ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

(محبوب سان هم ڪلامي) ڳوليان ڳوليان مَ لهان!

مون تنهنجي هڪ تصوير تراشي آهي، جو دنيا جو به مها سنگتراش اهڙي خوبصورت تصوير تراشي نٿو سگهي! اهڙو حسين مجسمو گهڙي نٿو سگهي! مون هڪ اهڙو خواب ڏٺو آهي، جنهن جي تعبير ممڪن ئي ڪونهي! يوٽوپيا جي تصور جهڙو خواب! جنت جي نظارن جهڙو خواب! مون هڪ اهڙو دلڪش خواب ڏٺو آهي، جنهن جي حقيقت جو تصور ئي ممڪن ناهي! زماني جي سڀني حقيقتن کان بينياز خواب! ها! مون هڪ اهڙو خواب ڏٺو آهي، جيڪو خواب ئي ٿي سگهي ٿو، حقيقت نٿو ٿي سگهي! مون جيڪو خواب ڏٺو آهي، سو ايتريقدر حسين خواب آهي جو هڪ لمحي جي لاءِ ته لفظ ’حقيقت‘ به ان جي توهين ٿو لڳي! مون پنهنجي انهي خواب کي پنهنجو پاڻ ارپيو آهي! مون انهي خواب تي پنهنجيون سڀئي حقيقتون گهوري گهمائي ڇڏيون آهن! اهو حسين خواب منهنجو سڀ ڪجهه آهي! نه نه مون کان ڪجهه غلط لکجي ويو! چوڻ ٿي چاهيم ته مان جيڪو به ڪجهه آهيان، انهي خواب جو آهيان! آئون جيڪڏهن ڪا حقيقت آهيان ته پوءِ سچ پچ! انهي حسين خواب جي ئي ڪري آهيان! اهو خواب منهنجي هستي، منهنجي مستي توڙي منهنجي وجود جو واحد جواز آهي! ۽ منهنجي انهي حقيقتن کان بالاتر خواب جي مرتڪب تون آهين! ها! اڄ ٻڌي ڇڏ ته اهو خواب، جيڪو منهنجي هجڻ جو سبب آهي، تون انهي خواب جو سبب آهين!.......... مون پنهنجي هڪ الڳ ڪائنات جوڙي آهي! هڪ ڪائنات کان بنهه الڳ ٿلڳ هڪ ڪائنات! منهنجي ان ذاتي ڪائنات ۾ هر پاسي، هر جاءِ تون آهين! تون ئي تون آهين! فقط تون!! منهنجي ان ڪائنات جي سڀني منظرن ۾ تون آهين! صبحن ۾، شامن ۾، راتين ۾، ڏينهن ۾، جهنگلن ۾، برپٽن ۾، بهارن ۾، خزائن ۾.... هر شيءِ ۾ تون آهين! بس تون! ان ڪائنات ۾ ايتريقدر تون آهين، جو تو کانسواءِ ٻيو ڪو به ناهي! ايتريقدر جو مان به ناهيان! تون ڪڏهن مون کان اهو نه پُڇجانءِ ته مون اها ڪائنات ڪيئن جوڙي آهي؟! ڇاڪاڻ ته مون وٽ تنهنجي انهي سوال جو ڪو به مستند جواب ڪونهي! ڪنهن لمحي ويهي سوچيندو آهيان ته ائين لڳندو آهي، جيئن مون پنهنجي اها ذاتي ڪائنات پنهنجي پاڻ سان ٺاهي آهي! ائين لڳندو آهي ڄڻ ننهن کان چوٽيءَ تائين آئون انهي ڪائنات جي ٺهڻ ۾ استعمال ٿيل آهيان! ڄڻ آئون سڄو سارو انهي ڪائنات جي تعمير ۾ تحليل آهيان! منهنجو ذرو ذرو انهي ڪائنات ۾ پنهان آهي! ۽ ڪڏهن وري خبر ناهي ته ڇو، پر محسوس ائين ٿيندو آهي ڄڻ اها ڪائنات هڪ پل جي پيداوار آهي! هڪ خيال، هڪ سوچ، هڪ احساس جي پيداوار