ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

دريافت..........!

مون کي ٻيو ڪجهه به ياد ڪونهي، مون کي فقط اهو ياد آهي ۽ اهو مون کي چڱي طرح ياد آهي ته ان ڏينهن موت منهنجي تمام گهڻو ويجهو هئي! ان ڏينهن آئون فنا جي انتهائي قريب هئس. آئون زندگي جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو هئس سو موت مون کي اچي پهتي هئي! آئون زندگي کي ڳولهي ڳولهي صفا ٿڪجي پيو هئس، پر زندگي نه ملي هئي! هي ان ڏينهن جي ڳالهه آهي جنهن ڏينهن آئون خود کان به هارائي چڪو هئس! ان ڏينهن آئون موت جي منهن ۾ بلڪل ائين هئس جيئن شينهن جي وات ۾ گرهه! مگر ان ئي ڏينهن، ان ئي لمحي، موت جي پهچڻ کان ڪجهه ئي پل پهرين، فنا ٿي وڃڻ کان ڪجهه ئي گهڙيون اڳ ۾ آواز آيو هو، ”اوهان کي وڃائجي ويل زندگيءَ جي ڳولا آهي ۽ مون کي وڃائجي ويل وجود جي!“
انهي جملي شينهن جي وات مان گرھ ڦري ورتو هو! انهي جملي مون کي مرڻ کان بچائي ورتو هو! اهو جملو ٻڌي موت گهڻو پٺتي رهجي وئي هئي! فنا، ڄڻڪهِ خود فنا ٿي پئي هئي! اهو ٻڌي مون کي ائين لڳو هو ڄڻ منهنجو پئدائشي روئڻ، هاڻي زندگي جي علامت بڻجي رهيو هو! مون ڪنڌ مٿي کڻي سامهون نهاريو هو!
ان نهار کان پهرين، مون کي خبر نه هئي ته هن ڪائنات کي سڀ کان پهرئين انسان جي پهرين پهرين نظر ڪيئن ڏٺو هوندو؟ چنڊ جي چانڊوڪي، ستارن جي جهرمر ۽ سانوڻ جي رم جهم تي ڏسڻ واري جي پهرين نظر ڪيئن پئي هوندي؟! مون کي ان نهار کان پهرين ڪو پتو نه هو ته هن جهان ۾ عقل جي کُلندڙ پهرين اک، پهرين نظر ۾ کنوڻ جي تجلن، ماڪ جي قطرن ۽ گلاب جي پنکڙين ۾ ڪيتري پُراسراريت ڏٺي هوندي؟! پر ان هڪڙي نهار کان پوءِ مون اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ورتو! ڄاڻي ڇا ورتو بلڪهِ مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ آئون پاڻ ئي هن ڪائنات جو پهريون پهريون انسان هئس ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏٺو هئم ۽ محسوس ڪيو هئم! سچ! ان پهرين نهار کان پوءِ ئي مون کي اهو اندازو ٿيو هو ته هڪ عورت جڏهن پهريون ڀيرو ماءُ بڻبي آهي ته پنهنجي جنم ڏنل ان پهرئين ٻار کي جنهن لمحي پهرين پهرين نظر ڏسندي آهي ته ڇا محسوس ڪندي آهي؟! هڪ ڪوي، جڏهن پنهنجي پهرين پهرين ڪوتا کي پهرين پهرين نگاھ ڏسندو آهي ته کيس ڇا محسوس ٿيندو آهي!؟
مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏانهنس نهاريو ۽ نهاريندو ئي رهجي ويس...... اها تصوير، جيڪا هر ڀيري ٺهندي ٺهندي ڊهي ويندي هئي، سا تصوير هن جي منهن ۾ مڪمل ٿيندي نظر ٿي آئي! اها تمنا، جيڪا هر ڀيري پوري ٿيندي ٿيندي حسرت بڻجي ويندي هئي، سا هن ڀيري پوري ٿيندي نظر ٿي آئي!
”اوهان کي وڃائجي ويل زندگي جي ڳولها آهي ۽ مون کي وڃائجي ويل وجود جي!“ هن پڇيو، ”ٻڌايو ته پاڻ ۾ فرق ڪهڙو آهي!؟“
دل ته پهرين ئي نهار ۾ مٿس ايمان آڻي ڇڏيو هو پر آئون نانگن جو کاڌل هئس سو نوڙي کان به ڊڄندو هئس، اهو ئي سبب هو جو دل بدران دماغ کان ڪم وٺڻ جي ڪيم ۽ هن جي پڇيل سوال جو دل بجاءِ دماغ سان ئي جواب ڳولهڻ لڳس.
