ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

محبتون ۽ مامتا......!

خاموشي........! ڪافي دير کان خاموشي ئي ڇانيل هئي. موت جهڙي خاموشي! آئون انهي موت جهڙي ماٺار ۾ اسان جي فولادي ديوار جهڙي محبت ۾ بي سبب پئجي ويل ڏارن جا سبب ڳولهي رهيو هئس. سوچي رهيو هئس ته اسان ته ڪنهن جي نظر تي به نه چڙهيا هئاسين، پوءِ اسان کي آخر ڪنهن جي نظر لڳي وئي هئي؟ اسان ته سدائين رات جي آغوش ۾ چنڊ ۽ ستارن جي ٿڌي ٿڌي روشني ۾ ملندا رهياسين؛ پوءِ آخر رات جي انهي چنڊ ۽ ستارن جي ٿڌي ٿڌي روشني ۾ اوچتو ئي اوچتو سج، سو به سوا نيزي تي ڪيئن لهي آيو؟ درد، بي مندائتي مينهن جيان اسان جي عشق جي آغوش تي بنا آگم جي وسي پيو هو! اهڙي ته ڪا ڳالھ به ڪا نه ٿي هئي، جيڪا درحقيقت جنت جي جهنم بڻجڻ جو باعث بڻجي ها! بس! اهو ئي هڪ خواب هو، عشقِ حاصل _ لا حاصل وارو خواب! جيڪو شبنم جي دل ۾ ڇيت ٿي رهجي ويو هو! آئون اها ڇيت ڇڪي ڇڪي ٿڪجي پيو هئس پر اها ڇيت مون کان نڪتي ئي نه ٿي. شبنم اڃان تائين انهي خواب جي زد ۾ هئي. بس مسئلو رڳو هيءُ ٿي پيو هو جو هوءَ انهي خواب کي مون جيان سمجهي نه سگهي هئي! هوءَ محبت جي اها مام سمجهي نه سگهي هئي! مون کيس گهڻو ئي سمجهايو پر سمجهائي نه سگهيس! مان مسلسل کيس سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس پر هوءَ هئي، جا وکرندي ئي ٿي وئي! مان گهڻو ئي کيس سميٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس مگر هن جي حالت ڪجهه اهڙي هئي جو هن کي سميٽيندي سميٽيندي هاڻي ته آئون پاڻ وکرڻ لڳو هئس! شبنم اڄ به ڏاڍي اداس اداس هئي، هن ڪافي دير کان ڪجهه نه ڳالهايو هو. هن جي چپ تي مان به چپ هئس. نيٺ خاموشي جي هڪ تمام ڊگهي وقفي کان پوءِ شبنم ڪجهه ڳالهايو، پر هن ڳالهايو اهڙو جو اهڙي ڳالهائڻ کان اها موت جهڙي خاموشي ئي بهتر هئي. شبنم پڇيو، ”تون منهنجو انڌو اعتماد ته نه ٽوڙيندين جوڳي!؟“
شبنم واتان اهو ٻڌي اندر ٻه اڌ ٿي پيم. روح، دل، جگر پارا پارا ٿي ويم. منهنجي اندر ۾ آڳ لڳي وئي. منهنجي اکين منجهان شعلا اُلا ٿي ڀڙڪيا. کيس گهوريندي چيم، ”انڌو اعتماد ته پٿر جا بُت به نه ٽوڙيندا آهن!“ چيم، ”آئون ته پوءِ به جيئرو جاڳندو انسان آهيان شبنم!“ شعلا شبنم ٿي پيا. منهنجيون اکيون ڀرجي آيون!