آهي! سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇو، مگر حقيقت اهائي آهي ته هڪ لمحي ائين لڳندو آهي ته مون هي حسين ڪائنات انتهائي سوچي سمجهي پوءِ هڪ وڏي حساب ڪتاب سان ٺاهي آهي، پر ٻئي لمحي الئه ڇو ائين محسوس ٿيندو آهي ته، مون پنهنجي اها ڪائنات حادثاتي طور تي ٺاهي ڇڏي آهي! هڪ پل اهو لڳندو اٿم ته مون تو تي مبني پنهنجي هي الڳ ٿلڳ ڪائنات ڪن مدتن ۾ ٺاهي آهي، پر ٻئي پل وري الئه ڇو ائين لڳندو اٿم ته ڄڻ ’کن_فيکون‘ واري ڪار ٿي وئي آهي! مون بس سوچيو آهي ۽ ڪائنات ٺهي پئي آهي! مون کي خبر آهي ته منهنجيون اهي ڳالهيون تو کي منجهائي ڇڏينديون، تون منهنجيون اهي گڊ مڊ ڳالهيون سمجهي نه سگهندين! تو کي پتو ئي نه پوندو ته تو تي مشتمل مون پنهنجي اها الڳ ٿلڳ ڪائنات ڪيئن ٺاهي آهي؟! اهو ئي ڪارڻ آهي جو توکي اڳ ۾ ئي اهو چئي ڇڏيو اٿم ته تون مون کان اهو ڪڏهن به نه پُڇجانءِ ته مون پنهنجي اها ڪائنات ڪيئن جوڙي آهي؟! تون فقط اهو ڄاڻي وٺ ته منهنجي هي ڪائنات تو تي مبني آهي! تون ئي منهنجي انهي ڪائنات جو محور آهين! منهنجي انهي ڪائنات ۾ رڳو تون ئي تون آهين! ٻيو ڪو ئي ڪونهي!!
اُپٽيان ته انڌيون، پُوريان پِرين پَسنِ!
آهــي اکڙيــــــــــنِ، عَجَبَ پَر پَسڻَ جِي!
ڀٽائي جي انهي بيت جو قسم! مون تو کي اڻ ڏٺي جي اک سان ڏٺو آهي، ۽ اهڙو ته حسين ڏٺو آهي جو بيان ڪرڻ کان قاصر آهيان! مون تو کي اڻ ڏٺي جي اک سان ائين ڏٺو آهي جو ڏسڻ واري اک سان ائين ڏسڻ ممڪن ئي ناهي! اڻ ڏٺي جي اکين آڏو، جسمي نگاهن جي ڪا مجال ئي ڪانهي! ها، مون اهو محسوس ڪيو آهي ۽ اهو ڪيئي ڀيرا محسوس ڪيو آهي! ها، مون ڪيئي ڀيرا اهو مشاهدو ماڻيو آهي! اڻ ڏٺي جي اک به ڏاڍي عجيب ٿيندي آهي! ان جي نگاھ ۾ ڏسڻ توڙي نه ڏسڻ ٻيئي ڳالهه مڙيئي ساڳي ٿي پوندي آهي! اڻ ڏٺي جي اک آڏو، ويجهي ۽ پري جي وچ ۾ ڪو ويڇو نه هوندو آهي! زماني جا ماڻهو اها ڳالهه سمجهي نه سگهندا آهن، ڪيئي سياڻا اياڻا ٿي پوندا آهن! ماڻهو مون کان ورجائي ورجائي اهو پُڇندا آهن ته، مون واقعي به تو کي ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪڏهن ڪٿي ڏٺو به آهي!؟ اهو سوال ٻڌي، آئون ڪجهه سوچيندو آهيان ۽ پوءِ جواب ۾ وراڻيندو آهيان ته، يا ته مون تو کي ڪائنات ۾ ڪٿي به نه ڏٺو آهي! يا ته وري مون ڪائنات ۾ تو کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏٺو آهي! ماڻهو منهنجي اه اُبتي ڳالهه سمجهي ئي نه سگهندا آهن. زماني جي ڇاتيءَ ۾ اڄتائين اها ڇيت چُڀيل آهي ته مون تو کي واقعي ڪڏهن ڪٿي ڏٺو به آهي يا نه؟!!..........