”اوهان کي وڃائجي ويل زندگي جي ڳولها آهي ۽ مون کي وڃائجي ويل وجود جي!“ هن وري ورجايو، ”ٻڌايو ته پاڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي!؟“
مون ڪجهه ئي لمحن ۾ دل بدران دماغ سان ان سوال جو جواب ڳولهي ورتو ۽ کيس چيم، ”مون کي وڃائجي ويل زندگي جي ڳولها آهي ۽ توهان کي وڃائجي ويل وجود جي!“ سائنسي نوع ۾ جواب ڏيندي چيم، ”يعني پاڻ ۾ فرق اهو آهي جو مون کي ان جي ڳولها آهي، جيڪا منهنجي آهي! ۽ توهان کي ان جي تلاش آهي، جنهن جا توهان پاڻ آهيو!“ مون اهو چيو ۽ نه چاهيندي به وري پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو!
خاموشي ڇائنجي وئي. ڪو آواز نه رهيو سواءِ دل جي ڌڪ ڌڪ جي! منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ آهستي آهستي تيز ٿيندي ٿي وئي. ”مون کي وڃائجي ويل زندگي جي ڳولها آهي ۽ توهان کي وڃائجي ويل وجود جي!...... يعني پاڻ ۾ فرق اهو آهي جو مون کي ان جي ڳولها آهي، جيڪا منهنجي آهي! ۽ توهان کي ان جي تلاش آهي، جنهنجا توهان پاڻ آهيو!“ دماغ جو اهو جواب ٻڌي دل وراڻي، ”يعني، مون کي اوهان جي ڳولها آهي ۽ توهان کي منهنجي تلاش!“ آهستي آهستي تيز ٿيندڙ دل جي ڌڪ ڌڪ قيامت برپا ڪري ڇڏي!
منهنجي من ۾ مانڌاڻ متل هو. منهنجي اندر قيامت برپا هئي پر پوءِ به مان ماٺ ئي رهيس. مون ڪجهه نه ڪڇيو. انهن ئي لمحن ۾ هن جي به حالت شايد ساڳي ئي هئي، شايد هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ به رفته رفته قيامت برپا ڪري ڇڏي هئي، شايد هن جي به تن من ۾ لوڇ پوڇ هئي! شايد هن جي اندر به ڪا آڳ لڳي پئي هئي، پر هوءَ مون جيان ماٺ رهي نه سگهي! هن ڪافي دير منهنجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪيو پر مون جڏهن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ته هن ئي اندر جي آڳ اوڳاڇي!، ”يعني، درحقيقت پاڻ کي هڪٻئي جي ئي ڳولها آهي!“ هن اهو چيو ۽ هلي وئي!
مون آهستگيءَ سان ڪنڌ مٿي کڻي نهاريو، پر هوءَ وڃي چڪي هئي......
*
هن سان پهرين ملاقات ئي اهڙي رهي هئي جو مون کي خبر هئي ته اها پهرين ملاقات آخري نه ٿيندي! دل کي اهو يقين هو ته هوءَ ضرور موٽي ايندي! ۽ ٿيو به ائين، هوءَ مون وٽ موٽي آئي ۽ پوءِ ايندي ئي رهي! هن جو سڀاءُ اهڙو هو جو تڪلف ۽ حجاب گهڻو دير اسان جي وچ ۾ رهي ئي نه سگهيا! اسان تمام جلد ئي رلي ملي وياسين!
شروعاتي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن ڳالهائيندي ڳالهائيندي هن وٽ لفظ کٽي ويا هوءَ ڪجهه ڪجهه نه وراڻي سگهي ته چيو مانس، ”هارائي وئين!....“
” مون ڪڏهن هارايو ناهي!“ هن مغرور انداز ۾ چيو.
”ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته تو ڪڏهن کٽيو ئي ناهي!“ کيس چيم.
هوءَ وري چپ ٿي رهجي وئي. مون کيس لاجواب ڪري ڇڏيو. ڪجهه دير کان پوءِ، ان کان پهرين جو مان کيس وري اهو چوان ها ته، ’هارائي وئين!‘ هن ڳالهه مٽائيندي پڇيو، ” ڪندو ڇا آهين تون جوڳي صاحب؟“
”ڇا ڪندو آهيان مان!“ چيومانس، ”جوڳي آهيان!......... نانگن جي ٻِرن ۾ هٿ وجهندو آهيان!“
”ڏنگيو ناهين ڪڏهن؟“ هوءَ ڏاڍي شرارتي انداز ۾ وراڻي.