شبنم اها ورندي ٻڌي پٿرائجي وئي! هوءَ خاموش رهجي وئي. پر مان خاموش نه رهي سگهيس، چيم؛ ”انڌو اعتماد ته بُتن کي به ڀڳوان بڻائي ڇڏيندو آهي!“ چيم، ”آئون ته جهڙو تهڙو ئي سهي پر پوءِ به انسان آهيان شبنم!“ منهنجو ڳلو خشڪ ٿي ويو. ڪجهه ترسي چيم، ”ماڻهو فرش تي سجدو ڪندا آهن ته دعائون عرش تي اگهامنديون آهن! اهو انڌو اعتماد ئي آهي شبنم، جيڪو خاڪ کي به پاڪ بڻائي ڇڏيندو آهي! مٽي کي معتبر ڪري ڇڏيندو آهي!...... انڌو اعتماد وڏي ڳالهه آهي!“ کيس چيم، ”انڌو اعتماد ڪا عام ڳالهه ناهي شبنم!!“
منهنجي انهن لفظن شبنم جون اکيون جهڪائي ڇڏيون. هن جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. مون پنهنجي ڪنبدڙ هٿن سان سندس منهن مٿي ڪيو ۽ رجندڙ لهجي ۾ چيو، ”ها! آئون ڀڳوان ته هرگز ناهيان شبنم! مگر آئون صفا اهڙو به ناهيان جو تنهنجو انڌو اعتماد ٽوڙي ڇڏيان!“ ٽوٽا ٽڪرا ٿيندي چيم، ”آئون پاڻ ته ٽٽي ويندس مگر تنهنجو انڌو اعتماد ڪڏهن نه ٽوڙيندس!“
شبنم پنهنجيون جهڪيل اکيون مٿي ڪري مس مس مون ڏي نهاريو. مون سندس نگاهن ڏي نهاريو. اکيون جڏهن اکين سان مليون ته اسين ٻئي ماٺ ٿي وياسين. نه هن ڳالهايو، نه مون! اسان جون اکيون هڪٻئي جي اکين ۾ ئي گم ٿي رهجي ويون. اکين جو اهڙو ميل اڳ به ڪيئي ڀيرا ٿي چڪو هو، هن اڳ به انيڪ ڀيرا مون ڏي نهاريو هو پر اڄ هن جو نهارڻ عجب هو. هن اڳ ڪڏهن مون کي اهڙي طرح نه نهاريو. مون ڏٺو، اڄ هن چهري ۾ عجب اسرار هئا! هوءَ ڏاڍي پُر اسرار انداز سان مون منجهه گهوري رهي هئي! مون گهڻوئي سندس اها اڻ چئي ڳالهه سمجهڻ چاهي، پر مون کي هن ڀيري ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو! ڪجهه ڪڇڻ، ڪجهه پڇڻ به چاهيم، پر شبنم جي نگاهن ۾ ان وقت الئه ته ڪهڙي قوت هئي، جو مون کي ايتري مجال به نه ٿي سگهي! مون کي هڪ پل الئه ڇو ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هوءَ شبنم نه هئي، منهنجي ماءُ هئي! جيڪا مدتن کان پوءِ اڄ مون ڏي پهريون ڀيرو ڏسي رهي هئي. پر ٻئي پل وري ائين ٿي لڳو ڄڻ هوءَ منهنجي ئي ڪا وڃائجي ويل ٻارڙي هئي! جيڪا هڪ عرصو دور رهڻ کان پوءِ مون کي اڄ پهرين نظر ڏسي رهي هئي! هڪ لمحي جي لاءِ مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ هوءَ اڄ مون کي ائين ڏسي رهي هئي، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي اولاد ڏي ڏسندي آهي، وري ٻئي لمحي مون کي ائين ٿي لڳو، ڄڻ اڄ هوءَ مون کي ائين ڏسي رهي هئي، جيئن ڪو ٻار پنهنجي والدين ڏي ڏسندو آهي. هن جي چهري ۾ عجيب قسم جي چمڪ هئي اڄ! سچ پچ! ڪنهن پل هن جي چهري ۾ اڄ محبت بجاءِ مامتا ٿي جرڪي، ته ڪنهن لمحي وري مامتا بجاءِ معصوميت ترورا ٿي ڏنا! آئون انهي ئي حيراني ۾ هئس جو شبنم پڇيو، ”اسٽار ڪهڙو اٿئي جوڳي؟!“
مون کي شبنم جو اهو سوال ڏاڍو اوپرو اوپرو لڳو، پر مون بنا ڪنهن سوال جي جواب ڏنو، ”الائجي!..... خبر ئي نه اٿم.“
”مان ٻڌايان!؟“ شبنم چيو، ”مون کي خبر آهي!“
”ها!“ کيس چيم، ”ٻڌاءِ.“
”Virgo.“ هن ٻڌايو.