تو اڪثر مون واتان اهو ٻڌڻ پئي چاهيو آهي ته منهنجي نظر ۾ تنهنجي حيثيت ڪهڙي آهي؟ تنهنجي اهميت ڪهڙي آهي؟ تون منهنجي نظر ۾ ڇا آهين؟! ها، تو کي هميشه مون کان اها شڪايت رهي آهي ته مان تنهنجي تشريح ڪريان! تنهنجي وضاحت ڪريان! پر آئون ڇا ڪريان؟! مون ڪيئي ڀيرا تنهنجي انهي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جو سوچيو آهي پر هر ڀيري ناڪام ئي رهيو آهيان! تنهنجي آڏو سڀئي تشريحون توڙي وضاحتون هلڪيون ۽ ڇسيون ٿي پونديون آهن! مان جڏهن لفظ تنهنجي تشريح لاءِ گڏ ڪندو آهيان، ته تنهنجو نالو ٻڌي لفظ پنهنجي معنى وڃائي ويهندا آهن! هر لفظ بيمعنى بڻجي پوندو آهي! ڏس، تون ان ڳالهه تي ڪڏهن ناراض ن ٿجانءِ. مون تنهنجي هر ڳالهه ڳڻي آهي، مون تنهنجو هر حڪم پاڻمرادو مڃيو آهي؛ پر بس، آئون تنهنجي اها ميار لاهي نٿو سگهان! آئون تنهنجي اها شڪايت ڪڏهن به دور نٿو ڪري سگهان! ها، آئون تنهنجي تعريف مڪمل نٿو ڪري سگهان ۽ حقيقت هيءُ آهي ته مڪمل ته پر اڌوري به نٿو ڪري سگهان! تون مون کي بخشي ڇڏ اهو گناھ! تون مون کي معاف ڪري ڇڏ بس! آئون تنهنجي وضاحت نٿو ڪري سگهان، آئون تنهنجي تشريح نٿو ڪري سگهان! آئون ادنى آهيان سو مون وٽ اهڙا مقدس لفظ نه آهن!
آئون اڪثر خودي کان اهو پوڇندو رهندو آهيان ته تون ڇا آهين؟ سچ پُڇين ته آئون جڏهن به پنهنجي خوديءَ کان اهو پُڇندو آهيان ته تون ڇا آهين؟ ته يقين ڪر هر ڀيري تو بابت منهنجي بيخودي بيخود چيخي اهو چوندي آهي ته، ”تون ڇا ناهين!!؟“........ بس تون اهو ڄاڻي وٺ ته اهو ازلي عشق، جيڪو منهنجي رڳ رڳ ۾ رچيل آهي، مون انهي عشق سان هڪ حسن تخليق ڪيو آهي! تون اهو حسن آهين! تون منهنجي عشق جو تخليقيل حسن آهين! مون توکي پاڻ ارپيو آهي! مون پنهنجي معنى توکي ڏني آهي. مون خود کي تو تي ختم ڪري ڇڏيو آهي! مان جملو آهيان ۽ تون منهنجو فل اسٽاپ آهين! ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته عشق شروع ئي اختتام کان ٿيندو آهي! جڏهن سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو آهي ، تڏهن ئي عشق جو آغاز ٿيندو آهي! عشق پاڻ ارپڻ جو نالو آهي. مون توکي پاڻ ارپيو آهي. ڪجهه گهڙيون اڳ جنهن ذاتي ڪائنات جو ذڪر ڪندي توکي چيو هوم ته ان ڪائنات ۾ ايتريقدر تون آهين جو ان ۾ آئون به نه آهيان! ته ان جو مطلب درحقيقت اهو نه هو. ’اکران دي وچ جو ئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مور نه چڙهيا!‘ واري انهي سٽ جو قسم! منهنجي انهي نه هئڻ مان مراد منهنجو نه هئڻ نه هئي! اها ڳالهه سمجهڻ جي لاءِ هڪ ته اهو ياد رک ته عشق پنهنجي اختتام کان بعد ۾ ئي شروع ٿيندو آهي، عشق خوديءَ جي خاتمي کان پوءِ شروع ٿيندو آهي ۽ ٻيو ته هي شعر ٻڌي وٺ ته،
تيري خيالون مين اڪثر، اتنا گم هو جاتا هون!
مـين، مــــين نهــــين رهتا، تــــــــــم هو جاتا هون!
