
مون کي شبنم تي ڏاڍو پيار آيو. کيس پيار ئي ڪندي چيم، ”ٺهڻ ۽ ڊهڻ روزِ ازل کان جاري آهي. ٺهڻ ۽ ڊهڻ هر وقت ۽ هر جاءِ جاري آهي! هن لمحي، هن پل ۾ به ڪا شيءِ ٺهي رهي آهي ۽ ڪا شيءِ ڊهي رهي آهي. ٺهڻ ۽ ڊهڻ عشق جو احساس آهي!“ چيم، ”اها هلچل ئي عشق جو مظهر آهي!“ کيس پنهنجي نگاهن ۾ جذب ڪندي چيم، ”ها! آئون ٺهي وري ڊهي ويندو آهيان، پر منهنجو اهو ڊهڻ، وري ٺهڻ جي لاءِ ئي هوندو آهي شبنم!“ شبنم ٻڌندي رهي، آئون چوندو رهيس، ”ها شبنم! آئون توکي ڳولهي ڳولهي وري وڃائي ڇڏيندو آهيان، پر اهو وڃائڻ، توکي وري هڪ ڀيرو ٻيهر ڳولهڻ جي لاءِ ئي هوندو آهي شبنم!..... تنهنجي تلاش ۾ تسڪين آهي!....... عشق ڳولها آهي! عشق جستجو آهي! عشق زندگي آهي!....... تحرڪ آهي عشق!“ شبنم کي چيم، ”هر جنم ۾ آئون پنهنجي هستي ۾ جيڪا پهرين شيءِ دريافت ڪندو آهيان، سا تنهنجي ڪمي هوندي آهي! آئون هر جنم ۾ سڀ کان پهرين تنهنجي ڪمي دريافت ڪندو آهيان ۽ پوءِ توکي دريافت ڪندو آهيان شبنم!“ چيم، ”آئون هر جنم ۾ توکي ڳوليندي ڳوليندي صحرا ٿي پوندو آهيان. پوءِ نيٺ تون ملندي آهين ۽ تنهنجي ملڻ سان منهنجو صحرا وجود سيراب ٿي پوندو آهي! آئون گل و گلزار ٿي پوندو آهيان، ۽ پوءِ پڇاڙي ۾ نينهن کي نئين سر نئون ڪرڻ جي لاءِ ، نئين جنم وٺڻ جي لاءِ وري توکي وڃائي ڇڏيندو آهيان ۽ پاڻ به وڃائجي ويندو آهيان!........“ چيم، ”آئون روزِ اول کان اها تاريخ ورجائيندو رهيو آهيان ۽ انهي ورجاءُ جو مطلب هڪ ئي آهي ته آئون بار بار توکي دريافت ڪري پنهنجي سيني ۾ سمائي اهو ئي چوندو رهيو آهيان ته، ’مون کي توسان محبت آهي شبنم!‘“
شبنم کي پنهنجي سيني سان لڳائي چيم، ”اهو خواب، جيڪو پُر اسرار ۽ پُر وحشت هو، سو خواب، درحقيقت عشقِ حاصل _ لا حاصل جي بشارت هو شبنم!“
مون کي ان وقت، پهريون ڀيرو عشقِ حاصل _ لا حاصل جي وچ وارو ’لا‘ڀالي جيان نه لڳو هو! ان لمحي ۾ مون انهي ’لا‘ جي معنى بدلجندي محسوس ڪئي هئي! ان لمحي مون کي اهو ’لا‘، ’زمانو‘ نه لڳو هو بلڪهِ محبت جو معراج لڳو هو! عشق جو عروج لڳو هو اهو ’لا‘!
بس! مون پنهنجا چپ شبنم جي مقدس پيشاني تي رکي ڇڏيا.......!