”ڪيئن!؟“ پڇيومانس.
”بس آهي ئي Virgo.“ هن مڪمل اعتماد سان چيو.
” تون اهو علم ڄاڻين ٿي ڇا شبنم؟“ پڇيم.
”نه!“ هن وراڻيو.
” پوءِ توکي ڪهڙي خبر؟!“ چيم.
”بس مون کي خبر آهي نه!“ هن چيو، ”تون ڀلي وڃي ڪنهن کان به پڇا ڪر!“
”نه پر تو ائين ڪيئن چيو شبنم!؟“ چيم، ”آخر ڪا ته ڳالهه به هوندي!“
منهنجي ضد تي هن ڪجهه ترسي چيو، ”منهنجي بابا جو به اهو ئي اسٽار آهي، ان ڪري چيم!“
مون جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته حيراني ويتر ورائي وئي! ”........!“ مون کان ته ڪجهه ڳالهايو ئي نه ٿيو!
”منهنجو بابا به تو جهڙيون ئي ڳالهيون ڪندو آهي جوڳي!“ شبنم چيو.
آئون ماٺ ئي رهجي ويس. ان ئي دوران شبنم وراڻي، ”جوڳي! تون اڄ صفا منهنجي پيءُ جهڙو ٿو لڳين مون کي!“
شبنم واتان اهو جملو ٻڌم ته پوءِ مون کان به رهيو نه ٿيو، چيم، ”سچ ٻڌايان !؟“
”ٻڌا!“ هن چيو.
ڪجهه ترسي کيس چيم، ”تون به اڄ صفا منهنجي ماءُ جهڙي ٿي لڳين مون کي!“ منهنجا چپ ڦڙڪي رهيا هئا!
شبنم اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي وئي. هن جي چهري تي ڏاڍي پياري مرڪ تري آئي. شبنم کي مرڪندي ڏٺم ته ڄڻ صدين جا ٿڪ لهي ويم. مان ڄڻڪهِ مدتن کان انهي مرڪ جو منتظر هئس. مون کي ان لمحي شبنم جي چهري تان خوف جا پاڇا پري ٿيندي نظر آيا. لک شڪر ڪيم. مون ٻيهر ڏاڍي ڳنڀير ۽ معصوم لهجي ۾ اچاريو، ”ها شبنم! اڄ تون صفا منهنجي ماءُ جهڙي ٿي لڳين مون کي!“
پوءِ وري خاموشي جو هڪ گهرو غوطو آيو. ڪو آواز باقي نه رهيو، سواءِ اسان جي اونهن گهرن ساهن جي سرگوشي جي! عجيب ڳالهيون هيون، جن کي ڳالهائيندي ڳالهائيندي بار بار اسان جا لهجا ڀاري ٿيندا ٿي ويا! ۽ بار بار اسان چپ رهجي ٿي وياسين. هينئر به ڪي ساعتون اسان ٻئي چپ رهجي وياسين، پوءِ ڪنهن لمحي شبنم وراڻيو، ”جوڳي! مون کي الاءِ ته ڪهڙا ڪهڙا وهم ٿا ورائي وڃن هاڻ!“
”مون تي ڪو شڪ اٿئي شبنم؟!“ منهنجي ڇاتي وري ڇيهون ڇيهون ٿي پئي!
”اها ڳالهه ته ناهي جوڳي!“ هن چيو.