اڄ توسان هم ڪلام ٿيڻ کان پهرين اهو طئه ڪري ڇڏيو هوم ته ڪيئن به ڪري ڳولهي ڦولهي توسان ڪي اهڙيون ڳالهيون اوريندس، جن جي ذريعي تون پنهنجي تصور جي طاقت سان هڪ لمحي لاءِ ئي سهي! پر پنهنجي پاڻ کي ائين ڏسي سگهندين، جيئن اڻ ڏٺي جي اک سان توکي مون ڏٺو آهي! ها، مون اهو طئه ڪيو هو ته اڄ آئون پنهنجيون اکيون اهي آئينا ڪري ڇڏيندس، جن ۾ تون هڪ پل، هڪ گهڙي جي لاءِ ئي سهي! پر پنهنجي حسن کي منهنجي عشق سان ڏسي سگهندين! خبر ناهي ته آئون اڄ پنهنجي انهي ارادي ۾ ڪامياب ٿي سگهندس يا نه! منهنجيون اکيون اڄ آئينا بنجي سگهنديون يا نه! پر ها! ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته يا ته تون سڀئي آئينا ڀڃي ڇڏيندين! يا ته توکي ڪو آئينو، آئينو ته نظر ئي نه ايندو! توکي هر آئينو منهنجي اک نظر ايندو! ها، يقين ڄاڻ ته جيڪڏهن تون اکڇيڀ جيترو لمحو به خود کي اگر منهنجي نظر سان ڏسي وٺين ته توکي باقي ساري دنيا نابين نظر اچي! مون توکي جيئن ازل کان ڏٺو آهي، تيئن جيڪڏهن تون خود کي هڪ پل به ڏسين وٺين ته پوءِ تون پنهنجي پاڻ تي ئي عاشق ٿي پوين! پان ئي طالب ، پاڻ ئي مطلوب بڻجي پوين!
ها! اڄ توسان هن هم ڪلامي جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته اڄ توکي ڪنهن به صورت هڪ گهڙي لاءِ ئي سهي، مگر آئون توکي اهو محسوس ڪرائي سگهان ته مون توکي بيحد حسين تراشيو آهي! خدا ڪري ته منهنجي ڪنهن جملي مان توکي هڪ گهڙي لاءِ من اهو احساس ٿي ويو هجي ته مون توکي پنهنجي پر ۾ ڪيئن بڻايو آهي؟ ان ڏٺي جي اک سان مون توکي ڪيئن ڏٺو آهي؟ خدا ڪري ته هڪ لمحي لاءِ ئي سهي، پر تون اهو ڄاڻي ئي وٺين ته مون پنهنجي ازلي عشق سان ڪهڙي ريت تنهنجي حسن کي تخليق ڪيو آهي؟ ........... پر ها! جيڪڏهن آئون پنهنجي اڄوڪي پڪي ڪيل انهي پھ کي پاڻي ڏئي نه سگهيو هجان، اگر منهنجيون هي مٿي ڦريون ڳالهيون توکي سمجهه ۾ نه اچي سگهيون هجن، تنهنجي دل ۾ اڃان به اها خلش باقي رهجي وئي هجي ته پوءِ منهنجي هيءَ آخري ڳالهه غور سان ٻڌ! اي منهنجي تراشيل اها خوبصورت تصوير! جيڪا زماني جو ڪو ئي مها سنگتراش به تراشي نٿو سگهي، هن زماني جي سڀني حقيقتن کان بالاتر، اي حسين خواب! هن ڪائنات کان بلڪل الڳ ٿلڳ، اي منهنجي ذاتي ڪائنات! اي منهنجي بي بها عشق جا تخليق ڪيل حسن! اهو ته واحد ۽ اڪيلي هڪ خدا کي ئي اختيار آهي ته هُو جهڙو محبوب ٺاهڻ گهري سو ٺاهي وجهي! منهنجي اختيار ۾ اهڙو ته ڪجهه به ناهي، پر مون وٽ هڪ تصور ضرور آهي! هڪ اڻ ڏٺي جي اک ضرور منهنجي وس ۾ آهي! منهنجو تصور ضرور منهنجي گرفت ۾ آهي! پوءِ بس تون پاڻ ئي ڄاڻي وٺ، تون پاڻ ئي اهو اندازو لڳائي وٺ ته مون پنهنجي پر ۾، پنهنجي ئي مرضيءَ سان پنهنجو تصوراتي محبوب ڪيتري قدر حسين ٺاهيو هوندو!؟ مون اڻ ڏٺي جي اک سان توکي ڪيتري قدر خوبصورت ڏٺو هوندو!!؟