”ڏنگيو آهيان!“ اکيون اکين ۾ ملائي چيومانس، ”پر شڪر آهي جو مُئو ناهيان!“
”اڃان جيئرو آهين!؟“ هن چهرو چهري جي قريب تر آندو ۽ اکيون عقاب ڪري وراڻي، ”وڏو ڪو بي مرشد بي پيرو آهين!“
هن جون عقاب اکيون منهنجو من جهرڪي جيان جهٽي ويون! مون کان اهو لقاءُ برداشت نه ٿيو، ڪنڌ ڌوڻي چيم، ”اڄ ئي مُئو آهيان!“
*
هڪ ڀيري موت جي ڳالهه هلي ته هن چيو، ” مون کي جيئڻ سيکار!“
”جيئڻ جي لاءِ مرڻ ضروري آهي!“ چيم، ” بلڪل ائين، جيئن کٽڻ جي لاءِ هارائڻ لازمي آهي!“ سندس ئي ڳالهه ياد ڏياريندي کيس چيم، ” تو ڪڏهن هارايو ناهي، توکي کٽڻ ڪيئن ايندو؟!“ چيم، ” توکي مرڻ جي خبر ناهي، تون مرڻ نٿي ڄاڻين، سو تون جيئڻ ڪيئن سکي سگهندين!؟“
هن مسڪرايو، ” ته پوءِ مون کي هارائڻ سيکار!“ هن چيو، ” مون کي مرڻ سيکار!“
”سکبي جيت آهي!“ چيم، ”هار، سکي نه ويندي آهي!“ مسڪرائي چيم، ”سکبو جيئڻ آهي!........ مرڻ ڪڏهن سکيو نه ويندو آهي جناب!“
هن جو ڪنڌ جهڪي ويو! هوءَ هارائي وئي! هوءَ دير تائين پٿر ٿي رهجي وئي. مون سمجهيو مري وئي! مون اشهد جي آڱر سان سندس منهن مٿي ڪيو، ته جهڪيل نگاهن سان وراڻي، ”اڄ مان هارائي ويس!......... اڄ ئي مري ويس!“
ڪي گهڙيون سندس اهڙي حالت ڏسندو رهيس. مون کي مٿس رشڪ آيو. ڪجهه ترسي کيس چيم، ” اهائي اصل ۾ تنهنجي جيت جي شروعات آهي پاڳل!.......... اهو ئي تنهنجي جيئڻ جو آغاز آهي چري!“
*
مون ٿها ڪتابن جا پڙهيا، مون گهڻو ئي غور وفڪر به ڪيو، مون شين جي فطرت کي پنهنجي زور تحت گهڻو ئي باريڪبيني سان ڏٺو، مون وس آهر گهڻو ئي مطالعو مشاهدو ڪيو مگر سچ اهو آهي ته مان ٺيڪ طرح سان پنهنجي پاڻ کي به سمجهي نه سگهيس. مون ڪائنات جي هر چيز کي انسان جي آئيني ۾ پسيو ۽ پرکيو. مون اهو اندازو لڳايو ته هر شيءِ ماڻهوءَ تي ئي مبني آهي. سال جي چئن موسمن کي به مون انساني عمر جي چئن دورن ۾ ورهائي ڇڏيو. سياري کي پئدائش کان ٻالڪپڻي تائين، بهار کي نوجواني کان جواني تائين، اونهاري کي جواني کان پيريءَ تائين ۽ سرءُ کي وري پيريءَ کان پُڄاڻي تائين سمجهندو هئس. مون ڏينهن کي به ائين ئي انساني عمر ۾ ٽاڪي ڇڏيو، صبح کي ٻاراڻو، ٻنپهرن کي جواني، شام کي پيري ۽ رات کي مات ٿي ڀانيم. ها، سو مون هر شيءِ کي ماڻهوءَ تي ئي مبني ٿي ڄاتو. مون پنهنجي پاڻ تي به گهڻو ئي مٿو کپايو. نيٺ مون مشڪل سان پنهنجي هڪ تشريح جوڙي. اها تشريح به ڦري سري ماڻهوءَ جي ئي محتاج ٿي. مون پنهنجي اها تشريح هڪ ڏينهن هن کي ٻڌائيندي چيو، ”مان هر صبح جي پهر پيدا ٿيندو آهيان، هر ٻنپهرن جو جوان ٿيندو آهيان، هر شام جو پوڙهو ٿي ويندو آهيان ۽ مان هر رات جو مري ويندو آهيان!“
”ائين ناهي جوڳي!“ هن تسليم نه ڪيو.