”ته پوءِ؟“
”جيڪا شيءِ ماڻهو جي دل کي بيپناھ وڻندي آهي نه جوڳي!“ هن چيو، ”پوءِ ان جي وڃائجي وڃڻ جو هروڀرو به ڊپ رهندو آهي جوڳي!“
شبنم جو جملو ته ڏاڍو ڀلو هو پر مون کي ان وقت اصل نه وڻيو. مون کيس چيو، ”پهرين ته ڪو نه رهندو هو ڊپ!“ چيم، ”ڇا پهرين مان تنهنجي دل کي بيپناھ وڻندو نه هئس!؟“ ڪجهه ترسي چيم، ”شبنم منهنجي دل ۾ ته ڪو ڊپ ناهي!“ پڇيومانس، ”ڇا منهنجي دل کي تون بيپناھ وڻندي ناهين!؟...... ٻڌاءِ شبنم!؟“
”مون کان اهو پُر وحشت خواب نٿو وسري جوڳي!“ هن چيو، ”ڊپ اٿم ته تون ڪٿي وڃائجي نه وڃين!“
خواب واري ڳالهه، مون تي بجلي ٿي ڪڙڪي، ”منهنجي غيرت کي گار نه ڏي شبنم!“ مون کان برداشت نه ٿي سگهيو. چيم، ”ايترو بار ته خدا بندي تي به نه رکندو آهي جيترو هو کڻي نه سگهي........ مون تي ايترو بار نه رک شبنم!“
هوءَ اهو ٻڌي ڪجهه ڳالهائي نه سگهي. هوءَ چپ رهجي وئي پر منهنجي دل جو بار اڃان هلڪو نه ٿيو هو، ”رانديڪا، ٻارن جي ڪائنات ٿيندا آهن. رانديڪا ٻارن کي ڏاڍا عزيز ٿيندا آهن شبنم!“ مون چيو، ”پر تو ڏٺو هوندو ته ڪي ضدي ۽ چيڙاڪ ٻار ڪاوڙ ۾ پنهنجا رانديڪا پاڻ ئي ڀڃي ڇڏيندا آهن!“ محبتن جو قسم! اهو چوندي چوندي منهنجيون اکيون آليون ٿي ويون، ”شبنم! مان هر معاملي ۾ ڏاڍو برداشت ڪندڙ آهيان. مان اڪثر ماٺ ۾ ئي رهندڙ آهيان. پر محبت جي مامري ۾ مان ڏاڍو ضدي ۽ ڏاڍو چيڙاڪ آهيان!“ چيم، ”ان جو به هڪ سبب آهي، ۽ سبب اهو آهي جو مدتن تائين آئون محبتن لاءِ ائين سڪندو رهيو آهيان جيئن غريب جو ٻار خرچي جي لاءِ!“ کيس چيم، ”يقين ڪر ته شبنم! ان ۾ منهنجو ڪو به ڏوھ ناهي! بس، مدتن تائين محبتن جي انهي نه ملڻ، مون کي ڏاڍو ضدي ۽ چيڙاڪ بڻائي ڇڏيو آهي!“
شبنم چپ چاپ ٻڌندي رهي. آئون وقفي وقفي سان ڳالهائيندو رهيس. ”شبنم! مدتن تائين محبتن جي انهي نه ملڻ، محبت جي مامري ۾ مون کي انتها پسند بڻائي ڇڏيو آهي!“ ڳيت سان پنهنجي خشڪ نڙي آلي ڪيم، ساھ سامت ۾ آڻي چيم، ”زهر جو علاج زهر سان ٿيندو آهي شبنم!....... محبت جي معاملي ۾ آئون پنهنجي فطرت ۾ زهر آهيان شبنم!....... درد کي درد سان ميٽيندو آهيان!..... هڪ زخم کي ٻئي زخم سان ڀريندو آهيان!“
مان ٻيهر رڪجي ويس. شبنم جي ڳالهائڻ جو انتظار ڪيم پر هن وري به ڪجهه نه ڳالهايو. هوءَ اگر مون سان گڏ گڏ ڪجهه ڪجهه ڳالهائيندي رهي ها ته شايد منهنجيون ڳالهيون ايتريون بي ترتيب نه ٿين ها! مگر هن جي چُپ، منهنجيون ڳالهيون ٽيڙي پکيڙي ڇڏيون. مان الاءِ ته ڇا ڇا چوندو رهيس، ”محبت ۾ ڪا به ملامت نه ٿيندي آهي. عشق، عين عبادت آهي شبنم! پيار اگر پٿر سان به ٿي پوي ته به پيار ۾ ڪو پڇتاءُ نه ٿيندو آهي! نينهن ۾ نقصان نالي ته ڪا شيءِ آهي ئي ڪانه! برھ اها بازار آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن سڀ ڪجهه به لٽائي وڃائي ڇڏجي، تڏهن به عشق ڪڏهن اجايو نه ٿيندو آهي شبنم!“ چيومانس.