جيڪڏهن آئون اهو چوان ته، ”عشق به ٻار جيان ٿيندو آهي! ننڍو ٿي وڏو به ٿيندو آهي! بي سمجهه مان سمجهو به ٿيندو آهي ۽ چريي مان آهستي آهستي اهو سياڻو به ٿيندو آهي!“ ته مون کي پڪ آهي ته تون هڪدم چوندين ته، ”عشق، ٻار جيان نه ٿيندو آهي! عشق جو عقل سان ڪهڙو تعلق؟ عشق هرگز بي سمجهه مان سمجهو ۽ چريي مان سياڻو نه ٿيندو آهي!“ ته آئون تنهنجي انهي ڳالهه جو انڪاري نه آهيان! پر منهنجي چوڻ جو مطلب صرف ايترو آهي ته عشق اهو ٻار آهي، جنهن جي مٿي ۾ ميڄالو نه ٿيندو آهي! عشق جي مٿي ۾ عقل نه ٿيندو آهي، عشق جي مٿي ۾ به دل ئي ٿيندي آهي! سو تنهنڪري تون اهو سمجهي وٺ ته عشق جي بي سمجهه مان سمجهو ٿيڻ مان مراد آهي بي سمجهه مان صفا بي سمجهه ٿيڻ! ’عشق دي اُلٽي چال‘ جيس مطابق، چريي مان آهستي آهستي سياڻي ٿيڻ جو مطلب آهي چريي منجهان عليل چريو ٿيڻ! بس مون عشق کي ٻار سان فقط انڪري ڀيٽيو، جو مون پاڻ کي عليل چريو نه پئي چوڻ چاهيو! بس هاڻي تون سمجهي وڃ! آئون فقط اهو ٿو چوان ته، ”منهنجو عشق، جيڪو ڪالهه ٻار هو، سو اڄ وڌي وڻ ٿي ويو آهي! بي سمجهه مان سمجهو ٿي ويو آهي! چريي مان آهستي آهستي هاڻي سياڻو ٿي ويو آهي!
عشق جو معراج ڇا آهي؟! مون کي تنهنجي عشقِ_لاحاصل اهو ٻڌايو آهي ته بينيازي ئي عشق جو معراج آهي! ها، آهي ته واقعي به ڏاڍي عجيب ڳالهه! پر حقيقت اها ئي آهي ته اڻ ڏٺي جي اک به بينياز چهرن کي ئي نقيب ٿيندي آهي! ۽ اڻ ڏٺي جي ذريعي ئي درحقيقت اهو حسن پسي سگهبو آهي، جنهن کي چنڊ سان ڀيٽي نٿو سگهجي! اهو حسن سڀني تشبيهن ۽ ڀيٽائن کان بنھ بالاتر ٿيندو آهي!
هاڻي آئون ايترو وڏو ٿي ويو آهيان جو ڄاڻي ورتو اٿم ته تون منهنجو عشقِ_لاحاصل آهين! تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ هن وقت خالص عشق ئي آهي! بيپناهه ۽ بينياز عشق! ٻار نه، بلڪهِ هڪ مڪمل جواڻ جماڻ عشق! تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ هاڻي ڪابه تمنا نه آهي! ڪا به حسرت نه آهي! پنهنجو عشق هاڻي فراق توڙي وصال جون سڀئي سرحدون اُڪري چڪو آهي! مون تنهنجي ڳولها، هاڻي ترڪ ڪري ڇڏي آهي! مون هاڻي تنهنجي تلاش ختم ڪري ڇڏي آهي!.......... ها! مڃان ٿو ته ڇا ته تشنگي هئي! جو سلطان باهو جيان چوندو وتندو هئس ته،
اي تن ميڏا چشمه هو وي، مين ويکهه سجڻ نان رجان هُو!
مُنڍ مُنڍ دي ول سَو سَو چشمي، اک کهولان اک کجان هُو!