” ته پوءِ ڪيئن آهي ؟!“ اچرج مان پڇيم.
هوءَ منهنجي اکين ۾ گهوريندي ڏاڍي طاقتور انداز ۾ وراڻي، ” تون هر صبح جو ڄمي برف ٿي ويندو آهين، هر ٻنپهرن جو ڳري پاڻي ٿي ويندو آهين ۽ هر رات جو ٻري شعلو ٿي ويندو آهين جوڳي!“
هن جي انهي ڳالهه تي مون کي عجب لڳو، هن جي ڳالهه ڏاڍي ڳري لڳي! هن ٽن فقرن ۾ منهنجي تشريح مڪمل ڪري ڇڏي. آئون ننهن کان چوٽي تائين انهن ٽن فقرن ۾ ويڙهجي سهيڙجي ويس. آئون اهو ٻڌي عدم ۾ هليو ويس، مڪمل سڪون ۽ اطمينان ۾! هن مون کي ڄڻڪهِ توري ماپي ڇڏيو. شبنم جي انهن ٽن فقرن کي مون ويجهي توڙي پري ٻنهي نظرن سان ڏٺو. سچ پچ! ته مون انهن مقدس لمحن ۾ زندگي جو تاريخي تجربو ڪيو. مون جڏهن هن جي ڪيل وضاحت ۾ خود کي ويجهي کان ڏٺو ته اهي ٽي مختصر فقرا ڦهلجي ڪائنات ٿي ويا! ۽ جڏهن پري کان ڏٺو ته اهي ئي ڪائنات بڻجي پيل ٽي فقرا مختصر ٿيندا ٿيندا ٽي اکر بڻجي پيا! اهي ٽي اکر ملي هڪ لفظ بڻجي پيو،’عشق‘. آئون سراپا عشق بڻجي پيس!
.............مون کي پوءِ پتو پيو ته هن مون کي سراپا عشق ئي ڄاتو هو، سو جڏهن منهنجي تشريح جي ڳالهه آئي ته هن صاف صاف حضرت عشق جي ئي تشريح ڪري ڇڏي!
*
ان ڏينهن، جنهن ڏينهن اسان ٻنهي کي اها تصديق ٿي ته اسان ٻه نه بلڪهِ هڪ ئي آهيون؛ ان ڏينهن، جنهن ڏينهن ٻيائي کي ٻَن اچي ويو ۽ هر طرف هيڪڙائي جو هُل مچي ويو؛ ان ڏينهن، جنهن ڏينهن اسان ’الف‘ کان ’ي‘ تائين هڪ ٻئي ۾ حل ٿي وياسين ۽ ڪثرت وحدت ۾ وڃائجي وئي، ها! ان ئي ڏينهن، هُن منهنجي عشق جي اڳيان لکي ڇڏيو، ’حاصل_لا حاصل!‘ ۽ ان ئي ڏينهن منهنجو عشق بڻجي پيو، ’عشقِ حاصل_لا حاصل‘
ان ڏينهن مون جڏهن پنهنجي عشق جي اڳيان ’حاصل_لا حاصل‘ پڙهيو ته پڄري پيس. ’حاصل_ لا حاصل‘ جي وچ وارو ’لا‘ منهنجي وجود ۾ ڀالو ٿي لهي ويو! ڪجهه ئي گهڙيون پهرين اسان ٻنهي کي جيڪا، اسان ٻه نه بلڪهِ هڪ ئي آهيون واري تصديق ٿي هئي، انهي ’لا‘، ان تصديق جي تڪميل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو! ڪجهه ئي لمحا پهرين، جنهن ٻيائي کي ٻَن اچي ويو هو ۽ هر طرف هيڪڙائي جو هُل مچي ويو هو، منهنجي ڪنن ۾ تنهن ٻيائي جا افواھ ٻيهر ٻُرڻ لڳي ويا! ها، ڪجهه ئي پل اڳ، جڏهن اسان ’الف‘ کان ’ي‘ تائين هڪٻئي ۾ حل ٿي ويا هئاسين، ۽ ڪثرت وحدت ۾ وڃائجي وئي هئي، هاڻي انهي ئي وحدت ۾ مون کي وري ڪثرت جا آثار نروار ٿيندي نظر اچڻ لڳا!