محبت ڪنهن به شيءِ جي محتاج نه ٿيندي آهي! نه وفا جي، نه جفا جي! نه ملڻ جي، نه ڇڄڻ جي!“ چيم، ”ها! محبت ڪنهن به شيءِ جي محتاج نه ٿيندي آهي!....... ايتريقدر جو محبت خود، محبت جي به محتاج نه ٿيندي آهي!.......ڇو ته محبت هر ڪنهن جي ذاتي ٿيندي آهي!“ ورجائي چيومانس، ”ها شبنم! اها ڳالهه هميشه هميشه ياد رکجان ته محبت هر ڪنهن جي پنهنجي ذاتي ٿيندي آهي! محبت کي ڪڏهن مَٽائي نٿو سگهجي! اها بس، جنهن وٽ جهڙي هوندي آهي، تنهن وٽ تهڙي ئي هوندي آهي!“ کيس چيم، ”مون کي ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي جو هتي هر ڪوئي ٻئي کي بيوفا چوندو آهي! اهي جيڪي ٻئي کي بيوفا چوندا آهن، سي پاڻ بيوفا هوندا آهن. جيڪي پاڻ کي پارسا سمجهندا آهن، سي خود گنهگار هوندا آهن شبنم!....“ خبر ناهي ڪٿان مون ۾ ايترو زهر ڀرجي ويو هو جو اوڳاڇيندو ٿي ويس!
”لفظ تلوار کان وڌيڪ طاقتور ٿيندا آهن جوڳي!“ شبنم ڀڄندي ڀُرندي وراڻي.
پر مان ان وقت طيش ۾ هئس، سو مون کي شبنم جو اهو جملو به ڏاڍو ڇسو لڳو. منهنجي تلخي اڃان به وڌي وئي. اصل ۾ مان شبنم تي نه خواب تي ڪاوڙيل هئس. مان ان وهم ۽ گمان تي مڇريل هئس، جيڪو شبنم جي دل ۾ ويهي رهيو هو! مان لاشعوري طور تي ته ان وهم سان ئي وڙهي رهيو هئس. پر جيئن ته سامهون شبنم هئي سو ٿي ائين رهيو هو؛ جو آئون ڪنهن ضدي ۽ چيڙاڪ ٻار جيان پنهنجو رانديڪو پاڻ ئي ڀڃي رهيو هئس. اهو رانديڪو، جيڪو منهنجي ڪل ڪائنات هو! ها! اهو ئي رانديڪو، جيڪو مون کي بيپناھ پيارو هو! شايد خدا به هڪ ڏينهن پنهنجي هن ڪائنات کي ائين ئي ملياميٽ ڪري ڇڏيندو! ها سو شبنم جڏهن ڀڄندي ڀُرندي اهو جملو اچاريو ته، ’لفظ، تلوار کان به وڌيڪ طاقتور ٿيندا آهن جوڳي!‘ ته مون کي بس ان وقت اهو جملو به روايتي ئي لڳو. چيم، ”اهو ته نسورو ڪوڙ آهي شبنم!......... اهو ته ڪنهن تو مون جهڙي پاڳل جو جملو آهي چري!“ بنا سوچي سمجهي ڳالهائيندو رهيس، ”لفظ جيڪڏهن تلوار کان وڌيڪ طاقتور هجن ها ته دنيا ۾ ايتريون جنگيون هرگز نه لڳن ها! لفظ اگر تلوار کان وڌيڪ طاقتور هجن ها شبنم ته، توکي ماڻهو ته ڳولهيي نه لڀن ها!....... کوڙ سارا ماڻهو ته لفظن سان ئي مري وڃن ها!“ چيم، ”.......آئون ته شايد پيدا ٿيندي ئي دم ڏئي وڃان ها!“ ڪجهه ترسي چيومانس، ”لفظن سان نڪ ته وڍي سگهجي ٿو پر رت نٿو ڪڍي سگهجي!!.... لفظ تلوار کان وڌيڪ طاقتور نه ٿيندا آهن!....... لفظ ڏاڍا ڪمزور ٿيندا آهن شبنم!!“