هاڻي تو سان ملڻ، نه ملڻ برابر آهي! توکي ڏسڻ، نه ڏسڻ ساڳي ئي ڳالهه آهي! جڏهن کان اهو ڄاتو اٿم ته عشق اختتام کان شروع ٿيندو آهي، مون پنهنجي هر شيءِ ختم ڪري ڇڏي آهي! مون جبل جهاڳڻ ڇڏي ڏنا آهن، مون جوڳي ٿيڻ وساري ڇڏيو آهي! ها، مون پنهنجو پاڻ عشق کي ارپي ڇڏيو آهي! مون اهو گهاٽي جو سودو نه ڪيو آهي، مون اهو بلڪل ٺيڪ ڪيو آهي! ڇو ته مون ڏٺو آهي ته بدلي ۾ عشق مون کي ’مون‘ مان ’تون‘ ڪري ڇڏيو آهي! اهو سڀ ڪجهه، جيڪو مون ختم ڪري ڇڏيو هو سو سڀڪجهه هاڻي تون ٿي ويو آهي! منهنجي من ۾ هاڻي توسان ملڻ جي ڪا تمنا ڪانهي رهي! هر تمنا سان گڏ اها تمنا به ڀسم ٿي وئي آهي! سچ! مان توکان جدا ئي ڪڏهن آهيان جو توسان ملڻ جي تمنا ڪريان! عشق جي عجب مقام تي آهيان، جو لفظ ’تمنا‘ به هاڻي ڪفر ٿو لڳي! دل ڀٽائيؓ جي انهي بيت تي ايمان آڻي چڪي آهي ته،

ڳولهيان ڳولهيان، مَ لهان! شال مَ ملان هوت!
مَــــن انـــــدر جا لـــــــــوچ! مِلڻ سان مـــــاٺِي ٿئي!

آئون اختتام کان شروع ٿيو آهيان! آئون سراپا عشق آهيان ۽ تون سراپا حسن! آئون فراق ۾ وصال ۽ وصال ۾ فراق ڏسي رهيو آهيان! هي آئون ڇا ڏسي رهيو آهيان!؟ تنهنجي عشق، تنهنجي ئي تمنا کان بينياز ڪري ڇڏيو آهي مون کي! هڪ عرصي تائين، جڏهن منهنجو عشق اڃان ٻار هو، جڏهن منهنجو عشق اڃان بي سمجهه هو، چريو هو! تڏهن مان تنهنجي لاءِ ڏاڍو ڊوڙيو هئس! ڏاڍو لُڇيو هئس، ڏاڍو ڦٿڪيو هئس. گيڙو الفي پائي تو لاءِ در در ڀٽڪيو هئس ۽ تنهنجي حاصلات جي لاءِ جهر جهنگ جهاڳيا هئم، پر هاڻي مان ٻار نه رهيو آهيان، سو هاڻي مون کي اهي سڀ ڳالهيون ٻاراڻيون ٿيون لڳن! جي سچ پڇين ته هاڻي تو کي هنن جسمي نگاهن سان ڏسڻ به نٿو چاهيان! هن ظاهري جهان ۾ مان توکي هاڻي جانچڻ به نٿو گهران! بس، مون لاحاصل کي حاصل ڪري ورتو آهي! مون کي تنهنجو نه ملڻ ملي ويو آهي. سچ پچ! مون کي تنهنجي نه ملڻ سان ئي محبت آهي. تنهنجي نه ملڻ مون کي گهڻو ڪجهه ڏئي ڇڏيو آهي! تنهنجو ملڻ مون کي اهڙو ڪجهه ڏئي نه سگهي ها! ان حقيقت جو اندازو تون ان ڳالهه مان ئي لڳائي ڇڏ ته تنهنجي نه ملڻ مون کي اهڙو ڪجهه ڏئي ڇڏيو آهي جو هاڻي آئون تنهنجي ملڻ کان ئي بينياز ٿي ويو آهيان!
هڪ حوالي سان ته اهو سوچي به هاڻي توکي هنن عام اکين سان ڏسڻ به نٿو چاهيان جو مون اڻ ڏٺي جي اک سان توکي جيترو حسين ڏٺو آهي، سو حقيقت ته ٿي ئي نٿو سگهي! اهڙو حسين توکي آئون هنن عام اکين سان ڏسي ئي نه سگهندس! مون جيڪا پنهنجي ذاتي ڪائنات جوڙي آهي، سا ممڪن ئي ڪانهي! مون تنهنجي جهڙي حسين تصوير تراشي آهي، سا جنت جي حور ٿي سگهي ٿي، آسمانن تي رهندڙ ڪا جل پري ٿي سگهي ٿي؛ پر هن ڌرتي جي مخلوق ٿي نٿي سگهي! بس، مون توکي پنهنجي ازلي عشق سان بيپناھ حسين تخليق ڪيو آهي!