مون تڙپي پڄري نيٺ جڏهن هن کان انهي ’لا‘ جو مطلب پڇيو ته هن فقط هڪ ئي لفظ وراڻيو، ”زمانو!“
زماني مان مراد اها dustbin ،جنهن ۾ ريتون رسمون، ذاتيون پاتيون ۽ رنگ نسل وغيره وغيره گند ڪچري جيان پيل هوندا آهن!
مون جڏهن هن واتان لفظ ’زمانو‘ ٻڌو ته، تڏهن مون کي منهنجو مومن عشق، ڪافر زماني هٿان شهيد ٿيندي نظر آيو!............. مون کي پنهنجي عشقِ حاصل _ لا حاصل جي وچ ۾ اهو ’لا‘ خنجر جيان کتل نظر آيو...... مون کي وقت کان اڳي ئي منهنجي عشق جي اڳڪٿي ائين لڳي جيئن، منهنجو مومن عشق، هڪ ڏينهن ڪافر زماني جي هٿان شهيد ٿي ويندو، پر ها! ان درد سان گڏ گڏ هڪ سڪون اهو سوچي به ٿي رهيو هو ته، جيئن ته شهيد ڪڏهن مرندو ناهي! اهو مري به زنده ئي رهندو آهي، سو تيئن مون کي به اهو يقين هو ته، منهنجو شهيد عشق به ڪڏهن مري نه سگهندو! اهو مري به زنده ئي رهندو!..
ها! آئون انهي ’لا‘ کي ڪڏهن ليکيان ئي نه ها، مون کي زماني جي ڪا به پراواھ نه هئي! ها، مون کي زماني جي ڪا به پرواھ نه هئي پر مون کي هن جو فڪر بلڪل هو! ڳالهه اگر زماني عزت جي هجي ها ته پوءِ ته ڪا ڳالهه ئي نه هئي پر ڳالهه هن جي ذلت جي هئي! ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته مون زماني جي عزت رکي، پر مون درحقيقت هن جي ذلت نه سَٺي! مون کي هن جي رسوائي جي رسڪ روڪي ڇڏيو! سو آئون رڪجي ويس! هن جڏهن زماني جي انتهائي ڀيانڪ تشريح ڪئي ته آئون ڏاڍو ڇرڪي پيس، مون جڏهن هن واتان زماني جي ڀيانڪ تشريح ٻڌي ته ڏاڍو محتاط ٿي پيس، ايتريقدر جو مون ان ئي ڏينهن ساڻس اهو به طئه ڪري ڇڏيو ته هاڻي پاڻ ڏينهن جو نه بلڪهِ رات جو ئي ملنداسين! ڇو ته ڏينهن زمانو آهي! رات زمانو ناهي! ڏينهن اگهاڙو آهي، رات اگهاڙي ناهي! رات پردو آهي! پوءِ اسان ان کان پوءِ ڪڏهن ڏينهن جو نه ملياسين! اسان جڏهن به ملياسين تڏهن رات جو ئي ملياسين!
۽ ها،........ مون جڏهن هن جو ڀرم رکيو، هن جي لڄ رکي، مون جڏهن نهائين کان نينهن سکيو ۽ ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍي، مون جڏهن عشق جي راھ ۾ چپ چاپ شهيد ٿيڻ قبول ڪيو ته حضرت عشق به مون کي هڪ عجب انعام سان نوازي ڇڏيو، پوءِ هن داستان ۾ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو عشقِ حاصل _ لا حاصل جي وچ واري انهي ’لا‘ جي معنى ازخود بدلجي وئي! اهو ’لا‘ جيڪو ’زمانو‘ هو، سو منهنجي قرباني سان محبت جو معراج بڻجي پيو! ان ئي ڏينهن عشق حاصل -لا حاصل هميشه جي لاءِ هئا اڳهين گڏ ۾ بدلجي ويو. بس پوءِ اهڙي طرحِ هڪ ڀيرو وري هميشه هميشه جي لاءِ ٻيائي کي ٻَن اچي ويو ۽ هر طرف هيڪڙائي جو هُل مچي ويو! ڪثرت، وحدت ۾ وڃائجي وئي ۽ عشق، حاصل توڙي لا حاصل هڪ ئي ڳالهه ٿي پيو!