شابس هجي شبنم کي جو هن ايترو ڪجهه برداشت ڪيو پر آھ نه ڀري! منهنجي وجود ۾ جيترو به زهر هو سو سڀ مون مٿس اوتي ڇڏيو! عجيب ڇوڪري هئي خدا جو قسم! جو جيئن ڪو ڄاڻو ۽ پُراڻو جوڳي ڪنهن نانگ ڪکيل جو زهر چوسي کيس بچائي ڇڏيندو آهي، تيئن شبنم به منهنجو سمورو زهر چوسي مون کي بچائي ورتو! مون کي جيئن ٿي آيو تيئن ٿي ڳالهائيندو ويس. مان دير تائين الائي ته ڇا ڇا ڳالهائيندو رهيس پر هوءَ چُپ چاپ اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي رهي! مان پاڻ ئي ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پيس ۽ ماٺ ٿي ويس. پوءِ ڪافي دير تائين نه هن ڳالهايو نه مون! شبنم جي اها ماٺ، عجب ماٺ هئي! اها ماٺ منهنجون سموريون ڳالهيون ڳهي وئي! هن جي ماٺ مون کي ماري ڇڏيو! ها! هن جي انهي خاموشي مون کي فتح ڪري ڇڏيو. ڪافي دير کان پوءِ جڏهن هوش ۾ آيس ته پنهنجي لفظ لفظ تي ڏاڍو پشيمان ٿيس. دير تائين ته ڪنڌ کڻي ڏانهنس ڏسڻ جي به جرئت نه ٿي سگهي، پر پوءِ ڪنهن پل مون ڏاڍي شرمندگي سان اکيون کڻي شبنم ڏي نهاريو. مون ڏٺو، هوءَ ڏاڍي پيار منجهان مون ڏي ڏسي رهي هئي. هن جي چهري تي ڪا شڪوه شڪايت نه هئي! هن مون کي پشيمان ٿيڻ جو به موقعو نه ڏنو. اونهون ساھ کڻي کيس چيم، ”ڪير ڪنهن کي ايترو برداشت ڪري ٿو سگهي پاڳل!......ڪير به نه!“ ڪجهه لمحا وري ماٺ ٿي ويس ۽ پوءِ چيم، ”ڪاوڙ ته محبوبائن جي نڪ تي رهندي آهي هر وقت! محبوبائون ته روز پيون رسنديون آهن چري! عاشق ويچارا ته کين پرچائي پرچائي ٿڪجي پوندا آهن! پر هُو ته پرچائي نه پرچنديون آهن! اهي ته روز رسڻ جا بهانا پيون ڳولينديون آهن!“ پڇيومانس، ”پر تون ڪهڙي محبوبا آهين آخر!؟“ حساس لهجي ۾ چيم، ”ڇو ايترو برداشت ڪندي آهين مون پاڳل کي؟ ڪيئن ايترو صبر ڪري ويندي آهين تون؟.... ڇو پنهنجي انا کي منهنجي انا جي سامهون نه آڻيندي آهين شبنم!؟ ڇو!.....آخر ڇو!؟“
”مان فقط محبوبا ئي ناهيان جوڳي!“ شبنم مون کي ڏاڍي شفقت واري انداز ۾ چيو، ”مان هڪ ضدي ۽ چيڙاڪ ٻار جي ماءُ به آهيان جوڳي!“
شبنم جو اهو جملو ماحول ۾ ڏکڻ جي هير ٿي گهُلي ويو.....هن جي انهي جملي سان عجيب تبديلي اچي وئي. لمحن ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو...... مون کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه آيو. شبنم جو اهو جملو ٻڌم ته صفا بي سمجهه ٻار ٿي پيس! خبر ناهي ته ڪٿان ۽ ڪيئن منهنجي منهن تي معصوميت تري آئي! الائجي ته ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني آئون اکڇنڀ ۾ ارڏي عاشق مان ڦري ابهم ٻار بڻجي پيس! پوءِ بس آهستگي سان آئون پاڻمرادو شبنم جي آغوش ۾ اچي ويس. پر ها! ائين نه، جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوبا جي آغوش ۾ اچي ويندو آهي؛ بلڪهِ ائين، جيئن ڪو معصوم ٻار پنهنجي ماءُ جي آغوش ۾ اچي ويندو آهي!.....
نه هن ڳالهايو نه مون!........خاموشي ڇائنجي وئي...... مڪمل خاموشي....... خاموشي..... بس خاموشي.........!